; سنڌي شخصيتون: 2016

21 December, 2016

عطا دل - سرواڻ سنڌي


عطا دل

سندس ٻي ورسيءَ جي مناسبت سان اڄ ته آهي الوداع!

سرواڻ سنڌي

ڪجهه ڏينهن اهڙا هوندا آهن جن جي لاءِ دل چوندي آهي ته ڪاش اهي ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ ڪئلينڊر مان ختم ٿي وڃن يا بنا ٻڌائڻ جي گذري وڃن ۽ ان ڏينهن جي موجودگي جو پتو نه پوي، پر ائين ناهي ٿي سگهندو. 20 ڊسمبر به اسان ڪيڏي ڪوششون ڪريون، تڏهن به خاموشي سان نه ٿو گذري. 20 ڊسمبر تي اسان جو پيارو شاعر عطا دل اسان جي آڱرين مان پنهنجو هٿ ڪڍي ائين هليو ويو جو خبر ئي نه پئي، پر 20 ڊسمبر کي اسان جي لاءِ اهڙي طرح ڇڏي ويو آهي جو اسان ان ڏينهن اچڻ تي اهو محسوس ڪريون ٿا ته ”هُو اسان جو دوست ان ڏينهن تي اسان کان جدا ٿيو هو.“

دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي

دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
تعارف
دادي ليلاوتي تلسي داس هرچنداڻي جو جنم ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ ٿيو. داديءَ جو خاندان پڙهيل لکيل آهي. سندن ڀاءُ واڌواڻي تيرٿ داس مشهور شخص هو ۽ هوتچند مولچند گربخشاڻي وارا سندن پڦيءَ جا پٽ هئا. هن سڄي خاندان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان وڏي عقيدت آهي. دادي راڳ جي ڄاڻو، شاهه جي شيدائي ۽ رسالي جي پارکو آهي. هوءَ شاهه صاحب جون ڪافيون ۽ بيت اُڪير سان ڳائيندي آهي، کين مرحوم عثمان علي انصاري ريڊيو تي متعارف ڪرايو ۽ داديءَ سنڌ جي ڪيترين ئي نينگرين کي پنهنجو فن منتقل ڪيو آهي، جن ۾ روبينا قريشي ۽ جيجي زرينه بلوچ جا نالا اهم آهن، سندن خدمتون سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ اهم آهن. دادي ليلا جي دور ۾ عورتن جي تعليم ايتري عام ڪونه هئي. هن مشهور ڪندن مل گرلس اسڪول مان پڙهيو. عامل خاندان جي ديوانن مان آشا/ غلام فاطمه شيخياڻي (اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ جو نالو) ساڳئي اسڪول مان پڙهندڙ هئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر شمس عباسي ۽ پوپٽي هيراننداڻي پڻ ساڳئي اسڪول مان پڙهيون هيون. انهيءَ اسڪول جون ماسترياڻيون داديءَ چواڻي ته Oxford جون پڙهيل هيون. دادي متي، دادي جگو ۽ ٻين کي انگريزي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو. دادي ليلا ميوزڪ جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي ۽ بي اي ۽ ايم اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن معرفت هن ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن. هوءَ سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر ۽ فنڪار جي حيثيت ۾ سڃاتي وڃي ٿي. ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي پرنسپال کان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر (ٽي سال) ٿيڻ تائين پاڻ ڪيترن ئي ادارن جي سربراهي سنڀالي، سندس خدمتن جي عيوض هند توڙي سنڌ مان کيس ايوارڊن ۽ انعامن سان نوازيو ويو آهي. چند سال اڳ کيس صدارتي ايوارڊ عطا ٿيو. اڄ نوي سالن کان به وڌيڪ ڄمار هوندي دادي ليلا پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت کي افضل ڄاتو آهي. مون سندس گهر ٻه دفعا هرچنداڻي مينشن ڀرڳڙي روڊ هيرآباد تي ملاقات ڪئي ۽ کانئس انٽرويو وٺڻ چاهيم، پر داديءَ رسمي انٽرويو کان وڌيڪ جيڪا روبرو ڪچهري ڪئي، اها تمام اثرائتي هئي، جنهن جا اهم نقطا هن ريت آهن:

18 December, 2016

عمر ملاح - مٺل جسڪاڻي


عمر ملاح

سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا؟

مٺل جسڪاڻي

مون جنهن شخص جي ڳالهه ڪرڻ گهري آهي، اھو شخص آهي، جنھن کي سڃاڻڻ وارا، ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾، تمام گھڻا آھن. سندس ڳوٺائي، سندس ھم عمر، سندس ننڍپڻ جا ساٿي، جن سان جواني جي جوڀن تائين روح رچنديون رچايائين، انهن سان، سندس پھرين جيڪا سڃاڻپ ڪرايائين، ان نسبت سان، بدين شھر جي شاھنواز چوڪ مان نڪرندڙ سيراڻي کان به اڳتي ويندڙ روڊ سان قائم ھڪ قديمي ڳوٺ ۾ اک کوليندڙ شخص آهي عمر ملاح، جنھن جي ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي دودي سومري جي مزار آھي.

