; سنڌي شخصيتون: رياض ابڙو

06 November, 2025

رياض ابڙو

رياض ابڙو

علم، ادب ۽ انسان دوست ليکڪ جو وڇوڙو

قمر آفتاب ابڙو



رياض ابڙي جي ڪمهلي وڇوڙي تي سوچجي ٿو ته ڪيئن ڪي ماڻهو پنهنجي ڄمڻ کان وٺي ساهه جي آخري هڏڪي تائين اهڙي لياقت ۽ وفا سان جڙيل رهندا آهن، جو سندن وڇوڙو محض هڪ ماڻهوءَ جو وڇوڙو نه هوندو آهي پر ڄڻ وقت جي هڪ مڪمل باب جو بند ٿي وڃڻ هوندو آهي. رياض ابڙو به اهڙو ئي هڪ شخص هو، جنهن جي زندگيءَ جا ورق رڳو سندس ذات تائين محدود نه هئا، پر سڄي سنڌ جي فڪر، ادب ۽ علم سان ڳنڍيل هئا. سندس لاڏاڻي جي خبر جڏهن پهتي، تڏهن دل تي اهڙي طرح ڌڪ لڳو، جيئن ڪنهن اوچتي طوفان دل جا در کڙڪايا هجن ۽ يادگيرين جا ڪٽورا ڇلجي پيا هجن. هن جو وڃڻ منهنجي لاءِ رڳو هڪ دوست، ساٿي ۽ هم ڪلاسي جو وڃڻ نه آهي، پر منهنجي پنهنجي ماضيءَ جي هڪ وڏي حصي جو ٽٽڻ آهي، جيڪو هاڻي ڪڏهن به وري جُڙي نه سگهندو.


اسان ٻئي هڪ ئي ڳوٺ گابر مسڻ باڊهه جا رهواسي هئاسين. رياض منهنجو نه رڳو ڳوٺائي هو، پر منهنجو ويجهو عزيز، هم ڪلاسي ۽ هم عمر به هو. پرائمري کان مڊل تائين جي سفر ۾ اسان رڳو پڙهائيءَ جا ساٿي نه هئاسين، پر زندگيءَ جي هر خوشي ۽ هر راند جا به ساٿي رهياسين. ڪرڪيٽ اسان لاءِ رڳو هڪ راند نه هئي، پر هڪ جنون هو. اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان رياض هوندو هو. هو نه رڳو ڀلوڙ بيٽسمين ۽ بالر هو، پر پنهنجي ٽيم کي حوصلي ۽ حڪمت عملي سان اڳتي وٺي وڃڻ جي صلاحيت به رکندو هو. اڄ جڏهن انهن ڏينهن کي ياد ڪريان ٿو، تڏهن لڳي ٿو ته رياض جو ڪپتانيءَ وارو انداز سندس شخصيت ۾ هميشه لاءِ رچي ويو هو، ڇاڪاڻ ته پوءِ به هو زندگيءَ جي ميدان ۾ پنهنجن ساٿين لاءِ اڳواڻ، همت وڌائڻ وارو ۽ رهنمائي ڪندڙ رهيو.

ننڍپڻ جا اهي ڏينهن اڄ به چٽي طرح ياد آهن، جڏهن رياض ۽ مان صبح جو سوير گڏ ٿيندا هئاسين ۽ رات جو دير تائين گڏ رهندا هئاسين. اهو ساٿ رڳو دوستيءَ جو نه پر ڀائپيءَ جو هو.  اسان جو والد ڊاڪٽر آفتاب ابڙو جيڪو نوڪري جي سانگي سان  اڳ ۾ ئي ڪراچي ۾ رهندو هو، جنهن اسان کي  وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ڪراچي گهرايو، ته تڏهن به رياض سان اهو رشتو ڪڏهن به نه ٽُٽو. مون سنڌ جي تاريخي درسگاهه سنڌ مدرسي ۾ داخلا ورتي، پنهنجي تعليم کي اڳتي وڌايو ۽ ڪاروبار شروع ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ رياض به ڪراچي لڏي آيو. زندگيءَ جي سفر ۾ اسان جا رستا وري ساڳيا ٿيا. هن بينڪ ۾ نوڪري اختيار ڪئي، پر ان سان گڏ پنهنجي تعليم جو سلسلو جاري رکندي سنڌ مدرسي مان پي ايڇ ڊي ڪئي. اهو سندس علم سان بي پناهه لڳاءَ ۽ جستجوءَ جو ثبوت هو.

