ڀٽي، رشيد: ناميارو ترقي پسند اديب،
محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جو فرزند، ۲۰
آگسٽ ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ
اروڙ، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم سکر مان ورتي، ۱۹۵۹ع ڌاري لا ڪاليج سکر مان ايل ايل بي ڪري وڪالت شروع ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ
مان ۱۹۸۴ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي
۽ پهريون نمبر کڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سندس والد حافظ عبدالحميد -ڀٽي- پڻ
مشهور صحافي ۽ اديب هو، سندس اثر هيٺ رشيد ڀٽيءَ ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. هُو “المنار”
اخبار ۽ “پرهه ڦٽي” مئگزين جو ايڊيٽر، “نئين سنڌ”، ڪراچي ۽ “ الوحيد” ڪراچيءَ جو
سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو. هن جي پهرين ڪهاڻي “چوري” ۱۹۵۱ع ڌاري هفتيوار “روشني” سکر ۾ ڇپي. هو شروع کان ئي روشن خيال سوچ جو مالڪ
رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور
حصو ورتائين، جنهن ڏوهه ۾ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. خوش مزاجيءَ ۽ کري ڳالهائڻ سبب
دوستن ۾ سندس الڳ سڃاڻپ رهي.رشيد ڀٽي
شخصيت ۽ ادبي ڪاوشون
خالد ٻانڀڻ
رشيد ڀٽيءَ جنهن دور
جو اديب ڏاهو، ڪهاڻيڪار، دانشور هڪ سچو کرو انسان هيو. انهن ڏينهن ۾ اسان جو وجود
ئي ڪو نه هيو ۽ رشيد ڀٽي تي لکڻ لاءِ رشيد ڀٽيءَ جيڏي دل علمي ادبي سوچ ٿي گهرجي.
هو شيخ اياز جو پڳ مٽ يار هيو ۽ شيخ اياز هن صديءَ جو سنڌ لاءِ علمي سوچ جو خزانو
انمول موتي هيو ته رشيد ڀٽي ڇا نه هوندو. مان جيترو به هن کي پڙهيو ۽ سندس شخصيتن
بابت ٻڌو آهي ته جاگيراڻي محلو رشيد جي اوطاق اديب ڏاهن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندي
هئي ۽ سڄي سنڌ اچي رشيد ڀٽيءَ وٽ جمع ٿيندي هئي جتي علمي ڪچهرين ادبي سنگت جي ويهڪن
جا ميلا مچندا هئا
رشيد ڀٽي ترقي پسند
سوچ رکندڙ هيو. جنهن پنهنجي پوري گهر کي ترقي پسند ڪيو. سندس خاندان جون نڀاڻيون اڄ
به سنڌياڻي تحريڪ سان لاڳاپيل هجڻ سبب پوري سنڌ ۾ پنهنجي فڪري ڏاهپ نظرياتي ميدان
۾ بختاور، ڀاڳل ۽ شاهه جي سورمين جهڙو ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون. پر ان جي پٺيان
رشيد ڀٽيءَ جي سڄي محنت ۽ عظمت شامل آهي.
رشيد ڀٽيءَ جو مڪمل
نالو عبدالرشيد ڀٽي ولد مولوي حافظ عبدالحميد هو. سندس جنم ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع ۾ سنڌ جي تاريخي گاديءَ جي هنڌ اروڙ ۾ ٿيو.
تڏهن ته سڄي ڄمار اورڙ جي پهاڙن وانگر ڳاٽ اوچو ڪري زندگي گذاري. رشيد ڀٽي مولائي
شيدائي وانگر صحافت سان به لاڳاپيل رهيو. هن پهريان پنهنجي والد جي هفتيوار نڪرندڙ
اخبار المنار ۾ صحافت جي شروعات ڪئي. بعد ۾ الوحيد، نئين سنڌ اخبار ۾ سب ايڊيٽر ٿيو
جڏهن ته صبح سنڌ ۾ نيوز ايڊيٽر رهيو ۽ مارشل لا جي دور ۾ روزاني عبرت ۽ هلال پاڪستان
۽ برسات ۾ مستقل ڪالم لکندو رهيو.
