ڀڳت ڪنور رام
(بوند بره جي)
نذير سومرو
هن کي ته اها خبر
به ڪونه هئي ته ڪو هو هندو آهي. “ڪنور” نالو به هن جي والدين رکيو هو جنهن لاءِ به
کائنس ڪا صلاح ڪونه ورتي ويئي هئي. هو ته پوءِ “ڪنور” کي ڇڏي رڳو “ڀڳت” ٿي ويو ۽ بس.....
پوءِ سموري دنيا کيس “ڀڳت سائين” يا “ڀڳت صاحب” سڏيو. اڌ رات جي سانت ۾، چمڪندڙ ستارن
جي ميرڙي روشنيءَ هيٺان. هن جي “صاحبا آ آ آ آ” واري “هڪل” هر اک کي روئاري وجهندي
هئي. پوءِ اها اک، نرڙ تي محراب ٺهيل، ستن آسمانن کان مٿي، عرش ڪرسيءَ واري خدا جي
حضور ۾ هٿ ٻڌي بيٺل نمازيءَ جي هجي، يا تلڪ لڳائي، پنهنجي هٿ سان ٺاهيل ڀڳوان جي مورتيءَ
اڳيان هٿ ٻڌي بيٺل پوڄاريءَ جي هجي يا وري وڏن وارن واري، چيلهه ۾ ڪرپان ٻڌل سک جي
هجي. هو اک سان ٻڌل هو، هن جو ڪم اک واري جي مذهب سان ڪونه هو. هن کي خبر هئي ته
اک جا ڳوڙها مذهبي ناهن ٿيندا. ڳوڙها “اک مان ڳڙڻ” سکيا آهن نه ڪي فرقا ٺاهڻ. هو
هندو/سک/مسلم هجي ها ته سڪه رائج الوقت وانگر ڪجهه نه ڪجهه ڪري ها.
خبر ته ان ريل جي
انجڻ کي به ڪونه هئي ته هوءَ جنهن گاڏيءَ کي ڇڪي رهي آهي ان ۾ هڪ اهڙو انسان ويٺل
آهي جنهن ۾ سڀني جو ساهه آهي ۽ هن جي ساهه ۾ سڀ آهن. ڪائنات جي هر شيء سندس ساهه ۾
سمايل آهي. هن جو پيار زمين آسمان جي ماپن کان مٿي آهي.خبر ته ان رڪ نالي اسٽيشن
کي به ڪونه هئي ته رڪ مان ٺهيل هڪ گولي، هڪ ٺڪاءَ سان هن اسٽيشن جي اڱڻ کي اجاڙي
ڇڏيندي. بي خبر، ان سگنل واري ريل کي بيهاريو، ماڻهو لهڻ چڙهڻ جي تيارين ۾ هئا ته................(وسندڙ
شهر ويران ڪري) وانگر رڪ جي اسٽيشن کي هڪ گوليء جي اوچتي ٺڪاء حيران ڪري ويران ڪري ڇڏيو.
خبر ته ان گوليء کي
به ڪونه هئي ته هوءَ ڪنهن جي جسم ۾ گهڙي ان مان ست ڪڍي کيس “ڳائيندڙ” (خوشيون ورهائيندڙ)
مان “خاموش فريادي” (ڏکارو بڻائيندڙ) بڻائڻ لاء ٺهي آهي. ان هڪ گوليءَ کي ڪهڙي خبر
ته هوءَ هن کي ماري دنيا جي تمام پراڻي تهذيب کي ٻه اڌ ڪرڻ جو، حڪمرانن پاران رکيل بنياد مضبوط ڪري رهي آهي. ان جو فائر ٿيڻ
هڪ گهر ۾ “وري” وجهي پيار کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيندو.
اها خبر ته ان
ٽرائگر دٻائڻ واري کي به ڪونه هئي ته هو “اهڙي” انسان کي ڇو ماري رهيو آهي جيڪو
گودڙي پوش هوندي، دلين تي بادشاهي ڪري ڄاڻيندڙ آهي. ان مارڻ واري جي به دل ۾ ويٺل
هن مها پرش سان محبت هڪ لمحي لاء سوچيو هوندو ته هي جيڪو مان ڪري رهيو آهيان، اهو
غلط آهي. “اهڙا انسان ماريا ويا ته باقي ڇا بچندو” پر ان لمحي ان جي “مرشد” جي “ڀريل
ذهن” فائر جو حڪم ڏنو ۽ هڪ “محبت” زخم تي هٿ رکي، فائر ڪندڙ ڏانهن نهاري، کلي، ڪروڙن
کي روئاري ويئي.
ها! اها خبر صرف ان
کي هئي ته هو کيس ڇو ٿو مارڻ/مارائڻ چاهي. اهو جيڪو ڪائنات جي ٺهڻ کان وٺي انساني
ذهنن ۾ گند جو بارود ڀريندو رهيو آهي. اهو جيڪو ان سوچ جي سلسلي جي پيڙهي آهي ته
گلن کي ٽڙڻ نه ڏيو، سچ کي سرجڻ نه ڏيو، چڱايون دفن ڪندا رهو گل پٽي، پن پن ڪري
ڇڏيو. برائيءَ سان ياري رکو، انسان ماريو، زندگين کي زهر بڻايو ۽ موت کي عام ڪريو.
ها! ان کي خبر هئي ته هن جو “آقا” هن تي مهربان تڏهن ٿيندو جڏهن هو اهڙي “تعبيداري”
ڪندو.
پهرئين جنگ عظيم ۾
پراوا گهر اجاڙي، نوٽن سان گهر ڀريندڙن اهو فيصلو ڪيو هو ته هاڻي هڪ نيو ورلڊ آرڊر
آڻڻو آهي. وڊروولسن اهو چئي چڪو هو ته “هاڻي دنيا ۾ نوان ملڪ قوميت جي بنياد تي ٺهڻ
گهرجن”. پوء ان تي عمل وقت “دُڪي ڏيکاري” “يڪو” هنيو ويو. قوميتون وري مذهبن جي
بنياد تي طيء ڪيون ويون. يعني، مسلمان قوم، هندو قوم، يهودي قوم، سک قوم............کين
به خبر هئي ته مذهب ڪڏهن به ڪنهن کي قوم بڻائڻ وارو ڪم ڪرڻ کان قاصر هوندو آهي پر
ڄاڻي واڻي ڏاهي ارسطو جي مڃيل ٿيوريءَ کي جيئري دفن ڪيو ويو. پوري دنيا وانگر
برصغير کي سدا لاءِ جنگ جو ميدان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ هتي ٻه “سدا سهاڳڻا
دشمن” ويهاريا ويا. انهن جو ڪم هو/آهي پنهنجي قوم کي تباهه و برباد ڪري، بکون
ڪاٽرائي ملڪي ڪمائي هٿيارن تي خرچ ڪرڻ. جيڪو هنن تمام بهتر نموني سان ڪري “انعام”
حاصل ڪيا.
انهن جي “محنتن” جا
نتيجا قدم قدم تي نظر ايندڙ آهن جنهن جو آخري رزلٽ اهو آهي ته ڪو هڪ ڊپارٽمينٽ به
صحيح ناهي. چرس/نشو وڪڻڻ وارن وانگر سڀ کان پهريون انهن کي مفت ۾ هٿيار ڏنا ويا. “امداد
ڪنسورشيم” قائم ڪري نشي تي هيرايو ويو. ملڪ کي ملندڙ امدادن جو آخري نتيجو اهو آهي
ته اڄ تائين ديدون در ۾ آهن ته ڪٿان “ڪجهه” اچي. باقي قومي عزت هونئن به اچڻي وڃڻي
آهي. بلڪل ائين جيئن اڄ ڪلهه مرد مڇون وٽي هوٽل تي ويهي چانهه پيئن ٿا ۽ عورتون “عزت”
سان “خيرات” وٺن ٿيون. شهيدن جي پارٽيءَ جي ان عمل جو آخري رزلٽ اهو آهي جو هاڻي
هن “قوم” کي صرف اها خبر آهي ته هن دفعي خيرات ڪڏهن ۽ ڪيتري ايندي باقي ست خير.
اوطاقن تي، جتي
پيار محبت تي بحث ٿيندا هئا. مينهن، ڳئون، رڍ ٻڪريءَ جي نسلن تي ڳالهايو ويندو هو،
انهن جي کير مکڻ تي ڳالهايو ويندو هو. شادين جي ڪاڄن تي ڳالهايو ويندو هو، شاهه سچل
ساميءَ تي ڳالهايو ويندو هو.... اتي هاڻي اهو ٿو بحث هلي ته “تو ڪارڊ ڪيئن ٺهرايو”
“مان ڪيئن ٺهرايان” صبح جو سوير کان قافلا شروع ٿين ٿا جيڪي شهر ۾ قائم بئنڪن جي
در کلڻ کان اڳ لائين ۾ لڳن ٿا......... ڇا اهو ڪوڙ ٿو لڳي ته ڀڳت ڪنوررام جهڙن
ماڻهن ئي هن دنيا کي دوزخ بڻجڻ کان بچائڻ لاءِ ڍال جو ڪم ڏنو آهي. هنن کي ڏسندڙ
جيسين جيئرا هئا انهن ڪڏهن ڪونه سوچيو هو ته هو مذهبي جنوني ٿين، هو محبتي ئي
رهيا. اڄ اهي سڀ مري ويا تڏهن هي معاشرو نرڳ جو ڏيک ٿو ڏئي.
مون پاڻ ته ڀڳت سائين
کي ڪونه ڏٺو هو پر “مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي” مصداق پنهنجي پيءَ واتان
ڀڳت سائين جي بيشمار دفعا تعريف ٻڌي هئي. منهنجي پيءَ مون کي ٻڌايو هو ته ڀڳت
دوران سڀ هيٺ وڇايل تڏن تي ويهندا هئا پوء اهي غريب هجن يا ڪيترا ئي وڏا سيٺ هجن.
جيئن ته هن جو پيءُ (منهنجو ڏاڏو) استاد هو، (ان وقت استاد محنت جي ڪري پنهنجي عزت
ڪرائي ڄاڻندا هئا) ان ڪري ڀڳت واري پروگرام دوران ان کي کٽ تي ويهاريندا هئا. اسان
به سندس طفيل کٽ تي ويهي ڀڳت ٻڌندا هئاسين. منهنجي پيءَ ٻڌايو هو ته هن ٻه يا ٽي دفعا
ڪنور سائين کي ڏٺو هو. پاڻ ڀڳت دوران مليل سمورا پيسا اتي ويٺل سائلن ۾ ورهائي
ڇڏيندو هئو. ڪيترا ئي ماڻهو جيڪي ڪنهن سيٺ جا قرضي ٿي ويندا هئا اهي اتي پهچي کيس
وينتي ڪندا هئا “فلاڻي سيٺ جو مون ڏانهن هيترو قرض آهي، مان اهو ادا ڪري ڪونه ٿو
سگهان. گهر ۾ آڻين ۽ چاڙهين واري حالت آهي، مهرباني ڪري اوهان هن سيٺ کي چئو ته
منهنجو اهو قرض معاف ڪري ڇڏي” پوءِ ڀڳت سائين جيستائين ان سيٺ جو نالو کڻي اهو پاڻ
اڳ ۾ ئي اٿي بيهي معاف ڪري ڇڏيندو ڇوته ان کي پڪ هوندي هئي ته “ڀڳت سائين” جي سوال
ڀرين نظرن جو جواب “نه” ناهي هوندو. پر جيڪڏهن ڪو “پڪو” سيٺ هوندو ۽ انڪار ڪندو يا
لنوائيندو ته ڀڳت سائين چوندو “اچو ته جهولي جهليون” پوءِ ڪنهنجي مجال جو جهولي ۾
گهڻو ڪجهه نه وجهي ۽ جهوليءَ کي ٽمٽار نه ڪري ڇڏي. زمين آسمان کان وڏي ڳالهه اها
ته ان سموري سين ۾ هندو مسلم تضاد ڪٿي ڪونه نظربو هو. منهنجو پيءَ اهڙيون ڳالهيون
ڪندي هميشه اشڪ بار ٿي ويندو هو جن کي سوچي هاڻي منهنجي ساڳئي ڪيفيت ٿيندي آهي.
