پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم
ٻگهيو
هڪ شخص سوين عڪس
آصف رضا موريو
ڊاڪٽرمحمد قاسم ٻگهيو جو نالو
سنڌ جي علمي ادبي کيتر ۾ تمام سگهارو آهي جيڪو پٺين ڪيئي ڏهاڪن کان نه رڳو سنڌ پاڪستان
پر پوري دنيا ۾ علم، ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي جي حوالي سان جاڳرو ۽ متحرڪ ڪردار
رهيو آهي. هو موجوده دور جي ڪجهه سڀ کان وڌيڪ پڙهيل لکيل سنڌي مدبرن مجهان آهي جيڪو
لسانيات جو ماهر هئڻ سان گڏ علم الانسان، پاڪستاني اڀياس، تاريخ، ادب، سماجي
لسانيات جو محقق، ڄاڻو ۽ استاد آهي. ڊاڪٽر صاحب اڌ صدي جيتري وڏي عرصي کان سنڌ ۽
سنڌين کي پڙهائيندو رهيو آهي ۽ ان سموري عرصي ۾ هن بيشمار اسڪالر پيدا ڪري علمي
پود جا اهڙا سلسلا جوڙيا آهن جيڪي رهندي دنيا تائين سندس نالي کي زنده رکندا. ٻگهيو
صاحب منهنجي پياري دوستن ڊاڪٽر فياض لطيف ۽ ڊاڪٽر احسان دانش جو ڊاڪٽريٽ ۾
سپرائيزر پڻ رهيو آهي.’
ٺاهوڪي بردبار شخصيت، علمي ادبي
طور انتهائي معتبر، ڪپڙي لٽي، گهمڻ گهتڻ ۽ کائڻ پيئن جو شوقين، سنگت ۾ ڀوڳ ٺڪاون
سان ٽهڪ ونڊڻ ورهائڻ وارو ۽ ڪچهري جو ڪوڏيو ڊاڪٽرمحمد قاسم ٻگهيو سنڌ جي ڪجهه گهڻي
پڙهيل لکيل اسڪالرن منجهان آهي. هو نه رڳو سنڌي ٻولي جو استاد رهيو آهي پر سنڌي
ادب جو ڏاهو اديب ۽ دانشور پڻ آهي جنهن کي لسانيات جي خاص پارکو جو مقام حاصل
آهي. هو سنڌ ۽ سنڌ واسين جو گهڻو هڏڏوکي
آهي جنهن کي دل ۾ پنهنجي سرزمين ۽ قوم لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو رهندي آهي.
ڊاڪٽر صاحب جو جنم پهرين جنوري ۱۹۵۴ع تي ضلعي لاڙڪاڻو ضلع جي باڊهه شهر ۾ مراد علي ٻگهيو جي گهر ۾ ٿيو جيڪو بڻيادي
طور تي محنت ڪش ماڻهو هيو جنهن پنهنجي ٻچن ٻارن جي احسن نموني سان پرورش ڪرڻ خاطر ٻني
ٻارا کيڙيا، جاين جو مستري رهيو، ڪپڙا لٽا سبيا، دوڪانداري ڪئي ۽ آخرڪار ڪاروبار ڪندي
سٺو خوشحال ٿي ويو. ڊاڪٽرٻگهيو چئن سالن
جو مس هيو ته سندس والد وفات ڪري ويو۽ کيس ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي.
ڊاڪٽر ٻگهيو گورنمنٽ پرائمري اسڪول
باڊهه مان پنجين جمائت پاس ڪئي. ۱۹۷۰ع ۾ ميٽرڪ
۽ ۱۹۷۲ع ۾ لاڙڪاڻو جي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج مان ميڊيڪل ۾ انٽرميڊئيٽ ڪئي ۽ ۱۹۷۴ع ڌاري ساڳي ڪاليج مان آرٽس ۾ بي اي ڪئي.
