ڊاڪٽر مبارڪ علي
سنڌ جي تاريخ کي عمر ارپيندڙ
مختيار ملاح
تاريخ دنيا
جو قديم مضمون آهي. تاريخ مان ماضيءَ جي واقعن جو علم ملندو آهي، جنهن جي ڪري هال
۾ بهتر قدم کڻڻ جو موقعو ملي پوندو آهي، ملڪ کي سنوراڻ لاءِ ماضيءَ جي غلطين جي خبر
پوندي آهي. سنڌ بابت لکيل تاريخون ڏاڍيون ذاتي نوعيت جون لکيل آهن. عربن جي سفرنامن
۾ لکيل واقعن ۾ ليکڪ جي سڌي طرح موجودگي نه هئڻ ڪري روحانيت تي منبي ڳالهيون آهن، جن
مان اڪثر اعتبار جوڳيون نه آهن. فارسي ۾ لکيل تاريخن ۾ حملا آورن جي بهادري، مسلمان
بادشاهن جي سخاوت ۽ دربار جون تعريفون ڏنل آهن. انهن تاريخن مان عام عوام جو احوال غائب آهي. انگريزن جون لکيل تاريخون
سياسي مفادن، مقصدن تحت لکيل آهن. بعد ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ لکيل تاريخون عربي فارسي ۽ انگريزي
۾ لکيل ڪتابن تان سيڪنڊري تحقيق آهن. جدت ۽ معروضيت سان تمام ٿورو مورخن ڪم ڪيو آهي،
جن ۾ هڪ نالو ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو به آهي، جنهن جو شمار پاڪستان جي نالي وارن مورخن
۾ ٿئي ٿو.