ڪرامتن تي يقين نه به
رکان ته به مان پڪ سان چئي سگهان ٿو، ته هن مئل ٻار جيئاريو هو يا نه پر هن “مئل
من” ضرور جياريا هئا. هن مايوس ماڻهو ضرور اتساهيا هئا. هن پيار جي گوري کارائي
ڪيترا ئي مريض ضرور ٺيڪ ڪيا هئا. نبض ڏسي دل جون دڙڪنو ڳڻي ان مطابق پيار جا نسخا
ضرور لکيا هئا. هن بغير آپريشن/چيرڦاڙ جي ڪيتريون ئي نفرتن جون پٿريون پتي مان ڪڍيون
هيون. اڄ به سندس ڪلام ٻڌي من مچلي پوي ٿو، “لولي ٻال ڪون ڏيوان” لڳي ٿو ته هو مون
کي لولي ڏيئي ننڊ ڪرائي ٿو. “ڪيئن ريجهايان توکي” ٻڌائي مونکي سمجهائي رهيو آهي ته
ان جو مطلب لطيف سائين جي ان بيت مان کنيل آهي “روزو نماز اي پڻ......” تون ان علم
جو حصو هرگز هرگز نه ٿجانءِ جنهن علم انسانيت کي تقسيم ڪيو آهي ۽ وري جڏهن “بوند
بره جي بهار لڳي.......” ڳائي ٿو، پوءِ ته هن “درد ونديء جو ديس وسي ٿو پوي” اندر
۾ وڍ پون ٿا، تن تڙپي پوي ٿو..... اکيون به گهڻو ڪجهه ڳاڙي وجهن ٿيون. هن جي ساز
جي هڪ هڪ تند سرير کي تڙپائي ٿي وجهي، سواليه نظرن سان ڏسي ٿي، پڇي ٿي ته تون ان
وقت ڇو ڪونه پيدا ٿئين جڏهن هو سامهون/لائيو اهو ڪجهه ڳائي رڳون رباب ڪري ڇڏيندو
هو.
ڀڳت ڪنور رام
امر شھيد کي ڀيٽا
سردار رام سنگ
ڀڳت ڪنور رام ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع ۾ ھاڻوڪي گھوٽڪي جي ضلعي ھيڊڪواٽر ميرپورماٿيلو
جي ننڍي ڳوٺ جروار ۾ ڀائي تاراچند ۽ ماتا شريمتي تيرٿ ٻائي جي گهر سنت بابا کوتا
رام صاحب جن جي آسيس سان پيدا ٿيو. سنت ماتا تيرٿي ٻائي کي وچن ڏنو ته اوھان جي
گھر اھڙو لاکڻو لال پيدا ٿيندو جنھن جو نالو سدا امر ۽ ھنڌ سنڌ ۾ مشھور ٿيندو.
سندس جو نالو سنت بابا
کوتا رام صاحب رکيو جيڪي سنت سترام داس جن جا پتا صاحب پڻ ھئا.
ڀڳت ڪنور رام صاحب شروعاتي
تعليم جروار مان ورتي ۽ پوءِ پوج شداڻي درٻار حيات پتافي مان گائن وديا گرمکي ۽ ڀگتي
ڪيرتن جو گيان پراپت ڪيو.
ڀڳت ڪنور رام ننڍپڻ
۾ ئي ڪرت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ سندن ماتا ڪوھر ڪارا چڻا پڪوڙا پچائي وڪڻڻ لاءِ ڏيندي ھئي.
ننڍو ٻالڪ ڪنور اھو ٿالهه کڻي سنت سترام داس وٽ اچي اڳيان رکي آسيس وٺھندو ھو ۽
پوءِ جروار جي گھٽين ۾ ھوڪا ڏيندو ھو ۽ راڳ جي ڏات ھجڻ ڪري صوفي ڪلام به ڳائيندو ھو.
سندس آواز نماڻو ۽ دل کي ڇھڻ وارو ھو. سندس ڪوھر ٻار ۽ وڏا عورتون ۽ مرد وٺندا ھيا
۽ انھن کي ڪنور جو انتظار ھوندو ھو ته ڪنور اچي ته ڪو ڀڄن ٻڌائي ته من کي شانتي اچي. ڀڳت ڪنور رام
پنھنجي زندگي، رهڙڪي صاحب جي سنت سترام داس جن جي شيوا ۾ گزاري.
ڀڳت ڪنور رام صوفي
راڳ ۽ پنھنجي آواز جي ذريعي مالڪ جي پراٿنا ڪئي ھن غريب ۽ بي سھارا ماڻھن جي مالي
مدد ۽ سھائتا ڪئي.
هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪ
جيترو مشھور هو ۽ سڀ گڏجي ڪچھري ۽ ڀگتي راڳ ۾ شريڪ ٿيندا ھيا. ڀڳت صاحب گرن جي ٻاڻي
صوفين جي ڪلامن ۽ سنتن جا سلوڪن زريعي اپديش ڪندو ھو
هن صوفي شاعرن شاھ
عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي، ۽ ڪبير جا سلوڪ ۽ ڪيترائي گيت ۽ ڀڄن پڻ ڳايا.
هو شاھ عبداللطيف ڀٽائي
سچل سرمست سامي ۽ ڪبير سميت ڪيترن ئي معروف صوفي شاعرن جي شاعري سان پيار ڪندو هو ۽
ڳائيندو هو. هن جي شاعريءَ ۽ ڳائڻ جو بنيادي موضوع خالق جي ساراھ هئي ۽ صوفي راڳ ڳائيندي هن انسانيت محبت امن ۽ ڀائيچاري کي اڳتي وڌايو.
ايشور ڀڳت صاحب کي هڪ
مٺي ۽ مڌر آواز سان نوازيو هو. جڏهن هو ڳائڻ ۽ پرماتما جي ڀڳتي ڪرڻ شروع ڪندو ھو ته
ماڻهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندا ھئا ۽ سندس ڀڳتي ست سنگ ٻڌي نھال ٿيندا ھيا.
ڀڳت ڪنور رام سنڌ
جي مختلف شھرن جي ڌرمشالا ۽ درٻارن ۾ ڀڳتي ست سنگ ڪندو ھو کيس جيڪي روڪ پئسا يا ڪوئي
سامان ملندو ھو اھو سڀ ڪجهھ غريبن ۽ ضرورت مندن ۾ بنا ڪنھن ذات پات مذهبي فرق کان
سواءِ سڀني مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو.
پهرين نومبر ۱۹۳۹ع تي دادو جي علائقي مانجھند مان واپسي سکر
وڃڻ لا۽ ريل ۾ سوار ٿيو سندس شڪارپور ضعلي جي رڪ ريلوي اسٽيشن تي اڳواٽ ئي ٻه ماڻھون
ڀڳت صاحب کي قتل ڪرڻ لاءِ ترسيل ھئا ۽ ڀڳت صاحب رڪ اسٽيشن تي پليٽ فارم تي ھيٽ لٿو
۽ اھي ٻئي ماڻھون ساڻس ڳالھائڻ لڳا ۽ پڇائونس ته سائين اسان کي دعا ڪيو ته اسان جو
ڪم پورو ٿئي. ڀڳت ڪنور رام انھن کي پرساڌ به ڏنو ۽ چوڻ لڳو ته اڄ اوھان جو ڪم ضرور
ٿيندو ۽ ائين چئي ڀڳت ڪنور رام ريل ۾ دري واري پاسي ڏانھن وڃي ويٺا ۽ ريل ھلڻ وقت
گولي جو آواز آيو جيڪا ڀڳت ڪنور رام صاحب جن کي لڳي سندس زور سان رت وھڻ لڳي ۽ ريل
گاڏي به بيھاري وئي ۽ ريلوي اسٽيشن تي وڌيڪ سھولت نه ھجڻ ڪري سندس سکر اسپتال وڃڻ جو
چيو ۽ ڀڳت ڪنور رام صاحب آرائين روڊ ريلوي اسٽيشن ويجھو آخري ساھ مالڪ ايشور حوالي
ڪيو.
سندس ڀڳت صاحب کي ڀيٽا
پيش ڪرڻ لاءِ اڄ به ھزارين ماڻھون کيس خاص خراج عقيدت پيش ڪن ٿا ۽ اڄ به پھرين نومبر تي رڪ ريلوي اسٽيشن تي مقامي ماڻھون صوفي
راڳ ڳائي ۽ سوين ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪن ٿا.
اھڙو ڪردار اسان جي
دلين ۾ امر ۽ زنده رھندو.
(ڏيھاڙي
عوامي آواز، ۱نومبر ۲۰۲۰ع)
ڀڳت ڪنور رام
روادار سنڌ ۾ رڪ اسٽيشن تي
وهيل رت
زين دائودپوٽو
سنڌ جيڪا هميشه
مذهبي رواداري جي حوالي سان جڳ مشهور رهي آهي ۽ سڀني بزرگن ۽ صوفين جي عقيدي ۽
مذهب کان مٿانهون هئڻ جو اظهار ڪيو آهي. جنهن جا مظهر، شاهه، سچل، سامي ۽ ٻيا ڪردار
آهن جيڪي پنهنجي فڪر ۽ فعل ۾ اها رواداري اظهاري چڪا آهن، سنڌ جنهن عربن جي ڪاهه
کان اڳ مسلمان سيدن کي نه رڳو قبول ڪيو پر انهن سان عقيدت جو اظهار ڪري پنهنجي
مذهبي رواداري جو ثبوت ڏنو.
سنڌ عام مذهبي رواداري
کان گهڻو اڳتي وڌي هڪ ٻئي جي مذهب جون ڪيتريون ئي مذهبي رسمون نه رڳو اختيار ڪيون
پر انهن کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائي ڇڏيو. سنڌ تصوف جيڪو ايران ۽ ترڪي جي تصوف
کان گهڻو وڏي دل رکندڙ تصوف آهي ان جو ثبوت آهي، سنڌ جو صوفي جڏهن گيڙو ڪپڙو پائي ٿو
۽ وري جڏهن سنڌ جو ڪلياڻ آڏواڻي لطيف جي رسالي ۾ ڪتب آندل قرآني آيتن جي تشريح ڪري
ٿو ۽ ورهاڱي کان اڳ جڏهن سنڌ جو هندو محرم ۾ نياز ڪري ٿو ۽ ڪيترين جاين تي عزاداري
ڪري ٿو، پڙ ڪڍي ٿو ۽ وري جڏهن سنڌ جو مسلمان ڏهرڪي، رهڙڪي جو مريد ٿئي ٿو ۽ وري ٽنڊوالهيار
۾ راما پير ۽ هنگلاج جي ميلي ۾ هندن سان گڏجي ساڳئي احترام سان ميلو ملهائي ٿو،
وري قلندر، ڀٽائي،
سچل، نوراني، مصري شاهه جي ميلن ۾ ان حساب سان شرڪت ڪري ٿو ته هو رڳو انسان آهي،
پر انهن سڀني احترامن ۽ روادارين کي ميڙي سيڙي جڏهن جهوڪ ۾ شاهه عنايت جي درگاهه
تي آڻي ٿو ۽ اتي لڳل ٻارين ۾ ان جو اظهار اٻڙڪا ڏئي ٻاهر آڻي ٿو ته ڪير چوندو ته
سنڌ ۽ ان جا ماڻهو پنهنجي اندر ۾ ڪا مذهبي نفرت رکندڙ آهن. سنڌ جي صوفي فقيرن
ايران ۽ ترڪي جي تصوف کان هٽي ڪري پنهنجو Mono Sufism پيدا ڪيو، جيڪو صدين کان پوري دنيا مان لڏي
ايندڙ مختلف دورن ۾ مختلف قومن جي ماڻهن جي عقيدن ۽ ريتن جي سنڌ جي رواداري ۾ ڌوپي
اچڻ کان پوءِ جڙندو رهيو آهي ان ڪري ئي سنڌ جي تصوف ۾ ڪنهن هڪ مذهب جي هڪ هٽي ناهي
۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته سنڌ جي صوفي فقيرن جو ناچ رومي جي رقص جو نقل نه آهي.
