31 December, 2019
اڪبر لغاري
آغا محمد علي
رحيمداد خان مولائي شيدائي
اڄ رحيم داد خان
مولائي شيدائي جي ورسي جي سلسلي ۾ تنوير عباسي ھال سکر ڪلچر سينٽر ۾ تقريب منعقد ڪئي
وئي جنھن ۾ مون بہ شرڪت ڪئي.محمد پنهل ڏهر
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ
سان منهنجي پهرين ملاقات سال ۲۰۰۱ جي سيپٽمبر مهيني ۾ سنڌين جي ثقافتي مرڪز سيتا سنڌو ڀونِ
ممبئي ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ اسان (مون رکيل مورائي، تاجل بيوس ۽ سندس ونيءَ) جو آجياڻو
۽ انٽرنيشنل مشاعرو رکيو ويو هو. هيءُ منهنجو هند وڃڻ جو پهريون ڀيرو هو.علي انور قمبراڻي
الياس رضا
30 December, 2019
29 December, 2019
شيخ اياز -۲
مير عبدالرسول مير
زيب النساءِ
سونهن تنهنجي سنگيت
جهڙي ۽ گفتگو لوڪ گيت جهڙي...۽ سچ پڇو جيجي زرينا بلوچ سان گڏ جنهن گل و گلزار لوڪ
گائڪا لاءِ اهڙا حسناڪ حرف لکي سگهجن ٿا ته اهي صرف زيب النساءِ لاءِ، جنهن طويل
علالت بعد بي حس ادارن ۽ بي قدر آفيسرن جي لاپرواهي سبب نيٺ دنيا کان رات موڪلايو.
الاس! هاڻي هوءَ اسان ۾ نه رهي، ته پويان اسان وٽ ڇار رهيو! فقط زيب النساءِ جهڙي ٻهڳڻ
فنڪار جون ڳالهيون ۽ هُن جا ڳايل انڊلٺ رنگ جهڙا گيت، لوڪ گيت، ڳيچ، لاڏا سهرا، ساٺن
سنوڻ وارا محبوب ٻول، ڪافيون ۽ غزل ئي اسان وٽ رھيا. منهنجا نصيب، جو ريڊيو
حيدرآباد تي شعبهءِ موسيقي جي پروڊيوسر ناتي سنڌيءَ ۾ لوڪ گائڪائن جي پوري کير ڌار
سان گڏجي مون سوين گيت لوڪ گيت رڪارڊ ڪيا، جن ۾ نمايان جيجي زرينا، زيب النساءِ،
امينه صادق، زيب ميمڻ، زينت صديقي، مائي ڀاڳي شامل آھن. منجهند ٿيندي ته لوڪ ڪلام
جون هي سڀ ڪوئلون ۽ ڪونجڙيون ريڊيو حيدرآباد جي لان ۾ ڪنهن انب جي يا سرينهن جي وڻ
هيٺان پنهنجي لاڏلي استاد ماسٽر محمد جمن جي چوپاسي گُلاب جي گلن وانگر پيون مهڪنديون،
ڊيلن مثل ٽلنديون ۽ نت نوان لوڪ گيت پيون ٺاهينديون ۽ جهونگارينديون هيون. ”ٻيڙي
وارا ادا ڙي مهاڻا، لال تي ٿي وڃان...“، ”منهنجا قلندر لال مان قيدياڻي آهيان...“،
”تنهنجي منهنجي جوڙي ڏاڍي آ مزيدار...“، ”بولو ڙي بولو...“، ”السلام علڪيم جانيئڙا،
وعليڪم سلام...“ اسان جي هيءَ زيب النساءِ ڪنڊيارو جي مٽي هئي، والد صاحب جو نالو
بچو شيخ هئس. نهايت سگهڙ سياڻي، مسي مساڳ لائي، گهاٽن ڪارن وارن ۾ موتين واريون سڳيون