ننڍي هوندي هو باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي
جي جوڙايل پبلڪ لائيبرري ۾ پڙهڻ ويندو هيو جتي کيس ڪتابن سان شوق ۽ چاهه پيدا ٿيو،
اتي غلام الرسول نالي هڪ همراهه لائيبرري لاءِ نوان نوان سياسي، جاسوسي، افسانوي ۽
تاريخي ڪتاب وٺي رکندو هيو جن کي شاگرد شوق سان پڙهندا هيا. ڊاڪٽر صاحب ان
لائيبرري ۾ اردو ۽ سنڌي ادب جا مشهور ڪتاب پڙهيا. ان کان علاوه باڊهه شهر ۾ ٻه آنا
نالي لائيبرري پڻ هوندي هئي جتان ڪجهه آنن ۽ پيسن ۾ هڪ ڏينهن لاءِ ڪتاب ملندا هيا
۽ اتان پڻ ڊاڪٽر صاحب بيشمار ڪتاب کڻي پڙهيا. پنهنجي پڙهائي جو خرچ پوري ڪرڻ لاءِ
هو ننڍي هوندي کان ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون پڻ کپائيندو هيو.
ان دور ۾ اسٽوڊنٽس ويلفيئر
ايسوسيئيشن باڊهه ٺاهي وئي جنهن جو سيڪريٽري کيس ڪيو ويو ۽ ان جي پليٽ فارم تان جڙندڙ
لائيبرري جو به سيڪريٽري ٿيو. هو پنهنجي
شروعاتي زندگي کان ئي سنڌ سان محبت ۽ ڪامريڊي لڏي سان سلهاڙيل رهيو. هن پنهنجي شهر
جي مکيه چوڪ کي ”ڪامريڊ حيدربخش جتوئي“ سان منسوب ڪرايو هيو.
ڊاڪٽر ٻگهيو شاگردي سياست ۾ به
رهيو ته هن سنڌ جي حقن، مسئلن ۽ مجموعي معاملن جي چڱ ڀلائي لاءِ به جاکوڙيو. اڳتي
هلي ۱۹۷۳ع ڌاري جڏهن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ
فيڊرِيشن جو بنياد رکيو ويو ته لاڙڪاڻو لاءِ کيس جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو جڏهن
ته هڪ سال کان پوءِ کيس فيڊريشن جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو. شاگردي سياست
۾ ناميچاري سبب کيس جيل ياترا به ڪرڻي پئي هئي جنهن کان پوءِ ڪيترن سماجي ماملن ۾
قاسم ٻگهيو لاءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ رهڻ وهت ٿي پيو ان لاءِ سنگت کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
وٺي وئي جنهن جو نعرو هيو ته ”هنج کان قبر تائين علم حاصل ڪيو“ ۽ جيڪا ان دور ۾ سنڌ
جي حقن لاءِ وڙهندڙ شاگردن لاءِ پناهه گاهه پڻ هوندي هئي. يونيورسٽي ۾ رهڻ دوران
سندس بيشمار ساٿين اتي رهڻ ۽ هاسٽل ۾ ڪمرو حاصل ڪرڻ لاءِ ايم اي ۾ داخلا ورتي ته ڊاڪٽرٻگهيو
به ”جاڙي به جڳ سان“ چوندي داخلا ورتي ۽ ۱۹۷۶ع ۾ سنڌي ادب ۾ ماسٽرز ڪري ورتي.
۱۹۷۷ع ڌاري
شيخ اياز وائس چانسلري واري دور ۾ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو جتي
ترقي ڪندي هو سنڌي واري شعبي جو چيئرمن ٿي ويو. اڳتي هلي هن ۱۹۷۸ع ۾ ايل ايل بي ۽ ۱۹۸۱ع ۾
صحافت ۾ به ماسٽرز ڪئي.
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو جي
تدريسي، ادبي، علمي، لسانياتي، ۽ تعليمي خدمتن جي هڪ ڊگهي جدوجهد آهي جنهن جي شروعات۱۹۷۷ع ڌاري شيخ اياز جي وائس چانسلري واري دور ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ليڪچرار
ٿيڻ سان ٿي جتان ترقي ڪندي هو سنڌي واري شعبي جو چيئرمن مقرر ٿيو ۽ ۲۰۱۱ع تائين اتي پڙهائيندو رهيو.
سنڌيونيورسٽي ۾ پڙهائڻ دوران
سندس انتظامي ڪوششون ۽ علمي ڪردار شاندار رهيو جتي هو نه رڳو مرزاقليچ بيگ چيئر جو
باني ڊائريڪٽر ۽ چيئر پروفيسر رهيو پر اتي ٿيل ڪيتريون ئي علمي، ادبي ۽ انتظامي
بهتريون سندس وائس چانسلري واري دور ۾ ٿيون. هن سنڌي شعبي جي سيمينار لائيبرري کي
پروفيسرمحرم خان جي علمي محنتن نالي منسوب ڪرايو ته ماروي هاسٽل اڳيان مرزاقليچ
بيگ پارڪ پڻ جوڙايو. هن يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي جي آڊيٽوريم کي شيخ اياز جي نالي
سان منسوب ڪرائڻ سان گڏ شيخ اياز، مرزاقليچ بيگ ۽ ٻين سنڌي اديبن تي بين الاقوامي ڪانفرنسون
ڪرايون ته يونيورسٽي جي بيشمار شاگردن جي علمي سهائتا ڪندي کين ڊاڪٽريٽ ڪرائي.
