; سنڌي شخصيتون: August 2026

24 August, 2026

ڊاڪٽر فيض محمد کوکر- ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

ڊاڪٽر فيض محمد کوکر

علم ڪيميا جو ڄاڻُو پروفيسر

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو



ڪو وقت هو جو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ بنھه ٿورڙا پي ايڇ ڊيءَ تائين اعلى تعليم يافته استاد ۽ محقق هوندا هئا. خاص ڪري سائنس جي شعبن ۾ ته ٿورڙا ئي ڊاڪٽريٽ ڪيل استاد هئا جيڪي سائنسي تحقيق جو لاڙو رکندڙ ۽ مقالا لکندڙ هئا. پاڪستان جي قيام کان اڳ قائم ٿيل سنڌ يونيورسٽيءَ جي آڳاٽن شعبن مان هڪَ، ڪيمسٽريءَ ۾ وري به تحقيقي رويا شروعاتي دور کان موجود رهيا آهن. ان شعبي ۾، ڪنگس ڪاليج لنڊن مان پي ايڇ ڊِي ڪيل ڊاڪٽر ايم. اي. قاضيءَ (۱۹۲۸-۱۹۹۹ع)، امپيريل ڪاليج لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪيل ڊاڪٽر سيد وڏل شاھه (۱۹۳۹-۱۹۷۵ع)، برمنگهم يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪيل پروفيسر ايمريٽس ڊاڪٽر محمد يار کھاوڙ (جنم: ۱۹۴۸ع)، ڊاڪٽر تاج محمد جھانگير جھڙا هاڪارا سائنسدان ۽ پروفيسر پنھنجين تحقيقن کي اڳتي وڌائيندا رهيا آهن ۽ هنن ڪيمسٽريءَ ۾ ايڪسيلينس سينٽر جھڙا ادارا موجود ڪري ڏنا جتي بھترين کوجنا ٿئي ٿي. ڪيمسٽري شعبي جي ڪاوشن جو ئي نتيجو آهي جو اتان اهڙا شاگرد به ايم فل ۽ ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون ماڻي نڪتا، جن اڳتي هلي، سنڌ جي ڪاليج کاتي ۾ هڪ استاد ۽ محقق طور پنھنجي سڃاڻ ۽ ناموري پيدا ڪئي. اهڙن اعلى تعليم يافته سنڌي فردن ۾ ڊاڪٽر فيض محمد کوکر به شامل آهي، جيڪو نه صرف مقامي طور تي هڪ لائق استاد آهي، پر بين الاقوامي طور تي، تحقيق جي دنيا ۾ پنھنجو نانءُ ٺاهي چڪو آهي. هن نه صرف ڪيترائي سائنسي مقالا لکيا آهن، پر گهڻن ئي تحقيقي سائنسي جرنلن جي ’رِوِيو ڪاميٽين‘ جو ميمبر پڻ آهي.

ڊاڪٽر ڪپيل ديو - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

ڊاڪٽر ڪپيل ديو

سنڌ جو نوجوان سائنسدان

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو



سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ابتدائي وقت کان قائم ڪيل اهم شعبن مان هڪَ، ڪيمسٽريءَ ۾ اعلى تحقيق هميشه کان ٿيندي رهي آهي، جنھن جي نتيجي طور ان مکيه سائنسي شعبي ۾ ڪيترائي علم جا ڪوڏيا ڊاڪٽريٽ جھڙي اعلى سند حاصل ڪري چڪا آهن، جنھن بعد سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هاڻ سنڌ جي ڪاليجن ۾ پڻ بِي ايس (BS) پروگرام جي چار ساله تدريس جي شروعات ٿي چڪي آهي، ته ڪيمسٽريءَ ۾ پڻ شاگردن کي ۱۶-ساله تعليم جو موقعو ميسر ٿي سگهيو آهي، جنھن کي ان طرح وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو، ته ڪاليجن ۾ نه صرف اعلى درجي جون ليباريٽريون قائم ڪجن، پر تحقيقي جرنل پڻ جاري ڪجن، جن ۾ مقامي علائقن ۽ انهن ۾ موجود وَٿن بابت تحقيق پيش ٿئي. ان سان ايئن ٿيندو ته دنيا جي مختلف يونيورسٽين سان لاڳاپيل ڪاليجن وانگر سنڌ جي ڪاليجن ۾ به تدريس ۽ تحقيق ۾ واڌارو ۽ سڌارو ايندو.