پر الاجي ڇو ايڏي وڏي
دل واري سنڌ جنهن ۾ رهندڙ ٻن وڏن مذهبن جا ماڻهو جيڪي هڪ ٻئي جا ڏڻ گڏجي ملهائيندا
هئا ۽ وڏڙن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي هندو نماز پڙهندا هئا ۽ روزا رکندا هئا، ان سنڌ
کي ٻن وڏن واقعن جن ۾ هڪ سکر ۾ سنڌو درياءَ جي بندروال لڳ مسجد منزل گاهه ۽ رڪ اسٽيشن
تي وهيل معصوم ڀڳت ڪنور رام جي رت جي ڪري شرم اچي ٿو ۽ رواداري جي لاءِ جڳ مشهور ڌرتي
جي روادار هجڻ جون سموريون هامون ڪوڙيون ٿي وڃن ٿيون.
ڀڳت ڪنور رام رڳو
صوفي نه هئو پر جهڙي طرح جهوڪ جو صوفي استحصال ڪندڙ قوتن خلاف تصوف جي نالي ۾ تحريڪ
هلائي ويو، تهڙي طرح هي ڀڳت ڪنور رام به اهڙو تصوف کڻي آيو جنهن ۾ هو پنهنجي اندر
جي سچاين سان سرجيل لفظن کي شاعري ڏئي پنهنجي مخصوص آلاپ جي ذريعي جڏهن اظهاريندو هو
ته ان وقت مايوس ماڻهن ۽ ڏتڙيل طبقن کي رڳو اتساهه ڪونه ملندو هو پر انهن کي Sensitize ڪري عملي طور تي Mobilize ڪندو هو. جنهن کان پوءِ هو جڏهن هڪ سماج سڌارڪ
جي روپ ۾ ماڻهن جي هڙان وڙان ڏئي خدمت ڪندو هو ته ان وقت هن جو ڪردار تاريخ جي ڪنهن
وڏي ماڻهو کان گهٽ نه هو.
هي اهو فقير ماڻهو
هو جنهن جو ماڻهن کي موبلائيز ڪرڻ کان وٺي ماڻهن کي ميڙي آرگنائيز ڪرڻ تائين
پنهنجو ڪو به مفاد نه هو. اها ئي حقيقت هئي جيڪا دنيا کي ظاهري طور ڏسندڙ ماڻهن کي
سمجهه ۾ نه آئي ۽ پنهنجي مفادي سوچن ۾ ڦاٿل ماڻهن ان کي چئلينج سمجهي رڪ اسٽيشن تي
“ صدقي سائينءَ جي ٻيڙو تار منهنجو” واري
آلاپ کي هميشه لاءِ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر وقت انهيءَ ڪڌي ڪم کي هميشه غليظ حرڪت ڪوٺيو
آهي. رڪ اسٽيشن تي وهيل رت کي شهيد جو رت ڪوٺيو آهي، ها البت اهو سوال ضرور هر دور
۾ پيڇو ڪندو رهندو ته رواداري جي هام هڻندڙ سنڌ
اهڙي وڏي سانحي کي ڪيئن جنم ڏنو ۽ ان جا محرڪ ڪهڙا هئا ۽ انهن کي ڪهڙي سزا
ملڻ گهرجي؟
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
امر شھيد ڪنور ڀڳت
گل ڇنو گرنار جو پٽڻ ٿيون
پٽين
سرور سيف
اوڻويھين صدي علم وادب، سر۽
سنگيت جي حوالي سان ننڍي کنڊ لاء عام ۽ سنڌ لاء خاص طور سڀاويڪ ھئي جو ھن صدي ۾ ڪافي
عالم اديب، شاعر موسيقار راڳي سنت ڀڳت پيدا ٿيا جن پنھنجي سڀاء سوچ فن فڪر سان سنڌ
۾ امن ڀائيچاري رواداري ۽ روشن خيالي لاء پنھنجي پوري حياتي وقف ڪئي انھي صدي ۾ سنڌ
۾ بيدل بيڪس دريا خان غمدل سامي آسو دلپت ۽ ڪنور ڀڳت جھڙا صوفي سنت شاعر ۽ موسيقار
پيدا ٿيا جن اڳتي ھلي پنھنجي ڪلام ۽ آلاپ سان سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر محبت جا واھڙ
وھايا تعصب ۽ دوئي کي دور ڪرڻ جا ھوڪا ڏنا ڀائيچاري جو درس ڏنو، روشن خيالي لاء اھڙي
تحريڪ پيدا ڪئي جو ھو ڪشش جا مرڪز بڻجي پيا، عام و خاص ھندو خواھ مسلمانن جي اکين
جا تارا بڻجي پيا ھو نہ صرف اھڙا وھائو تارا بڻيا جن ڀٽڪيلن کي رستو ڏيکاريو، گمراھن
کي راھ ڏيکاري، واھرو ۽ رھنما بڻيا. اھڙن رھبرن مان ھڪ ڀڳت ڪنور آھي جيڪو ڪنول گل
جيان ھميشہ اڇو اجرو رھيو ۽ جڳ کي اڇو اجرو بڻائڻ لاء گيت ۽ سنگيت جو جھرڻو بڻيو. ڀڳت
ڪنور ڀڳت ڪبير جو تسلسل ھو جيئن ڀڳت ڪبير جي ڪلام ۾ انسان دوستي جي پچار آھي ۽
ھران عمل جي سوچ جي مخالفت آھي جنھن ۾ ڪٽر پڻو تعصب ۽ انسان دشمني آھي يا طلب
تانگھ دنيوي لالچ آھي ڀڳت ڪبير چئي ٿو تہ « تون خدا سان ڀلي محبت نہ ڪر پر خلق خدا
سان ضرور محبت رکب، خدا توکي مال ملڪيت ڏيندو ۽ خلق توکي خدا سان ملائيندي »
ھري سي تو جن ھيت ڪر، ھري جن ھر
ھي ديت
مال ملڪ ھري ديت ھين، ھري جن ھر
ھي ديت
ڪبير چئي ٿو جتي پيارآھي اتي سڀ
ڪجھ ھوندو آھي جتي پيار ناھي اتي سڀ ڪجھ ھوندي ڪجھ بہ نہ آھي
جو گھٽ پريم نہ سنجري، سو گھٽ
جان مساڻ
جيسي کال لوھار ڪي، سانس ليت بن
پراڻ
ڪنور ڀڳت بہ ان راھ تي ھليو ۽
انھيء راھ تي شھادت ماڻي امرتا حاصل ڪئي ۽ ننڍي کنڊ جي تاريخ جو امر ورق بڻجي ويو
ڪنور ڀڳت سنڌ جي سنگيت جو اھو
آبشار ھو جنھن جي سرن جي ڇھاء سان ميرا من بہ ڌوپجي اڇا ٿي پوندا ھئا. ان چوڻ ۾ ڪوبہ
وڌاء ناھي تہ ڪنور ڀڳت عبادت سخاوت محبت ۽ سنگيت جو مجسمو ھو جنھن پنھنجي آواز ۽ ڇير
سان نہ صرف دلين ۾ درد پيدا ڪيو پر غريبن جا وساڻل چلھا ٻاريا ۽ مايوس چھرن تي مرڪون
آنديون؛، ”نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو!“ جھڙا آلاپ آلاپي اندر مان سيسراٽيون ڪڍائڻ
وارو جڏھن
”اچ تہ پيارل ڪيون پرچاء،
ساڻ سليمان جي ڪيون سرچاء،
لائق ناھيان پر تنھنجڙي آھيان. “
چوندو ھو تہ باقي ڪھڙا وڃي
رساما رھندا ھئا. ”آء ڪانگا ڪر ڳالھ“ ھجي يا ”لولي
لال ڪون ڏيوان، نڪي جيھي ٻال ڪون ڏيوان“ جھڙا ڪلام اڄ بہ سنڌ جي فضا ۾ ٻرن ٿا
ڪنور ڀڳت نہ صرف امن، محبت ڀائيچاري
۽ روشن خيالي جو درس ڏنو پر ان تي عمل بہ ڪيو. ھو آدرشي انسان ھو. سادي زندگي جو
عظيم مثال ھو مسڪين ۽ مظلوم ماڻھن سان گوڏو گوڏي ۾ گڏي ويھي انھن سان رشتو ڳنڍڻ
سندس ئي وڙ ھو ھن انساني قدرن کي اجاگر ڪيو لاچار ۽ مسڪين ماڻھن جي بنا ڪنھن
امتياز جي مالي سھائتا ڪئي، ھو خاموش انقلاب جو امين ھو، دلين جو فاتح ھو، ھن ڳايو
ڏکايلن لاء گھايل دلين لاء بي سھارا ماڻھن لاء ڀڳت ڪنور دولت گڏ ڪرڻ جي خلاف ھو ونڊ
کاء ايمان پاء جي علامت ھو ، ڀڳت ڪنور نہ صرف سنڌ پر ننڍي کنڊ جو عظيم راڳي ھو
جنھن کي راڳداري جي مڪمل ڄاڻ ھئي ڀٽائي جيان سرن جو اڀياس ھيس، ڀڳت ڪنور رام چندن
گرو ھو جنھن پنھنجي مرشد ست گرو سترامداس کان روحاني فيض حاصل ڪيو ۽ پوء اھو فيض
پيشوازي پائي ڇيريون ٻڌي سڄي لوڪ کي تہ آڇيو پر پني عاقل جي آسودارام کي بہ پارس
گرو بڻائي ڇڏيو.
سنت ڪنور رام وٽ ڪوبہ ڏيکاء ڪونہ
ھو، زعفراني پڳڙي ڪنن ۾ڪنڍل ڪڙتي ۽ ڌوتي سان نماڻائي جي صورت بڻجي جڏھن ٻانھون ٻڌي
پرنام ڪري پنھنجي گلي مان ميٺاڄ ڀري الو ميان ڪندو ھو تہ سڄي دنيا تي سانت جي عجيب
ڪيفيت طاري ٿي ويندي ھئي ۽ سندس لئي جي لئي سان ساري ڪائنات لين ٿي ويندي ھئي ۽ ھرڪو
قلبي سڪون حاصل ڪندو ھو. نياز ۽ نئڙت جي ھي مورت اڄ بہ قلبي قرار جو نالو آھي ، ۱۹۳۹ع جي پھرين نومبر تي ڪنور اسان کان جدا ضرور ڪيو ويو پر ھي امر گائڪ سنت ڀڳت
پنھنجي امر آواز سان اسان سڀني جي دلين ۾ زندہ آ زندھ رھندو.
(ڏھاڙي سنڌ حيدرآباد ۾ ۱ نومبر
۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڀڳت ڪنور رام
نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو
استاد لغاري
اڄ کان ٺيڪ ۸۴ سال اڳ، پهرين نومبر ۱۹۳۹ع ڌاري، رُڪ ريلوي اسٽيشن تي، هڪ سچي صوفي منش ماڻهوءَ کي شهيد ڪيو ويو هو. ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان مشهور، هن محبتي ماڻهوءَ جي مُک تي، هي مٺڙا ٻول هميشه ٻُرندا رهندا هئا، ته “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو.” الک لفظ جي لغوي معنيٰ آهي، اُهو ڌڻِي، جنهن جي لکا نه پوي، غير محسوس، اڻ ڏٺو، اڻ لکو، مخفي، غائب، بي نشان يا اُها هستي جيڪا ڏسڻ پسڻ کان پاڪ هجي.