ڊاڪٽر ٻگهيو آگسٽ ۲۰۰۱ع کان فيبروري ۲۰۰۵ع واري
عرصي ۾سنڌي لينگويج اٿارٽي جو چيئرمن رهيو جتي اٿارٽي جي لائيبرري کي ڊاڪٽر غلام
مصطفا قاسمي جي نالي، هال کي ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ جي نالي ۽ ڪتاب گهر کي مرزا قليچ
بيگ جي نالي سان منسوب ڪرايو. هو اٿارٽي جي پبليڪيشن ڪميٽي جو نوازعلي شوق ۽
مظهرالحق صديقي سان گڏ ميمبر هيو جنهن جو چيئرمن ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ هيو. اهڙي ريت
هو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ۲۰۰۵ع
دوران پروفيسر ۽ ڊين فيڪلٽي آف آرٽس رهيو. ان سان گڏ هو سنڌ يونيورسٽي جي
ميرپورخاص ڪيمپس جو پرووائس چيئرمن به رهيو.
سندس سرڪاري نوڪري جو آخري عهدو
چيئرمن پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس هيو جتي ۲۰۱۵ع ۾ سندس تقرري ٿي ۽ اتان هن ۳
فيبروري ۲۰۱۸ع ۾ رٽائرمنٽ ورتي. ڊاڪٽر ٻگهيو
پنجاهه يونيورسٽي ۾ پنجاهه کان مٿي ملڪي ۽ غيرملڪي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون ته
ايترين ئي ڪانفرنسن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪيا آهن. سندس سٺ کان مٿي تحقيقي مقالا دنيا ڀر جي
بهترين تحقيقي جريدن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
سندس ڄامشورو وارو گهر شاندار،
سهڻو ۽ وشال هوندو هيو جتي هن کوڙ سارا وڻ هڻايا هيا ۽ سندس ريس تي جلال شاهه به
سو ڏيڍ وڻن جي خوبصورتي سان پنهنجي سرڪاري گهر کي سجايو هيو پر اهي گهڻو جٽاءُ ڪري
ڪونه سگهيا جو ان دور ۾ يونيورسٽي اندر پاڻي جو مسئلو گهڻو ڳمڀير هوندو هيو جتي پاڻيءَ
ٽينڪرن لاءِ ايڊوانس پيسا ڏيڻ کان پوءِ به چار پنج ڏينهن کان پوءِ پاڻي ملندو
هيو. ٻگهيو صاحب آئي ڏينهن وڻن ٻوٽن جي
افاديت تي ينيورسٽي جي وائس چانسلر مظهر الحق صديقي کي ليڪچر ڏيندو هيو ته يونيورسٽي
جي خالي پلاٽن وڻ هڻائڻ گهرجن يا پارڪ ٺاهيا وڃن جنهن تي اڪثر صديقي صاحب تنگ ٿي
کيس چوندو هيو ته ”ادا جڏهن تون پاڻ وي سي
ٿين ته نه رڳو وڻ هڻاجان پر جيڪو وڻئي سو ڪجانءِ“.
ڪيڏو نه الميو آهي جو هي
يونيورسٽي دنيا جي بهترين ۽ وشال آبي وهڪري جي ڪناري تي جوڙيل آهي پر ان کي ڍنگ جو
پاڻي ڪونه رهيو آهي. ان جو اصل سبب اهو آهي ته هن وقت تائين سنڌ يونيورسٽي کي ڪو مڙس
ماڻهو منتظم ملي ڪونه سگهيو آهي جيڪو هر حوالي سان سنڌ، سنڌين ۽ تعليم جي چڱ ڀلائي
لاءِ سنجيدو هجي. اهو ئي سبب آهي جو مان جڏهن به سنڌ يونيورسٽي ويندو رهيو آهيان
ته اها مون کي عام لٻاڙي ڪاليجن کان بهتر حالت ۾ ڪونه ملي آهي. نه ڪڏهن ڪو پارڪ
مينٽين مليو نه فيڪلٽيون ۽ ڀتيون عمارتون ۽ نه ئي يونيورسٽي گهمندي لڳي ته مان پاڪستان
جي مايه ناز تعليمي اداري ۾ گهمي رهيو آهيان. وڌيڪ لکڻ پنهنجو ئي لٽولاهڻ جي برابر
ٿيندو پر هن يونيورسٽي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن سالن جي لاءِ هڪ ماڻهو اهڙو اچڻ گهرجي جيڪو
هن اداري کي صحيح معنا ۾ ادارو بڻائي جتان جا شاگرد ٻاهرين ملڪن ۾ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ
بجاءِ هتي ڊگري وٺڻ کي فخر سمجهن.
