; سنڌي شخصيتون: هارون ميمڻ - مٺل جسڪاڻي

18 August, 2017

هارون ميمڻ - مٺل جسڪاڻي

هارون ميمڻ
باصلاحيت ڪاميڊين ۽ فنڪار
مٺل جسڪاڻي
ڄائي ڄم کان ٽنڊوڄام، تعلقه ۽ ضلع حيدرآباد جو رهواسي، زنده دل فنڪار، طنز مزاح به انتهائي محذب نموني ڪري ڄاڻي، ته وري ڳائي به سگهي ٿو، ڪاميڊي جو بهترين مثال آهي هارون ميمڻ. هيل تا.ين هارون سوين ننڍن وڏن پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، بيشمار سندس قدردان پيدا ڪيا آهن، جيڪي کيس مختلف اسٽيج پروگرامن، مڱڻي ۽ وهانءُ جي ڪاڄن ۾ ڪوٺيندي فخر محسوس ڪندا آهن...


هارون ميمڻ جو مون کي هي عمل تمام گهڻو وڻي ٿو، ته پاڻ پنهنجي ڪٽنب لاءِ صبح شام جسماني پورهيو ڪرڻ ۾ عيب نه سمجهندو آهي. جنهن ڏينهن شام جو مزدوري نه ملندي اٿس، ان ڏينهن سندس گهر جي ڀر ۾، رستي تي ئي محفل مچايو ويٺو هوندو آهي.
هارون ميمڻ اهڙو باصلاحيت فنڪار آهي، جنهن کي، جنهن به، هڪ دفعو ٻڌو ۽ ڏٺو، مون کي پڪ آهي، ته وري وري هارون کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ پسند ڪندو...
منهنجي خيال ۾ هارون جهڙي نموني هلي پيو، يعني محنت مزدوري به ڪري پيو ته موقعو ملڻ تي فن کي به وقت ڏئي پيو، سندس موجوده انداز سندس ۽ سندس ڪٽنب لاءِ وڌيڪ بهتر آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ وٽ فن جو قدر اڃا نه آهي. فنڪار ويچارا فن وسيلي گذر سفر لاءِ ماڻهن کي ايلاز منٿون ڪندا ڦرندا آهن!
هارون ميمڻ سان ملڻ تمام سولو، ٽنڊوڄام ۾ گس هلندي به، ڪنهن به شهري کان پڇبو، ته سندس ڏس ملي ويندو. پاڻ صبح واري وقت سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ملازمت ڪندي ملندو. شام جو ڪٿي مزدوري ڪندو هوندو. سندس رهائش مير ڪالوني ٽنڊوڄام ۾ آهي. مير ڪالوني ۾ به سندس هر ڪو ڏس پتو ڏيندو.
سچ هي آهي ته هارون ميمڻ گهڻو مانُ لهڻي پر نظرانداز ڪيل فنڪار آهي... سندس لاءِ منهنجي دلي دعا آهي ته جتي به هجي، خوش هجي، سدا کلندو ۽ کلائيندو رهي. آمين .


(هفتيوار سنڌو ميگزين حيدرآباد، ۲۰ کان ۲۶ اپريل ۲۰۱۴ع)


No comments:

راءِ ڏيندا