; سنڌي شخصيتون: July 2012

29 July, 2012

زخمي چانڊيو - رياضت ٻرڙو


زخمي چانڊيو
قرض آ مون کي لاهڻو
رياضت ٻرڙو
سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن ۾ قربائتو ۽ مانائتو شاعر، استاد، ادبي، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ زخمي چانڊيو هڪ اهم شخصيت هو، جنهن سان منهنجا پڻ دوستن وارا محبتي ناتا هئا. اهي ناتا جوڙڻ ۾ جنهن اداري بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ان سان اسان سنڌي ادبي سنگت جي نالي هيٺ سلهاڙيل آهيون، جنهن لاءِ محبت جو ڀرپور اظهار زخمي چانڊيي هڪ غزل جي شعر ۾ هن ريت ڪيو آهي:
* سنڌي قوم جي نيٺ سڃاڻپ،
    سـنــڌي ادبــي سنـگــت هــونـــدي.

شوڪت علي ٻرڙو رياضت ٻرڙو


شوڪت علي ٻرڙو
رياضت ٻرڙو
”لاهوتي شوڪت علي“ جي نالي سان مشهور، شوڪت علي ”شوق“ ٻرڙو قنبر جو هڪ پورهيت شخص هو، جنهن دين ۽ علم سان گھڻي پنهنجي لڳاءَ سبب هڪ تفصيلي ڪتاب ”آزاد حقيقت“ لکيو، جيڪو قلمي صورت ۾ موجود آهي. هن ٿوري شاعري به ڪئي، جنهن ۾ تخلص ”شوق“ ڪتب آندو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

زندگيءَ جو ننڍايل خاڪو

رياضت ٻرڙو



ڊاڪٽر محبت ٻرڙو همه گير شخصيت جو مالڪ ۽ سنڌ جو هڪ لائق سپوت هو. هُو هڪ ئي وقت سياسي، سماجي ۽ فڪري اڳواڻ ۽ ڪارڪن، اديب، مترجم، محقق، سياسي ـــ ادبي ـــ سماجي ـــ لسانياتي ـــ تحقيقي تنقيد نگار، صحافي، ايڊيٽر، ’استاد‘، ڊاڪٽر، اتساهڪ ڪردار، کاهوڙي فرد، ڌرتيءَ، ڌرتيءَ واسين ۽ ماڻهپي سان پيار ڪندڙ ۽ انساني چڱاين ۾ يقين رکندڙ شخص هو. هُو حقيقي معنى ۾ پنهنجي نالي جو مفهوم رکندڙ انسان هو.

28 July, 2012

حليم - نور ڪلهوڙو

حليم
چريو پروميٿيس!
نور ڪلهوڙو
حليم بروهي جي شناخت مختلف ماڻهن وٽ مختلف قسم جي آهي. ڪير کيس چريو ۽ بيوقوف سمجهندو آهي. ڪو کيس انا، هوڏ ۽ ضد ڪري سڃاڻيندو آهي. ڪو سندس مزاح (جنهن کي حليم پاڻ مشڪري چوندو هو) ڪري ياد ڪندو آهي. ڪو سندس سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي تي اٿاريل سوالن ڪري کيس ذڪر هيٺ آڻيندو آهي. ڪنهن وٽ سندس تصور سنڌي ادب جي ڪاسائي جو آهي جنهن ادبي ڍورن ۽ ٻڪرن کي ماءُ سميت سير وڌي (پهريان ٻڪري جي ماءُ هُنن لاءِ خير گهرند ي هئي پر حليم بروهي ڪاتي وهائي اهڙين مائرن کي به ڌوڙ ڪري ڇڏيو) ڪو کيس سنڌي ٻولي کي فنا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڏنل رومن اسڪرپٽ ڪري ڄاڻندو سڃاڻندو آهي، ڪو کيس حرامي ڪلرڪ طور، ڪير ٻوڙي ڀوڪ طور، ڪو ايماندار ۽ صاف گوئي ڪري ۽ ڪو عطيم ۽ خوددار شخص طور سڃاڻندو آهي.

عيسى ميمڻ - رياضت ٻرڙو


عيسى ميمڻ
رياضت ٻرڙو

عيسى ميمڻ نوجوان شاعر آهي. هن مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. محمد عيسى ولد اللھ ڏنو ميمڻ ۹ جولاءِ ۱۹۸۵ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ کوهاري ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي سنڌي (۲۰۰۶ع) ۽ ايل.ايل.بِي (۲۰۰۷ع) جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو ۲۰۱۰ع ۾ رشيد وڳڻ هاءِ اسڪول ۾ استاد (JST) مقرر ٿيو. هينئر شيخ زيد ڪالوني ۾ پڙهائي پيو.

خالد زخمي چانڊيو - رياضت ٻرڙو


خالد زخمي چانڊيو
رياضت ٻرڙو

خالد چانڊيو شاعر ابن شاعر آهي. سندس والد زخمي چانڊيو مزاحمتي شاعر هو، جيڪو جوانيءَ ۾ شهيد ٿي ويو. خالد حسين ولد ڄام خان ’زخمي‘ چانڊيو ۵ جنوري ۱۹۸۱ع تي، ڳوٺ جواب پور، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪٽنب ۱۹۹۶ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. هن ايم.اي سنڌي ۽ بِي.ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ ۲۰۰۹ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروڊيوسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.

رضا بخاري - رياضت ٻرڙو


رضا بخاري
رياضت ٻرڙو

رضا بخاري مشهور شاعر آهي. سندس پورو نالو سيد علي رضا شاهه آهي. هُو ۷ آگسٽ ۱۹۸۰ع تي، لاڙڪاڻي ۾، شاعر سيد مدد علي شاهه ’منظر‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏاڻو ڳوٺ قنبر تعلقي ۾ کاهِي مينهون آهي، جتان سندس ڏاڏو ۱۹۴۲ع جي ٻوڏ ۾ قنبر لڏي آيو، جتان سندن ڪُٽنب ۱۹۶۳ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي اچي آباد ٿيو. رضا ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان، انٽر (پرائيويٽ) ۾ ۽ بِي.اَي. (پرائيويٽ) ۲۰۰۷ع ۾ سچل سرمست اورينٽئل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي آهي. هُو ۲۰۰۷ع کان ڪمپيئر طور ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪرڻ سميت، بهبودِ آبادي کاتي لاڙڪاڻي ۾ سوشل موبلائيزر طور نوڪري ڪري رهيو آهي.

ياسين چانڊيو - رياضت ٻرڙو


ياسين چانڊيو
رياضت ٻرڙو

ياسين چانڊيو ڀلوڙ شاعر آهي. محمد ياسين ولد خادم حسين چانڊيو پهرين فيبروري ۱۹۸۰ع تي تعلقي باقراڻيءَ جي ڳوٺ آندل خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن (BA) تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو پرائمري تعليم جي استاد طور باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ محراب سنديلي ۾ مقرر آهي. پڙهائڻ سان وابستگيءَ سبب کيس تعليم کاتي پاران بيسٽ ٽيچنگ شيلڊ ڏني وئي آهي.

ياسر قاضي - رياضت ٻرڙو


ياسر قاضي
رياضت ٻرڙو

ياسر قاضي سنڌ جو مشهور شاعر، مصور ۽ براڊڪاسٽر آهي. هو ۱۷ جنوري ۱۹۷۹ع تي رتيديري شهر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾، سنڌ جي معروف ادبي گهراڻي ”قاضي خاندان“ ۾ جنم ورتو. سندس والد مقصود گل سنڌ جو سرموڙ شاعر ۽ نثرنويس آهي ۽ سندس ڏاڏو قاضي عبدالحئي ”قائل“ قادرالڪلام شاعر، استاد، صحافي، مصور ۽ سماجي ڪارڪن ٿي گذريو آهي. ياسر قاضيءَ ۲۰۰۰ع ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي ڊگري، جڏهن ته سال ۲۰۰۲ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي.

ساجد سنڌي - رياضت ٻرڙو


ساجد سنڌي
رياضت ٻرڙو

ساجد سنڌي ڀلوڙ شاعر ۽ صحافي آهي. سندس ڇٺيءَ نانءُ امام بخش ولد محمد صادق جاگيراڻي آهي. هُو ۵  مارچ ۱۹۷۸ع تي، لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان پرائي ۽ بِي.اَي. (پرائيويٽ) ڪئي آهي، ۽ آرمي ڪلارڪ جي ٽريننگ آرمي اسڪول آف ڪلڊنا ڪوهه مري مان ڪئي آهي. هُو گذريل ڪجھه عرصي کان صحافت سان لاڳاپيل آهي ۽ حيدرآباد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ روزاني اخبار ”سڪار“ جي هفتيوار ادبي صفحي جو انچارج آهي.

حبدار سولنگي - رياضت ٻرڙو


حبدار سولنگي
رياضت ٻرڙو

حبدار سولنگي مشهور شاعر آهي. حبدار علي سولنگي پهرين مارچ ۱۹۷۸ع تي، اڳوڻي لاڙڪاڻي تعلقي ۽ هاڻوڪي باقراڻي تعلقي جي معروف ڳوٺ ڳيريلٖي ۾، علي بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اَي پرائيويٽ سنڌي ادب ۾ ۲۰۰۸ع ۾ ڪئي آهي، جڏهن ته ۲۰۰۲ع کان ڳيريلي ۾ خانگي اسڪول ٽيچر طور پـڙهـايـائـيـن ۽ هـاڻي ۲۰۱۰ع کـان پـرائـري اسـڪـول اسـتـاد طــور پــڙهــائــي رهيو آهي.