ڊاڪٽر ٻگهيو برطانيه جي Essex University مان“A
comparative sociolinguistic study of Rural and Urban Sindh” ”شهري ۽ ٻهراڙيءَ
جي سنڌي ٻوليءَ جو سماجي لسانياتي تقابلي مطالعو“ تي موضوع ڊاڪٽريٽ ڪئي جتي سندس
تحقيق جو مرڪز ۽ محور سنڌي ٻولي ۽ سماج رهيو ۽ پروفيسر پيٽر ٽروگل سندس سپروائيزر
هيو. سنڌ يونيورسٽي تحقيق جي شعبي کي وڌائڻ ويجهائڻ ۽ پنهنجي فيڪلٽين جي ترقي ۽
شاگردن جي حوصله افزائي لاءِ برطانيه جي ڇهن يونيورسٽين سان تعليمي، تحقيقي ۽
تدريسي رابطه رکيا آهن جن مان ايسيڪس يونيورسٽي پڻ هڪ آهي. واضع رهي ته سنڌ يونيورسٽي به برطانيه جي
ايسوسيئيشن آف ڪامن ويلٿ يونيورسٽيز جي ميمبر آهي.
ڊاڪٽر ٻگهيو پنهنجي پي ايچ ڊي
جي ٿيسز ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۳ع تي جمع ڪرائي جنهن متعلق يونيورسٽي انتظاميه ۱۳ مارچ ۱۹۹۴ع تي سندس واءِ وا ووس رکي جيڪا
يونيورسٽي آف ايسڪس طرفان پروفيسر ڊيوڊ برٽين کي انٽرنل ايگزمنر مقرر ڪيو ته سئٽزرلينڊ
يونيورسٽي جي پروفيسر جيني چيشائر ايڪسٽرنل ايگزمنر هئي. واءِ ووس وارن سندس ڪم کي
ساراهيندي چيو ته ”توهان جي پي ايچ ڊي جمع ڪرائڻ کان اڄ تائين پنج مهينا ٿي ويا
آهن ۽ ان موضوع تي دنيا ۾ ڪافي ٻيو واڌارو ٿي چڪو آهي ان لاءِ توهان کي پي ايچ ڊي
بجاءِ ايم فل جي ڊگري ڏجي ٿي“. ڊاڪٽرٻگهيو کين واضع ڪيو ته ”ان ۾ منهنجو ڪوبه ڏوهه
ڪونه آهي جو اها ديري يونيورسٽي انتظاميه طرفان ٿي آهي“. سندس بيان کي نظر ۾ رکندي کيس ٽن مهينن جو ٻيو
وقت ڏنو ويو ته جيئن هو پنهنجي مقالي تي ٻيهر نظرثاني ڪري. اهڙي ريت ٽن مهينن کان
پوءِ جون ۱۹۹۴ع ۾ کيس پي ايچ ڊي جي ڊگري ملي.
ڊاڪٽر ٻگهيو جو علمي سفر ڊاڪٽريٽ
ڪرڻ کانپوءِ به رڪيو ڪونه. هو پڙهندي پڙهندي
اڳتي وڌندو رهيو جو اڳتي هلي هن ۲۰۰۵ع ۾ لنڊن
يونيورسٽي جي اسڪول آف اورينٽيئل ۽ آفريڪن اسٽڊيز مان Language
Planning for Education planning in Pakistan جي موضوع تي
پوسٽ ڊاڪٽريٽ پڻ ڪئي.