ڊاڪٽر حسينہ ساند - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

ڊاڪٽر حسينہ ساند

پي ايڇ ڊي زُولاجسٽ ۽ بھترين شاعره

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو



سنڌ جي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ مرد شخصيتن جو غلبو ۽ بسيارِي هوندي، جن عورتن پنھنجيءَ مسلسل جدوجھد ۽ ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي، پنھنجي ڏانءُ ۽ ڏات، سھپ ۽ مستقل مزاجيءَ سان پاڻ کي آسمان جو روشن ستارو بڻايو آهي، تن ۾ ڊاڪٽر حسينہ ساند جو نانءُ نمايان آهي.

12 August, 2026

پروفيسر محمد عمر مڱريو

پروفيسر محمد عمر منڱريو

ھڪ علمي اڪابر جي الوداع

عبدالرؤف سومرو



مونکي ياد ٿو پوي ته اھو اسانجي انٽر ڪلاس جو عمرڪوٽ ڪاليج ۾ آخري سال ھو جڏھن پروفيسر محمد عمر منڱريو گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جو پرنسپال مقرر ٿي آيو ھو. کيس تدريسي توڙي انتظامي اسڪلز تي وڏي گرفت ھئي پر مونکي منجھس وڌيڪ متاثر ڪندڙ پھلو محسوس ٿيو اھو ڪلاس ۾ علم ڪيميا جي مضمون پڙھائڻ جو ڏاھپ ڀريو  سھل ۽ دلڪش ڏانء. سو ذھني ضعيف شاگرد به سندن ليڪچر مان ڪجھ نه ڪجھ ھڙ حاصل ڪري ئي روانا ٿيندا ھئا. گذريل آچر ڏھاڙي اھو املھ انسان فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو۔ عمرڪوٽ جي سرزمين هڪ معزز، علمي، ادبي ۽ سماجي شخصيت، پروفيسر محمد عمر منڱريو صاحب کان محروم ٿي ويئي، جنھن پنهنجي سڄي زندگي تعليم، تحقيق، تدريس ادب ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي ھئي۔ پروفيسر محمد عمر ڪيترن ئي شاگردن جو آئيڊيل استاد به رھيو ته انتظامي حوالي سان مڃيل پرنسپال پڻ، ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ طور پاڻ بيشمار ڀٽڪيل انسانن جي رهنمائي ڪئي ۽ سنئين دڳ لاتو. تعليم جي شعبي ۾ شاندار خدمتن عيوض کيس ڪيترائي اعزاز ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊس به سندن کاتي ۾ آيا۔ تعليمدان ۽ ليکڪ محمد عمر ولد محمد سومار منڱريو ۱۵ھين آگسٽ ۱۹۴۲ع تي ڳوٺ ولھيٽ، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي ۽ پوء پرائمري اسڪول حبيب الله ساند مان حاصل ڪئي. ديني ۽ فارسي تعليم مدرسي مظھرالعلوم ولھيٽ مان حاصل ڪيائين. ۱۹۶۰ع ڌاري عمرڪوٽ جي ھاء اسڪول ون مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪاري موري مان انٽر ۱۹۶۲ ۾ پاس ڪيائين ۽ بي.ايس.سي ڪرڻ کانپوء ايم ايس سي جي ڊگري علم ڪيميا ۾ ۱۹۶۶ ۾ حاصل ڪئي.  جنھن ڪاري موري جي ڪاليج مان تعليمي سکيا جا سبق ورتا ھئا، خوشقسمتي سان ۱۹۶۷ ۾ ساڳئي ڪاري موري ڪاليج ۾ پھرين ليڪچرر پوء  اسسٽنٽ پروفيسر ۽ بعد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو. درس و تدريس جي دنيا ۾ پنھنجي خداداد علمي صلاحيتن سبب شھرت ۽ عزت ملي ته ۱۹۸۰ع ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم المنائي ايسوسيئيشن بھترين استاد طور کيس شيلڊ ڏني وئي. ڪاري موري ڪاليج کي ڪجھ وقت لاء ڇڏي اچي آبائي شھر عمرڪوٽ جي ڪاليج ۾ ۱۹۹۰ ڌاري پرنسپال مقرر ٿيو پر  ۱۹۹۳ ۾ ٻيھر ڪاري موري ڪاليج بدلي ٿي ويو، جتي تدريسي عمل جو طويل سفر طئي ڪندي ۲۰۰۲ع ۾ ۲۰ھين گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيو.