; سنڌي شخصيتون: 2025

06 November, 2025

دوست محمد خان هڪڙو

دوست محمد خان هڪڙو

قمبر جو رابن هُڊ ميجر

عبدالباري ٽانوري



ميجر دوست محمد خان هڪڙو ۱۹۱۱ع ۾ قمبر شهر جي علي خان پاڙي ۾ علي حسن خان هڪڙو جي گهر ۾ ڄائو. ۱۹۲۰ع ۾ ابتدائي تعليم سنڌ جي تاريخي درسگاهه  سنڌ مدرسه الاسلام مان حاصل ڪيائين. بنيادي تعليم کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ هندستان جي شهر ديره دون ويو جتان سينيئر ڪيمبرج پاس ڪيائين. تعليم جي هن سفر کيس اهو يقين ڏياريو ته ترقي جو واحد ذريعو تعليم آهي جتي ان دور ۾ سياست ۾ نعريبازي ۽ عوام جي استحصال جو رواج عام هو  ميجر دوست محمد خان چاهي ها ته هو به ذاتي مفاد لاءِ اهڙو ئي ڪري سگھي پيو پر هن ان جي ابتڙ پنهنجي علائقي جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ هن جي نظر ۾ تعليم ئي اهو ذريعو هو جنهن سان شعور ممڪن هو. انهيءَ ڪري هن پنهنجي شهر قمبر علي خان ۾ انهن غريب نوجوانن لاءِ جدوجهد ڪئي جيڪي تعليم ته حاصل ڪرڻ چاهيندا هئا پر مالي وسيلا نه هجڻ ڪري اڳتي نه وڌي سگهندا هئا هن نه رڳو انهن جا تعليمي خرچ کنيا پر انهن لاءِ پنهنجو ذاتي بنگلو به وقف ڪيو جتي پڙهائي رهائش کاڌ خوراڪ کان وٺي هر ان شيءِ جو انتظام ڪيو جنهن سان اهي غريب نوجوان بنا ڪنهن پريشاني جي تعليم حاصل ڪري سگهن هُن جي ان قدم قمبر شهر کي جهالت مان ڪڍي تعليم جي روشني سان منور ڪيوميجر دوست محمد خان جون خدمتون هتي ختم نه ٿيون هن قمبر هاءِ اسڪول، قمبر گرلز پرائمري اسڪول، اسپورٽس گرائونڊ، قمبر پوليس اسٽيشن سميت قمبر ۾ ڪيترين ئي تعميراتن لاءِ پنهنجي ذاتي زمين ڏني سڀ کان وڏي ڳالھ قمبر ۾ مذهبي رواداري جو مثال قائم ڪندي هن هندو برادري لاءِ مندر به تعمير ڪرايوعوام جي خدمت جو ان جذبي کيس سياست ۾ آندو ۽ هو قمبر ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين منتخب ٿيو. ان وقت ميونسپل ڪاميٽي وٽ وسيلا نه هجڻ برابر هئا ان باوجود هن ڏينهن رات محنت ڪري ان کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو اُن جي ان محنت جي نتيجي ۾ آخرڪار هڪ اهڙو ڏينهن آيو جڏهن قمبر ميو نسپل ڪاميٽي مالي وسيلن سان ايتري مضبوط ٿي وئي جو هن سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ميو نسپل ڪاميٽي کي به قرض ڏنو.

