; سنڌي شخصيتون: عبداللطيف مڱريو- منظور ڪالرو

01 August, 2017

عبداللطيف مڱريو- منظور ڪالرو

عبداللطيف مڱريو
گهڻ-رخي شخصيت
منظور ڪالرو
ٽنڊوالهيار جي قديم سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ۾ بطور استاد پنهنجا فرض نهايت ئي ذميواراڻي انداز سان نڀائيندڙ سياسي ۽ راڄائتي شخصيت عبداللطيف مڱريو جي وفات واري خبر ٻه ڏهاڙا اڳ يعني پهرين مارچ تي 11 وڳي ڌاري موبائل فون ذريعي ڪنهن دوست ڏني ته دل مٿان غم جا بادل ڇانئجي ويا. سندس اوچتي وڇوڙي وارو مهينو ”مارچ“ سنڌ جي سياسي جدوجهد ۾ خاص اهميت رکي ٿو. 4 مارچ اهو انقلابي ڏينهن آهي، جڏهن سنڌ جي شاگرد سياست کي پنهنجي جدوجهد ۾ ڪنهن حد تائين فتح نصيب ٿي ۽ هڪ سجاڳي ڏسڻ ۾ آئي. عبداللطيف مڱريو به انهيءَ سياسي جدوجهد جو حصو رهيو.


1967ع ۾ اسلاميه هاءِ اسڪول مسڻ وڏي مان مئٽرڪ جو امتحان ڏئي فرسٽ ايئر سنڌ ماڊل ڪامرس ميرپورخاص ۾ داخلا وٺندڙ عبداللطيف مڱريو ون يونٽ جي غلاميءَ واري دؤر ۾ جنرل ايوب خان جي ڏاڍ خلاف هلندڙ تحريڪن جو حصو رهڻ سبب پنهنجي پڙهائيءَ کي متاثر ڪري ڇڏيو هو. تنهن ڪري انٽر ڪامرس جو هڪ سبجيڪٽ کانئس رهجي ويو، جنهن ڪري دلبرداشته ٿيندي مايوسيءَ واري زندگي جا ڏينهن ڳوٺ مسڻ ۾ گذارڻ لڳو هو. انهيءَ دوران سندس ملاقات هڪ شفيق استاد محمد خان شيخ (مرحوم) سان ٿي، تنهن کيس نهايت محبت ۽ همدرديءَ وچان سمجهايو ۽ هدايت ڪئي ته ”سنڌ ماڊل ڪاليج ٽنڊوالهيار مان انٽر جو امتحان ڏيو ۽ صبح جي وقت سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ۾ استاد جي حيثيت ۾ پڙهائڻ شروع ڪريو، جنهن سان مصروف به رهندا ته مايوسي جو به خاتمو اچي ويندو ۽ گڏوگڏ توهان جو جيڪو سياست طرف لاڙو ڏسجي ٿو ان قومي ڪم کي به جاري رکي سگهو ٿا.“ هُن پنهنجي اُستاد محترم محمد خان شيخ جي هدايت تي عمل چوندي داخلا ورتي ۽ ايس ايم هاءِ اسڪول ۾ ملازمت ڪندي استاد طور پنهنجي نوڪري جي شروعات ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو وڏو ليڊر ٿي اڀريو هو ۽ سندس پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي تازو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي هئي.
انهن ڏينهن جو ذڪر آهي ته پ پ چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو، مير رسول بخش ٽالپر ڪنهن دعوت ۾ شرڪت واسطي ميرپورخاص وڃڻا هئا. اهڙي خبر اسڪولي شاگردن کي پئجي وئي، تڏهن سرگرم شاگردن توڙي سياسي ڪارڪنن پاران تڙتڪڙ ۾ گلن جا هار ۽ ورکا لاءِ گلن جون پَتيون گهرايون ويون، جيئن ڀُٽي جي گاڏيءَ، جيڪا مير رسول بخش هلائي رهيو هو، اها اسڪول جي گيٽ تي پهتي ته ان جي رستاروڪ ڪري گاڏي کي بيهاري ٻنهي ليڊرن کي گلن جا هار پارايا ويا. بظاهر اهڙي آجيان اسڪول جي ترقي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪئي وئي، جنهن تي ڀُٽي صاحب خوش ٿيندي مختصرن فرمايو ته ”بابا صبر ڪريو، جلد صُبح ٿيڻ وارو آهي، پوءِ وڌيڪ ڳالهائينداسين“.
سائين لطيف مڱريو اهڙين سرگرمين ۾ بظاهر ڏسڻ ۾ نه آيو پر صلاحن ۽ مشورن ۾ پيش ضرور رهيو، ڇو جو سندس دل ۽ دماغ سياسي سرگرمين توڙي تعليمي فلاحي ڪمن طرف رهندا هئا. ان حوالي سان هن اسڪول ۾ ٽنڊوالهيار جي تاريخ جو عاليشان ”جشنِ لطيف“ ملهايو ويو، جيڪو پورو هفتو جاري رهيو. جنهن جا خاص مهمان شيخ السنڌ مولوي عبدالحق رباني دائودپوٽو، مير خدا بخش ٽالپر ايم اين اي، ٿرپارڪر ضلعي جو مشهور شاعر ۽ سابق ايم پي اي عبدالڪريم پلي، سيد قربان علي شاهه اڳوڻو ايم اين اي، عبدالستار بچاڻي، سيد اميد علي شاهه رضوي (مرحوم) عوامي شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهي، سائين علي محمد دائودپوٽو ۽ ٻيون شخصيتون مهمان طور شريڪ ٿي جشن لطيف کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جنهن ۾ عبداللطيف مڱريو جون ڪاوشون به ساراهه جوڳيون رهيون.

ان بعد مڱريو صاحب ”استاد“ واري عهدي تان رٽائر ٿيا يا استعيفيٰ ڏنائون سا معلومات نه ملي سگهي آهي، پوءِ پاڻ سياست ۾ پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان گهڻو سرگرم رهيا، ڪيترائي ڀيرا جيل به ويا ته سياست جا ڏکيا ڏينهن به ڏٺا. آخر تائين پارٽيءَ ۾ شريڪ رهندي نينهن ۽ وفاداريءَ کي خوب ملهائي سَرها ٿيا. مهمان نوازي، ملنساري، وڏن ننڍن جو ادب احترام ڪرڻ ۾ به لطيف مڱريو مشهور هو. ان لاءِ سندس عزت ڪئي ويندي هئي ۽ کيس صوبائي اسيمبلي ايم پي اي طور به ڪاميابي ملي. دُعا آهي ته پالڻهار سندس درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبرِ جميل عطا فرمائي.

No comments:

راءِ ڏيندا