آئون ۽ منهنجو لائق فرزند اياز علي لغاري، هڪ ڀيري موهن جو دڙو کان ٿيندا، ڏوڪري، آريجا، باقراڻي، لاڙڪاڻو، ماهوٽا، نئون ديرو، ڳڙهي خدا بخش ۽ لکي غلام شاھ کان ڦيرو ڪندا، رُڪ ريلوي اسٽيشن تي اچي بيٺاسين. منهنجي تصور ۾ اچانڪ هڪ گمنام گولي آئي، جيڪا ڪنن جي پاپڙين وٽان زُوزٽ ڪندي، گُسِي گذري ويئي. مون منهنجي فرزند اياز عليءَ کان رڙ ڪندي پڇيو: “بابا! اڃان جانو جلباڻي جئرو آهي ڇا؟” اياز علي وراڻيو: “بابا سائين! هن جُوٺي جڳ ۾، اڃان الاءِ ڪيترا جانو جلباڻي جئرا آهن. اڳي فقط هڪڙو جانو جئرو هيو، جنهن جي گولي ڀڳت ڪنور رام جن جي ڇاتي ڇلني ڪري، آرپار هلي وئي هئي. هاڻي ته هر هنڌ جانو جهڙن جا جٿا، جڳ جهانَ کي جهنم بنائڻ جي جُستجُو ۾ جُنبي ويا آهن.” آئون اياز عليءَ جو اهڙو انوکو ۽ عجيب جواب ٻُڌي، لاجواب ٿي ويو هوس. هاڻي منهنجي ذهن تي ڀڳت ڪنور رام جن جي مٺڙي آواز ۾ ڳايل ڪلام “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” گُونجڻ لڳو. “الک” هڪ اهڙو لفظ آهي، جنهن کي دنيا جي ڪنهن به مسلڪ وارو ماڻهو اُچاري سگھي ٿو. صرف ڪنهن مخصوص مسلڪ وارو ماڻهو ڇو؟ اهڙو ئي هڪ اجايو اعتراض ۽ عجيب قسم جو سوال، جانو جلباڻيءَ جي دل ۾ پيدا ٿيو، ته اُن امن، پيار، مُحبت، مُروت، اُخوت، اخلاق، مذهبي رواداري ۽ دين جو دڳ ڇڏي، دهشت گرديءَ جو دڳ اپنايو هو. دنيا جي ڪنهن به مذهب توڙي مسلڪ ۾ دهشتگردي جائز ڪونهي. اها الڳ ڳالھ آهي، جو هر هڪ دهشتگرد، پنهنجي مذموم عزائم ۽ سفاڪيت کي لڪائڻ لاءِ، ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي مذهب ۽ مسلڪ جي آڙ وٺندو رهيو آهي. وري عجيب منطق اها آهي، جو اسان جي معاشري جي، اهڙي قاتل کي به ماڻهن ڪُلهن تي کنيو هوندو. ڪُڏيا، نچيا ۽ ٽِپيا هوندا.
رُڪ ريلوي اسٽيشن تي، ڀڳت ڪنور رام جن جي هاريل رت جِي لڪير کي، مون فقير ڳولڻ جِي تدبير ڪئي. ليڪن سج جھڻي پڻي ٿي رهيو هو. انگريزن جي جوڙايل سفيد رنگ واري بلڊنگ جي چَوڌاري، ابابيل پنهنجا پُسيل پَوِيتر پرڙا ڦڙڪائي رهيا هئا. مڇرن جي ڳولا ۾، ڀِن ڀِن ڀُورڙيون ڀنڀوريون ڀُون ڀُون ڪري ڀنڀولجي رهيون هيون. مون اياز عليءَ کي چيو: “هاڻي هتان هڪدم هلڻ گھرجي، ڇو جو اڃان تائين ڪيتريون ئي بي نام، بدنام ۽ گُمنام گوليون، عظيم انسانن کي ڳوٺ ڳوٺ ۽ ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳولي رهيون آهن.” پهرين نومبر ۱۹۳۹ع ۾، هتي ڀڳت ڪنور رام جن جي مٺڙي آواز کي، ڪارتوس سان خاموش ڪيو ويو هو. جنهن جي رت جي سِير جِي لڪير، تاريخ جي اتهاس ۾ اڃان تائين سُڪي ناهي.
منهنجو نانا حاجي خاوند بخش لغاري مرحوم چوندو هيو، ته “اسان جيوڻِي ٻائي ۽ ڀڳت ڪنور رام کي ڏٺو ۽ انهن کي روبرو ڳائيندي ٻُڌو. جيوڻِي ٻائي ڪن تي هٿ ڏيئي جڏهن چوندي هئي: “سانگ کان ڪئي سانگين پرديس ڏي تياري.” ته ماڻهن تي سحر طاري ٿي ويندو هو. ڀڳت ڪنور رام ڪنهن امير ماڻهو (جنهن جو نالو مون کان وسري ويو آهي) جي اوطاق تي آيو هو، ته هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا هئا. تِر ڇٽڻ جي جاءِ به نه هئي. ڀڳت ڪنور رام ڇيريون ٻَڌي ڪلام ڳايو هو: “آءُ ڪانگا! ڪر ڳالھ، ما کي تن ماروئڙن جي”، ته ماڻهو پنڊ پهڻ ٿي ويا هئا.” ڀڳت صاحب لاءِ هي ڳالھ مشهور هوندي هئي، ته “پاڻ سُر آسا ۾ تمام ڀلو ڳائيندو هو، ته ٻُڌندڙ هوش وڃائي ويهندا هئا.” هڪ ڀيري ڀڳت صاحب ڪلام ڳائي بس ڪئي، ته هڪ محبتي ماڻهو محفل کي چيريندو ڀڳت صاحب وٽ اچي پهتو. ڀڳت صاحب کي عرض ڪيائين، ته “سائين! آسا سُر سُڻاءِ.” ڀڳت فرمايو “اي جِڪو ڳاوان پَڙيو، اِيو آسا سُر اهي.” ان تي انهي عقيدت مند چيو “تو ڀلو.. تو ڀلو..” چون ٿا ته ڀڳت صاحب کي جيڪا به گھور يا نذرانو وغيره ملندو هيو، ته اهو اُتي جو اُتي، ضرورت مندن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. ڀڳت صاحب جي اچڻ جو ٻُڌي، ڪيترائي اڙيال، غريب، مسڪين، مجبور، معذور، قرضي، نياڻين جي لاءِ ڏاج جا سُوالي ۽ انڌا منڊا اچي گڏ ٿيندا هئا. اهڙن مسڪين ماڻهن جي قطار، محفل کان ٻاهران لڳائي ويندي هئي. ڀڳت صاحب راڳ ويراڳ کان واندو ٿي، سموري مايا ملڪيت انهن ۾ ورهائي، پاڻ هٿين خالي هليو ويندو هو.
شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “پتڻ ٿو پُور ڪري” ۾، هڪ خوبصورت نثري نظم لکي ٿو. اهو نثري نظم هن کان اڳ ۾ به، مان ڪنهن ٻئي مضمون ۾ رقم ڪري آيو آهيان. البت موقعي جي مناسبت سان، هتي هڪ دفعو ٻيهر پيش ڪري، ڀڳت ڪنور رام جن ڏانهن منسوب ڪريان ٿو:
“اڄ تنهنجي ڪُڙتي ۾،
ڪيئي ڪَتيون جَڙيل آهن،
۽ تنهنجي ڪُلھي تي
هِي ڪِينرو
چنڊ جئن چمڪي رهيو آهي،
ڪٿي ڌوئي آئين ڌرتيءَ جِي ڌُوڙ او چارڻ!
هو ماڻهوءَ ماڻهوءَ جو ميرو مَنُ!
هو ديس ديس جِي نِيتِيءَ جو ڪارو ڄارو،
جنهن ۾ ڪُوڙ جا ڪوريئڙا، پنهنجو ڄارُ ڦهلائي ويٺا آهن.
ڪيترو نه پري آهي انهن کان تنهنجو پاند!
ڪنهن ڄاتو آهي
سماج جي ڪِنِي ڪَسِيءَ کان دور
سنگيت، کيرڌارا ۾ وِهجندي آهي.”
شيخ اياز اڃان اڳتي هلي، پنهنجي ڪتاب “چنڊ چنبيليءَ ول” ۾ لکي ٿو:
“دنيا ڪيڏي ننڍڙي آهي،
ڄڻ ڪا وِھُ جي ڳنڍڙي آهي.
ڪن کي رنگ ورهايو آهي،
ڪن کي نسل ڀري نفرت سان،
آپس ۾ اٽڪايو آهي.
قومن جا قومن جي اندر،
وحشِي ڏند کُتا آهن،
مذهب، قوم پرستي، ٻولِي،
ماڻهن لئي گُتا آهن.”
۽ “اياز” ايئن به چَوندو ويو آهي، ته “مان روزانو نوان پيرا کڻي رهيو آهيان، جي سمونڊر ڏانهن وڃن ٿا ۽ موٽن نٿا. صدين کان اهي پيرا سمونڊر ڏانهن وڃي رهيا آهن. سمونڊر جو اٿاھ آهي، اَگھور آهي، اَننت آهي. ڪي پيرا واريءَ تان ويا آهن، ته ڪي پهاڙين تان پهتا آهن. ڪن جا رڳو پٻ ڏسي، ايئن محسوس ٿيو آهي، ته اُهي تيزيءَ سان ڀڄندا ويا آهن. ڪائي اَجھل ڇڪ انهن کي واريءَ تان وِير ڏانهن ڇڪي وئي آهي.” اڄ آئون به هتي، هن رُڪ اسٽيشن تي، ڀڳت ڪنور رام جن جا پيرا پسڻ آيو آهيان. جي هتان کان تمام تيزيءَ سان روانا ٿي ويا آهن، ته وري واپس نه وريا آهن.
ان کان اڳ جو اسان کي، رُڪ ريلوي اسٽيشن تي سج لهي وڃي، اسان ان کي الوداع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دُور دُور تائين ڀڳت ڪنور رام جن جو ڳايل ڪلام، منهنجي من تي گُونجندو رهيو، ته “دنيا سڀ درياھ، ڪو ڪو تارُو تنهن ۾، هِڪڙِي لهر لوڀَ جِي، ٻئو آتشِي اوڙاھ، طالبن توڙاھُ، موڙي چاڙهي مڪڙي.” ڏاڍي آھِ چَنڊِي، دُنيا دورنگي، بِنا ڌَنُ پنهنجي، ڪونهي ڪو مائٽُ ڪنهن جو، “نالي الک جي، ٻيڙو تار منهنجو.”
(ڏھاڙي آجيان شڪارپو ۾ ۱ نومبر ۲.۲۳ع تي ڇپيل)
ڀَڳت ڪنور رام
راڳ ۽ رواداريءَ جو مُجسم - ورسيءَ جي مناسبت سان.