رياض ابڙو

رياض ابڙو

علم، ادب ۽ انسان دوست ليکڪ جو وڇوڙو

قمر آفتاب ابڙو



رياض ابڙي جي ڪمهلي وڇوڙي تي سوچجي ٿو ته ڪيئن ڪي ماڻهو پنهنجي ڄمڻ کان وٺي ساهه جي آخري هڏڪي تائين اهڙي لياقت ۽ وفا سان جڙيل رهندا آهن، جو سندن وڇوڙو محض هڪ ماڻهوءَ جو وڇوڙو نه هوندو آهي پر ڄڻ وقت جي هڪ مڪمل باب جو بند ٿي وڃڻ هوندو آهي. رياض ابڙو به اهڙو ئي هڪ شخص هو، جنهن جي زندگيءَ جا ورق رڳو سندس ذات تائين محدود نه هئا، پر سڄي سنڌ جي فڪر، ادب ۽ علم سان ڳنڍيل هئا. سندس لاڏاڻي جي خبر جڏهن پهتي، تڏهن دل تي اهڙي طرح ڌڪ لڳو، جيئن ڪنهن اوچتي طوفان دل جا در کڙڪايا هجن ۽ يادگيرين جا ڪٽورا ڇلجي پيا هجن. هن جو وڃڻ منهنجي لاءِ رڳو هڪ دوست، ساٿي ۽ هم ڪلاسي جو وڃڻ نه آهي، پر منهنجي پنهنجي ماضيءَ جي هڪ وڏي حصي جو ٽٽڻ آهي، جيڪو هاڻي ڪڏهن به وري جُڙي نه سگهندو.

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو

سندس لطيف شناسي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



غلام مصطفيٰ ولد نور محمد کهڙو ۲۹ آگسٽ ۱۹۶۴ع تي گمبٽ ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو، پرائمري ۽ هائر سيڪنڊري تعليم پنهنجي ڳوٺ گمبٽ مان پاس ڪرڻ کانپوءِ سکر جي اسلاميه ڪاليج مان بي ڪام ۽ ايم اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. ساڳي ئي يونيورسٽي مان، “شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو” عنوان سان پي ايڇ ڊي ۲۰۰۴ع ۾ مڪمل ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ محقق ۽ نقاد جي آهي، ڪرت طور نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ ڪم ڪيائين، کهڙي صاحب لکڻ جي شروعات ڪاليج زماني ۾ مضمون نويسيءَ معرفت ڪئي کين “مسلمان سائنسدانن جو علم جي واڌاري ۾ حصو” ۽ “ماءُ” عنوان سان مضمون تي پهريون نمبر اچڻ جا ايوارڊ ۽ انعام مليا، جنهن کانپوءِ لکڻ جو شوق وڌندو وين. ڇپيل ڪتابن ۾ “شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو” پي ايڇ ڊي ٿيسز) ۲۰۱۳، “لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت” ۲۰۱۳ع، “حضرت سخي بابا صلاح الدين” ۲۰۱۲ع، “حضرت محمد شاهه مڪي عرف جيئي شاهه يا شير سوار” (اردو) ۲۰۱۳ع، “سڄڻ ۽ ساڻيهه” (مضمون) ۲۰۱۴ع، “جيڪي منجهه جهان” (آتم ڪٿا) ۲۰۱۵ع، آهن. شاهه لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت ۲۰۱۳ع ۾ شايع ٿيو، اٺن مقالن ۾ شاهه لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت، سماج يا معاشرو، شاهه لطيف جي دور جون سماجي حالتون، سماجي حالتن ۾ ڀٽائيءَ جو ڪردار، شاهه لطيف جي مختصر سوانح، شاهه لطيف جي شاعري، شاهه جي شاعريءَ ۾ نفسيات شامل آهن.

گوورڌن اسراڻي

گوورڌن اسراڻي

الوداع!

ياسر قاضي



”شعلي“ فلم جو اهو ڊائلاگ ڪنهن نه ٻڌو هوندو!! هٽلر مُهانڊي ان بيوقوف جيلر جي ڪردارَ ۾ اهو ڊائلاگ ادا ڪندڙ ۽ ان کي امر ڪري ڇڏيندڙ ڪوئي ٻيو نه پر، ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جو سنڌي ڪاميڊين ’گوورڌن اسراڻي‘تازو ئي 20 آڪٽوبر 2025ع تي پنهنجي مداحن کان وڇڙي ويو. سنڌ، جتي ورهاڱي کانپوءِ هندي فلم انڊسٽريءَ کي ساڌنا هرداساڻيءَ جهڙي سندر هيروئن ڏني، اڻ ڳڻيا سنڌي فلمساز ۽ هدايتڪارَ ڏنا، اتي گوپ ۽ اسراڻيءَ جهڙا باصلاحيت مزاحيه اداڪار به ڏنا، جن پنهنجي آخري دم تائين پنهنجي صلاحيتن سان بالي وُڊ جي پردي تي پاڻ ملهايو.

