; سنڌي شخصيتون: October 2026

19 October, 2026

ذوالفقار علي ڪمبوھ

ذوالفقار علي ڪمبوھ

المعروف ”صوفي ذلف علي“

منظور ڪوھيار



(۱)

چوندا آھن ته ڳولهڻ سان خدا به ملي ٿو وڃي. پر ھم خيال، هم راز ۽ حال محرم ماڻهو ملڻ ڏاڍا مشڪل ھوندا آهن. نه ته اھڙا ڀتر ۽ ٺڪر به مٿي ۾ لڳي ويندا آھن، جو دل چوندي آھي ته انهن سان ملڻ کان بهتر هيو ته جھنگ منهن ڪجي ھا. ڪڏهن ڪڏهن وري اھڙا اتفاق ٿيندا آهن، جو بنان ڳولها ڦولها جي دل گھريا دوست ملي ويندا آھن.

16 October, 2026

عبدالکٌریم کورائی

عبدالکٌریم کورائی

تحریر: عبد الرحیم کُورائی



رتوڈیرو ضلع لاڑکانہ سندھ پاکستان کا مایہ ناز عالم! جامع فنون معقول و منقول حاوی فروع واصول استادالافاق بالاتفاق شیخ السند علامہ عبدالکٌریم کورائی السندی (کٹپر) رحمۃ اللّٰہ علیہ، محشی تفسیر البیضاوی درسی اور انکی غیر معمولی علمی خدمات کا مختصر تعارف،

زمانہ قدیم سے وادئ سندھ کی سرزمین جلیل القدر علماء مشائخ محققين محدثين مفسرين فقہاء فلسفی شاعر ادیب اور اولیاء کرام پیدا کرنے میں زرخیز رہی ہے

15 October, 2026

ڊاڪٽر آزاد علي کٽياڻ

ڊاڪٽر آزاد علي کٽياڻ

اقتصاديات جو ماهر استاد

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو



سنڌ جي ڪاليجن ۾ مقرر پروفيسرن ۽ ليڪچرارن طور ڪم ڪندڙ، اقتصاديات جي شعبي ۾ جن نوجوانن ٻھراڙين جي پٺتي پيل ماحول مان نڪري، پنھنجيءَ مسلسل محنت ۽ وابستگيءَ سان، پنھنجين اعلى مھارتن ۽ مسلسل محنتن سان پاڻ مڃايو ۽ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪئي آهي، تن ۾ ڊاڪٽر آزاد علي کٽياڻ جو نالو پڻ چمڪي رهيو آهي. هُو انگريزيءَ تي مھارت سان گڏ حسابن جي مضمون جو پڻ بھترين ڄاڻو آهي. هن وقت سندس مُقرري آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور آهي.

08 October, 2026

ڊاڪٽر عبدالجبار ڏاهري

ڊاڪٽر عبدالجبار ڏاهري

دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي اسڪالر تعليمدان

ڊاڪٽر رفيق بلوچ



ڊاڪٽر عبدالجبار ڏاهري ۱۴ جون ۱۹۷۱ع تي سنڌ جي طبعي ڀاڱي ڪاڇي ۾ کيرٿر پهاڙي سلسلي جي هنج ۾ واقع ڊرگهه بالا شهر تعلقي جوهي ضلعي دادو ۾ صابر ڏاهريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمريءَ کان ستين درجي تائين پرائمري ۽ مڊل اسڪول ڊرگهه بالا ۾ پڙهيو. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان ڪيائين. انٽرميڊئيٽ سائنس استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان انٽرميڊئيٽ ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري سان الحاق ٿيل استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان گريجوئيشن ڪئي. سنڌ يونيورسٽي مان پرائيويٽ شاگرد طور ايم اي سوشالاجي ۾ ڪيائين. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بيچلر آف ايجوڪيشن (بي. ايڊ) ڪئي، جنهن کانپوءِ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور آف ڪئمپس پروگرام ۾ ايم ايڊ ڪئي. ان کانپوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار، ڪراچي يونيورسٽي جي ايڊيوڪيشن واري شعبي ۾M.Phil Leading to Ph.D  پروگرام ۾ داخلا ورتي. ڪورس ورڪ جي تڪميل تي هنApplications of Bloom’s Taxonomy of Education objectives in writing instructional objectives in science subjects at secondary schools in Sindh. (سنڌ جي سيڪنڊري اسڪولن ۾ سائنس جي مضمونن ۾ تدريسي مقصد لکڻ لاءِ بلوم جي درجابندي جو استعمال) عنوان سان ٿيسز لکي ڊاڪٽريٽ جي سند ورتي.

04 October, 2026

ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي

ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي

انگريزي ادب جو استاد - دادو ضلعي جا پي ايڇ ڊي اسڪالر

ڊاڪٽر رفيق بلوچ



ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي، ۱۹۷۶ع تي سنڌ جي طبعي ڀاڱي ڪاڇي ۾ کيرٿر پهاڙي سلسلي جي هنج ۾ واقع واهي پانڌي شهر تعلقي جوهي ضلعي دادو ۾ پرائمري استاد گل محمد رستماڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو۔ اٺين درجي تائين مڊل اسڪول واهي پانڌيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن ۱۹۹۳ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان مئٽرڪ ڪئي. استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان ۱۹۹۵ع ۾ انٽر ميڊئيٽ ڪيائين۔ ۱۹۹۸ع ۾ هن بي اي آنرز ۽ ۲۰۰۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان فرسٽ ڊويزن ۾ انگريزي ادب ۾ ماسٽرز ڪئي. ۲۰۱۱ع ۾ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد مانEnglish Language Teaching Practices  (انگريزي ٻوليءَ جي تدريس جا طريقا) عنوان سان تحقيقي مقالو لکي هن ايم فل جي سند ورتي. ۲۰۲۴ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي مانSindhi Intelligentsia and learners perspectives on English Learning  (سنڌي دانشور طبقو ۽ انگريزيءَ جي سکيا بابت سکيا وٺندڙن جو نقطهءِ نظر) عنوان سان ٿيسز پيش ڪري اطلاقي انگريزي لسانيات (Applied English Linguistics) ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي. دادو ۾ رهائش دوران ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان APP جو رپورٽر رهيو. سنڌ ٽربيون  (Sindh Tribune)۽ اردو اخبار روزاني جسارت جو پڻ دادو جو ضلعي عيوضي  (District Correspondent)رهيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرز دوران عبرت گروپ آف پبليڪيشن طرفان حيدرآباد مان جاري ٿيندڙ پندرهن روزه عبرت مئگزين جو سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪئمپس رپورٽر رهيو۔