رشيد ڀٽي جو تعليمي
سفر ڳڻينداسين ته هن سنڌي فائنل، انٽر ڊرائنگ ايم اي، ايل ايل بي ۽ ٺيڙهي جي دارالهديٰ
مدرسي مان پڻ سند حاصل ڪئي هئي. واري تڙ جي پرائمري اسڪول، ميونسپل هاءِ اسڪول، لا
ڪاليج سکر، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي، اسلاميه ڪاليج سکر مان ڊگريون
حاصل ڪيون.
رشيد ڀٽي شروعاتي ڏينهن
۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، رحيم داد مولائي شيدائي جو ويجهو رهڻ
سبب علم ادب ڏانهن چاهه وڌيس. هن ڪتابن ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ،
”مزاحيه ڪهاڻيون“ سياري جي رات، اصلوڪيون لکڻيون مزاحيه ڪالم، جڏهن ته ناٽڪ عاشق زهر
پياڪ، ڪهاڻيون جو ٽيون ڪتاب، ديس ستا دلاوارا جاڳيا، مزاحيه تقريرين جو ڪتاب، اوڀاريون
لهواريون، سوشلزم تي ڪتاب، سياسي، مسئلن جو حل، سچ جو فلسفو، رياست ۽ آزادي ڪميونسٽ
پڌر نامو ڪتابن سان گڏ تاريخ تي، پاڪستان جا پراڻا شهر، جڏهن جهوڪ جهريو، لکيا. ان
کان علاوه دنيا جا عظيم افسانه، ناول، چتر لکڻي، قومي شاعريءَ جو ڪتاب آڏي ڍال ۾ ڍال،
تاريخي ترتيب ڏنل ڪتاب ”سنڌ جا پراڻا شهر” انگلينڊ جا اڍائي سال تضادن جو فلسفو،
ترجمو ٿيل ويٽنامي ناول ويرين جي وسندي” شامل آهن. رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت سکر جو
باني سيڪريٽري ۽ مرڪزي پهريون سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل هيو.
رشيد ڀٽي ۱۶ فيبروري ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ سکر ۽ دوستن کي الوداع چئي نئون ڳوٺ
جي قبرستان ۾ وڃي آرامي ٿيو. پر هن مهان شخصيت جي سنڌ جي سياست ادب صحافت، فلسفي،
تاريخ ۽ همعصر دوستن تي جيڪا ڇاپ ڇڏيل آهي. اها اڃا تائين ڇانيل آهي جن به رشيد ڀٽي
کي ڏٺو يا ان جي ويجهو رهيا ۽ علمي فيض حاصل ڪيو اهي اڄ به رشيد ڀٽي کي ساري ماضي
جي جاگيراڻي محلي جي گهٽين ۾ گم ٿي وڃن ٿا ڇو ته رشيد سنڌ ڄائو اهو عظيم انسان
هيو. جنهن پنهنجي پوري زندگي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي.
رشيد ڀٽيءَ جو لکيل
مقبول نظم ”سنڌڙي رهي اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو“ قومي تحريڪ جي ڏهاڙن ۾ سياسي
ادبي جلسن محفلن ۾ ڏاڍو لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو. رشيد جي نظم ۾ سنڌ کي دعا سندس ذات
ڏات ۽ سوچ جي سفر وانگر سدائين سرسبز آهي.
(ڏھاڙي عوامي
آوز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
رشيد ڀٽي
سنڌ جو متحرڪ ڪردار
حسيب ناياب منگي
مرحوم
سائين رشيد ڀٽيءَ جو نالو سنڌ ۾ نه صرف ادب جي حوالي سان چمڪي رهيو آهي پر سياست ۽
شخصي زندگيءَ ۾ به هن جي نالي هڪ روشني نظر اچي رهي آهي. ڪردار ۾بلنديءَ، جدوجهد ۽
پاڻ پتوڙي نيون روايتون قائم ڪرڻ جي روشني! پنهنجي ديس جي رکوالي ڪرڻ جي روشني!
انسانيت جي روشني! تحريڪن ۾ حصو وٺي سوڀ حاصل ڪرڻ جي روشني! قلم سان جهالت کي مات
ڏيڻ جي روشني! خيالن سان غمن کي مات ڏيڻ جي روشني! هو پنهنجي ذات ۾ اداري جي حيثيت
رکندڙ ته هو ئي هو پر هن جو فڪر به هڪ انجمن آهي. اهڙا شخص سنڌ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا
ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي لياقتن سبب سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏئي ويندا آهن. سائين رشيد ڀٽي
سنڌ جو سچو عاشق ۽ وفادار پٽ هو. هن جي سوچن ۽ خيالن ۾ ئي نه پر ارادن ۽ فيصلن ۾
به سنڌ سان محبت عيان ٿئي ٿي.