ڊاڪٽرٻگهيو جي سنڌي ٻوليءَ
متعلق تحقيق ۽ تدوين جي سلسلي ۾ شروعاتي سهڪار پروفيسر محرم خان ڪئي هئي هئي جڏهن
ته سندس ڪم متعلق وڌيڪ سونهن، ساڀيان، تحقيقي آگهي، تربيت ۽ رهنمائي ايسيڪس ۽ ڪيمبرج يونيورسٽي
برطانيه جي پروفيسرن پيٽرٽروجل، مارٽن اينڪنسن ۽ راچل هيرس وغيره ڪئي.
سنڌ ۾ واپس ايندي ڊاڪٽر صاحب
پنهنجي ٿيسس اوڪسفرڊ يونيورسٽي پريس جي ڊائريڪٽر امينه سيد کي ڇپرائڻ لاءِ ڏني پر ڪافي
انتظار کان پوءِ کيس اطلاع ڏنو ويو ته سندس مسودو حميدآخوند کڻي ويو آهي جيڪو
ثقافت کاتي پاران ان کي ڇپرائيندو پر انهن وٽان به کيس رڳو انتظار ۽ اجائي موٽ کان
سواءِ ڪجهه ڪونه مليو. ۲۰۰۰ع ۾
جرمني جي بين الاقوامي پبلشنگ جي اداري
لنگئسٽڪس ڪامن يوروپا ان سلسلي ۾ ساڻس رابطو ڪري، ۲۰۰۱ع ۾ سندس ڪتاب ڇپرايو جيڪو انهن سائوٿ ايشين اسٽڊيز جي پروفيسر جينفر ڪول
کان ايڊٽ ڪرايو هيو. ان ڪتاب جي محققن
لاءِ لاڀائتي هجڻ جو اهو ثبوت ڪافي آهي ته ”پروفيسر وليم لابوف پاران يورپ جي ڪجهه
يونيورسٽين ۾ لسانيات جي محققن لاءِ اهو ڪتاب تجويز ٿيل آهي“.
ٻگهيو صاحب جي ڪوشش رهي ته سندس
ان تحقيقي پورهئي جو سنڌي ۾ ترجمو ٿئي ته جيئن ايندڙ سنڌي شاگردن جي پود ان مان
فائدو وٺي پر اسان جي ادارن جي پنهنجي ٻولي، علم دوستي ۽ تحقيقي ڪم ڏانهن بي حسي،
لاپرواهي ۽ بدعنواني جو هڪ الڳ داستان آهي جنهن تي ٻئي ڪنهن وقت لکبو. سنڌيونيورسٽي ۾ انگريزي ادب جي پروفيسر
قلندرشاهه ان ڪتاب جي ترجمي جي خواهش ڏيکاري پر ڪجهه وقت کان پوءِ وقت نه هجڻ
جوبهانو ڪري ٽاري ويو. تنهن کان پوءِ ڊاڪٽرمحبت ٻرڙي اهو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي ڪافي
خفو اڪلايو به پر ۱۹۹۷ع ڌاري سندس وفات جي ڪري اهو ڪم
به اڌورو رهجي ويو.
۲۰۰۲ع ۾ سنڌي
لينگويج اٿارٽي طرفان ڪوششون وٺي سندس ڪتاب سنڌي ترجمي لاءِ ڊاڪٽرعبدالغار صديقي
جي حوالي ڪيو ويو جنهن جلد ترجمو ڪري به ڏنو جنهن ۾ ترجمي جي حوالي سان ڪجهه
خاميون هيون جن جي اصلاح ٿي رهي هئي ته ڊاڪٽر صديقي وفات ڪري ويو. سندس ترجمو ٿيل ڪتاب ۱۵
ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي
انوقت جي سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرمن ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جي خواهش تي سندس
حوالي ڪيو پر ان به اهو مسودو ٽيبل جي خاني ۾ رکي وساري ڇڏيو.
اهڙي ريت ڊاڪٽر ٻگهيو جو اهو
تحقيقي پورهيو جيڪو هن لسانيات جي ماهر طور ڪيترن سالن جي محنت سان جوڙيو ۽ جنهن
جو قدر ڪندي يورپي پبلشنگ ادارن ترت انگريزي زبان ۾ ڇاپيو پر اسان جي سنڌ ۾ اهو
مسودو ٽيهن سالن کان رلندو، گم ٿيندو ۽ وري ملندو، ٻيهر ٽيهر ڪمپوز ٿيندي وري گم ٿيندو
رهيو.