نويد سنديلو - رياضت ٻرڙو


نويد سنديلو
رياضت ٻرڙو

نويد سنديلو مشهور شاعر آهي. نويد حسين ولد قربان علي سنديلو پهرين نومبر ۱۹۷۷ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ حڪيم سنديلي ۾ پيدا ٿيو. هُن فلسفي ۾ ايم.اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۹۹ع ۾ ڪئي. هُو ۲۰۰۱ع ۾ ٽماهي ”Excellence“ جو ايڊيٽر رهيو، جنهن کان پوءِ ۲۰۰۲ع کان وٺي ۲۰۱۱ع تائين آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ ۾ ڊڪشنري ۽ ٻين تعليمي رٿائن ۾ جونئر ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جتي کيس بهترين ڪم ڪرڻ تي اداري پاران ”ڪارڪردگي ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو. هُو نومبر ۲۰۱۱ع کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ فلسفي جي شعبي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرار طور مقرر آهي.

جاويد شبير - رياضت ٻرڙو


جاويد شبير
رياضت ٻرڙو

جاويد شبير مشهور شاعر آهي. هُو ۱۵ آڪٽوبر ۱۹۷۷ع تي، تعلقي قنبر ۾ ميان شاهل محمد جي درگاهه لڳ، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي ۾، غلام شبير جاگيراڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ۱۹۸۳ع ڌاري نوڪريءَ سانگي لاڙڪاڻي لڏي آيو، جتي جاويد شبير ابتدائي ۽ ثانوي  تعليم پرائي. هن بِي.سِي.ايس پيٽرومين انسٽيٽيوٽ آف ڪمپيوٽر سائنس لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.اَي. (پرائيويٽ) انگريزي ادب ۾ ۲۰۰۴ع ۾ نور آرٽس ڪاليج نصيرآباد مان ڪئي، جنهن جو لاڳاپو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس سان آهي. جاويد شبير سنڌي چئنل ڪي ٽِي اين تي نيوز اسڪرپٽ ايڊيٽر ۽ شفٽ انچارج طور ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ اين پِي آءِ ڊبليو (NPIW) قنبر ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور نوڪري ڪئي. هاڻ ۲۰۰۷ع کان وٺي هُو انٽرميڊئيٽ بورڊ (BISE) لاڙڪاڻي ۾ ڪمپيوٽر پروگرامر طور مقرر آهي.

رضوان گل - رياضت ٻرڙو


رضوان گل
رياضت ٻرڙو

رضوان گل نثرنويس، شاعر ۽ مترجم آهي. هو ۱۳ فيبروري ۱۹۷۷ع تي، لاڙڪاڻي ۾، نالي واري اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ڇٺيءَ نانءُ رضوان الحق پٺاڻ آهي. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.ايس سِي جاگرافيءَ ۾ ۲۰۰۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ۲۰۰۱ع کان ليڪچرر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي.

27 July, 2012

ملهار چانڊيو - رياضت ٻرڙو


ملهار چانڊيو
رياضت ٻرڙو

ملهار چانڊيو ڀلوڙ شاعر آهي. ملهار جو ڇٺيءَ نانءُ غلام مصطفى آهي. هُو ۲۰ جنوري ۱۹۷۷ع تي، تعلقي قنبر جي ڳوٺ لشڪري چانڊيي ۾، حسين بخش چانڊيي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن سائنس ۾ گريجوئيشن (B.Sc.)، ايل.ايل.بِي. ۽ اليڪٽريڪل ۾ ڊپلوما جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو ۲۰۰۲ع کان واپڊا ۾، لاڙڪاڻي ۾، ملازمت ڪري پيو. ان اداري جِي ”هائڊرو يونين“ ۾ هُو سب ڊويزن تي جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.

اقبال کوکر - رياضت ٻرڙو


اقبال کوکر
رياضت ٻرڙو

اقبال کوکر ڀلوڙ شاعر آهي. اقبال علي ولد اللھ ڏنو کوکر ۲۳ فيبروري ۱۹۷۶ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏي ۽ مشهور ڳوٺ باڊهه ويجهو، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد جي هڪ ڳوٺَ مولوي فيض محمد کوکر ۾ پيدا ٿيو، پر اقبال کوکر سميت سڄي ڳوٺ جو وهنوار ۽ اُٿاويٺي عملي طور باڊهه سان آهي. اهو ئي سبب آهي ته گريجوئيشن (بِي.اي) ڊگري ڪاليج نصيرآباد مان ڪرڻ کان پوءِ هُو باڊهه ۾ هڪ دڪاندار طور روزگار ڪري رهيو آهي. عموماً کيس باڊهه جو ئي سمجهيو ويندو آهي.