سائين
رشيد ڀٽي سنڌ ۾ متحرڪ ڪردار ٿي اڀريو. وڪيل ته هيو ئي بار جو عهديدار ۽ سکر لا
ڪاليج ۾ قانون جا شاگرد تيار به ڪندو هو پر سياسي، سماجي۽ ادبي تحريڪن ۽ تنظيمن جو
حصو بڻيو ته پنهنجي روشن خيالي سان اونداهيءَ ۾ لاٽ جيان ٿي روشني ڦهلائيندو رهيو.
ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ حصو وٺي ثابت قدم رهيو توڻي جو جيل به ويو پوءِ به
سختيون سهندي سنڌ سان ٿيندڙ هر ناانصافيءَ تي خاموش نه ويٺو. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾
به سندس ڪردار ادا ٿيل آهي. عوامي خدمت جي جذبي تحت پاڻ عوامي ليگ، نيشنل عوامي
پارٽي، سنڌ هاري ڪميٽي ۽ عوامي تحريڪ جو حصو رهي ظلم، ڏاڍ، جبر، ناانصافيءَ سميت
سنڌ جي غريب طبقي مٿان ٿيندڙ هر وار تي وقت جي حڪمرانن ۽ ذميوار ماڻهن جي اکين ۾
اکيون ملائي پنهنجو سنڌ، سنڌي عوام ۽ خاص ڪري غريب ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ وارو چٽو
موقف پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. گهڻن ئي سياسي اڳواڻن جي ويجهڙائي سندس حصي ۾ آئي جنهن
کيس پنهنجي ارادن ۽ عملي قدمن ۾ اڃان وڌيڪ مضبوط بڻايو.
سائين
رشيد ڀٽي پنهنجي حياتيءَ ۾ انسان دوست ٿي رهيو، وٽس ڪو ڪجهه سکڻ آيو ته پنهنجي
علمي قابليت آهر هن تنهن جي مدد ڪئي، ننڍن سان ننڍو وڏن سان وڏو پيو لڳندو هو. کل
ڀوڳ ۾ به اصلاحي پهلو کي قائم رکڻ وارو شخص هو. سچو ۽ کرو انسان! پنهنجي همعصرن ۾
منفرد سوچ جو مالڪ هو. وڏي سوچ سان گڏ وڏي دل جو مالڪ هو. هٿ جو سخي هو. دوست
علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ عام زندگيءَ جي حوالي سان پروگرام يا ڪم ڪار سانگي سکر
پهچن ته رشيد ڀٽي جي اوطاق جا در سڀني لاءِ کليل رهندا هئا.
سائين
رشيد ڀٽي جون ادبي خدمتون ڪنهن کان به ڳجهيون ڪين آهن. هن شروعاتي دور ۾ ڪهاڻيون
لکيون، شاعري به ڪئي. ڪالم به تحرير ڪيا ته تاريخ، ادب، سياست ۽ قديم آثارن تي هن
تمام گهڻو لکيو. ۳۰ کان مٿي سندس ڪتاب ڇپيل آهن. جن تي سنڌي ادب کي ناز آهي. هن جي
تخليقي ۽ ترجمي واري پورهئي جا موضوع سندس شخصيت جي پهلوئن وانگر تمام گهڻا آهن.
سنڌي ادبي سنگت سميت گهڻيون تنظيمون سندس فڪري ضيائيءَ سبب روشن ٿيون. گهڻا ئي
ادبي چهرا رشيد ڀٽيءَ جي دوستيءَ ۾ اچي ادبي ميدان ۾ چمڪي پيا. اخبار هجي مئگزين
رشيد ڀٽي سان وابستگي ۾ آيون ته سون ٿي پونديون.
سائين
رشيد ڀٽي جي نثر ۾ ئي نه پر نظم ۾ به مزاح جو عنصر موجود آهي. پاڻ ٻين شاعرن جي
سنجيده ڪلام تي به مزاحيه ڪلام لکيا هيائين.
وري ياد آيا بهانا اوهان جا،
هي ماما اوهان جا هي نانا اوهان
جا.
اسان لاءِ ڦمڻيءَ جي ٽڪري آ ڪافي،
هي ڪلبون ۽ هي جيمخانا اوهان جا.
ـــــــــــــــــــــــــــــ
تنهنجي دنيا زيبا ريشم،
مون وٽ بوٽ نڪو فل سوٽ الا.
منهنجي دنيا خيران ساران، تنهنجي
دنيا نيلو شبنم،
مون وٽ بوٽ نڪو فل سوٽ الا.
هن پنهنجي
حياتيءَ جا خوبصورت لمحا، پنهنجن، پراون، ساٿين ۽ يارن سان گڏ گذاري خوب عزت
ڪمائي. هن جي سوچ جو محور سنڌ هئي سا تحرير ۾ به نظر اچي ٿي. هن سنڌ جي نوجوان کي
علم حاصل ڪرڻ ۽ سياسي توڙي سماجي حوالي سان شعور پيدا ڪرڻ جو جيڪو سبق ڏنو سو اڄ
به سندس لکڻين ۾ موجود آهي. پاڻ ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ اروڙ تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾
ڄائو هو سندس والد حافظ عبدالحميد ڀٽي هو. ايم.اي ۽ ايل ايل بي جون سندون حاصل
ڪيون هيائين. اديب، سماجي ڪارڪن، سياسي اڳواڻ، قانوندان هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي دور
جو صحافي به هو. پاڻ ۱۶ فيبروري ۱۹۸۸ع تي لاڏاڻو
ڪري ويو. ڌڻي در دعا آهي ته کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ٿئي ۽ سنڌ جو نوجوان
سندس ڇڏيل پورهئي مان فيضياب ٿيندو رهي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
رشيد ڀٽي
دادا سنڌي
سال ۱۹۶۴ع ۾ سنڌي ماستري جي انٽرويو لاءِ سکر سڏ ٿيو
ته ادا وڏو گڏجي هليو. رشيد ڀٽيءَ سان ملڻ واري تمنا موقعي ۽ تاڙ هئي ته ۱۹۶۷ع ۾ ٽريننگ لاءِ سکر سڏ ٿيو. بس، پوءِ ته
وارو ملي ويو ۽ رشيد جي زيارت ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪيم. ان وچ ۾ منهنجا ڪجهه ڪچا ڦڪا
مضمون روزانه مهراڻ ۽ روزانه نواءِ انقلاب سکر ۾ ڇپجندا رهيا ۽ هڪ ٻه ادبي خط ۽
فيچر ماهوار ”روح رهاڻ“ ۾ به ڇپيا. روح رهاڻ رسالو تنهن وقت ترقي پسند ادب جو
ترجمان هو. جنهن جديد لاڙن کي سنڌي ادب ۾ فروغ ڏنو ۽ ترقي پسند اديبن جي حوصله
افزائي ڪئي. مان به ”روح رهاڻ“ جي ادب کي پڙهي تصوراتي دنيا کان ٻاهر اچي. ڌرتي ۽ ڌرتي
وارن لاءِ سوچڻ لڳس. هن رسالي جي ادب کي پڙهي خبر پئي ته جنم ڀومي ڇا ٿيندي آهي ۽
ان جي ماڻهن جا سور ڌرتي ڄائين کي ڇو تڙپائيدا آهن ۽ روح رهاڻ ٻڌايو ته رشيد ڇا
آهي ۽ ان جو ناتو روح رهاڻ سان ڇو آهي! خير سائين اها ڊسمبر جي شام هئي. مون
جاگيراڻي محلي ۾ رشيد ڀٽي جي آفيس کي کليل ڏٺو ۽ ائين ئي هڪ همراهه ڪلين شيو، جان
۾ ڀريل، کدڙ جي سلوار قميص ۽ مجيب جئڪٽ ۾ ملبوس، ٿلهن شيشن واري عينڪ سان، رشيد ڀٽي
چئي مليو، مون چيو داداسنڌي. ائين گهرو ٿي ويو ڄڻ سالن کان سونهان هئاسون! ڄڻ هن منهنجي
واٽ پئي نهاري! بس مون ائين سمجهيو ته ” تون تنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.“ ڪچهري
ڪرڻ ويٺو. سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي ماڻهو، سنڌيت، ٻيو ڪو موضوع ئي ڪونه هو.