جاڳرو سماجن ۾ تحقيق جي ميدان ۾
هر روز نيون تبديليون ٿينديون رهنديون آهن جتي اهڙي ڪتابن جي ڏهاڪن تائين پبلش نه ٿيڻ
يعني انهن جي محنت کي دفن ڪرڻ جي برابر هوندو آهي.
جڏهن ڊاڪٽراسحاق سميجو چيئرمن ۽
ڊاڪٽر احسان دانش اٿارٽي جو سيڪريٽري ٿيو ته انهن ڊاڪٽر صديقي جي ترجمي کي نئين سر
ڪوششون وٺي مسودو ڪمپوز ڪرايو۽ ان جي نظرثاني اسان جي دوست عزيزگوپانگ کان ڪرائي
مسودو ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۴ع تي ڊاڪٽرٻگهيو جي حوالي ڪيو ويو جنهن ۾ ڪجهه درستگيون پاڻ ڪيون ۽ ڪجهه
پنهنجي شاگرد ڊاڪٽرعبدلوحيد ڪلوڙ کان ڪرايون. اهڙي ريت ۲۰۲۵ع ۾ ”سنڌي ٻولي جو سماجي لسانياتي اڀياس“ نالي سان اهو ڪاتاب ڇپجي پڌرو ٿيو.
اهو ڪتاب ٻگهيو صاحب ”مستقبل جي محققن جي نالي“ ڪيوآهي ”جيڪي هن تحقيق جي مطالعي ۽
سماجي مشاهدي کان پوءِ سنڌي ٻولي ۽ سماج جي حوالي سان نون موضوعن ۽ مامرن تي اڀياس
ڪري نوان نتيجا ڪڍي سنڌي ٻولي ۽ سماج جي ترقيءَ ۾ حصيدار ٿيندا“.
ڊاڪٽرمحمد قاسم ٻگهيو ننڍي
عمر کان پڙهندو ۽ لکندو رهيو آهي. سندس
لکيل ڪتابن ۾ ”مرزا قليج بيگ‘ (سنڌالاجيءَ پاران ۱۹۸۴ع ۾ ٻارن لاءِ تيار ڪيل ڪتابچو)“، مقالا‘ (۱۹۸۸ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل ڪانفرنس جا سهيڙيل مقالا)، ”نرتي تند نياز سين“
(لطيفات جي موضوع تي ترتيب ڏنل مقالا: ۱۹۸۸ع)، ”ڪلچرل هيريٽيج آف سنڌ“ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان گڏ ترتيب ڏنل)،
”سنڌي ٻولي لسانيات کان سماجي لسانيات تائين“، (۱۹۹۸ع، شخص ۽ عڪس (۲۰۱۲ع)،
”لسانيات تا سماجي لسانيات“ (اُردُو ترجمو: ۲۰۱۹ع)، ”تر دامنی پہ شیخ ہماری نہ جائیو“، ”سنڌي ٻولي جو لساني اڀياس“ وغيره شامل آهن جڏهن ته سندس ادبي ڪمن کي
سهيڙيو وڃي ته بيشمار ڪتابن جومواد ٿيندو.
ڊاڪٽر محمدقاسم ٻگهيو کي سندس
ادبي ۽ تدريسي خدمتن جي مڃتا طور کيس دنيا ڀر مان ايوارڊ ۽ اعزاز ملندا رهيا آهن
جن مان خاص سرچالس واليس اسڪالرشپ برطانيه۱۹۹۴ع، گولڊ ميڊل سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ۱۹۹۶ع، گولڊ ميڊل سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن ۱۹۹۹ع، ورلڊ لنگوسٽڪ لسٽ ۾ شموليت ۲۰۰۲ع،
ببليوگرافي آف لٽرري ٿيوري اسپين ۾ شموليت ۲۰۰۵ع، صدارتي ايوارڊ تمغه امتياز ۲۰۰۹ع،
لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ يونيورسٽي آف استنبول، ترڪي ۲۰۱۵ع، ساحرلڌيانوي ادبي ايوارڊ ساحراڪيڊمي انڊيا ۲۰۱۶ع، صدارتي ايوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي۲۰۱۹ع وغيره اهم آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ ۲۰ سيپٽمبر ۲۰۲۵ع تي رات جو ٻارهين وڳي ڌاري ڊاڪٽر
قاسم ٻگهيو جن ڪيلي فورنيا مان ڳالهايو. کوڙ ساري ڪچهري ٿي اسلام آباد جو پراڻيون
يادون تازون ٿيون جڏهن سائين اتي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز جو چيئرمن هيو ۽ مان اتي
رهندو هيم جتي نه رڳو روز ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون پر گهمڻ ڦرڻ به جام ٿيندو
هيو. ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي ملاقات مرحوم ستارڀٽي اسلام آباد ۾ ڪرائي هئي ان کان
پوءِ سائين ۽ منهنجي طبيعت ۽ مزاج گهڻو ملڻ ڪري ويجهڙائي ٿي وئي. مون هن ڏاهي ماڻهو
کي سنڌ دوست ۽ سماج ۾ بهتر تبديلي جون خواهشون رکندڙ انسان پاتو. اسان اتي هر ٻئي ڏينهن گهمڻ گهتڻ ويندا رهندا
هياسين ڪڏهن سائين جي پهاڙي علائقي ۾ ورتل پلاٽ تي ته ڪڏهن منهنجي دوست علي جي
فارم هائوس تي ته ڪڏهن سندس اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي آفيس ۾.