ابرار ابڙو - رياضت ٻرڙو


ابرار ابڙو
رياضت ٻرڙو

ابرار ابڙو ڀلوڙ شاعر آهي. ابرار حسين ولد رضا محمد ابڙو ۲۱ مارچ ۱۹۷۴ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي نئين ٺاهيل تعلقي باقراڻي (اڳ ڏوڪري) جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي سنڌي ادب ۲۰۰۸ع ۾، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپورميرس مان ڪئي آهي. هن ۱۹۹۶ع کان ۲۰۰۱ع تائين سب ايڊيٽر طور روزاني ”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت خانگي اسڪول ۾ به پڙهايو.

ڊاڪٽر احسان دانش

احسان دانش

رياضت ٻرڙو



احسان دانش مشهور ۽ معروف ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق آهي. سندس پورو نالو احسان الحق پٺاڻ آهي. هو ۱۵ فيبروري ۱۹۷۴ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو نالي وارو اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جو پهريٺو پُٽ آهي. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان، بِي.ايس سِي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم. اَي (پرائيويٽ) اردو ۾ (۱۹۹۵ع) آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ٻيهر ايم.اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ (۱۹۹۷ع) ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. هينئر ۲۰۱۲ع ۾ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ.ڊِي. ڪري رهيو آهي. هُن روينيو کاتي لاڙڪاڻي ۾، اردو جي ليڪچرار طور پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهايو آهي ۽ ۲۰۰۲ع کان وٺي سنڌي جي ليڪچرار طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي ۽ هفتيوار ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان آهي.

پريتم قاضي - رياضت ٻرڙو


پريتم قاضي
رياضت ٻرڙو

’پريتم‘ قاضيءَ جو نانءُ ادبي ۽ آرٽسٽڪ حلقن ۾ هڪ شاعر ۽ هڪ مصور طور ڄاتل سڃاتل آهي. ’پريتم‘ جو ڇٺيءَ نانءُ سڪندر آفتاب قاضي آهي. هُو نالي واري مصور ۽ انجنيئر قاضي خضر حيات جو پُٽ آهي. پريتم ۱۸ ڊسمبر ۱۹۷۳ع تي، تعلقي رتي ديري جي شهر نئين ديري ۾ پيدا ٿيو. هن سِوِل ۾ بِي.اِي، بِي.اَي، بِي.ايڊ، اَي.ٽِي.سِي ۽ اَي.ايم.سِي جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ گذريل ۱۶ سالن کان تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ ٽيچر طور فرض نڀائي رهيو آهي.

فياض لطيف - رياضت ٻرڙو


فياض لطيف
رياضت ٻرڙو

فياض لطيف نامور نثر نويس، مترجم ۽ شاعر آهي. سندس ڇٺيءَ نانءُ بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو آهي. هُو پهرين اپريل ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ فقير محمد چانڊيي، تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هن مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڳيريلي مان، انٽر  حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ مان، گريجوئيشن (بِي.اي) ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.اَي سنڌي ادب ۱۹۹۴ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان ڪئي، جتي هُن ۹۶-۱۹۹۵ع ۾ سچل چيئر ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ سنڌي مضمون ۾ ليڪچرار رهيو. هُو ۲۰۰۲ع کان ليڪچرار سنڌي طور ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هُو ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ.ڊِي ڪري رهيو آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي.

منصور ابڙو - رياضت ٻرڙو


منصور ابڙو
رياضت ٻرڙو

منصور ابڙو ڀلوڙ شاعر آهي، پر هو ذاتي مصروفيت سبب شاعريءَ کان پرڀرو رهيو آهي. منصور احمد ولد انور علي ابڙو ۷ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾ پِرائي، جنهن بعد بِي ايس سِي آنرز (سلور ميڊل) ۽ ايم ايس سِي، زولاجي سبجيڪٽ ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان فيڪلٽي ٽاپ ڪندي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ گولڊ ميڊل ماڻيو. هُو ۱۹۹۷ع ۾، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ زولاجي جو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ۲۰۰۶ع کان وٺي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي رهيو آهي. هاڻ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.