04 November, 2025

سيد زين شاھ

سيد زين شاھ

هڪ کاهوڙي ڪرادر

غلام حسين جوڻو



سنڌ، املهه موتين ۽ هيرن جي کاڻ آهي. جتي ڪيتريون ئي سياسي، سماجي، علم دوست ۽ جاکوڙي شخصيتون پيدا ٿيون آهن. جن مان سيد زين العابدين شاهه المعروف زين شاهه به هڪ آهي. جيڪو سائين جي ايم سيد جي خاندان جو چشم و چراغ آهي. سندس والد بزرگوار جو نالو سيد امداد محمد شاهه آهي. جيڪو به سٺو برک سياستدان، مفڪر ۽ سماج سڌارڪ هو. عوام جي خدمت ترجيحي بنيادن تي ڪندو هو. بلڪل اهڙي طرح سيد زين شاهه به پنهنجي والد صاحب جو ڏسيل گس ورتو آهي ۽ ان جي نقش قدم تي هلي پيو.

حريف چانڊيو

حريف چانڊيو

سنڌ جي مزاحمتي قومي ۽ عوامي سياست جو اورچ ڪردار

پروفيسر دين محمد ڪلهوڙو



حريف چانڊيو پنهنجي نالي جهڙو مفهوم رکندڙ هڪ باصلاحيت، ذهين، داناءُ ۽ پنهنجي مزاج ۽ طبعيت ۾ امتيازي خوبي رکندڙ سنڌ جو قومي ڪارڪن ۽ سپاهي آهي. هُو ۴ آڪٽوبر ۱۹۶۷ع ۾ وارهه تعلقي جي ڳوٺ نهال تنيو ۾ شاهه مراد چانڊيي جي گهر ۾ ڄائو. سندس والد شاهه مراد چانڊيو پنهنجي نالي وانگر وڏيءَ مراد ۽ مان شان وارو هڪ هاري اڳواڻ هو. هُو سماجي رتبي ۽ اسٽيٽس وارو هڪ مثالي ماڻهو هو. هُو ياري دوستي ۾ اٿڻ، ويهڻ وارو ماڻهو هو ۽ هن جي راڄ ڀاڳ ۾ وڏي عزت هوندي هئي. شاهه مراد کي ۴ فرزند ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد هو. پٽن ۾ حريف سڀني کان ننڍو آهي. حريف ڇهين درجي ۾ پڙهندو هو ته سندس والد شاه مراد چانڊيو ۵۲ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. شاهه مراد چانڊيو وفات کان پوءِ پنهنجون اهڙيون انسان دوستيءَ واريون خصلتون پنهنجي اولاد ۾ ورثي طور ڇڏي ويو.

ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي

ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي

سندس لطيف شناسي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو سماجي، تحقيقي اڀياس (پراچين ۽ ويجهي اتهاس جي روشني ۾) ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشيءَ جو پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي. عبدالحفيظ ولد عبدالرحمان قريشيءَ جو تعلق پراڻن هالن سان آهي، سندس جنم لياري ڪراچيءَ ۾ ٿيو علمي طور آرڪيٽيڪچر ۾ ڊپلوما ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما سان گڏ پوليٽيڪل سائنس، ماس ڪميونيڪيشن ۽ سنڌي ۾ ايم اي ڪيائين. قانون پڙهيل هن محقق سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر تهمينه مفتيءَ جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ڪئي، ۸۱۱ صفحن جي مقالي کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري وارن ۲۰۲۱ع ۾ شايع ڪيو آهي، ڪتاب جي آخر ۾ “حفيظ قريشي قومي سفر جو ساٿي! عنوان سان تاج جويي ۽ “ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي!” ڊاڪٽر شفيق احمد شاهاڻيءَ جا ليک آهن، حفيظ قريشي عبدالواحد آريسر کي گهڻو ويجهو رهيو. هُو سنڌ جي قومي جدوجهد جو اهم ڪارڪن ۽ اصول پرست انسان آهي، هِن انهيءَ ڏِسَ ۾ ڪافي تڪليفون ڏٺيون، پر اصول جي جنگ وڙهڻ لاءِ هڪيو تڪيو رهيو، سيد صاحب کان متاثر ٿيل ۽ سندن قومي واٽ تي هلندي پنهنجو ڪردار نڀائيندو رهيو، مٿئين عنوان واري مقالي جي ارپنا لطيفي پارکن جي نانءُ آهي، ڪتاب جي شروع ۾ ڊاڪتر تهمينه مفتيءَ پاران “ڪن ٿي ڪيچين ڪڇئو” عنوان سان ليک ته ٻه ٻول “ڊاڪٽر فهميده حسين پاران آهن “مَهندِيُون” عنوان سان محقق شاهه لطيف جي قومي جذبي، تصوف، وحدت الوجود ۽ ٻين موضوعن جو مختصر جائزو ڏئي شاهه جي شاعريءَ جي اهميت شروعات ۾ ڄاڻائي آهي ۽ پنهنجي لطيف شناسيءَ جي شوق ۽ ڪم بابت ذڪر ڪيو آهي.