پائي خوش لباس ۽ خوشبودار ٿي ايندڙ گائڪا هُئي. ۱۹۸۴ع ۾ جڏهن مون هن کي سرتين جي جهرمٽ ۾ ريڊيو
تي يا شاهه لطيف جي ميلي ۾ زناني سنگ سان ”راڻا جي راجپوت“ يا استاد محمد جمن سان
دوگاني ۾ ”جوڳي ڏاڍي ذات“ ڳائيندي ڏٺو هو. هميشه خوش لباس ۽ خوش ادا نظر آئي، ڪنن
۾ ٽاپس يا موتئي جا گل، ڳلي ۾ لاڪيٽ، مٿي تي ڪڏهن رنگين گلن وارو شيفون جو رئو يا ڪڏهن
ٻانڌڻي يا موٺڙي واري اوڍڻي سان هوءَ سدائين سلم ۽ سمارٽ خاتون نظر آئي ۽ پري کان
ائين باوقار نظر ايندڙ، جهڙي صفا اردو پنجابي فلمن جي هيروئن ”بهار“ ھجي. اڪثر ٻڌائيندي
هُئي ته هي ۱۹۵۸ع جو سال هو، آئون ڇوڪري هئس، جو پنهنجي ماروٽ سان هومسٽيڊ هال واري پراڻي
ريڊيو اسٽيشن ۾ اندر هلي ويس. حميد نسيم صاحب، ۽ ايم بي انصاري صاحب کي ماءُ وٽان
سکيل سهرا لاڏا ٻڌيم. جيڪي هنن کي ڏاڍا وڻيا، ماسٽر ابراهيم منهنجو آڊيشن ورتو،
استاد محمد جمن ساٿ ۾ بانسري وڄائي هئي. تڏهن مون ريڊيو حيدرآباد تان لائيو
پروگرام شروع ڪيا. ۱۹۶۲ع ۾ ريڊيو حيدرآباد جي هيءَ موجوده ريڊيو اسٽيشن ٺهي، ته خواجا امداد علي ۽
غلام حسين شيخ، ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن جي ساٿ سان گيت، لوڪ گيت،
سهرا لاڏا ۽ ڪورس ۾ مون ڪيئي ڪلام رڪارڊ ڪرايا، جيڪي فضائن ۾ هوائن آڌار گونجيا ته
هر طرف واهه واهه ٿي وئي. جن منجهان ڪنهن جا ٻول هُئا ”ڀلي مليس ڪنوار“ يا ”وني
ايندو وٺڻ اڄ ڍولڻو“، ”گهوٽ گهوريئن نوٽ، لهي آ لاريءَ مان“، ”ڍڳو پير پيران“، ”لوڏي
لونگيءَ پاند“، ”هٿين گل ميندي...“ زيب النساءِ جي ساٿ سان ڪيترائي اهڙا شاهڪار ۽
زبردست سهرا ۽ لاڏا ته خود منهنجي اکين جي اڳيان به محمد انور بلوچ صاحب رڪارڊ پئي
ڪيا، جن ۾ آئون سندس اسسٽنٽ هوس. اهي سهرن لاڏن ۽ ڪلامن ۾ نمايان هُئا، ”ادل
منهنجو چوڏهينءَ جو چنڊ“، ”ڇڏ پراوا سونا ڪنگڻ“، ”شل بوند وسئي لاڏل بوڇڻ تي“...ان
سان گڏ علڻ فقير ۽ جيجي زرينا بلوچ سان ”آيل ڪريان ڪيئن“، “ٽڙي پوندا ٽاريين“ به
واھ جا رڪارڊ ٿيا. غلام حسين شيخ، خواجا امداد علي ۽ جهانگير قريشي وري زينب
النساءِ جي آواز ۾ سولو ڪافيون رڪارڊ ڪيون، اهي به ته سڀ لاجواب، مثال طور، ”ٻانهن
جي آئون ٻانهي آهيان، ويرن جو ڪونهي ڏوهه“، ”سڄڻ ريءَ ٿي سڪان“، ”هن ته حياتي کان،
مر ته مري مزا ماڻيون“، ”او يار سڄڻ، دلدار سڄڻ“....انهن ڪلامن مان اڪثر جون طرزون
زيب النساءِ لاءِ استاد محمد جمن تيار ڪيون، جنهن جي هوءَ ڳانو ٻڌل شاگردياڻي به