عامر انصاري
راڳ رقص، سُرن ۽ سازن جو اھڙو ته سنگم آهي، جيڪو ٻڌندڙ جي ذھن ۽ دل کي موھي ھڪ لطف ڀري تازگي بخشي ٿو. راڳ رقص ۽ سازن جو آواز نه، پر راڳ رقص ۽ سازن کي ٻڌڻ ۽ روح کي سُرور حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. راڳ رقص جو آواز ٻڌندڙ کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي. راڳ رقص انساني ارتقا کان انسان ۾ سمايل آهي، جنھن کي روح جي غذا به چيو ويندو آهي. اُن راڳ رقص جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائيندڙ املھه ماڻڪ موتي جھڙو ڪردار انساني برابري جي محبتن جا گُل ورھائيندڙ ڀڳت ڪنور رام سنڌي صوفي راڳين ۾ تمام وڏو نالو آهي. ‘ڀڳت’ سنڌي ٻوليءَ ۾ هِن وقت مروج ٿيل لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڀڄن (راڳ) ڳائيندڙ. قديم سنڌو ماٿري جي تهذيب ۾ حضرت عيسيٰ جي پيدائش کان ۶.. سال اڳ ڀاڳوت ذات جا ماڻهو، جيڪي ڀڄن ڳائيندا هئا، اُهو آهستي آهستي سنسڪرت لفظ ڀڪت کان بگڙجي ڀڳت ۾ تبديل ٿي ويو. ڀڳت ڪنور رام اڄ کان ۱۳۲ سال اڳ ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع تي سنڌو تهذيب جي ننڍڙي شهر ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ ‘جروار’ ۾ جنم ورتو. ڀڳت ڪنور رام جي والد جو نالو ڀائي تارا چند ۽ ماءُ جو نالو تيرٿ ٻائي هو. هو سِنڌ سان گڏ هند ۽ سَڄي دُنيا ۾ مشهور ٿي ويو. هُن جو آواز ايترو ته مِٺو هو جو پَکين جي ٻولين جَهڙو سُرور بَخشيندو هو.
ڀڳت ڪنور رام کي ننڍپڻ کان لکڻ ۽ پڙھڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو، پر غربت ڪارڻ ڪنھن پاٺ شالا مان تعليم پرائڻ واري شوق کي ڏسندي هُن پنهنجي ست گرو سنت سترام داس وٽان سنڌي پڙھي ۽ فارسي پڻ سکي ورتي. سندس پيءُ ڀائي تارا چند کي ڪجهه زمين جو ٽڪرو ھو. ڪنور رام ڪڏھن ڪڏھن ٻنيءَ تي پيءُ سان وڃي جھار ھڪليندو ۽ نار ھلائيندو ھو. جوان ٿيو ته پيٽ گذر لاءِ ڪُھر (چڻا) وڪڻڻ شروع ڪيائين. سندس مٺڙي ۽ سريلي آلاپ ۾ ايڏو ته لطف ۽ جادو ھو جو ‘ڪُھر’ کپائڻ وارو ٻار پنھنجي نالي جيان ھميشه ڪنول گل جيان ٽڙيل ۽ پکڙيل رھيو. ڪنور رام جي ھوڪي ڏيڻ واري آواز ۾ ايتري ته ميٺاس ھئي جو ھڪ وقت ننڍا توڙي وڏا گڏ ٿي ويندا هئا. جيتوڻيڪ جنهن کي ‘ڪُهر’ نه وٺڻا هوندا هئا، سو به خوش ٿي خوشي سان ‘ڪُهر’ وٺي ويندو هو. اُن دوران ڳوٺ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ڀائي ھاسارام کان گُرمکي به سکندو رھيو. درٻار ۾ آئي وئي جي ٽھل ٽڪور پڻ ڪندو ھو، اُتان جو ھڪ ست گرو سنت سترام داس کيس سنتن ۽ ڀڳتن جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھو، اُتي ئي ڪنور رام پنھنجي گرو سنت سترام داس کان ڀڳتي وڄائڻ سکي ۽ سندس سنگ ۾ خود به سنت ٿيو. ڀڳت ڪنور رام جي ۱۹۰۳ع ۾ اوتو مل جي نياڻيءَ سان شادي ٿي. هن وٽ ھندو مسلم جي متڀيد جو ڪو تصور ئي نه ھو، جيڪڏهن ھِن وٽ ڪو به سوالي اِيندو هو ته خالي موٽي نه ويندو ھو، هو بنا ٻانهون ٻڌڻ جي ئي شايد ڪنهن سان مخاطب ٿيو هجي. سندس عاجزي عادت ھئي ته راڳ سندس عبادت هو. راڳ سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو ۽ ڪنور ساز بڻيو ۽ رام هِن جي آخري منزل ٿي. ھِن پنھنجي آواز جي جادوءَ ۽ انداز سان سنڌ ۾ ڀڳتي گائيڪيءَ جو بنياد وڌو. ڀڳت ڪنور رام واحد راڳي ھو، جنھن پنھنجي راڳ جي ڪمائي غريبن ۽ نادارن جي مدد لاءِ ڪتب آندي. ماسٽر چندر اعتراف ڪندو هو ته ھِن “اڏري وڃ طوطل ماڙيءَ ...” وارو ڪلام ڪنور رام کان سکيو ۽ ڳايو. ڪنور رام گھڻو ڪري آخر ۾ “راڳ مارو” ڳائيندو ھو ۽ ھر محفل جي پڇاڙي “مارو” راڳ ڳائي ڪندو ھو. ڀڳت ڪنور جو “مارو” راڳ ڳائڻ جو سبب اُھو ھو ته جيئن انسان کي موت جي يادگيري رھي. نامياري اديب علي احمد بروھيءَ ڪنور رام بابت لکيو آهي ته، “ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ نه ٻڌوسين ۽ نه ڏٺوسين، پر اَسان ھڪ اھڙو سخي ڏٺو، جيڪو ڏئي نه پچاري”. ڪنور رام ڀڳتيءَ جو جيڪو انداز اختيار ڪيو، سا سڌو سنئون صوفياڻي ثقافت جي عڪاسي ھئي. جامو ۽ ڇير، خاص ڪري ڪنور رام ئي متعارف ڪرائي. ڀڳتي ۽ لوڪ رس گائيڪيءَ جو باني ڀڳت ڪنور رام ڪنور ھو. ڀڳت ڪنور رام صاحب ساڻ ڀڳت ۾ ڪجهه ننڍڙا نالي ماتر راڳي پڻ هوندا هئا، اُنهن ننڍڙن راڳين جي پاڻ حوصلا افزائي سان پذيرائي ڪري اُنهن جو مانَ مٿانهون ڪندو هو. ڀڳت ڪنور رام جي مخصوص ۽ منفرد انداز ۾ ڏوهيڙي ڏيڻ، ڳائڻ ۽ ڇير هڻڻ تي سندن پرستار ۽ پارکو بي خودي جي ڪيفيت ۾ کيس مڃتا ۽ ڀيٽا ڏيندي مٿس نوٽن جي برسات ڪري ڀرپور داد ڏيندا هئا.
ڀڳت ڪنور رام ورهاڱي کان اڳ مسجد منزل گاهه سکر وارن مذهبي فسادات ۾ پران ڏنو. در حقيقت ڀڳت ڪنور رام زندگي جو آخري راڳ مانجهند شهر ۾ ڳايو. مانجهند شهر مان ڳائي ريل ۾ چڙهي دادوءَ ۾ لٿو. ڀڳت ڪنور رام کي اُتي ڪي ٻه شخص مليا ۽ پيرين پئي چيائيون ته، “دعا ڪجو ته اَسان جنهن مقصد لاءِ نڪتا آهيون، اُهو مقصد پورو ٿئي”. ڀڳت ڪنور رام اُنهن ٻنهي شخصن کي غور سان ڏسي مرڪندي چيو ته، “اوهان جو مقصد پورو ٿيندو، اوهان جا ٻيڙا پار آھن”. ائين چئي اُتان ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پھتو ته گاڏي نڪرڻ کانپوءِ هڪ ظالم شخص جان محمد جلباڻيءَ بندوق سان سڌا فائر ڪري کيس زخمي ڪري وڌو، تڏهن به سندس جي زبان تي اِھي لفظ ھئا ته سندس قاتلن کي ڪجهه به نه چيو وڃي. گاڏيءَ ۾ علاج نه ٿيڻ سبب باگڙجي اسٽيشن تائين ڀڳت ڪنور رام جو رت وھڻ ڪري اَمن، شانتي، پيار ۽ محبت جو درس ڏيندڙ، ڌرتي ماتا جي پوڄا ڪندڙ عالم انسانيت سان محبت ۽ ايمان رکندڙ عظيم صوفي درويش وڃي حقيقي مالڪ سان مليو. اُھو جيءُ کي جهوريندڙ سانحو پهرين نومبر ۱۹۳۹ع تي ٿيو ۽ سندس اگني سنسڪار ۲ نومبر تي ڪيو ويو. سندس آخري آرامگاھه رھڙڪيءَ ۾ گرو سنت سترام داس جي قدمن ۾ آھي. سنڌ ڌرتي اڄ ڏينهن تائين رواداري لاءِ سڪي رھي آھي، اڄ به پوري دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل ڀڳت ڪنور رام جي زندگي تي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي ليکڪن پڻ ڪتاب لکيا آهن، اُن سان گڏ ھند ۽ سنڌ ۾ هندي سنڌي فلمون به ٺاهيون ويون آهن، جيڪي رواداريءَ، انساني ڀائيچاري جو مثال قائم ڪرڻ، ھند ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ جو مثال قائم ڪن ٿيون.
ڀڳت ڪنور رام کي لکين چاھيندڙ سندس ورسي جي موقعي تي رڪ اسٽيشن تي گڏ ٿي سٺن لفظن ۾ ياد ڪري انساني برابري ۽ رواداري جا وچن ورجائيندي نمي پرنام ڪري ڀيٽائون پيش ڪندا آهن. سَچ پچ ته هِي سِنڌ جي تاريخ جو نهايت ئي نُمايان، عَظيم، ۽ انمول ڪِردار آهي، جيڪو سِنڌو تهذيب جي رُوح مِثل آهي، جَنهن تي اَسان فخر آهي، ۽ اُهو فخر تيستائين رَهندو، جيستائين ڪائنات باقي آهي.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱ نومبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
ڀڳت ڪنور رام
۽ رواداريءَ جي راهه
آزاد انور مھر
ڀگت ڪنور رام ڀاڳ جي ڪنھن گھڙي ۾ ديوتائن ۽ امڙين جي اجتمائي دعائن جي طفيل ڌرتي کي مليو ھو، اهڙا سچا صوفي سنت ڌرتي تي سونهن جو سبب هوندا آهن. سنڌ اها ڀاڳ ڀري سرزمين آهي. جنهن هر دور ۾ سرن سوين واهڙ وهايا آهن, جن ڪائنات جي ڪنڊ ڪنڊ کي سيراب ڪيو آهي, ڀگت ڪنور رام انهن مان هڪ هو. جيڪو ماڻھن جي مونجھارن کي محبت جي موھ سان ڏسندو ھو. ان ڪري ماڻھو کيس پنھجو اوتار مڃيندا ھئا. اداس اکين وارو اهڙو ٻاجهارو ماڻھو ھاڻ رڳو يادن جي جزيري تي هر سال پهرين نومبر جي ڏينهن ورسيءَ جي موقعي تي ئي دريافت ٿئي ٿو. ۸۵ سال اڳ ڀگت ڪنور رام جي قتل سان ڪلا جي ڪائنات جي وسعت پنڊ پهڻ ٿي بيهي رهي هئي, سندس موت کيس هميشه جي لاءِ صدا حيات تسليم ڪندي امر ڪري ويو.