ڊاڪٽر زيد پيرزادو

ڊاڪٽر زيد پيرزادو

ادب جي دنيا جو شاهوڪار شخص

انورالدين ڪاڪا



زيد پيرزادو اديب، شاعر، نثر نگار، ڪالم نگار ۽ پروفيسر آهي. هن جو جنم ۱۵ آڪٽوبر ۱۹۷۳ ۾ ٿيو. سندس تعلق سنڌ جي مشهور ڳوٺ ٻلهڙيجي سان آهي ۽ هو سنڌ جي ليجينڊ انور پيرزادي جو ٽيون نمبر فرزند آهي. زيد پيرزادي آسٽريا مان مائيڪرو بايولوجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ هاڻي ڪراچي يونيورسٽي ۾ مائيڪروبايولوجي شعبي جو پروفيسر آهي. زيد پيرزادي جا هن وقت تائين ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سندس پهريون ڪتاب ۲۰۱۹ ۾ ڇپيو جيڪو نثري نظمن جو ڪتاب ’خيال‘  هيو، جڏهن  ته  ۲۰۲۲  ۾ سندس ٻيو ڪتاب آسٽريا جو سفرنامو ‘ڏکن پٺيان سک‘ جي عنوان سان  ٿيو، جيڪو جلد ئي مارڪيٽ مان ختم ٿي وڃڻ ڪري ان جو ڇاپو آندو ويو آهي ۽ ويجهڙ ۾ سندس ٽيون ڪتاب ’مثبت سوچ‘ پڻ پيڪاڪ پبلشرز پاران شايع ڪيو ويو آهي. زيد پيرزادو  پنهنجين لکڻين ۾ سماج جي مڙني مسئلن کي قلم جو موضوع بڻائي، تن جي حل طرف ڌيان ڇڪائيندي پنهنجا تخليقي خيال جديد انداز سان پيش ڪري ٿو.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو

پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو

هڪ شخص سوين عڪس

آصف رضا موريو



ڊاڪٽرمحمد قاسم ٻگهيو جو نالو سنڌ جي علمي ادبي کيتر ۾ تمام سگهارو آهي جيڪو پٺين ڪيئي ڏهاڪن کان نه رڳو سنڌ پاڪستان پر پوري دنيا ۾ علم، ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي جي حوالي سان جاڳرو ۽ متحرڪ ڪردار رهيو آهي. هو موجوده دور جي ڪجهه سڀ کان وڌيڪ پڙهيل لکيل سنڌي مدبرن مجهان آهي جيڪو لسانيات جو ماهر هئڻ سان گڏ علم الانسان، پاڪستاني اڀياس، تاريخ، ادب، سماجي لسانيات جو محقق، ڄاڻو ۽ استاد آهي. ڊاڪٽر صاحب اڌ صدي جيتري وڏي عرصي کان سنڌ ۽ سنڌين کي پڙهائيندو رهيو آهي ۽ ان سموري عرصي ۾ هن بيشمار اسڪالر پيدا ڪري علمي پود جا اهڙا سلسلا جوڙيا آهن جيڪي رهندي دنيا تائين سندس نالي کي زنده رکندا. ٻگهيو صاحب منهنجي پياري دوستن ڊاڪٽر فياض لطيف ۽ ڊاڪٽر احسان دانش جو ڊاڪٽريٽ ۾ سپرائيزر پڻ رهيو آهي.’