17 December, 2016

تاجل بيوس

تاجل بيوس
بحيثيت شاعر
محمد سليمان وساڻ
خيرپور جي ڪچي ۾ ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع ۾ جنم ورتو. ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته هي ننڍڙو ٻار وڏو ٿي تاجل بيوس بڻبو ۽ سندس ڪلام؛ ”سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان!“ سندس سڃاڻ بڻجي ويندو. سندس والد مرحوم محمد جعفر ڪو وڏو ماڻهو ته ڪونه هو پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي لڪل هو، جيڪو گيت تخليق ڪندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد ادب جي دنيا ۾ تاجل بيوس ٿيڻ کي پسند ڪيو.

16 December, 2016

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ولادت ۱۳۳۶ هه = ۱۹۱۷ع
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مشهور سنڌي اديب، مورخ، محقق، مبصر، اهل قلم، دانشور ۽ بيباڪ شخص، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان ولد علي محمد خان بلوچ، ۱۳۳۶ هه مطابق ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي، ضلعي سانگهڙ، تعلقي سنجهوري جي ڳوٺ ”جعفر خان جمال“ ۾ تولد ٿيو. مئٽرڪ ۱۹۳۵ع ۾، بي اي ۱۹۴۱ع، ايم اي ۽ ايل ايل بي ۱۹۴۳ع ۾ پاس ڪرڻ بعد، آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ايجوڪيشن (education) ۾ پي ايڇ ڊي (ph: D) حاصل ڪيائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز ٿيو، جتان ۱۹۶۷ع ۾ وائيس چانسلر جي عهدي تان بدلي ٿي، اسلام آباد ۾ وزارت تعليم جي سيڪريٽريءَ جا فرائض سر انجام ڏيندو رهيو. هينئر رٽايرڊ ٿيڻ بعد، ثقافتي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.

14 December, 2016

ڊاڪٽر اديب رضوي - سعيد علي پٺاڻ


ڊاڪٽر اديب رضوي

انسان ذات جو مسيحا

سعيد علي پٺاڻ

سنڌ ۾ اصل ۽ پر خلوص تبديلي جو پايو وجهندڙن ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي، عبدالستار ايڌي، ڊاڪٽر عشرت حسين، ميڊم انيتا غلام علي، عبدالرحمان ڇيپا، سيلاني ويلفيئر ايسوسيشن ۽ اسرا اسلامڪ فائونڊيشن نمايان آهن. هي بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ”خدمت خلق، عين عبادت“ تحت انسانذات جي خدمت ۾ مصروف آهن. هنن جي ڪم کي معاشرو عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ الله پاڪ انهن جي پرخلوص ڪوشش کي ڪاميابي ۾ تبديل ڪري ٿو.

انجنيئر حسين موسوي جي بقول ته ”اسلام آباد منافقن جو شهر آهي ۽ ڪراچي مومنن جو شهر آهي. سيد علي مرتضيٰ زيدي چوندو آهي ته ”اوهان خلوص سان ڪم ڪيو خدا ان ۾ واڌارو آڻيندو، ڪنهن جي به لائين يا دڳ کي ڪٽڻ جي ڪوشش نه ڪيو پر پنهنجي ڪم کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو جيڪو به ڀلو ڪم ڪري ان جو ساٿ ڏيو ڀلي اوهان جو دشمن ڇو نه هجي“. اوهان پنهنجي ڪمن جي ترتيب ٺاهيو جيڪو ڪري سگھو ٿا اهو ڪيو باقي ٻين جي ڪم ۾ انهن جو ساٿ ڏيو.جيڪو ڄاڻو ٿا ان تي عمل ڪيو باقي جيڪو نٿا ڄاڻو خدا سنڀاليندو.