عزيز قاسماڻي - رياضت ٻرڙو


عزيز قاسماڻي
رياضت ٻرڙو

عزيز قاسماڻي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. سندس پورو نالو عبدالعزيز آهي. هو سنڌ جي نامور شاعر سرمد چانڊئي جو پٽ آهي. عزيز ۱۶ مارچ ۱۹۷۱ع تي تعلقي شهدادڪوٽ جي ڳوٺ جمعي خان چانڊيي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ميرڻ ماڇي ۽ قنبر مان، گريجوئيشن (پرائيويٽ) شاهه لطيف اورينٽئل ۽ ڊگري ڪاليج قنبر مان ۽ ماسٽرس (ايم.اي) پرائيويٽ سنڌي ادب ۾ مهراڻ آرٽس ڪاليج قنبر مان ۲۰۰۰ع ۾ ڪئي. هُو پرائمري استاد طور مختلف اسڪولن ۾ مقرر رهيو. هينئر سنڌي سبجيڪٽ ۾ ڪريڪيولم کاتي ۾ مقرر آهي.

ڪوڙل قربدار - رياضت ٻرڙو


ڪوڙل قربدار
رياضت ٻرڙو

ڪوڙل قربدار عوامي لهجي وارو شاعر آهي. ڪوڙل قربدار جو ڇٺيءَ نانءُ ذوالفقار علي ولد جاڙو خان سمون آهي. هُو ۱۵ فيبروري ۱۹۷۱ع تي، ڳوٺ فيض محمد بجراڻي چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ۲۰۰۲ع ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ پرائمري تعليم جي استاد طور ڳوٺ حاجي لاشاري مغيري، يونين ڪائونسل جيئڻ ابڙي، تعلقي قنبر ۾ پڙهائي رهيو آهي.

رياضت ٻرڙو - رياضت ٻرڙو


رياضت ٻرڙو
رياضت ٻرڙو

رياضت ٻرڙو شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس، مترجم، ايڊيٽر، پبلشر، تعليمي، ادبي ۽ سماجي ڪارڪن/اڳواڻ آهي. هو نامور اديب ۽ کاهوڙي سپوت ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ننڍو ڀاءُ آهي. رياضت علي ولد شوڪت علي ”شوق“ ٻرڙو ۲۷ فيبروري ۱۹۷۰ع تي نور شاهه محلي، قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم قنبر، انٽر سائنس ۱۹۸۸ع ۾ لاڙڪاڻي، فزڪس جي شعبي ۾ بِي.ايس سِي. (آنرز) ۽ ايم.ايس سِي (آنرز) ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪئي. هن ايليمينٽري ڊرائنگ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد پاران اليڪٽريڪل وائرنگ جو ڪورس پڻ ڪيو ۽ بِي.ايڊ (B.Ed) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر جِي لاڙڪاڻي برانچ مان پاس ڪئي، ۲۰۰۰-۱۹۹۹ع دوران ايم .يڊ (M.Ed) ساڳئي يونيورسٽي پاران، آف ڪئمپس پروگرام هيٺ مهراڻ آرٽس ڪاليج قنبر مان ڪئي ۽ ايم اي پرائيويٽ (سنڌي) ساڳئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪئي. هن فزڪس ۾ ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرار طور گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قنبر ۾، ليڪچرار فزڪس طور سنڌ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ۽ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهايو، جنهن بعد هُو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، فزڪس ۾ ليڪچرار طور ۲۰۰۱ع ۾ گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قنبر ۾ مقرر ٿيو ۽ ۲۰۰۸ع کان وٺي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي پيو.

عادل عباسي - رياضت ٻرڙو


عادل عباسي
رياضت ٻرڙو

عادل عباسي ڀلوڙ شاعر، نقاد ۽ محقق آهي. سندس ڄم-نالو عبدالحق ولد محمد آچر ’مجاهد‘ آهي. سندس والد پڻ شاعر ۽ سرگرم هاري اڳواڻ هو، جنهن جو سياسي تعلق سنڌ هاري ڪاميٽيءَ سان هو. عادل عباسي ۲ جنوري ۱۹۷۰ع تي، تعلقي وارهه جي ڳوٺ لعلو رائنڪ ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس اباڻي رهائش هئي. سندس والد جي ڪراچيءَ بدلي ٿي ته سڄو ڪٽنب ڪراچيءَ لڏي ويو، جتي عادل عباسيءَ پرائمري ۽ ثانوي تعليم حاصل ڪئي. هن بِي.اَي ۽  ايم.اَي. (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ ۲۰۰۰ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. هو ۱۹۸۹ع ۾ ڪلارڪ طور بهبود آبادي کاتي ڪراچيءَ ۾ مقرر ٿيو، ۱۹۹۳ع ۾ سندس بدلي باڊهه ٿي جتي رهائش پڻ اختيار ڪيائين. ان کان پوءِ هُو ٿورو وقت قنبر ۾ به مقرر رهيو، ۲۰۰۶ع کان هُو لاڙڪاڻي آفيس ۾ سينئر ڪلارڪ طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ۲۰۰۶ع کان ئي لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي اٿائين. هتي هُو ريڊيو ڪمپيئر طور پڻ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروگرام ڪري رهيو آهي.