ايوب جو دور حڪومت هو. سنڌ ۾ ٻڪر ٻوساٽ هئي. سنڌ ۽ سنڌ واسين سان نسورو ناحق هو.
سنڌين کي ائين چٿيو پئي ويو. جيئن نانگ جي منڍي چئجي ۽ واهن وانگر سنڌين ائين ڪٺو
پئي ويو. جيئن ڪنهن وڏيري جي پٽ جي وهانءُ ۾ مفت جا ٻڪرا ڪسجن! سنڌ جو نالو کڻڻ ئي
ڏوهه هو. ۽ سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ، ڪاريهر جي ٻر ۾ ٻانهن وجهڻ جي برابر هو. پر رشيد ڪونڌر
۽ ڪوبو مڙس، سنڌ بابت ڳالهائيندو رهيو، لکندو رهيو. سنڌ لاءِ وڙهندو رهيو. وڙهندو
(قيد ۾) رهيو. ڏکندو رهيو، روئيندو رهيو.
رشيد جي هڪ ملاقات منهنجي ڪايا پلٽي ڇڏي، مان
جيئن ڳوٺاڻو هوس، مطالعو گهٽ هو، ٺڪر پڻي، ملائيت ۽ تنگ نظري ڪري جديد ادب جي
اهميت ۽ افاديت کان اڻ واقف هوس. ان ڪري قومي ۽ قومي مسئلن کي ادب جي روشني ۾ پرکڻ
جي ڄاڻ ۽ صلاحيت گهٽ هئي. پر رشيد مون کي ٻڌايو ته ادب جو سماجي ڪارج ڇا آهي؟ ۽
ادب براءِ زندگي ڇا کي چئبو آهي؟ صحتمند ادب جي تقاضا ڇا آهي. رشيد جي هڪ ڪچهري
مون کي جاهليت جي اونهي غار مان ڪڍي، روشني جي کليل فضا ۾ آندو، ۽ اسلامي رواداري
۽ وحدت نسل انساني جي راهه ڏيکاري. سچ آهي ته هن مون کي ڍور مان انسان بنايو.
رشيد هر نوجوان جي ڪتاب
تي ڪجهه لکڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو ۽ هر انهي رسالي ۽ اخبار ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
جنهن جو واسطو سنڌ ۽ سنڌ جي مسئلن سان هوندو هو. نه صرف ايترو پر ان ۾ پنهنجن
دوستن کي به لکڻ جي نينڍ ” ڏيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو مون کي نبي بخش کوسي جي هفتيوار
رسالي ” صبح سنڌ “ ۾ لکڻ لاءِ زور ڀريائين ۽ جڏهن منهنجا ان ۾ ڪجهه تاريخي مضمون ڇپيا
تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو. پوئين دور ۾ سکر مان هڪ رسالو ” پرهه ڦٽي “ ڪڍيائين. مون کي حڪم
ڪيو ويو ته ان لاءِ تاريخي مضمون لکان. مون کيس ”عربن جا سنڌ سان ناڻِي وارا ناتا“
(عنوان پاڻ ترتيب ڏنائين) مضمون ڏنو. جڏهن مليو تڏهن ڀاڪر پائي چيائين ته ”دادا
انگ انگ ٺاري ڇڏيوئي، مون کي اهو ڏک ناهي ته راشدي صاحب کان پوءِ، عربن جا پول ڪير
پڌرا ڪندو.“
رشيد منهنجو دلبر
ساٿي، پيارو دوست، ادبي محسن ۽ گهڻگهرو هو. مون کي عزت ۽ قرب ڏيندو هو. منهنجي هر
وقت همت افزائي ڪندو هو. هڪ دفعي افسانن جو مجموعو ”گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ“ ڏيئي
چيائين ته هي پڙهه ۽ افساني جي ٽيڪنڪ ۽ لکڻ جي فن کي سامهون رکي، ڪهاڻي لک. مون هڪ
ڪهاڻِ لکي کيس ڏني، پاڻ ان جي اصلاح ڪيائين. پوءِ اها ڪهاڻي مون سکر ۾ ادبي سنگت
جي هڪ ويهڪ ۾ به پڙهي هئي. جنهن کي ان وقت جي جي دوستن ڏاڍو پسند ڪيو. ان کان پوءِ
رشيد جي زور ڀرڻ تي، مون کيس ٻه ٽي ڪهاڻيون لکيون. پر ڳوٺ ۾ اچڻ ڪري، رشيد سان