29 October, 2025

ڪليم لاشاري - منظور ڪوھيار

ڪليم الله لاشاري

۽ ڪجھ سندس لکيل خط

منظور ڪوھيار



خطن تي پوءِ ٿا اچون، پهريان ڪليم لاشاري بابت وات ٽڪاڻي ڪجي. پڙهائي جي حوالي سان اسان (علي شير، خادم حسين سومرو ۽ مون( کان ٻه درجا مٿي يعني اسان اٺين ۾ ته هي مئٽرڪ ۾ هيو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي فرسٽ اليون ڪرڪيٽ ٽيم جو ميڊيم فاسٽ بالر ۽ ايٿليٽڪ ۾ ۸۰۰ ۽ ۱۵۰۰ ميٽر ريس سان گڏ جيولن ٿرو ۽ ھيمر ٿرو جا ايونٽ ڪندڙ هيو. ان ڪري اسڪول جي گرائونڊ تي ديد درشن ته ٿيندو رهندو هيو. پر وڌيڪ ڄاڻ علي شير جي ويجھي مائٽ علي حسن رونگھي، جيڪو سندس ڪلاس ميٽ هيو، تنهن ڏني ھئي ته ھو ڪلاس ۾ هونهار شاگردن منجھان هڪ آھي. لاڙڪاڻي جي دڙي محلي جو ويٺل ۽ جميعت الشعراءُ (سنڌ) جي سيڪريٽري ۽ ڪھنه مشق شاعر اديب محمد علي ”جوهر“ جو فرزند ارجمند آهي.

24 October, 2025

رونگھو علي شير - منظور ڪوھيار

رونگھو علي شير

اوطاقي مڙس مٿير

منظور ڪوھيار



شاھ سائينءَ جا ڪيئي شعر، اوطاق جي باري ۾ چيل آهن. جن بابت اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اوطاق کي وڏي اهميت حاصل هئي. مثلن

”اڄ نه اوطاقن ۾، سندي جوڳي ذات،

ساري سنياسين کي، رنم ساري رات،

مون تن جنين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا.“

يا

”اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا “

يا وري

”اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک،

آديسي اٿي ويا، پئي اڏامي رک،

سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.“

03 August, 2025

ڊاڪٽر حاجي خادم حسين سومرو - منظور ڪوھيار

ڊاڪٽر حاجي خادم حسين سومرو

سومرو بادشاھ

منظور ڪوھيار

(هي خاڪو پنهنجي ننڍپڻ جي دوست ڊاڪٽر حاجي خادم حسين جي فرمائش تي لکي رهيو آهيان. جيتوڻيڪ اونهاري ۾ لکندي مون کي ٻرو چڙهندو آهي. پر انڪار جي گنجائش ڪونهي. اميد آهي ته پڙهڻ کان پوءِ مون کي ست سريون ضرور ٻڌائيندو.)



جي ڪو اصلي نسلي سومرو هوندو ته يقين ڪيو بادشاهي خيال نه ويندس. توهان سندس گل افشاني ٻڌي اهو چوڻ ۾دير نه ڪندئو ته ”ھي ته ڪو صفا بادشاھ ماڻهو آ “ جنهن ماڻهوءَ جي ڪڙم قبيلي يارنهين صدي عيسوي کان چوڏنهين پندرنهين صدي تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي هجي، ته اَڍ ڇڪ ضرور ڪندس. ڊاڪٽر حاجي خادم حسين سومرو منهنجو پاڙيسري، ٽئين درجي کان وٺي مئٽرڪ تائين ڪلاس مئٽ. ننڍپڻ جو دوست. هن عمر تائين حجائتو ايڏو جو ملان جي حجري ۾ هنگڻ واري حجائتي ڪتي به نه هوندي. ٿوري ٿوري ڳالھ تي ”اڙي تڙي!“ ڪري ڳالهائي، ته به منهن نه گھنجائبو. پر جي گھنجائبو ته ڪا هن جي آڱوٺي کي پرواھ..! هاڻي جي اهڙو سومرو بادشاھ فرمائش ڪري ته مون تي لک!...۽ نه لکان، جيڪو ننڍپڻ جو دوست به هجي، حاجي به هجي، ڊاڪٽر به هجي ته ڪوڙهيو ٿي مران...