مدهوش ڀٽو - رياضت ٻرڙو


مدهوش ڀٽو
رياضت ٻرڙو

مدهوش ڀٽو ڀلوڙ شاعر آهي. مدهوش جو ڇٺيءَ نانءُ الطاف حسين آهي. هُو ۶ نومبر ۱۹۶۹ع تي، تعلقي رتيديري جي ڳوٺ بنگل ديري ۾، عبدالرحمان ڀُٽي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن انٽر سائنس تائين تعليم حاصل ڪئي، پوءِ والد جي وفات سبب اعلى تعليم پِرائي نه سگھيو. هُو ۱۹۹۵ع کان پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني لميٽيڊ (PTCL) ۾، لاڙڪاڻي ۾، ملازمت ڪري رهيو آهي. هن وقت ٽيڪنيشن جي عهدي تي فائز آهي.

عزيز منگي - رياضت ٻرڙو


عزيز منگي
رياضت ٻرڙو

عزيز منگي ڀلوڙ شاعر، صحافي ۽ ريڊيو ڪمپيئر آهي. عبدالعزيز منگي سنڌ جي نالي واري اديب ۽ صحافي هدايت منگيءَ جو پٽ آهي. عزيز ۱۸ نومبر ۱۹۶۸ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بگي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي (سنڌي)، بِي ايڊ جي تعليم پرائڻ سميت پِي.ٽِي.سِي پڻ ڪئي آهي. هُو نومبر ۱۹۹۰ع کان وٺي استاد طور سينٽ جوزف هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي پيو ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان پڻ لاپاڳيل آهي.

سعيد ميمڻ

سعيد ميمڻ

رياضت ٻرڙو



سعيد ميمڻ نالي وارو شاعر آهي. سندس پورو نالو سعيد احمد آهي. هو ۸ نومبر ۱۹۶۸ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾، مولوي ۽ استاد بشير احمد ميمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم عاقل مان، ثانوي لاڙڪاڻي مان، بِي اَي (پرائيويٽ) ۽ ايم اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ ۱۹۹۰ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. هن پِي.ٽِي.سِي ايليمينٽري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ بِي. ايڊ ۱۹۹۹ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان ڪئي آهي. هو ۱۹۸۸ع ۾ پرائمري استاد طور عاقل ۾ مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ مختلف اسڪولن ۾ پڙهايو اٿائين. ۲۰۰۵ع کان پرائمري اسڪول مٺو گبول ڳوٺ ۾ پڙهائي رهيو آهي.

عبدالحق ساريو - رياضت ٻرڙو


عبدالحق ساريو
رياضت ٻرڙو

عبدالحق ساريو نثري نظم جو ڀلوڙ شاعر آهي. عبدالحق ولد فقير راڻو ۹ جولاءِ ۱۹۶۶ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ٻِنڊي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي (اردو)، ايم.اي (اڪنامڪس) ۽ بِي ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو ۱۹۹۷ع ۾ اردو ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ۲۰۱۱ع اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. سندس مقرري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ آهي.

جواد جعفري - رياضت ٻرڙو


جواد جعفري
رياضت ٻرڙو


جواد جعفري مشهور شاعر آهي. جواد حسين ولد انور حسين جعفري ۶ ڊسمبر ۱۹۶۳ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾، ايم اَي سياسيات (۱۹۹۳ع ۾) سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم ايڊ ۱۹۹۹ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان آف ڪئمپس پروگرام تحت ڪئي. هُو ۱۹۸۸ع ۾ هاءِ اسڪول بنگل ديري ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۹۵ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي آيو ۽ ۱۹۹۸ع ۾ ايڇ ايس ٽِي طور ترقي ماڻي.

مختيار سمون - رياضت ٻرڙو


مختيار سمون
رياضت ٻرڙو

مختيار سمون سنڌ جو نالي وارو شاعر ۽ نامور استاد آهي. مختيار احمد ولد حڪيم يار محمد سمون ۱۸ آگسٽ ۱۹۶۰ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن تائين لاڙڪاڻي ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ، ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۸۶ع ۾ ۽ بِي ايڊ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هُو ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ۱۹۹۱ع کان وٺي سنڌ زرعي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڙهائي رهيو آهي. هن ۱۹۹۲ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ تعليمي اداري ناليج سينٽر جو بنياد رکيو، جنهن جو ڊائريڪٽر آهي.