شيخ عبدالرزاق راز

عبدالرزاق (راز) شيخ

جديد سنڌي ادب جو شاعر آزاد نظم جي بانيءَ جي ياد ۾

ابراهيم لاشاري


سونهاري سنڌ کي اهو شرف حاصل آهي ته هن سر زمين وقت به وقت املهه ماڻڪ پيدا ڪيا جن پنهنجي ڏات فن ذريعي پنهنجو ۽ پنهنجي ديس جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايو، اهڙن انسان منجهه سنڌي ادبي دنيا جو تمام وڏو ۽ سيبتو شاعر شيخ عبدالرزاق راز به هڪ آهي، جنهن سنڌ ڌرتي جي ٿڌڙي موسم يعني اربع ڏينهن ۲۹ جنوري سال ۱۹۱۹ع پراڻي سکر جي محترم منشي عبدالرئوف شيخ جي گهر منجهه اکيون کوليون سندس زندگي جي ابتدائي تربيت به پڙهيل لکيل ماحول منجهه ٿي ڇو جو سندس ڏاڏي وٽ وڏا عالم ۽ فاصل ڪچهريون ڪرڻ ايندا هئا. عبدالرزاق راز شيخ صاحب کي پنهنجي ادبي، اخلاقي ۽ شاندار تربيت ڪري سهڻيون صلاحون ۽ مشورن سان سر شار پيو ڪندو هو، شيخ صاحب جي ابتدائي تعليم پراڻي سکر جي شاهه خيرالدين جي درگاهه تي قرآن پاڪ جي تعليم سان ٿي، سندس استاد حافظ محمد بخش هو جيڪو ان زماني ۾ وڏو عالم ۽ بزرگ صفت سان سرشار هو ثانوي علم جون سندون پهريان سکر بعد ۾ عليڳڙهه ۽ لاهور منجهان حاصل ٿيس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيائين اعلي تعليم جا ڇهه ئي سال ڪراچي جي ڊي _جي سائنس ڪاليج  ۾ گذاري اتان ئي سندون حاصل ڪيائين، هن سهڻي سيبتي شاعر شاعري جي صنف جي تڪ بندي پنهنجي استاد (سيد شاهه محمد شاهه) دوستيءَ ۾ سکي، راز شيخ عبدالرزاق ادبي دنيا جو نرالو ۽ وڏو نانءُ پڻ هو، هي پهريون شاعر هو جنهن سنڌي زبان ۾ (آزاد نظم) لکي ڍير ڪيا ۽ سندي ادب جي سونهن ۽ واڌ ۾ تمام جهجهو اضافو پڻ ڪيو، ۱۹۴۵ ع جي زماني ۾ ايم اي  جي تعليم اڌ منجهان  ڇڏي، صحافت ڏانهن لاڙو ڪري (الوحيد) اخبار سان سلهاڙجي ملازمت اختيار ڪيائين .تنهن بعد جلدي سکر شهر اچي وسايائين ۽ ۱۹۴۸ع ڌاري سکر ميونسپالٽي جو (چيف آفيسر) مقرر ٿيو .ڏهه سال مسلسل انهي نوڪري جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو، اوچتو اها نوڪري ڇڏي، سال ۱۹۵۸ع ڌاري اسلاميه ڪاليج سکر (مسلم هسٽري) اسلامي تاريخ جو ليڪچرر مقرر ٿي درس تدريس جي شعبي سان لاڳاپو قائم ڪيائين تنهن بعد روهڙي منجهه عطا حسين موسوي ڪاليج جو پرنسپال جي عهدي تي به ڪم ڪندو رهيو، شيخ عبدالرزاق راز ادبي دنيا جو روشن ستارو، لاجواب شاعر، سڀني صنفن ۾ رنگ نرالو جو ڀريو آهي پوءِ ڇو نه غزل هجي، يا آزاد نظم، گيت، بيت، وائي، سندس شاعري سڀني خوبين سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي، جدت جو پهلو سندس شاعري منجهان نمايان نظر اچي ٿو سندس شاعري سڀني رنگن سان ڀري پئي آهي هو زندگي جي اهم مسئلن جي ترجماني پڻ شاعري وسيلي پنهنجي اندر ۽ من پاتال منجهان هن  طرح اظهار ڪري ٿو ته:

12 December, 2016

اقبال خان سولنگي - اظهر سولنگي


اقبال خان سولنگي

هڪ مانجهي مرد جو وڇوڙو..

اظهر سولنگي

سنڌ پنهنجي ڌرتي تي ڪيئي اهڙا جوڌا جوان ۽ مانجهي مڙس پيدا ڪيا آهن جن هميشه پنهنجي قوم، ديس ۽ عوام لاءِ پاڻ ارپيو آهي. انهن مانجهي مڙسن مان اقبال خان سولنگي به هڪ هو. هن نه صرف پنهنجي ذات سولنگي  لاءِ  ڪم ڪيو پر هڪ سنڌ واسي هجڻ جي ناتي هر ماڻهو کي پنهنجو سمجهي ان جي ڪم آيو.  اقبال خان اهو ماڻهو هو جيڪو بغير تعصب جي  سمورن قومن ۽ ذاتين ۾ پنهنجي سڃاڻپ رکندڙ هو. سندس ڪردار ۽ قومي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. اسان جي معاشري ۾ ڏٺو وڃي ته جنهن ماڻهو کي ٿوري به اڳتي وڌڻ جي وٿي ملندي آهي ته هو ڪيترن ئي ماڻهن ۽ ماڻهن جي حقن جي  لتاڙي ڪري اڳيان نڪري ويندو آهي پر اقبال احمد انهن منجهان نه هيو. جيڪڏهن هو چاهي ها ته ائين به ڪري ٿي سگهيو جيئن عام چوڻي ۾ بااثر چيا ۽ ڳڻيا وڃن ٿا. اقبال احمد تي سرداري جي پڳ هوندي به هن هر طبقي جو تمام گهڻو خيال ڪيو، انهن کي پنهنجو سمجهيو. جيئن هڪ اڳواڻ تي پڳ جي ذميواري هوندي آهي ته هو پنهنجي قبيلي، پاڙي، ۽ قوم سان  اڳواڻ واري حيثيت ۾ پيش ايندو رهي ۽ هو انهن جي سار سنڀال جو ذميوار پڻ هوندو آهي. هن پڳدار به پنهنجي پڳ ۽ چڱ مڙسي کي بلڪل ائين سڀني جو ڀرجهلو ٿي نڀايو. هن جي خوبصورت خوبي اها هوندي هئي جو قبيلي جي هر ماڻهو کي بغير ڌرمي فرق جي گڏ کڻي هليو. خاص ڪري ٿر ۾ موجود پنهنجي قبيلي جي هندو ڌرم جي ماڻهن کي هميشه اهو چوندو هو ته اوهان به اسان جا اوترائي ويجها آهيو جيترا سنڌ جا مسلم سولنگي قبيلا..اوهان کي جيڪا به ضرورت پوي آئون اوهان لاءِ حاضر هوندس.

جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاهه

جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاهه
ڪي ماڻهو تاريخ ٿيندا آهن
سيد پير شاهه جيلاني
هر ڪو ماڻهو،  پنهنجي اگهه اگهاڻو،
جيڪو ماڻهو ڪين وڪاڻو،
سو ئي ماڻهو موتي داڻو
اڄ هڪ اهڙي عظيم انسان ۽ موتي داڻي جو ذڪر ڪبو، جيڪو پنهنجي ذات ۾ عجيب فطرت جو مالڪ آهي انسان جي ذاتي زندگي ۾ ڪيتريون ئي چڱايون ۽ برايون هونديون آهن، پر تاريخ به هميشه انصاف ڪندي رهي آهي، دنيا جي تخت تي هزارين بلڪي لکين انسان تخت گاهن جا بادشاهه بڻيا.

11 December, 2016

پروانو ڀٽي

پروانو ڀٽي
صحافيءَ جي سار لهڻ جو وقت
غلام حسين لغاري
پنهنجي زندگي جا ۶۷ سال کن صحافت، ادب ۽ ثقافت کي ارپيندڙ ميوو خان نالي معروف پروانو ڀٽي جيڪو علالت ڪري پنهنجي گهر تائين هاڻ محدود ٿي چڪو آهي سنڌ سرڪار جي اطلاعات توڙي ثقافت کاتي جي بي حسي کان ته هونئن ئي مايوس ٿي چڪو آهي پر سنڌ جي هڪ اڌ اخباري مالڪن لاءِ به کيس بي پناهه شڪايتون آهن جن جي وڏڙن سان هن اڻهوند ۾ به اهڙي وقت ساٿ نڀايو جڏهن اخبارون مالي بحران هجڻ ڪري شايع ٿيڻ به ڏکيون هيون تن جي پونيئرن به کيس وساري ڇڏيو آهي ۽ بنهه اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن. هن پنهنجي اکين ۾ خوشي وارا لڙڪ وهائيندي پوءِ به مُرڪڻ واري انداز ۾ چيو ته کيس ڪنهن جي به مدد يا سار لهڻ جي ڪا به ضرورت ناهي پر جڏهن ڪو صحافي يا اديب وٽس ٻه پير ڀري لڙي اچي ٿو ته هو پاڻ کي چڱو ڀلو محسوس ڪري ٿو جيڪو ان جو علاج آهي.