امر ڀگت ڪنوار رام جي نفيس ۽ نازڪ جسم ۾ گرم گوليون پوکيندڙ قاتل صرف ڪنور رام جهڙي ڪردار کي قتل نه ڪيو هو پر تصوف جو تعارف پيش ڪندڙ صوفين جي سنڌ جي مک تي مذهبي ڪٽرپڻيءَ جو تيزاب هاري سيڪيولر سنڌ جي مهانڊا مٽائڻ جو ٻج ڇٽڻ جي شروعات ڪئي هئي. ڪنوار رام سڄي عمر جي عبادت جي طفيل کانپوءِ ڏٺل معصوم خواب هو، جيڪو ساڀيان جي قيد ۾ قابو نه ٿيڻ جهڙو انسان، جيڪو وچ ميدان تي ڇير ٻڌي نچندو ھو ۽ راڳ کان پوءِ جڏهن جھولي ڦھلائيندو ھو، ان جھوليءَ ۾ جيڪو ڪجهه پوندو ھو ته ضرورتمندن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو پر جڏهن هن جي جهوليءَ ۾ گولي آئي ته اها به هن ڪنهن سان به نه ورهائي، شايد ان گوليءَ کي هن ڌرتي جي دين سمجهي پاڻ وٽ رکي هن دنيا مان جسماني طور جدا ٿي ويو. جنھن جي ھڪ جھلڪ ڏسڻ سان درد جي سموري ڪوڙاڻ امرت رس م بدلجي ويندي ھئي ، ھو اڃارن چپن تي آيل ان چنگ جيان ھو. جنھن چرڻ سان مايوسيون مات ٿي وينديون ھيون. ھو ڪلا جو اھو ڪينر ھو، جيڪو وڄت تي وقت وڇوڙا ميٽي وصال جا وچن ڦلاريندو ھو. ھو اھڙو انسان ھو، جنھن جي معصوم مرڪ جي گھور گھائي وجھندي ھئي. هن جي سخاوت جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هو جڏهن ڳائيندو هو ته نه صرف پيار جي پالوٽ ٿيندي هئي پر ماڻهو مٿس ڌن ۽ دولت به گهور ڪندا هئا. هو پنهنجي صوفي ڪلامن ذريعي ملندڙ سموري ميڙي چونڊي سنڌ جي مسڪين غريب خاندانن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، پوءِ اهو مسڪين ڀلي ڪهڙي به مذهب ۽ مسلڪ جو ڇو نه هجي. هو ڪنهن ۾ به فرق نه ڪندو هو. هو وحدانيت واري فڪر سان سلهاڙيل اهڙو صوفي هو، جنهن جو مذهب محبت پيار ۽ انسانيت هو. امر ڀگت ڪنور رام ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع ۾ تاراچند ۽ تيرٿ ٻائي جي جروار ضلعي گهوٽڪيءَ واري گهر ۾ پيدا ٿيو هو. هو راڳ کي عبادت سمجهندو هو. سندس ٻاجهاري آواز ۾ اهڙي ته مٺاس موجود هئي جو کيس ٻڌندڙن جا هجوم گڏ ٿي ويندا هئا هو جڏهن پنهنجي مٺڙي آواز ۾ “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” ڳائيندو هو ته کيس ٻڌندڙ عورتون نه صرف پيسا پر سونا زيور لاهي ڪنور رام جي جهوليءَ ۾ رکي دان ڪنديون هيون ۽ هو هڪ مُٺ ڀري پنهنجي ضرورت لاءِ رکي باقي اُتي ئي ويٺل مسڪين ماڻهن کي ڏئي گيڙو رتو پوتڙو ڇنڊي اٿندڙ اهو انسان هن ڌرتيءَ جو گهاٽو بڙ هو، جنهن ڇانوري ۾ هر انسان مذهبي فرق کان آجو ٿي ويهندو هو.
اڄ سنڌ جي امر جي ۸۵ هين ورسيءَ آهي. اچو ته اڄ پنهنجي ڌرتيءَ جي حقيقي ۽ اصل ڪردار جي سڃاڻپ امر ڀڳت ڪنور رام جي پاڪ ۽ مقدس آتما آڏو پنهنجو سيس نمائي کيس سلام پيش ڪريون. سڀاڻي رڪ ريلوي اسٽيشن تي سون جي تعداد ۾ گڏجي هزارين ڏياٽيون ٻاري لال سلام پيش ڪريون.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
ڀڳت ڪنور رام
انسانيت جي پرچارڪ ۽ سنڌي سُر جي سرتاج جي ورسيء تي ڀيٽا
دليپ ڪمار ٺاڪر
سنڌ جي سڀاڳي سرزمين ضلعي گهوٽڪي تعلقي ميرپور ماٿيلي جي ڪجهه مفاصلي تي هڪ ننڍڙي شهر جروارن ۾ ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع تي ماتا تيرٿ ٻائي ڀڳوان جي دان ڀاڳيه وارن ڀڳت کي جنم ڏنو. جنهن نمرتا، نماڻائي ۽ نهٺائي وچان هوندي سڀني جي داس سڏائي سڪ ۽ سوز جي ساز سان مڌرمن موهيندڙ مٺڙي آواز جڳديش جي جنتا کي پريم جو پيغام ڏيئي سنسار روپي ساگر ۾ ڪنول جي گل جيئان رهيو. (اهي ڀڳت ڪنور رام جو اڄ ۱۲۶ هون جنم مها اتسيو (پئدائش جو ڏينهن) آهي، سنت ڪنور رام صاحب هڪ ڳوٺاڻو ۽ هڪ مسڪين ۽ فقير منش (ماڻهو) هيو. سندس علمي لياقت ته فقط پنجن ، سنڌي درجن ۽ هند ڪي اکرن جي سڃاڻ تائين محدود هئي. پر اندر جو سوجهرو گهڻو هيس. جنهن جو جرڪو سندس پيشاني ۾ پيو بکندو هيس. ڏيک ويکا کان ڪوهين ڏور، ڪپڙي لٽي ۾ سادڙو، ڳالهه ٻولهه ۾ سٻاجهڙو. نماڻو ۽ قربائتو هو. پوڙهو. چوان ته ڇڏيو پر اڌ اگهاڙي پينو فقير سان ڳالجهائيندا هئا ته به ٻئي هٿ ٻڌي. معلوم ائين ٿيندو هو ڄڻ سندس ٻنهي هٿن ۾ عاجزي ۽ نوڙت جون هٿڪڙيون پيل آهن. عاجزي سندس عادت هئي ته راڳ سندس عبادت هئي. ننڍي هوندي ئي ڳائڻ سان دلي لڳاءُ هيس جيڪو سندس وڌڻ سان گڏ وڌندي وڻ ٿيو ته رڳ رڳ ۾ راڳ سمائجي ويو. چوندا آهن ته ڳائڻ ڀڳوان طرفان مليل هڪ انمول ڏات هوندي آهي. جنهن کي ڏاتر ڏئي پوءِ ڪي هن کي پيٽ پوڄا جو ذريعو بڻائن ٿا ته ڪي وري ان سوغات کي جسماني خواهش ۽ نمائش سان ڀيٽي پنهنجي ڪاڪ ڪاري ڪن ٿا. سنت ڪنور رام ته ”آلاپ“ ڀڳوان جي ڀڳتي لاءِ ارپڻ ڪري ڇڏيو.
سنت ڪنور رام صاحب جن جي سريلي. من موهيندڙ مٺڙي آواز ۾ درد، سوزهو، درد مند جا درد ڀڳتي ۾ ڀرجي ڳائيندو هيو، هر ماڻهو جي دل تي جادو لڳائيندو هو. هن پياري ڀڳت سنت ڪنور صاحب جن ڪيترائي سريلا من موهيندڙ مٺڙي آواز ۾ گيت ڳايا، پر هن جو سڀني ۾ اتم (وڏو) سڀني ۾ سندر سڀني ۾ سٺو گيت هيو. ته پرڀو کي نه وساريو. نه وساريو انهيءَ دکي دردن دان دان کي، غريب مسڪينن کي انهن جي شوا ڪريو. انهن جي مدد ڪريو، انهن کي سکي رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريو. سنت ڪنور رام صاحب کي جيون ۾ جيڪو ڪجهه به مليو اهو انهن سنتن پنهنجن هٿن سان دان ڪيو، ايتري قدر جو سنتن پنهنجي مت –من موهيندڙ مٺڙي آواز تي موهت ٿي ماڻهو پنهنجي سڌ ٻڌ ڀلائي جيڪو وٽس هوندو سو سڀ سندس جهولي ۾ وجهندا هئا. ناريون به سنت ڪنور رام صاحب جن جي مٺڙي آواز جي جادو هيٺ اچي پنهنجا پاتل زيور لاهي سندس جهولي ۾ وجهنديون هيون. اهڙي طرح سنت ڪنور رام صاحب جي هر ڀڄن تي هزارين رپين سان گڏوگڏ قسمين قسمين ڪپڙا، سون توڙي ٻيو سامان گڏ ٿيندا هئا، ڀڳت صاحب مهان يوڳي ۽ سنت هئا. اهي هڪ پئسو يا سامان به پنهنجي لاءِ نه رکندا هئا.
جيڪو ڪجهه به سندس جهولي ۾ گڏ هيو سوڀ اتئي جو اتي فقيرن، غريبن ۽ محتاجن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. جيڪي سوالي وٽن ايندا هئا تن ۾ نوي سيڪڙو مسلمان هوندا هئا انهيءَ مان چٽو ٿابت ٿئي ٿو ته سنت ڪنور رام جن جي ته منزل مذهب، ذات، رنگ ۽ ڀاشا جي ڀيد کان گهڻو مٿي هئي. هو سڀني کي هڪ ئي نظر سان ڏسندا هئا، سندس دان ڏيڻ مهل اکين کي به خبر نه پوندي هئي ته دان ڪنهن ورتو. دل ۾ صرف ۽ صرف انسان ذات لاءِ محبت ۽ اڪير منجهان اٿاهه محبت هئي.
جڏهن سنت ڪنور رام کي پتا شري تاراچندر رهڙڪي صاحب وٺي آيو ته ان وقت ڪنور رام صاحب جي عمر ۹ سال هئي، سائين ڪنور رام سچي سائين سترام داس جن جي (پيرن) ۾سيس (سر) جهڪايو. تڏهن سائين جن ڪنور رام جن جي پتاشري کان اچڻ جو ڪارڻ پڇيو، تڏهن ڀائي تاراچند سائين جن کي هٿ ٻڌي نوڙي چوڻ لڳو ته سائين هي پٽ ڪنور جنم به هڪ مهان يوڳي سنت ستگرو کوتارام صاحب جن جي وردان سان ٿيو، جن سنتن تيرٿ ٻائي کي ٻن مٽڪن ڀرڻ جي عيوض آشيرواد روپي وچن ۾ چيو ته پهرين اسانکي ڏجان، سو سائين هي پٽ ڪنور توهان جي امانت آهي. هي توهان جي ڏنل امانت آئون واپس ڪرڻ آيو آهيان، تڏهن سائين جن ڪنور کي آسيس ڪندي چوڻ لڳا ته پٽ ڪنور پهرين سچ ڳالهائجان. ٻيو شيوا ڪجان ۽ ٽيون غريبن، اٻوجهن گهر جائن جي سار لهجان. ڀڳتي مان جيڪو ڪجهه ملي ان مان ڪوبه انگيڪار نه ڪجان. ڪڏهن به ڪنهن سوالي کي خالي نه موٽائجان، جي وچن ڪرين ته نڀائجان. ايترو ٻڌي سنت ڪنور رام سائين جن جي چرنن (پيرن) ۾ ڪري پيو ۽ هٿ ٻڌي چوڻ لڳو. سائين: ڪنور تي مهر ڪجو ته جيئن ڪنور توهان جي ڏنل وچنن تي هلي، پنهنجو جيون سنواري. انهيءَ ڏينهن سنت ڪنور رام صاحب جن پنهنجو پاڻ کي ستگرو درٻار ۾ وڪڻي ڇڏيو هو ۽ پنهنجو تن، من ڌن ارپڻ ڪيو هو. ساري زندگي ستگرو جي ٻڌايل نيڪ راهه تي نيڪ نيتي، سچائي ۽ ايمانداري سان عمل ڪندي سور داس، لولن، لنگڙن، غريبن ۽ محتاجن جي ڏاڍي پريم سان شيوا ڪندي گذاري. انهيءَ جي ڪري امر سنت ڪنور رام صاحب جن جو نالو هند ۽ سنڌ ۾ مشهور ٿيو.