حافظ عبدالستار ڪوريجو - رياضت ٻرڙو


حافظ عبدالستار ڪوريجو
رياضت ٻرڙو

حافظ عبدالستار ڪوريجو محقق آهي. هو ۸ ڊسمبر ۱۹۵۸ع تي، تعلقي رتيديري جي ڳوٺ، ڳڙهي خدا بخش ڀُٽي ويجهو وَسيل هڪ ڳوٺ ’ڪوريجا‘ ۾، هڪ هارِي نظام الدين ڪوريجي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ۱۹۷۲ع ڌاري ٻارن کي تعليم ڏيارڻ واسطي لاڙڪاڻي لڏي آيو. حافظ صاحبَ پرائمري تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ قنبر مان، انٽر ۽ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم.اَي (پرائيويٽ) اِڪنامڪس ۾، ٻيهر ايم.اَي (پرائيويٽ) اسلامڪ ڪلچر ۾ ۽ ٽيهر ايم.اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيون آهن. حافظ صاحب قرآن مجيد ۷۱-۱۹۷۰ع دوران قاري شهاب الدين ٻُگهيي وٽ مدرسي اشاعت القرآن والحديث لاڙڪاڻي ۾ حِفظ ڪيو، مولوي عالم جو امتحان سچل آرٽس ڪاليج مان پاس ڪيو جنهن ۾ سکر بورڊ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. هن پِي.ٽِي.سِي، بِي.ايڊ ۽ ايم.ايڊ پڻ ڪئي آهي.

ذوالفقار سيال - رياضت ٻرڙو


ذوالفقار سيال
رياضت ٻرڙو

ذوالفقار سيال نالي وارو شاعر آهي. هو ۲۸ مئي ۱۹۵۷ع تي ڳوٺ فريد آباد، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي مان، انٽر حيدرآباد مان ۽ ايم بِي بِي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل ايم سِي) ڄامشوري مان ۱۹۸۱ع ۾ ڪئي. هُو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ ايل ايم سِي ۾ آر ايم او، جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ ميڊيڪل آفيسر ۽ چانڊڪا اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو، جنهن بعد ۱۲ سال ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ ائڊيشنل پوليس سرجن رهيو. هينئر ڪراچيءَ ۾ مقرر آهي.

سرمد چانڊيو - رياضت ٻرڙو


سرمد چانڊيو
رياضت ٻرڙو

سرمد چانڊيو سنڌ جي اهم ۽ مشهور شاعرن مان هڪ آهي. هن ڪيترائي اهم تحقيقي مقالا، مضمون ۽ مهاڳ پڻ لکيا آهن. ان کان سواءِ سرمد چانڊيي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگيءَ، فڪر ۽ فن تي پڻ هڪ مفصل ناول لکيو آهي (جيڪو اڃا اڻ ڇپيل آهي).

احمد علي ’صابر‘ چانڊيو

احمد علي ’صابر‘ چانڊيو

رياضت ٻرڙو



احمد علي ’صابر‘ چانڊيو سينئر شاعر آهي. هن مضمون، ناول، ڪهاڻيون، رپورٽون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا آهن. احمد علي ولد نواب خان چانڊيو ۱۴ جولاءِ ۱۹۵۲ع تي، ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ ڇاڄڙي ۾ پيدا ٿيو. ۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۵ع تائين سندس ڪٽنب قُبي سعيد خان ۾ ۽ ۱۹۷۵ع کان ۲۰۰۰ع تائين شهدادڪوٽ ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ هو لاڙڪاڻي لڏي آيو. ان وچ ۾ هو ۲۰۰۶ع ۾ حيدرآباد ۾ به رهيو. هاڻ هُو لاڙڪاڻي واسي آهي. هن ايم.اي سنڌي، ايم.اي سياسيات ۽ ايل.ايل.بِي جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ مختلف ملازمتون ڪندي، ۲۰۰۸ع ۾ انجنيئرنگ سپروائيزر طور رٽائر ڪيو.