10 December, 2016

مشتاق چنگيزي

مشتاق چنگيزي

سنڌي فلمن جو دليپ ڪمار

حيات علي شاهه بخاري



سنڌي فلمن جا ٽي دور هئا، پهريون دور فلم ”ايڪتا“ سان شروع ٿيو، بامبي جي فلم انڊسٽريءَ جي گلشن صوفي جيڪو ماتليءَ جي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو دوست هو، ان جي چوڻ تي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پهرين سنڌي فلم ٺاهڻ لاءِ تيار ٿيو، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي سنڌ جو ادب ۽ فن دوست شخص هو، سندس ماتليءَ واري رهائشگاهه ”مائي نيسٽ“ تن ڏينهن ادب ۽ فن جو گهوارو هوندي هئي، جتي روزانو راڳ رنگ جي محفل ٿيندي هئي، پري پري کان ڪهي ايندڙ ”مائي نيسٽ“ تي اچي حاضري ڀريندا هئا ۽ سڄي رات راڳ رنگ جي محفل متل هوندي هئي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پهرين سنڌي فلم ”ايڪتا“ ناهي، سنڌي فلمن لاءِ هڪ راهه کولي، ڪافي عرصي کانپوءِ حسين علي شاهه فاضلاڻيءَ هدايتڪار شيخ حسن سان گڏجي سنڌي فلم ”عمر مارئي“ ٺاهي، فلم پرديسيءَ کانپوءِ وري ماٺار ڇانئجي وئي ۽ ڪافي عرصي کانپوءِ شيخ حسن بهار علي بلوچ نالي فلمساز سان سنڌي فلم ”شهروفيروز“ جو آغاز ڪيو، فلم شهروفيروز ڪراچيءَ جي ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ۾ تيار ٿي، هن فلم لاءِ اداڪارن جي چونڊ لاءِ ”نوان چهرا گهرجن“ جو اشتهار ڏنو ويو، جنهن لاءِ کوڙ سارن فنڪارن پنهنجي قسمت آزمائي، قربان جيلاني، ماهه پاره، سعيده، سليمان شاهه ۽ ٻيا ڪافي آيا. حيدرآباد شهر جو مشتاق چنگيزي، جيڪو ٽنڊي ڄام جي ان وقت جي زرعي ڪاليج ۾ فوٽو گرافر جي حيثيت سان نوڪري ڪندو هو، ان جي نظر مان به اهو اشتهار گذريو ۽ ان به پنهنجي قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو. مشتاق چنگيزي بنيادي طور تي ڪاميڊين هو ۽ اسٽيج تي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پکين جون ٻوليون ٻڌائي ماڻهن کي وندرائيندو هو، ان ڪري هُن اِن فلم لاءِ ڪاميڊين طور پنهنجون خدمتون آڇيون، سڀني نون فنڪارن جي ڪئميرا ٽيسٽ ورتي وئي. سڀني پنهنجيءَ پر ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، فلم ”شهروفيروز“ لاءِ هيروئن طور ماهه پاره ۽ هيرو لاءِ مشتاق چنگيزي جي چونڊ ڪئي وئي. مشتاق چنگيزي جيڪو فلم ”شهروفيروز“ ۾ ڪو نه ڪو هلڪي قسم جو ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند هو، هدايتڪار شيخ حسن جي ان فيصلي تي سخت حيران ٿيو. سندس خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته ڪو کيس فلم ۾ هيرو جو ڪردار ڏنو ويندو. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ سليمان شاهه، ملڪ انوکو، شڪيل لاسي، محمود لاسي ۽ ٻيا شامل هئا. فلم ”شهروفيروز“ لاءِ گيت رشيد احمد لاشاري لکيا ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر هو غلام علي، فلم ”شهروفيروز“ جي انڊور شوٽنگ ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ۾ ٿي ۽ آئوٽ ڊور شوٽنگ ڪراچيءَ جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪئي وئي. فلم ”شهروفيروز“ جا گيت سائونڊ رڪارڊسٽ هاشم قريشي رڪارڊ ڪيا، هن فلم جا سيٽ فخرالدين لڳايا.

جنيد جمشيد


جنيد جمشيد

ناليواري نعت خوان جي حياتيءَ تي هڪ نظر


جنيد جمشيد 3 سيپٽمبر تي ڪراچي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي لاهور مان فارغ ٿيل شاگر هو. هن پاپ موسيقي گروپ وائٽل سائنز جي نمائندي فنڪار جي حيثيت سان مقبوليت ماڻي. 1987ع ۾ جنيد جمشيد موسيقي جي دنيا ۾ تازي هوا بڻجي آيو. هي اهو دور هئو جڏهن پاڪستان ۾ سينيما انڊسٽري آخري پساهن ۾ هئي ۽ پرائيويٽ چينلن جو خواب به شايد ڪنهن نه ڏٺو هو رڳو پاڪستان ٽي وي گهر گهر ڏٺي ويندي هئي اهو به شام کان اڌ رات تائين.

01 December, 2016

فيڊل ڪاسترو - ارشاد ڪاغذي


فيڊل ڪاسترو

ڪيوبا جو انقلابي اڳواڻ

ارشاد ڪاغذي

هن سال پنهنجي سالگره ملهائيندي ڪاسترو چيو هو ته هو جلد لاڏاڻو ڪري ويندو ۽ ڪالهه صبح سوير ڪيوبا جي ٽي وي هن جي فوت ٿيڻ جي خبر نشر ڪئي. فيڊل ڪاسترو گھڻي عرصي کان آنڊن جي بيماري وگھي سخت عليل هو. آمريڪا، انقلاب ۽ ڪاسترو جي دشمنن کيس ڪيئي ڀيرا مارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر هو معجزانه طور هر ڀيري بچي ويو. توهان اهو ٻڌي حيران ٿي ويندا ۽ يقين نه ڪندا ته ڪاسترو کي 638 دفعا مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. اهي حملا جيمز بانڊ طرز جهڙا هئا، هن انهن موتمار حملن جي باري ۾ چيو هو ته ”جيڪي حملا ڪيا ويا ۽ انهن کان بچي ويس، جيڪڏهن اهي اولمپڪ ايونٽ هجن ته مان سونو ٻلو حاصل ڪرڻ جو حقدار آهيان.“ ڪاسترو 1959ع ۾ اقتدار تي قبضو ڪيو، 49 سالن تائين ڪيوبا تي حڪمراني ڪئي. ان کان علاوه آمريڪا جي اينٽيلنجنس ايجنسي سي آءِ اي هن جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر دفعي ناڪام ٿيا. 10 سال اڳ هن پنهنجي ڀاءُ جي حق ۾ هٿ کنيو هو ۽ ان کي ملڪ جون واڳون سوپي ڇڏيون.