رياض ابڙي جو هڪ پاسو جيڪو مون کي هميشه متاثر ڪندو رهيو، اهو سندس ادب سان لڳاءُ هو. هو رڳو پڙهندڙ نه هو، پر هڪ سچو دوست، ساٿي ۽ اتساهيندڙ شخص هو. جڏهن به ڪو نوجوان ليکڪ پنهنجو ڪتاب ڇپرائيندو هو ته رياض ان کي خريد ڪري پڙهندو هو ۽ ان تي تفصيلي تبصرو لکي اخبارن توڙي رسالن ۾ شايع به ڪرائيندو هو. هن جو اهو عمل ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ زندگيءَ جي وڏي حوصلا افزائي هوندي هئي. هو ڄڻ هڪ اهڙو اديب هو، جيڪو ٻين اديبن جي ڪلهي تي هٿ رکي کين اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائيندو هو. اديبن جي سنگت ۾ رهڻ، انهن سان علمي ۽ ادبي ڳالهيون ڪرڻ ۽ سندن ڪم کي اُجاگر ڪرڻ سندس زندگيءَ جو اهم حصو رهيو.

مون کي فخر آهي ته اسان جي اداري پيڪاڪ پاران رياض جا ٻه اهم ڪتاب ڇپيا، جن مان هڪ “عالمي سياست ۽ پاڪستان” ۽ ٻيو انگريزي ۾ “Power Politics & Muslim World” (اقتداري سياست ۽ اسلامي دنيا) هو. ٻنهي ڪتابن کي سنڌ اندر ۽ ٻاهر وڏي پذيرائي ملي. هي ڪتاب رڳو سياسي تجزيا نه هئا، پر عالمي حالتن، ملڪي سياست ۽ مسلم دنيا جي پيچيده معاملن تي هڪ گهري فڪر جو نتيجو هئا. رياض نه رڳو ملڪي سياست تي نظر رکندو هو، پر عالمي سياست جي اٿل پٿل، ڀڃ ڊاهه، ڇڪتاڻ ۽ جنگي حالتن تي به پرمغز مضمون لکندو رهيو. سندس هر لکڻيءَ ۾ هڪ اهڙي گهرائي ۽ سنجيدگي هوندي هئي، جيڪا پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي هئي. رياض جي لکڻ جو سلسلو سندس زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين جاري رهيو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ آڪٽوبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)


 

رياض ابڙو به وڇڙي ويو!

ولر مان پکيئڙا کٽندا ٿا وڃن....

مسرور سيال

رات اڳيئي دير سان ننڊ پئي آئي، ڪجهه ڏينهن کان بيچينيءَ جا پاڇا دل تي لهي رهيا هئا. پر جيئن منهنجي عادت آهي، هر بيچينيءَ جو مرهم لکڻ پڙهڻ بڻجي ويندو آهي. سو، قلم سان دل کي سنڀالي رهيو هئس ته اوچتو سوشل ميڊيا جي پردي تان هڪ دل جهوريندڙ خبر سامهون آئي:

اسان جي ساٿ جو ساٿي، رياض ابڙو، هميشه لاءِ هليو ويو.

دل کي وري هڪ پراڻي زخم جي تڪليف جاڳائي ويئي. اڃا ته عزيزالله ابڙو، جيڪو سنڌي ليڪچرر هو، نائين ڪلاس کان  آخري دم تائين منھنجي تربيت  محبت ۾ رھيو جوانيءَ ۾ ئي وڇڙي ويو هو، ان جو درد اڃا به دل ۾ تازو هو. ان کان پوءِ نصير امر ابڙو، پرائمري استاد شاعر، به اسان کان جدا ٿي ويو. ۽ هاڻي وري رياض ابڙو... هڪ هڪ ڪري ساٿ جا ساٿي، دلربا  زندگيءَ جي سفر جا همدم، هڪ هڪ ڪري وڇڙندا وڃن ٿا.

جئين ولر مان پکيئڙا کٽندا ويندا آھن .