ڀوت خروس - پير علي محمد راشدي


ڀوت خروس
پير علي محمد راشدي
هڪ ٻيو ڳوٺاڻو ڪئريڪٽر به نگاهه جو مستحق آهي.
ڀوت خروس جي وانڍ، منهنجي ڳوٺ کان ميل- ڏيڍ پنڌ تي هوندي هئي. پنهنجي وانڍ تي سواءِ ذاتڀائي ٻروچن جي، ٻئي کي ويهڻ ڪو نه ڏيندو هو. هونئن به اهو عام دستور هوندو هو ٻروچن جو. ٻيلن جي اندر يا ٻيلن جي وٽ سان، وانڍيون ٺاهيندا. جيڪڏهن هڪ-اڌ ڇپر هوندن ته اُن کي ”ڀاڻ“ سڏيندا. ٻيءَ ذات واري ماڻهوءَ کي پاڻ وٽ يا پنهنجي ويجهو هرگز گهر ٺاهڻ نه ڏيندا. سندن ڌنڌو هوندو هو چوپايي مال، خاص طرح سان مينهن، جي ”ٻڌي ڇوڙي“. ان اصطلاح جي معنيٰ هئي-مال جي چوري، چورايل مال جي پرداخت، ۽ ڀُنگ (يعني رقم) وٺي چورايل مال ڀاڳئي (يعني مالڪ) کي موٽائي ڏيڻ. اصلي چورايل مال عيوض ٻيو مال ڏيندا ته اُن کي ”ويڳو مال“ سڏيو ويندو. سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن سان، ڪشمور کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين، ان قسم جون ٻروچن جون دُڻيون يا پاٿاريون پکڙيل هونديون هيون. اهي پاٿاريون، چوري ٿيل مال جي پاڻ ۾ ڏي-وٺ ڪنديون رهنديون هيون. پنجاهه يا سؤ ميل پري وڃي، مال چورائيندا. اُن مال کي رات جو درياهه ۾ وجهي، پاڻ سيڻاهن تي چڙهي، ان کي تاريندا، آڻي پنهنجي پاٿاريءَ يا ڀاڻ وٽان ٻاهر ڪڍندا. ٿڌيءَ ڪوسيءَ جي ڪا پرواهه ڪا نه هوندي. سياري جي ڄمندڙ پاري وارين راتين اندر به پيا درياهه ۾ ترندا. جيڪڏهن بنهه ٿڌ محسوس ٿيندين ته ڄانڀي جو تيل جسم تي مکي ڇڏيندا. نه وري مانيءَ جي ئي گهڻي طلب هوندين-وڌ ۾ وڌ، ته به جوئر جي مانيءَ جا ٽُڪر ۽ مُستيءَ جي مُٺ بوڇڻ ۾ ٻڌي، مٿي سان مولهو ڪري، لڙهندا هلندا. جت به بک ورائيندين ته اهي ٽڪر ڇوڙي چٻي ڇڏيندا. رات جيئن اونداهي، تيئن پيو کين مزو ايندو. چانڊوڪين راتين کي پنهنجي ڌنڌي لاءِ سخت مضر سمجهندا. ٻروچن جون ڪيتريون ذاتيون محض ڪم ئي اهو ڪنديون هيون. مثلًا خروس، تڙت، شر، جتوئي، کوسا، چانڊيا، بنگلاڻي ۽ بڙدين جا مختلف پاڙا. ٻروچن جي چوراڪاريءَ جي ڌنڌي اندر اهي ڪامرانيون ڏسي، ڪيترين غير ٻروچ ذاتين به اهو ڪاروبار شروع ڪري ڏنو هو- مثلًا ناريجا، ڪلهوڙا، جوڻيجا، ابڙا، وغيره.

25 July, 2012

سائينداد - پير علي محمد راشدي


سائينداد
پير علي محمد راشدي
سائينداد جيهو، ڏاڪڙائي جيهن جي وانڍ جو ويٺل، منهنجو هڪ ٻيو غريب يار هو، جو ٻڌان ٿو ته اڃا تائين حيات آهي. پنجويهن ورهين کان منهنجو شيدائي ٿي رهيو. سندس زندگيءَ جا مقصد فقط ٻه هوندا هئا: مون ساڻ ڪچهري ڪرڻ، ۽ منهنجي نالي ٿيل ڪڪڙ، دعوت ڪري، مون کي کارائڻ. بنهه غريب هو. ڪنهن زماني تائين ته ڪيئي ويلا ويهي گذارڻا پوندا هئس، مگر اُن نالي پيل ڪڪڙ کي پاليندو رهيو، ان آسري تي ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن آءٌ سندس گهر ويندس ۽ ان ڪڪڙ مان طعام تيار ڪري مون کي کارائيندو. ورهيه گذري ويا، ڪيئي ڪڪڙ ان وچ ۾ پنهنجي عمر طبعي پوري ڪندا اڳئين جهان ڏانهن هلندا رهيا، پر آءٌ سندس دعوت تي وڃي نه سگهيس. هميشه شڪايتون ڪندو رهيو: چي، “پير، غريب ڏسي، مون وٽ نٿو اچين، منهنجو ڪو خيال ڪو نه ٿو پوئي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪڪڙن تي ته ڪو رحم ڪر! حلال شيءِ آهن، مفت ۾ مردار ٿيندا مرندا پيا وڃن. ايڏي خدائي گناهه جو بمبال ڪنهن جي ڳچيءَ تي پيو پوندو هوندو. ڪو شرع شريعت جو ويچار به ته رکُ! ڀل پير هجين، پر الله جي سرڪار ڏاڍي اٿئي. قيامت ڏينهن اهي ڪڪڙ تو تي دانهين ٿي بيهندا - تو کان وڏو پڇاڻو ٿيندو!“