قاضي فيض محمد

قاضي فيض محمد

دوئي بنڌو يعني ٻه دوست

پروفيسر منتصر مامون



عوامي ليگ لاءِ اسان وٽ مجموعي تاثر اهو آهي ته آزاديءَ کان اڳ مشرقي پاڪستان واري عوامي ليگ.... جيڪو غلط آهي. ان وقت ٻه صوبا هوندا هئا، هڪڙو مشرقي ته ٻيو مغربي پاڪستان. ان ٻنهي جي مٿان هوندي هئي آل پاڪستان عوامي ليگ، ان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ان جو صدر شهيد سهروردي هوندو هو. جنهن کانپوءِ نصرالله خان ان جو صدر ٿيو. اسان جي چئن وڏن قومي ليڊرن مان هڪ قمرالزمان ان جو ۱۹۶۹ع ڌاري جنرل سيڪريٽري هو. آل پاڪستان عوامي ليگ جو مرڪزي دفتر ۵۱ پرانا پلٽن ڊاڪا ۾، جڏهن ته ٻي آفيس ۲۱ اونگزيب مارڪيٽ پورٽ روڊ ڪراچي ۾ هوندي هئي. ..... قاضي فيض محمد پاڪستان عوامي ليگ جي اهم ترين ليڊرن مان هڪ هو، هو پاڪستان عوامي ليگ جو سينيئر نائب صدر هو، پاڻ بنگا بنڌو کان عمر ۾ ڏهه سال وڏو هوندي به بنگا بنڌو کي پنهنجو ليڊر مڃيو هو.

29 November, 2016

ساڌو واسواڻي

ساڌو واسواڻي
سنڌ جو سچو خدمتگار
دادا جشن واسواڻي
سنڌيڪار: سنگرام
ساڌو واسواڻي ۲۵ نومبر ۱۸۷۹ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو.
اڄ به، سندس جنم کان ۱۳۰ ورهين ۽ سنڌ مان لڏي هند ۾ اچي رهڻ کان ۵۷ سالن کان پوءِ به، پاڪستان ۾ سنڌي- هندو توڻي مسلمان- ساڌو واسواڻيءَ جو مانُ سَنمانُ ڪن ٿا، اُن جا گُڻ ڳائن ٿا، ۽ کيس ويهين صديءَ جو مهانُ سنتُ سمجِهي، پنهنجو ڪن ٿا. دنيا، سنڌ جي هِن سنتُ جهڙو وِرلي ئي ڪو ذهين، ڏاهو ۽ مهاپرتابي ماڻهو ڏٺو هوندو.

22 November, 2016

غلام مصطفيٰ جتوئي - زاهد قائمخاني

غلام مصطفيٰ جتوئي
سندس ياد ۾..
زاهد قائمخاني
جيڪو هن دنيا ۾ آيو آهي ان کي واپس پنهنجي پروردگار ڏانهن وڃڻو آهي پر ڪنهن شخصيت جو اوچتو وڇوڙو جيءَ جهوري ڇڏي ٿو ۽ وڇوڙي کان پوءِ ٿيل خال ڀرجڻ ۾ وڏو وقت لڳندو آهي. 20 نومبر 2009ع جمعي جي ڏينهن لنڊن جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويل پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ اين پي پي جي سرواڻ رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي وڇوڙي کي اڄ ست سال مڪمل ٿي ويا آهن جيڪو 14 آگسٽ 1931 ۾ پيدا ٿيو ھو  اڄ به مرحوم غلام مصطفي جتوئي جي ياد ماڻهن جي دل ۾ ديرو ڪري ويٺل آهي.

فضل سليمان قاضي

فضل سليمان قاضي
ساڻس گذاريل ڪي يادگيريون
منظور جوکيو


سائين فضل سليمان قاضي صاحب جي شخصيت کي ڇڏي ڪري باقي مون پنهنجي گذريل ۲۵ سالن جي بئنڪنگ ۽ سول سروس جي ڪيريئر ۾ ڪا اهڙي گهڻ رُخي شخصيت نه ڏٺي آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت بلا جي ذهانت، مدبراڻي تقرير ڪرڻ جي صلاحيت، انتهائي اعلي قسم جي خوش لباسي، تمام وسيع مطالعي جو پس منظر، مشڪل وقت ۾ حالتن کي ضابطي هيٺ آڻڻ جو گُر، بهترين ايڊمنسٽريشن هلائڻ جو تجربو ۽ انتها درجي جي بهادري ۽ دليري ۽ ٻيون انيڪ خوبيون هجن. فضل سليمان قاضي صاحب اُها واحد شخصيت آهي، جنهن ۾ اهي سڀ خوبيون هڪ ئي وقت موجود آهن.