سنت ڪنور رام صاحب هر سال جيان هن سال به دستور مطابق مانجهند ۾ ڀائي گوبند رام صاحب جن جي ورسي تي ويا، جتي هر سال ڀڳت لاءِ عاليشان بندوبست ڪيو ويندو هيو جٿي سائين وارا چارئي ڏينهن لڳاتار ڀڳتي ڪندا هئا. دستور موجب هن سال به سائين ڪنور رام مانجهند ۾ ڀيرو مور نه ڀڳو ۽ چارئي راتيون سائين جن وارن اتي خوب ڳايو ۽ ٻڌندڙ به سائين جن جي سريلي من موهيندڙ مڌر ۽ مٺڙي آواز ۾ (مست) ٿي جهومندا رهيا، مانجهند ۾ پڄاڻي کان پوءِ سنت ڪنور رام پنهنجي سنگيت واري ٽولي سميت دادو شهر ۾ پهتو جٿي پڻ ڀڳتي جو انتظام ڪيل هو. اتان هو صبح جو پهرين نومبر ۱۹۳۹ع خميس ڏهاڙي ان اڀاڳي صبح ويل دادو کان سکر اچڻ لاءِ سنگت سوڌو ٽرين ۾ سوار ٿيا ته شام ٽاڻي ٽرين ”رڪ“ اسٽيشن تي پهتي. جتي سندس سکر وڃڻ لاءِ ٽرين تبديل ڪرڻي هئي، پليٽ فارم جي جهنگ واري پاسي کان بندوق جو فائر ٿيو. ۽ سندس گولي سڌي اچي سنت ڪنور رام جي مٿي ۾ لڳي، سنت ڪنور رام رت ٿي سيٽ تي ليٽي پيا، پنجن ستن منٽن بعد جڏهن ٽرين آرائين اسٽيشن وٽ پهتي ته سنت ڪنور رام پور لوڪ ۾ پنهنجي پرماتما وٽ پهچي چڪا هئا۔
روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
اَمر ڀڳت ڪنور رام
سنڌ جي صوفي فڪر ۽ انسانيت جو پيغام
آفتاب عالم مهر
سنڌ جي سرزمين
هميشه محبت، امن، رواداري ۽ انسانيت جو پيغام ڏيندڙ شخصيتن سان ڀريل رهي آهي. هيءَ
ڌرتي فقط تاريخي ماڳن ۽ تهذيبن جي امڙ نه پر روحانيت ۽ انسان دوستيءَ جي
درسگاھ به رهي آهي. سنڌ جي هر ڪنڊ مان
صوفي، شاعر، فنڪار ۽ انسان دوست فڪر اڀرندو رهيو آهي، جنهن دنيا کي محبت ۽ امن جو
پيغام ڏنو آهي. انهن ئي امر شخصيتن مان هڪ نالو امر ڀڳت ڪنور رام جو آهي جيڪو رڳو
هڪ راڳي يا فنڪار نه، پر انسانيت جو علمبردار، محبت جو مسافر ۽ سنڌ جي صوفي فڪر جو
جيئرو اظهار هو.
ڀڳت ڪنور رام جو
جنم ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع تي ضلعي گھوٽڪيءَ جي شھر ميرپورماٿيلي جي ڳوٺ جروار ۾ ٿيو. سندس والد جو
نالو تاراچند ۽ والدہ جو نالو تيرٿ ٻائي هو. ننڍڙي ٻالڪ ڪنور کي ننڍپڻ ۾ ئي سنت ڪوتارام
پنهنجي آغوش ۾ پرورش ڏني ۽ سندس نالو “ڪنور رام” رکيو. هو ننڍپڻ کان ئي سادگي،
سچائي ۽ روحانيت جي روشنيءَ سان ڀريل ٻار هو. زندگيءَ جي ابتدا مشڪل حالتن ۾ گذري،
هو ٻنيءَ تي ڪم ڪندو ھو، جھار ھڪليندو ھو، نار هلائيندو ھو ۽ بازارن ۾ ڪُهر وڪڻندو
ھو، پر دل ۾ موسيقي، عبادت ۽ خدمت جو شوق رکندڙ هو. دنياوي تڪليفن باوجود هن
پنهنجي روحاني سفر کي جاري رکيو، ۽ استاد سنت سترام داس کان ڀڳتي موسيقي ۽ صوفياڻو
راڳ سکيو. ان علم کي هن انسانيت جي خدمت لاءِ استعمال ڪيو ۽ سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ امن،
محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام پهچايو.
امر ڀڳت ڪنور رام
جو ڪلام فقط موسيقي نه پر فڪر، فلسفو ۽ انساني وحدت جو آواز آهي. هن پنهنجي راڳ ۾
انسان کي پنهنجي اندر سان ڳنڍڻ، نفرت ختم ڪرڻ ۽ محبت جي راھ اختيار ڪرڻ سيکاريو.
هو نانڪ پنٿي فڪر سان جڙيل هو، جيڪو انسانيت جي وحدت ۽ صداقت جو سبق ڏئي ٿو. سندس ڪلام
۾ “ڀڳتي” ۽ “صوفياڻو” رنگ گڏيل صورت ۾ ملي ٿو، جيڪو سنڌي فڪر جو خوبصورت مثال آهي.
ڪنور رام جا راڳ جيئن “مارو” ۽ “اڏر وڃ طوطل” اڄ به سنڌ جي ڳوٺاڻن محفلن ۾ ڳايا وڃن
ٿا. هو هر محفل جي پڄاڻيءَ تي مارو ڳائي موت جي حقيقت ۽ زندگي جي سچائيءَ جي ياد ڏياريندو
هو.
امر ڀڳت ڪنور رام
جو لباس، چال ۽ ڳالهائڻ جو انداز به تصوف جي سادگيءَ جو عڪس هو. هن جو چهرو، سندس
راڳ ۽ سندس دل انسانيت جي محبت سان ڀريل هئي. هو ذات، مذهب ۽ ڌرم جي ڀيٽ ۾ انسان
کي اوليت ڏيندو هو. سندس تعليم اها هئي ته انسانيت سڀني مذهبن کان مٿي آهي، ۽ جيڪو
انسان سان محبت نٿو ڪري، سو ڪنهن به عبادت جو حقدار نه آهي. هو چوندو هو ته “جيڪو
دل جو صاف آهي، سو ئي ڌڻيءَ جو پيارو آهي.” اهڙي فڪر جي ڪري هن کي نه رڳو هندن پر
مسلمانن به عزت ۽ احترام سان ڏٺو. سنڌ جا صوفي، درويش ۽ فقير سندس راڳ ۾ روحانيت
محسوس ڪندا هئا.
امر ڀڳت ڪنور رام
جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سبق “قرباني” آهي. پهريون نومبر ۱۹۳۹ع تي جڏهن هو دادوءَ کان سکر وڃڻ لاءِ ريل ۾
سوار ٿيو، تڏهن رُڪ ريلوي اسٽيشن تي ڀرچونڊي شريف سان واسطو رکندڙ هڪ شخص جانو
جلباڻي مذهبي جنونيت ۾ اچي، سندس منهن ڀرڻ واري بندوق سان سيني تي فائر ڪيو. ڪنور
رام زخمي حالت ۾ به خاموش رهيو ۽ فقط اھو بار بار چوندو رهيو ته قاتل کي معاف ڪيو،
باگڙجي اسٽيشن تائين رت وهڻ سبب دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ويو. سندس اگني سنسڪار ۲ نومبر تي ڪئي وئي ۽ سندس آخري آرامگاهه رهڙڪي
شريف ۾ آهي، جتي اڄ به ماڻهو سندس نالي سان دعا ڪن ٿا.
رُڪ ريلوي اسٽيشن اڄ
به ان واقعي جي گواهي ڏئي ٿي. هيءَ اسٽيشن جيڪا ۱۸۹۸ع ۾ برطانوي دور ۾ انجنيئر ڊيوڊ بونزا جي ڊزائن
تحت تعمير ٿي، اڳ تجارتي ۽ واپاري مرڪز هئي.I.V.S.R "انڊس ويلي اسٽيٽ ريلوي” ۽ K.S.R "ڪلات
اسٽيت ريلوي” جا اکر اڄ به عمارت تي لکيل
آهن، جيڪي ان جي تاريخي عظمت جو ثبوت آهن. پر ۱ نومبر ۱۹۳۹ع کان پوءِ هيءَ جڳهھ تاريخي سانحي سان جڙيل
صوفي قربانيءَ جي علامت بڻجي وئي. سنڌ جي هن خاموش ريلوي اسٽيشن تي امر ڀڳت ڪنور
رام جو نالو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ گونجي ٿو.
امر ڀڳت ڪنور رام
جو فلسفو، سندس صوفي موسيقي ۽ سندس قرباني سنڌ جي فڪر جو حصو بڻجي چڪا آهن. هن ٻڌايو
ته موسيقي عبادت جو حصو آهي، ۽ جيڪو راڳ ۾ روحانيت ڳولي ٿو، سو ڌڻيءَ سان ويجهو ٿي
وڃي ٿو. سندس ڪلام “مارو” زندگيءَ جي بي ثباتي ۽ انسانيت جي ابديت جو عڪس آهي. ڪنور
رام جي صوفي سوچ اهو پيغام ڏنو ته دنيا جي سڀني مذهبن جو مقصد هڪ آهي انسان کي
انسان سان محبت سيکارڻ.
ڀڳت ڪنور رام جو
اثر فقط سنڌ تائين محدود نه رهيو. ڀارت ۾ به سندس مجسما، آشرم ۽ يادگارون اڏيون
ويون آهن. سندس هڪ مجسمو انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، ڄامشورو جي ميوزم ۾ رکيل آهي، جيڪو
ڀڳت چانڊورام لکنؤ مان ٺهرائي موڪليو، جيڪو سندس پُٽ کڻي آيو ۽ ان موقعي تي خاص
تقريب پڻ ٿي هئي. امر ڀڳت ڪنور رام جي وفات کان پوءِ ڄيٺانند هيمنداس سندس ياد ۾ ڪيترائي
ڪتاب لکيا، جڏهن ته تيرٿ وسنت جو ڪتاب “ڪنور” اڄ به ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿو.
امر ڀڳت ڪنور رام
جي ياد ۾ هر سال ۱ نومبر تي ورسي ملهائي ويندي آهي. تاريخي رُڪ ريلوي اسٽيشن تي هزارين ماڻهو،
ھندو ڪميونٽي سان گڏوگڏ شاعر، فنڪار، صوفي راڳي، قومي ڪارڪن، صحافي، سماجي شخصيتون
۽ ليکڪ گڏ ٿي سندس روح کي شانتي ڏيڻ لاءِ محفلون رچائيندا آهن. راڳ، ڏيئا، گلن ۽
شعر و شاعري سان ڀڳت ڪنور رام کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي. ھر سال جيان هن
سال به امر ڀڳت ڪنور رام جي ۸۶ھين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھائي ويندي، اهو ڏينهن
نه رڳو سندس قربانيءَ جي ياد لاءِ هوندو آهي پر سنڌ جي صوفي فڪر، رواداري ۽
انسانيت جي قدرن کي نئين سر زندھ ڪرڻ لاءِ هوندو آهي.
امر ڀڳت ڪنور رام
سنڌي سماج کي اهو سبق ڏنو ته نفرت جو جواب محبت سان، ۽ ظلم جو جواب صبر سان ڏيڻ ئي
سچي انسانيت آهي. هن ثابت ڪيو ته صوفي انسان پاڻ لاءِ نه پر سماج لاءِ جيئندو آهي.
