فقير جمال الدين
گيڙو ويس
پهريل فقير - ورسيءَ جي حوالي سان
نور سنڌي
فقير جمال الدين لطيف سائين، سچل
سرمست، چيزل شاهه، منٺار فقير راڄڙ، اعجاز سائين، خوش خير محمد، ٻڍل شاهه، حسن بخش
شاهه هادي، محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻين صوفي بزرگ شاعرن جو صوفياڻو ڪلام ڳائي فن جي دنيا
۾ وڏي شهريت ماڻي. سندس وڏا جيلسر مير جا هئا. پاڪستان جي قيام بعد اتان لڏي موجوده
ڳوٺ عبدالرشيد مري لڳ ٻوٻي آئل فيلڊ ۾ اچي پنهنجا پکڙا اڏيا، سندس خاندان ۾ ڪيترائي
فنڪار ٿي گذريا آهن، جن ۾ سندس ڏاڏو طالب فقير والد مصري فقير پنهنجي دور جا وڏا فنڪار
ٿي گذريا آهن. جمال الدين فقير 1951ع ڌاري مصري فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ صرف پرائمري
جا 5 درجا ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪري سگهيو. کيس قرآن شريف پڙهائيندڙ مشهور مولوي
چنيسر ملاح هو.