; سنڌي شخصيتون: هري، دلگير، ڏينهن، جڳديش، لڇاڻي،
Showing posts with label هري، دلگير، ڏينهن، جڳديش، لڇاڻي،. Show all posts
Showing posts with label هري، دلگير، ڏينهن، جڳديش، لڇاڻي،. Show all posts

26 June, 2016

هري دلگير - جڳديش لڇاڻي

هري دلگير
سندس جنم ڏينهن
جڳديش لڇاڻي
گرڏنومل درياڻيءَ جو جنم 15 جون 1916ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي هڪ عامل خاندان ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم سرڪاري اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. بي ايس سي، ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. پوءِ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اِي BE سول جي ڊگري حاصل ڪري سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. هري دلگير سن 1958ع ۾، ورهاڱي کان پوءِ سڄا سارا يارهن سال پاڪستان ۾ رهڻ بعد سنڌ کي هميشه لاءِ الوداع ڪري، ڀارت آيو. هوائي جهاز مان لهندي، پهرين بمبئيءَ پوءِ پونا پهتو ۽ پوءِ آديپور اچي وسائي. سن 1959ع کان تولاڻي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پرنسپال جي عهدي تي رهي سن 1979ع ۾ رٽائر ڪيو.