محمد شعيب خان - منظور ڪلهوڙو

محمد شعيب خان
علم جي پيچرن جو پانڌئيڙو
منظور ڪلهوڙو
خليل جبران چيو آهي ته “غربت اها نعمت آهي جيڪا توهان لاءِ زندگيءَ جي رازن جي شعور جو سبب آهي.” ننڌڙي محمد شعيب خان پٺاڻ جنهن ضياالحق جي آمريتي راڄ ۾ 1984ع ۾ شڪارپور ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ سلطان ڪوٽ ۾ پوسٽ آفيس جي ننڍڙي ملازم (ڪلارڪ) شهزادو خان پٺاڻ جي گهر ۾ جڏهن جنم ورتو ته ملڪ تي نه صرف آمريتي ۽ آپيشاهي وارن راڄن کي ڏٺو، پر پنهنجي گهر، ڳوٺ ۽ آس پاس ۾ غربت، پسماندگي، اڻهوند ته ڏٺي ئي ڏٺي پر ان سان گڏوگڏ ظلم، بدامني ۽ سنڌ اندر ڌاڙيل راڄن جي راڪاسن جا خوف ۽ خطرا خلقن مٿان لامارا ڏيندي به ڏٺا.

مشتاق بخاري

مشتاق بخاري

ڌرتي، پيار ۽ ٻارن جو شاعر

عيسيٰ ميمڻ



”هر عظيم فنڪار، پنھنجي دؤر کان اڳ ۾ پيدا ٿيندو آهي.“

مٿيان لفظ شيخ اياز يقينن تاريخ جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي کانپوءِ چيا هئا، جنھن جو نچوڙ، يقينن اهو ئي بيھندو ته هر عظيم فنڪار، نه صرف پنھنجي دؤر جي حالتن جي تبديليءَ لاءِ جاکوڙيندو آهي پر ايندڙ وقت جي اندر پيدا ٿيندڙ حالتن ۽ ان جي حل لاءِ راهون پڻ متعين ڪندو آهي. جيئن ڪارل مارڪس پيدا ته ارڙهين صديءَ ۾ ٿيو پر اڄ ايڪهين صديءَ جا معاشي تضاد، سياست ۽ سماج جا تضاد به، نه صرف سمجهائي ٿو پر انهن جو ادراڪ به بخشي ٿو. ايئن ئي مارڪس کان اڳ شاهه لطيف پنھنجي دؤر کان اڳ پيدا ٿيو هو، جنھن جي فڪري ڪماليت جي پروڙ ۽ پرک ڪندي اڄ جي جديد دؤر جو ڏاهو ۽ جينئس به دنگ رهجيو وڃي. هيءَ دنيا اهڙن عظيم فنڪارن جو قدر پنھنجي وقت تي نه ڪري سگهي آهي يا جنھن دؤر ۾ اهي عظيم فنڪار پيدا ٿين ٿا، اهو دؤر انھن عظيم فنڪارن جي سڃاڻپ نه ٿو ڪري سگهي يا انهن کي مناسب موٽ ڏئي نه سگهيو پر وقت، انهن جي فڪري ۽ عملي پورهئي کي، هر ايندڙ دؤر ۾نروار ۽ نمايان ڪري ٿو. شاهه لطيف سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪا پوک پوکي، اڄ انهيءَ پوک جو صلو، سنڌ جي شاعريءَ جي معراج ۾ صورت ۾ پسي سگهجي ٿو. سترهين صدي کان وٺي، لطيف، سنڌي شاعريءَ جي روشن تاري جيان چمڪندو رهي ٿو. انهيءَ روشن تاري جو ڪمال آهي ته اڄ سنڌ، شاعريءَ جي کيتر ۾ مالا مال آهي.

قبله سائين مخدوم جميل الزمان ”جميل“ - نظام الدين ڪاڪا

قبله سائين مخدوم جميل الزمان جميل
نظام الدين ڪاڪا (هالا)
قبله سائين مخدوم جميل الزمان “جميل” ۲۳ نومبر ۲۰۱۵ع تي درگاهه مخدوم سرور نوح جا سجاده نشينيءَ جي دستاربنديءَ کانپوءِ سروري جماعت جا روحاني پيشوا ٿيندا قبله سائين مخدوم امين فهيم جا وڏا صاحبزاده قبله سائين مخدوم جميل الزمان ۲۷ جولاءِ ۱۹۶۱ع تي هالا ۾ جنم ورتو. پاڻ شروعاتي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم هالا مان ورتي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي.