هُئي. زيب النساءِ جو گلو، ننڍي کنڊ جي شوخ چنچل گائڪا شمشاد بيگم وانگر قدرتي گلو
هو. هن جو تعلق ڪنهن پيشه ور گائڪا گهراڻي سان نه هو، البته هن جي والده راڄ ڀاڳ
اندر ڪنڊياري وارين شادين مرادين ۾ بي شڪ ته خوش گلو پئي ليکبي هئي. شايد ورثي ۾
مليل آواز سبب زيب النساءِ جا سُر به سهرن لاڏن ۽ لوڪ گيتن لاءِ ڄڻ منڊيءَ ۾ ٽڪ
وانگر هُئا، قدرت کيس ڳوٺاڻي سڀاءَ وارو اهڙو ته ثقافتي آواز ڏنو هو، جنهن کي
رياضت جي ڪا به ضرورت نه هُئي. ماءُ سان گڏ دُهل تي سهرا ڳائڻ سبب هن ۾ لئي کي
سمجهڻ جي به حيرت انگيز صلاحيت هئي. سُر ۽ لئي جي خدا داد صلاحيت سبب هلڪي ڦلڪي
گيت گائيڪي ۽ دوگانن ۾ جيڪي يادگار آئٽم موسيقيءَ جي دنيا ۾ هن يادگار ڇڏيا، انهن
مان ڪن جا هي ٻول ڏسو، ”هڪ ڌنڌلي ڌنڌلي ياد اٿم. ڪجهه طوفان جي، ڪجهه ساحل جي“،
”سندر سپنا ساٿ ڇڏي ويا“ يا استاد محمد يوسف سان هيءُ زبردست دوگانو ”محبت جا
فسانا ياد رهندا...“ استاد محمد جمن سان گڏ ”آئون ڪيئن جيئندس جڳ ۾ پنهنجي پنهل پڄاڻان.“ارجن حاسد
انور ڏنگڙائي
رياض سومرو
عارفه بشير احمد شاهاڻي
30 November, 2019
خليل مورياڻي
23 September, 2019
استاد لغاري
استاد لغاري
بايوڊيٽا ۽ پروفائيل
استاد لغاريءَ جو
پورو نالو لقمان ولد محمد عالم (بن حاجي عليمراد بن محمد اسماعيل بن رستم خان بن ڪَوڙا
خان بن نورنگ فقير بن محمود بن وليو خان بن پليو خان بن ميئو خان بن مغرو خان بن
شاهن بن سهتڪ بن احمد (مورث اعليٰ احمداڻي پاڙو) بن اسماعيل بن بندوخ بن گوارڻ بن
عالي بن نوح بن نواب بن رباح بن ڪباح بن شاهن بن ھارون بن رند بن جلال خان بلوچ)
آهي. استاد لغاري ۲۱ نومبر ۱۹۵۶ع تي، ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي تعلقي سانگھڙ ۾ جنم ورتو. پنج درجا سنڌي
۽ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ ۱۹۷۹ع ۾ ھاءِ اسڪول سانگھڙ مان، انٽر ۱۹۸۶ع ۾ ڊگري ڪاليج کپري مان، بي اي ۱۹۸۸ع ۾، ۽ ايم اي ۱۹۹۱ع ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان مڪمل ڪئي. ۱۹۸۳ع ۾ مسجد اسڪول ٽيچر، ۱۹۹۱ع ۾ جي ايس ٽي ۽ سال ۲۰۰۱ع ۾ ايڇ ايس ٽي مقرر ٿيو. انهيءَ دوران، پي
ٽي سي، سي ٽي ۽ بي ايڊ جا ڪورس، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ۽ ايم
ايڊ جو ڪورس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان پاس ڪئي.











