هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾
ڊاڪٽر ناهيد پروين
اياز حسين قادري کي سنڌي جديد افساني جي بانيڪارن ۾ ليکيو
وڃي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ آيل ماٺار جي انت ۾ جن ليکڪن بنيادي ڪردار ادا
ڪيو، انهن ۾ اياز قادري جو نالو شامل آهي. قادري صاحب جو تعلق هڪ علمي ۽ ادبي ڪٽنب
سان هو، سندن نانو ۽ مامو ادبي دنيا جي اهم شخصيتن مان هئا، ۽ سندن علمي توڙي ادبي
تربيت ۾ سندن مامي ميان غلام عباس قادري جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. قادري صاحب،
بنيادي طور تي شاعر هو، پر پاڻ وقت به وقت ڪهاڻيون به لکندو رهيو، جيتوڻيڪ سندس
ڪهاڻين جو انگ ڪو تمام گهڻو ڪونهي، پر سندس هر ڪهاڻي بهترين شاهڪار ڪهاڻي آهي. “بلو
دادا” سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو ۱۹۵۷ع ڌاري شايع ٿيو. جنهن کان پوءِ
ان جا ڪيترا ئي ڇاپا آيا. سندن لاڏاڻي کان پوءِ قادري قلم قبيلي پاران سندن ڪهاڻين
جو مجموعو “ڪهاڻي هر دور جي” جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ بلو دادا مجموعي کان
سواءِ بعد ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپيل سندن ڪهاڻيون ۽ ڪجهه اڻڇپيل ڪهاڻيون پڻ شامل آهن.
اياز قادري صاحب جنهن دور ۾ ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي، ان دور ۾ “ٽماهي مهراڻ” ۽ “نئين
زندگي” سنڌي ادب جا اهم ۽ معياري رسالا ليکبا هئا، ۽ قادري صاحب جا افسانا انهن
ٻنهي رسالن ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندا هئا.