فون تي ڳلاهائڻ دوران واري ٿورڙي
وقت ۾ ٻڌايو ته هو سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جهڙوڪ اجائي جا جهيڙا جهٽا، تعليمي تباهي،
ادارن جي بدعنواني، ڪارو ڪاري، انڪروچمنٽ، جهالت، بيروزگاري، رشوت، مهانگائي وغيره
جي حل لاءِ ڪا تنظيم جوڙڻ چاهي ٿو جيڪا ماڻهن کي سماج ۾ چرندڙ نقصانڪار معاملن جي
حل ڏاهن وٺي وڃي. هن ٻڌايو ته ”پهريون سوچيو هيم ته ان مقصد لاءِ حيدرآباد يا ڪراچي
۾ مرڪز ڪجي پر تنهنجو فارم هائوس ڏسي دل چوي ٿي ته هاڻي لاڙڪاڻو لاءِ سوچجي“. فون تي ڪچهري ڪندي علي بابا جا قصا ۽ ٻين ڪافي
دوستن جون يادون ورجايوسين ته سنڌيونيورسٽي جون ڳالهيون ۽ پشاور يونيورسٽي جا قصا
پڻ موضوع رهيا. ڊاڪٽرصاحب ٻڌايو ته سال ۾
پنج ڇهه مهينا امريڪا هليو ويندو آهي جتي ٻار ٻچا رهن ٿا ۽ هاڻي هو نانو ڏاڏو پڻ ٿي
ويو آهي. اهڙي ريت ڪلاڪ سوا ڪچهري ڪندي ٻڌايائين ته ”موريا ايندڙ ڊسمبر ۾ لاڙڪاڻو
تنهنجو مهمان آهيان“.
(ڏھاڙي اپيل ڪراچيءَ ۾ ۴ نومبر
۲۰۲۵ع تي ڇپيل)
پروفيسر ڊاڪٽر مُحمد
قاسم ٻُگهيو
پيشِ خدمت ٻه اکر
آدرش ٿھيم
هُئين تہ مانوارو سائين پروفيسر
ڊاڪٽر مُحمد قاسم ٻُگهيو صاحب گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ آھي. جيڪڏهن مان سائينءَ جي
شخصيت جي هر موڙ تي لکڻ ويهان تہ پُورو ئي نہ پئجي سگهندس. پر مان هتي سائينءَ جي
علمي، ادبي، لسانياتي، تدريسي ۽ تعليمي خدمتن جو وچور توهان جي آڏو بيان ڪندس.
مُحترم سائين پروفيسر ڊاڪٽر
مُحمد قاسم ٻگهئي صاحب پهرين جنوري ۱۹۵۴ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي باڊھ شهر ۾ مانواري
سائين مُراد علي ٻُگهئي صاحب جي گهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر صاحب شروعاتي تعليم پنهنجي
شھر باڊھ ۾ حاصل ڪئي، ميٽرڪ (Science) ۱۹۷۰ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊھ مان ڪئي، انٽر (Pre-Medical) ۱۹۷۲ع
۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي، بي اي ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ ايم
اي (سنڌي) ۱۹۷۶ع سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب، ۱۹۷۸ع ۾
ايل ايل بي ۽ ۱۹۸۱ع ايم اي صحافت ۾ پُڻ ڪئي. ڊاڪٽر صاحب ۱۹۹۴ع لسانيات (Linguistic) ۾ پي ايڇ ڊي ۾ ڪئي سندس موضوع
هُيو ”شهري ۽ ٻھراڙيءَ جي سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ۽ لسانياتي تقابلي جائزو“. ڊاڪٽر
صاحب ۲۰۰۵ع ۾ لنڊن جي يونيورسٽيءَ (SOAS University Of London) ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪئي.