20 November, 2016

فقير غلام حيدر نظاماڻي - علي ڏنو جروار

فقير غلام حيدر نظاماڻي
لطيف جو پارکو ۽ راڳي
علي ڏنو جروار
جيئن ته لطيف سرڪار جي عرس جا ڏهاڙا آهن، تنهن ڪري خواهش آهي ته لطيف سائين جي پارکوئن ۽ شناسائن تي به لکجي ته وري انهن ماڳن مڪانن تي به لکجي جن جو لطيف سائين ذڪر ڪيو آهي يا وري انهن هنڌن، ماڳن ۽ جاين تي لکجي جن تي لطيف سائين پنهنجا قدم گهمايا آهن. مون کي پنهنجي زندگي ۾ جيڪي لطيف شناس شخصيتون مليون تن ۾ سائين حيدر علي لغاري، سيد اڪبر شاهه ميرپور بٺوري وارو، محمد حسين ڪاشف ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ٽنڊو الهيار جو ولهار پرڳڻو به هڪ اهڙو ماڳ آهي، جتي لطيف سائين ڪجهه ڏينهن ترسيو هو، ان بابت ڪجهه شعر به چيا اٿئين، ان تي به لکڻو آهي، پر هن مضمون ۾ آئون فقير غلام حيدر نظاماڻي جو ذڪر ڪندس، جنهن پنهنجي سڄي زندگي لطيف سرڪار جي درگاهه تي سندس راڳي واري ڊيوٽي سرانجام ڏيئي وقف ڪئي، ۽ ٻيو اِهو ته سندس ڳوٺ واري اوطاق تي 15 صفر واري رات يعني لطيف جي عرس واري ٻي رات سگهڙ ڪچهري منعقد ٿيندي آهي، جنهن کي 50 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ هر سال ان ۾ شرڪت ڪندڙن جي انگ ۾ اِضافو ٿي رهيو آهي، گڏوگڏ اُن ڪچهري ۾ ملڪ جون نامور شخصيتون پڻ شرڪت ڪري رهيون آهن. ۽ ٽيون تعارف فقير غلام حيدر جو اهو آهي ته هن فقير تاج محمد نظاماڻي جو سهڙيل يا ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس حياتي ۾ ڇپجي نه سگهيو، تنهن کانپوءِ ان جو رهيل ڪم سندن فرزندن علي ڏني فقير ۽ حاجن فقير نظاماڻي سرانجام ڏنو.

سبطِ حسن - سجاد ظهير

سبطِ حسن
پورهيتن جو عظيم ڏاهو
سجاد ظهير
پاڪستاني سماج ۾ روشن خيال فڪر جي آبياري ڪيتري ٿي سگهي، اهو سوال هڪ ڊگهي بحث تي ڇڏي سگهجي ٿو. پر هن سماج ۾ روشن خيال بڻائڻ لاءِ سائنسي نظرين خاص ڪري سائنسي سوشلزم جي لاءِ ويڙهه ڪندڙ اها روايت جنهن جي بنياد ۾ کوڙ سارا فرد اچن ٿا. تاريخ ۾ کوڙ سياسي ورڪر انهن جي خلاف لکندا رهن ٿا. جيترو انهن کان ٿي سگهي ٿو اوترو ئي انهي کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. تاريخ عمل جو تسلسل آهي پر علمي، فڪري نظرياتي سياست کان بغير تاريخ جو اهو عمل بي فيض ٿي وڃي ٿو. مارڪس کان ڪنهن پڇو ته تنهنجو هيءُ جدلي ماديت وارو نظريو مزدور جي ذهن تي عذاب نه هوندو؟ مارڪس وراڻيو ته جيڪڏهن پورهيت طبقي کي استحصالي نظام کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته پوءِ هن سماجي سائنس جي عذاب مان گذرڻو پوندو. پاڪستان ۾ جن ماڻهن نظرياتي سياست جو بنياد وڌو انهن مان سڀ کان اعليٰ ۽ علمي نانءُ سبط حسن جو آهي،  جنهن کي تاريخ جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ هڪ ڏوهه پڻ سمجهو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ هن وقت جيڪا نظرياتي سياست بچيل آهي انهيءَ جو باني سبط حسن آهي جنهن جي عملي خدمتن  کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. سبط حسن جنهن کي 2016ع ۾ سئو سال پورا ٿيا آهن، هن ئي سال سندس صدي پُڄاڻان تقريب وچ ايشيا سميت سموري دنيا ۾ ملهائي ويندي. اسان سبط حسن کي اهو مان نه ڏئي سگهيا آهيون. سبط حسن هاڻي انساني شعور جو هڪ تاريخي ۽ تعميري ڪردار بڻجي چڪو آهي.

ڊاڪٽر محمد حسن - مير محمد پيرزادو

ڊاڪٽر محمد حسن
کاهوڙي کرا...!
مير محمد پيرزادو
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج!
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. (شاهه)
ماڻهو ڀانت ڀانت جا آهن. انهن جا مزاج، ڪردار ۽ سڀاءُ الڳ الڳ آهن. توڙي جو ڪو اديب نه آهي پر احساس ۽ جذبي کان خالي نه آهي. پوءِ ان جو اظهار هر ڪنهن جو پنهنجو آهي.
تازو ڊاڪٽر محمد حسن جو ڪتاب سندس آتم ڪٿا ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جيڪو نظر مان گذريو، منهنجي ڄڻ گهر جون ڳالهيون ڪيل هيون. ان ۾ ڪم آندل ڪردارن کي آئون به ڊاڪٽر جيترو ئي ڄاڻان ٿو. توڙي جو ڊاڪٽر تمام گهڻو اختصار کان ڪم ورتو آهي پر پوءِ به ڪا ڪنڊ کانئس رهجي نه وئي آهي.