اهي ٽئي نه رڳو  ھڪ بئي جا دوست هئا، ڪلاسي هئا پر ڳوٺائي پڻ ھئا ، پر منهنجا بهترين شاگرد رھيا دڙا مڊل اسڪول ۾ منھنجي استادي ھيٺ رھيا جڏھن مَھراڻ ادبي ڪائونسل (ماڪ) جا بنيادي ميمبر پڻ رهيا، سندن ادبي شروعات به ساڳئي ماڪ جي پليٽفارم تان ٿي. رياض ابڙو مرحوم صرف بينڪار نه هو، پر نالي وارو مضمون نگار، ڪالم نويس ۽ صاحب ڪتاب به هو.

ڪراچيءَ ۾ ساڻس ملاقات ٿي هئي ، ساڳي نياز نوڙت، ساڳيو ادب، ساڳي محبت، ساڳي چاھت. پر افسوس! هاڻي اهو يار به هن جهان کان منهن موڙي ويو، دل کي جهوريندي ويو، ۽ يادگيرين جي راک ۾ پنهنجو درد ڇڏي ويو.

ھاءِ رياض ابڙو

الوداع  پيارا الوداع

ڌڻي پاڪ بحق محمد وال محمد عليھم السلام سندس مغفرت فرمائي جواررحمت ۾ بلند مقام عطا فرمائي پونئرن کي صبر جي توفيق ڏئي . سندس پونئرن سان ڏکوئيندڙ دل سان تعزيت و تسليت ڪجي ٿي

 

(مسرور حسين سيال جي فيسبڪ وال تي ۲ آڪٽوبر ۲۰۲۵ع تي رکيل)


 

رياض ابڙو

رياض تون هميشه ياد رهندين.

ڊاڪٽر مظھر علي ڏوتيو

زندگيءَ جي هن سفر ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به ملندا آهن، جيڪي  دلين تي پنهنجو نقش ڇڏي وڃن ٿا. رياض ابڙو  به اهڙو ئي دوست هيو.  هو هڪ  ايماندار ۽ خلوص ڀريو دوست هو. هو رڳو منهنجو دوست نه پر  منهنجي ادبي ۽ سماجي  بحثن جو همسفر ۽ منهنجي دل جي قريب ترين انسان هو. سندس اوچتو وڇوڙو دل کي جهوريندڙ حادثو آهي، جيڪو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. سچ ۾ يقين ئي نٿو اچي ته رياض اسان کان جدا ٿي ويو اهي.

هو تمام گهڻو پڙهيو لکيو ماڻهو هو. سندس پي ايچ ڊي مينيجمينٽ سائنسز ۾ هلندڙ هيس. ٻن ڪتابن جو ليکڪ هو ۽ اخبارن ۾ باقاعده ڪالم لکي سماجي مسئلن کي سچائيءَ سان ظاهر ڪندو رهندو هو. اسان جي ملاقاتن ۾ اڪثر سماجي ۽ ادبي مسئلن تي ڊگهيون ڪچهريون  ٿينديون هيون. هو اڪثر مون وٽ ايندو هو ۽ مان وري ان وٽ بئنڪ ويندو هيس.  جڏهن به منهنجي آفيس ۾ ايندو هو ته  ماحول علمي ۽ ادبي ٿي ويندو هو

مون  سندس ڪتاب جو مھاڳ به لکيو هيومانس ۽ پنهنجي يونيورسٽي ۾ ڪتاب تي ويهڪ به ڪرائي هيم. اسان اڪثر زيست ۾ ڀٽائي سرڪل جي موقعي تي به  سنڌ اڀياس اداري ۾.ملندا هئاسين.

اڄ سندس ڀاءُ فياض ابڙو ۽ ٻنهي پٽن سان سندس رهائش تي تعزيت ڪيم. دعا آهي ته الله سائين اسانجي دوست رياض ابڙي جي روح کي پنهنجي رحمتن جي سائي ۾ رکي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. سندس ياد اسان جي دلين ۾ سدائين زنده رهندي.

 

(ڊاڪٽر مظھر علي ڏوتيو جي فيسبڪ وال تي ۲ آڪٽوبر ۲۰۲۵ع تي رکيل)

No comments:

راءِ ڏيندا