سندس زندگيءَ ۾ اهڙا لمحا به آيا، جڏهن هن کي مذهبي تعصب، غربت ۽ بدسلوڪيءَ سان منهن
ڏيڻو پيو، پر هن ڪڏهن به دل ۾ نفرت پيدا نه ڪئي.
اڄ جڏهن سنڌ ۾
انتهاپسندي، مذهبي ڪٽرپڻو، تعصب ۽ عدم برداشت وڌي رهي آهي، ته امر ڀڳت ڪنور رام جو
پيغام وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو. سندس فڪر ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي صوفي روايت صرف ماضيءَ جي
ياد نه پر مستقبل جو رستو آهي. جيڪڏهن هر انسان ڪنور رام جي فڪر مطابق صبر، ايمان،
محبت ۽ امن کي اختيار ڪري، ته سنڌ ٻيهر روشني، علم ۽ ڀائيچاريءَ جي ڌرتي بڻجي سگهي
ٿي. امر ڀڳت ڪنور رام جي زندگيءَ جو هر پهلو هڪ سبق آهي، سندن راڳ عبادت بڻجي ويو، سندن موسيقي انسانيت
جي خدمت بڻجي وئي، سندن خاموشي انقلاب بڻجي وئي، ۽ سندن قرباني سنڌ جي تاريخ ۾ امر
ٿي وئي.
اڄ جڏهن ڪو مسافر
رُڪ ريلوي اسٽيشن تي لهندو آهي، ته پراڻي عمارت، ڀڳت ڪنور رام جي ياد، نم جا پراڻا
وڻ، تاريخي رڪ ريلوي اسٽيشن جي ڀتين تي لکيل انگريزي اکر ۽ هوا ۾ گونجندڙ خاموشي ڄڻ
ٻڌائي ٿي ته “هتي انسانيت جو هڪ علمبردار رت ۾ رڱجي محبت جو مثال بڻيو هو.” امر ڀڳت
ڪنور رام سنڌ جو روح آهي، جيڪو صديون گذرڻ باوجود زندھ آهي. سندس پيغام امن، محبت
۽ قربانيءَ جي صورت ۾ هر دور لاءِ نئون درس ڏئي ٿو. سندس نالو سنڌي موسيقي، ادب ۽
روحانيت جي تاريخ ۾ هميشه امر ۽ روشن چراغ بڻجي رهندو، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ پڻ
راھ جو رهنما بڻجندو.!
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱ نومبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)
ڀڳت ڪنور رام
سو ڪو ڏيارين ڏانءُ جو
طمع کي ترڪ ڪري
شهباز پيرزادو
ڀڳت ڪنور رام جي
پيدائش ۽ شھادت جي تاريخن تي گھڻا ئي موقف آھن جن مان ڪن جو خيال آھي ته سندس
شھادت جي تاريخ پھرين نومبر آھي ڪن جو
خيال آھي ته ۳۱ آڪٽوبر تي کيس شھيد ڪيو ويو پر ممتاز بخاري لکيو آھي ته ريلوي رڪاڊ موجب
سندس شھادت جو واقعو ۲ نومبر تي پيش آيو ڀڳت ڪنور رام جي
پيدائش ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع تي ميرپور ماٿيلي کان ۸ ڪلوميٽر مفاصلي تي قائم تاريخي ڳوٺ جروار ۾ ٿي
۱۹۳۹ع واري سال ۾ سندس جسم ۾ جيڪا گولي ھيئي وئي اھا گولي سنڌ جي صوفياڻي روح مٿان
بدترين حملو ھئي جنھن جا اثر اڄ به موجود آھن . ان گولي فقط ڀڳت ڪنور رام جي زندگي
جو ڏيئو نه اجھايو پر انھن لکين ھندو مذھب سان واسطو رکندڙ انسانن کي به ايذايون
جن جي شخصيت ۽ ڪردار جي ساک محمد امين کوسي سنڌ اسيمبلي ۾ کنئي . ڀڳت ڪنوار رام
سازن ۽ آواز واري سنڌ ڌرتي جو ھڪ چمڪندڙ ستارو ھو جنھن وٽ صوفياڻو فڪر . سادگي ۽
سخاوت سان گڏوگڏ انسانيت سان پيار ۽ پريت جو انوکو انداز ھو ھن فقط گيت ڳائي دليون نه گرمايون پر پنھنجي ڪردار
۽ عاجزي سان اھڙي سنڌ اڏڻ چاھي جتي ذات پات رنگ نسل کان مٿي انسانيت سان پريم جا
سبق ھجن.
اسان جي خطي جي
تصوف جي تاريخ تي نظر وجهبي ته ھڪ طرف ڪبير، لطيف، تلسي داس، ميران ٻائي ۽ بلهيٰ
شاھ نظر ايندو ته ٻئي طرف ڀڳتي تحريڪ ۽ جھوڪ جي تحريڪ به نظر ايندي جن ۾ صوفين
انساني وقار جي بحالي لاءِ پنھنجا سر ڪپايا آھن
ڀڳت ڪنوررام ان تاريخي تسلسل جي جھلڪ ھو
ڀڳت ڪنوررام راڳ جي
باقائده سکيا ڏھن سالن جي ڄمار ۾ ڀائي
ھاسا رام کان ورتي ھن وٽ راڳ جو نرالو انداز ھو ڳائڻ دوران سندس پيرن جي ڇير به وڄندي
ھئي ته سندس اکيون به آگھم آگھم ٿي برسنديون ھيون
ڪرشن راھي لکي ٿو ته مون ٻاروتڻ جي عمر ۾ ڀڳت کي لولي ڳائڻ جي فرمائش ڪئي
ھئي ته ڀڳت ڪنوررام خاموش ٿي ويو ڇو جو ھو لولي ڳائڻ ڇڏي ويو ھو ھڪ ڀيري ڪنھن طبيب
مئل ٻار بيمار ڄاڻائي پنھنجي امڙ جي حوالي
ڪيو شايد ھو ماءُ کي اھو نه پيو ٻڌائي سگھي ته تنھنجو ٻار مري چڪو آھي اھا ماءُ ڀڳت
وٽ ٻار کڻي آئي چيائين ته ھن کي لولي ٻڌايو ڀڳت ڪنوررام ٻار کي ھٿن ۾ جھلي محسوس ڪيو
ته ٻار مئل آھي پر اھڙي ته لولي ڳايائين جو ٻار چرڻ پرڻ شروع ڪيو ان بعد ھن لولي ڳائڻ
ڇڏي ڏني ھئي پر ڪرشن راھي لکي ٿو ته مان
ان وقت تمام ننڍو ٻار ھيس ڀڳت منھنجي فرمائش تي لولي ڳاتي
ولي رام ولڀ لکيو
ته ڪو به فن تيستائين پروان نه چڙھندو جيستائين اھو پنھنجي ڌرتي ان جي رهواسين ۽
وايو منڊل سان واڳيل نه ھوندو. ڀڳت جو فن به پنھنجي ڌرتي سان واڳيل ھو ھن پنھنجي
گيتن ۾ ڌرتي جا صوفي شاعر ڳايا ۽ پيار جو پيغام عام ڪيو
جڏھن ھندو مسلمان
فساد ٿيا تڏھن. جھرجھنگ ۾ وڃي ”ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان“ ڳايو ھن صرف گيت نه ڳايا پر عام ماڻھن جي مدد به ڪئي
راڳ ڳائڻ دوران ملندڙ پيسا ھو ضرورت مندن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو جن ۾ وڏي اڪثريت
مسلمانن جي ھوندي ھئي ھن مسجد جي چندي ۾
به پنھنجو حصو ڏنو ته مندر م ٻرندڙ ڏيئن م تيل به وڌو . پروفيسر رام پنجواڻي
ھڪ دفعي ڪنھن رات ھاري جي زمين تي ڪنھن بااثر قبضو ڪيو ڀڳت ڪنوررام قبضو ختم ڪرائڻ
لاءِ ھڪ وڪيل سان مليو شروعات ۾ وڪيل فيس گھري جڏھن ڀڳت چيس ته فيس قسطن ۾ ڏيندس
ته وڪيل چيس اوھان ماني منھنجي کائو رات به مون وٽ رھو اھا ئي منھنجي فيس آھي اھڙي طرح ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن وٽ ھن جو احترام
۽ عزت ھئي
ھن نه مال ميڙيو نه عھدن جي پويان ڊوڙ پاتي لطيف
جي ڪردار بک انھن جي بکيا ڌوڙ انھن جي ڌوپ
وانگر ھن سادگي ۾
زندگي گزاري پر پنھنجي اصولن تان نه هٽيو
شيخ اياز لکيو آھي ته ڀڳت ڪنوررام انھن ماڻھن منجھان ھو جن اھو ڄاڻو ورتو
ته ڪفن ۾ کيسا ناھن ٿيندا. سائين جي ايم
سيد پنھنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آھي ته ”جڏھن ڀڳت ڪنور رام جو ڳايل
ھيءُ ڪلام ٻڌندو آھيان
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، مون سان تن ماروئڙن جي
ته ان وقت کاڌو
کائيندو ھجان يا پڙھندو ھجان، ٻئي ڪم ڇڏائي ويندا اٿم. سائين جي ايم سيد اڳتي اهو
به لکي ٿو ته ڀڳت ڪنور رام نانڪ پنٿي سلسلي سان واسطو رکندو ھو. ڀڳت ڪنور رام واحد
راڳي ھو، جنھن راڳ جي ڪمائي غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد لاءِ ڪتب آندي. چون ٿا ته
ھڪ ڀيري ڀڳت ڪنور رام پير جي ڳوٺ واري مندر ۾ پئي ڳايو ۽ آخري راڻو پئي ڳايائين ته
پوليس اچي ڪڙڪي. ھڪ فرياديءَ قرضن جي اوڳاڙڻ
لاءِ هڪ ماڻهوءَ کي پوليس جي حوالي ڪيو ته ڪنور رام ان کي ڇڏائڻ لاءِ ”جھولي“ ڪئي
۽ راڳ تڏھن بس ڪيائين، جڏھن فرياديءَ چيو ته سائين منھنجا پئسا پورا ٿي ويا.
سائين جي ايم سيد وڌيڪ
اهو به لکيو آھي ته سکر جي ڪنھن ھندن ڪنهن پير جي فرزند جي بيعزتي ڪئي پير جي
مريدن فيصلو ڪيو ته ھندن کان اھڙي حرڪت جو بدلو سندن ڪنھن پير فقير کان وٺجي جيئن
ته ھندن ۾ ڀڳت ڪنوررام جي حيثيت ھڪڙي پير بزرگ جيتري ھئي سو انھن ھن کي قتل ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو ان پير جي مريدن جي اھڙي فيصلي بعد ھندن اعلي اختيارين وٽ دانھيو جن ڀڳت
جي نالي سان ھٿيارن جا لائيسنس اشو ڪيا ۽ ٻه راکا به ساڻس گڏ ھجڻ طور مقرر ڪيا پر ان باوجود به ھڪ جڏھن مانجھند شھر ۾ ڀڳت وجھڻ
پئي ويو اتان شام جو پنجين وڳي دادو روانو ٿيو جتان کيس سکر وڃي بعد ۾ پنھنجي ڳوٺ
جروار وڃڻو ھو رستي تي رُڪ اسٽيشن جيڪا جنڪشن
ھئي ان جڳھه تي مٿس حملو ٿيو ۽ کيس زخمي ڪيو ويو. گوليون لڳڻ کان باگڙجي اسٽيشن
تائين ھو تڙپندو رھيو پر وقت سر علاج نه ٿيڻ ۽ رت وھڻ سبب هو امر ٿي ويو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ نومبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

No comments:
راءِ ڏيندا