26 August, 2017
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو
19 August, 2017
فقير غلام حسين - ناصر مقصود گل
الطاف حسين خواجه - محمد مٺل جسڪاڻي
وفا مولابخش قنبراڻي- مٺل جسڪاڻي
18 August, 2017
حيات علي شاهه بخاري
ڊاڪٽر نور محمد ناهيون - مٺل جسڪاڻي
نسيم بلوچ
نسيم بلوچ
ڪي ويجها پر ڏور- ڪي ڏور
به اوڏا سپرين
مٺل جسڪاڻي
سنجيدگي
به سٺي آهي پر ماڻهو هجي خوش طبيعت، کلڻو ملڻو. سنجيدگيءَ جي برعڪس، منهن چڙهه ماڻهو
مان ڪنهن کي ڇا ٿو ملي! پاڻ به، ته ملندڙ به، ٻئي ڪيفيتن جي ڪُن ۾!...نسيم بلوچ
سان منهن مقابل ملڻ جي آس ضرور آهي، پر اڃا روبرو ملاقات نه ٿي آهي، پوءِ به ”ڪي
ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ مثل، هو ويجهو آهي. گهڻو ويجهو پوندو پيو وڃي.
آغا جان آغا
آغا جان آغا
معشوقن جي مانُ واري شهر
جو معشوق شاعر
مٺل جسڪاڻي
اسان
کي يار فرصت نه ملي!
سوچيندا
به رهياسين،
روئندا
به رهياسين!
هڪ طرف
محل ٿا ڏسون،
ٻئي
طرف جهوپڙي ٿا ڏسون!
هيڏانهن
ٻار کي کير پياريندي،
فٽنيس
اثرانداز ٿيئي ٿي،
هوڏانهن
هُو ٻار کي ڇا پياري،
ڇاتي
کير ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي!
هيڏانهن
هزارن جو جوڙو،
شاهي دڪان
تان،
شام
تائين پسند نه آيو،
هوڏانهن
جوڙي جي چَتين کي،
ٽاڪيندي،
ٽاڪيندي،
بخين
جي جڳهه نه رهي!
هيڏانهن
لاشن کي به تحفا ملن،
هوڏانهن
بي ڪفن لاشا ڍَڪيا وڃن!
اسان
کي نه خبر آهي،
غمِ
جانان جي،
نه خبر
آهي،
اسان
کي اسان جي!
دردن
مان فرصت ملي ته،
نئين
به ٻُڌائينداسين،
پُراڻي
به ٻڌائينداسين...
هارون ميمڻ - مٺل جسڪاڻي
ذوالفقار مجيداڻو - محمد مٺل جسڪاڻي
فقير بشير احمد لغاري - مٺل جسڪاڻي
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي - مٺل جسڪاڻي
هر
لکندڙ جا مقصد يا لکڻ جا سبب ڪهڙا به هجن، پر ان جو تعلق ان جي من اندر جي احساسن
سان هجي ٿو. آئون سمجهان ٿو ته هر انسان جا احساس ٿين ٿا، پر ان جو اظهار فقط اهي
ئي بهتر طريقي سان ڪري سگهن ٿا، جن کي مالڪ اهڙي ڏات سان نوازيو آهي. معيار جا ته
پنڌ پري آهن، پر آئون به الله سائين جي انهن بندن مان هڪ آهيان، جنهن کي رب پنهنجي
احساسن جي اظهار جو ٿورو گهڻو سليقو ڏنو آهي. منهنجي لکڻ جا سبب به منهنجي حساس
طبيعت ۽ منهنجا احساس ئي آهن، جيڪي هن جهان ۾ جيئندي، آئون سنڌ ۽ سڄڻَ لاءِ محسوس ڪندو
آهيان“. اهڙن خيالن جو اظهار سيد خادم سبحان ڏاڏاهي ڪيو، جنهن جو پورو نالو سيد خادم
حسين ڏاڏاهي ولد سيد سبحان علي شاھ ڏاڏاهي آهي. هن ٻڌايو ته ”تعلقع ۽ ضلع ٽنڊو
الهيار جي تاريخي ڳوٺ بڪيرا شريف ۾ ۵ جنوري
۱۹۶۱ع تي اک کوليم. وڏا ڏاڏاھ تعلقو
ٽنڊو باگو کان هجرت ڪري بڪيرا شريف آيا، ان ڪري ڏاڏاهي سيد سڏجڻ لڳاسين. هن وقت ڪراچي،
حيدر آباد، ٽنڊوالهيار، جهڏو، ٽنڊو باگو ۽ بڪيرا شريف ۾ ڏاڏاهي سيد آباد آهن“. مراد فقير- مٺل جسڪاڻي
امير احمد کوسو- مٺل جسڪاڻي
شبير احمد - مٺل جسڪاڻي
12 August, 2017
ھيمن داس چنداڻي
ھيمن
داس چنداڻي!
مٺل جسڪاڻي
ڪٿي ٿر، ڪٿي
ٿر جو ٿاڪ مٺي، ڪٿي زرعي ميداني پَٽُ، ڪٿي ٽنڊوڄام؟ مون کي گهر ويٺي، ٽنڊوڄام ۾
خبر پئي ته مٺڙن ماڻهن جي ماڳُ مٺي ۾، هڪڙو مٺڙو ماڻهو سائين ھيمن داس چنداڻي آهي!
سندس تعليمي خدمتن جي مڃتا ۾ کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ مٺي ۾ رهاڻ رچائي وئي هئي، مون کي
دعوت به ملي، پر وڃي نه سگهيو هئس!









