دوست محمد خان هڪڙو
قمبر جو رابن هُڊ ميجر
عبدالباري ٽانوري
ميجر دوست محمد خان هڪڙو ۱۹۱۱ع ۾ قمبر شهر جي علي خان پاڙي ۾ علي حسن خان هڪڙو جي گهر ۾ ڄائو. ۱۹۲۰ع ۾ ابتدائي تعليم سنڌ جي تاريخي درسگاهه
سنڌ مدرسه الاسلام مان حاصل ڪيائين. بنيادي تعليم کان پوءِ اعليٰ تعليم
لاءِ هندستان جي شهر ديره دون ويو جتان سينيئر ڪيمبرج پاس ڪيائين. تعليم جي هن سفر
کيس اهو يقين ڏياريو ته ترقي جو واحد ذريعو تعليم آهي جتي ان دور ۾ سياست ۾
نعريبازي ۽ عوام جي استحصال جو رواج عام هو
ميجر دوست محمد خان چاهي ها ته هو به ذاتي مفاد لاءِ اهڙو ئي ڪري سگھي پيو
پر هن ان جي ابتڙ پنهنجي علائقي جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ هن جي
نظر ۾ تعليم ئي اهو ذريعو هو جنهن سان شعور ممڪن هو. انهيءَ ڪري هن پنهنجي شهر
قمبر علي خان ۾ انهن غريب نوجوانن لاءِ جدوجهد ڪئي جيڪي تعليم ته حاصل ڪرڻ چاهيندا
هئا پر مالي وسيلا نه هجڻ ڪري اڳتي نه وڌي سگهندا هئا هن نه رڳو انهن جا تعليمي
خرچ کنيا پر انهن لاءِ پنهنجو ذاتي بنگلو به وقف ڪيو جتي پڙهائي رهائش کاڌ خوراڪ
کان وٺي هر ان شيءِ جو انتظام ڪيو جنهن سان اهي غريب نوجوان بنا ڪنهن پريشاني جي
تعليم حاصل ڪري سگهن هُن جي ان قدم قمبر شهر کي جهالت مان ڪڍي تعليم جي روشني سان
منور ڪيوميجر دوست محمد خان جون خدمتون هتي ختم نه ٿيون هن قمبر هاءِ اسڪول، قمبر
گرلز پرائمري اسڪول، اسپورٽس گرائونڊ، قمبر پوليس اسٽيشن سميت قمبر ۾ ڪيترين ئي
تعميراتن لاءِ پنهنجي ذاتي زمين ڏني سڀ کان وڏي ڳالھ قمبر ۾ مذهبي رواداري جو مثال
قائم ڪندي هن هندو برادري لاءِ مندر به تعمير ڪرايوعوام جي خدمت جو ان جذبي کيس
سياست ۾ آندو ۽ هو قمبر ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين منتخب ٿيو. ان وقت ميونسپل ڪاميٽي
وٽ وسيلا نه هجڻ برابر هئا ان باوجود هن ڏينهن رات محنت ڪري ان کي پنهنجن پيرن تي
بيهاريو اُن جي ان محنت جي نتيجي ۾ آخرڪار هڪ اهڙو ڏينهن آيو جڏهن قمبر ميو نسپل ڪاميٽي
مالي وسيلن سان ايتري مضبوط ٿي وئي جو هن سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ميو نسپل ڪاميٽي
کي به قرض ڏنو.