ڊاڪٽر مُحمد قاسم ٻُگهيو صاحب ۱۹۷۶ع
۾ جڏهن ايم اي (سنڌي) امتيازي مارڪن ۾ پاس ڪري واپس موٽي پيو تہ تڏهن شيخ اياز
وائيس چانسلر هُيو اُن سائينءَ کي پنهنجي آفيس ۾ گھُرائي چيو تہ ”تُون ڪيڏانهن ٿو
وڃين؟“ سائين وراڻيو تہ ”سائين، مان باڊھ ٿو وڃان“ تہ شيخ اياز چيو ”تون ڪيڏانهن
بہ نہ ويندين! يونيورسٽيءَ کي تنهنجي گھُرج آھي“ ڏسو سائينءَ جي قابليت جو معيار!
جو وائيس چانسلر پنهنجي آفيس ۾ گھُرائي سندس قابليت جي مڃتا ڏئي ٿو. شيخ اياز
اُنهن ئي ڏينهنَ ۾ سائينءَ کي سنڌي شُعبي ۾ ليڪچرار ڀرتي ڪيو هو.
ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي ممتاز
عُهدن تي رهي پنهنجون علمي، ادبي، لسانياتي، تدريسي ۽ تعليمي خدمتون ڀرپُور طريقي
سان سرانجام ڏيندو رهيو.
جهڙوڪ: پاڪستان اڪئڊمي آف ليٽرس
جو چيئرمين، سنڌ يونيورسٽي جي ميرپورخاص ڪئمپس جو پرو-وائيس چانسلر، سنڌي لئنگيوئج
اٿارٽيءَ جو چيئرمين، مرزا قليچ بيگ چيئر جو باني ڊائريڪٽر، آرٽس فئڪلٽيءَ جو ڊين
۽ سنڌي شُعبي جو چيئرمين. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي رهنمائي هيٺ ڪيترن ئي
عالمن کي پي ايڇ ڊي پڻ ڪرائي چُڪو آھي. سائينءَ جا هن مهل تائين پنجاھ کان وڌ
تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا شايع ٿي چُڪا آھن.
ڊاڪٽر صاحب جي ادبي ۽ لسانياتي
خدمتن جو مختصر وچور هيٺ پيش ڪجي ٿو.
۱: مرزا قليچ بيگ (ٻارن لاءِ: ۱۹۸۴ع)
۲: مقالا (مرتب: ڊاڪٽر
عبدُالجبار جوڻيجي سان گڏ: ۱۹۸۸ع)
۳: نر تي تند نياز سين (مرتب:
لطيفيات، ڊاڪٽر عبدُالجبار جوڻيجي سان گڏ ۱۹۸۸ع)
۴: ڪلچر هيريٽيج آف سنڌ (ترتيب:
ڊاڪٽر عبدُالجبار جوڻيجي سان گڏ)
5:سنڌي ٻولي: لسانيات کان سماجي
لسانيات تائين (لسانيات: ۱۹۹۸ع)
6: لسانيات تا سماجي لسانيات
(اُردُو ترجمو: ۲۰۱۹ع)
وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن پاران
ڊاڪٽر صاحب کي ڪيترن ئي ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آھي. ”تمغہءِ امتياز“ (۲۰۰۹ع ۾
صدر آصف زرداري پاران)، ”پرائيڊ آف پرفامنس“ (۲۰۱۹ع ۾ صدر ممنون حُسين پاران) ۽ ٻيا.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي سمورِي نوڪريءَ
سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ڪئي. سائينءَ کان سِکڻ لاءِ مُون کي گهڻو ڪُجھ حاصل ٿيو ۽
حاصل ٿيندو رهندو آھي.
سائينءَ جي رهائش گاھ اسلام
آباد جي علائقي بني گالا ۾ آھي، پر هينئر ڪم سانگي آمريڪا ۾ ترسيل آھي. اڄ سائينءَ
جي اوڻھترهِين سالگرھ آھي کيس اَڻ مَيُون واڌايُون عرض ڪريان ٿو.
دعاڳو:
آدرش ٿهيم
(آدرش ٿھيم جي فيسبڪ وال تي ۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي رکيل)
No comments:
راءِ ڏيندا