واسطو ٽٽي ويو ۽ ائين مان ڪهاڻي نويس نه ٿي سگهيس. رشيد ڏکي ويل ۾ دوستن جي مدد ڪندو
هو. ۽ واهه جو ڪندو هو. هڪ دفعي مان انگريزي ماستري لاءِ انٽرويو لاءِ سکر آيس. ساڻس
حال اوريم، پاڻ منهنجي منع ڪرڻ جي باوجود به واسطيدار آفيسر سان ملي سفارش ڪري،
سليڪٽ ڪرايائين. ٻيهر پروموشن لاءِ وس ويندي متعلقه آفيسرن کي فون ڪندو رهيو. ڪجهه
خط اڄ به مون وٽ موجود آهن. هن مان صاف ظاهر آهي ته رشيد کي سنڌي نوجوانن لاءِ ڪيڏي
نه عزت ۽ محبت هئي. ۱ جنوري ۱۹۸۷ع ۾ مون کي سنڌي ادبي سنگت طرفان ”پارس ايوارڊ“ مليو. پاڻ ان تقريب ۾ موجود
هئا ۽ ڀاڪر پائي مبارڪ ڏنائون. ساڳئي سال آل سنڌ ٻالڪ سنگت طرفان ”پوپٽ ايوارڊ“
مليو. پاڻ ان تقريب ۾ به موجود هئا ۽ سڀ کان اڳ ۾ تاڙيون وڄايائون. خيرپور ۾ تنوير
عباسي صاحب رشيد جي موجودگيءَ ۾ مون کان پڇيو ته دادا اڄڪلهه ڪهڙو ڪتاب ٿو لکين؟
مون عرض ڪيو ته ”۱۸۵۷ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ“. چيائين ته پوءِ ڪتاب ڇپراءِ. تنهن تي رشيد تنوير کي
چيو ته ”خوشي سان، پئسا تون ڪڍ.“ بهرحال رشيد جو قرب ۽ سڪ وارو ورتاءُ ڪڏهن نه
وسرندو. (نومبر ۱۹۹۴ع)
رشيد ڀٽي
دوستن جون ساروڻيون
رئوف نظاماڻي
جيتوڻيڪ سنڌي ادبي
سنگت جي سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌي جي هڪ اهم ليکڪ هئڻ جي حوالي سان رشيد ڀٽي جو نالو
گھڻو ٻڌبو هو پر منهنجي ساڻس ملاقات ۽ ذاتي واقفيت ڪڏهين بہ نہ رهي. ساڻس منهنجو
تعارف هلال پاڪستان ۾ ڇپجندڙ سندس ڪالم هئا جيڪي هو باقاعدگي سان لکندو هو.
انهن مان گھڻا ڪالم
سندس ڪتاب جي جياريو جن ۾ شامل آهن جيڪي مختلف شخصيتن جي حوالي سان لکيل آهن. ان ۾
ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ شائع ٿيل ۽ ڪجھ اڻ ڇپيل ڪالم ۽ مضمون پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾
ڪل چوويھ مضمون شامل آهن. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ اهي مضمون هن انهن ماڻهن جي گذاري وڃڻ
کان پوء لکيا آهن جنهن ۾ هو جذباتي بہ ٿي ويو آهي.
انهن مضمونن مان
ليکڪ جي پنهنجي شخصيت متعلق بہ گھڻي معلومات ملي ٿي. هن پنهنجي شاگردي جو چڱو عرصو
ڪراچي ۾ گذاريو. هو ۱۹۵۳ ۾ ڪراچي آيو. اهو پاڪستان جو شروعاتي دور هو ۽ سنڌ مختلف آزمائشن مان گذري
رهي هئي. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ، سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد ۽ پوءِ ڄامشورو
منتقل ڪرڻ، ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ ۽ سڀ کان اهم ون يونٽ جو
قيام ۽ سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪرڻ اهڙا مسئلا هئا جن خاص طور نوجوانن ۽ شاگردن ۾ هڪ
بيچيني پيدا ڪري ڇڏي هئي. انهن سرگرمين ۾ حصي وٺڻ سان گڏوگڏ ان وقت سنڌي ادبي سنگت
بہ پنهنجي شروعاتي دور ۾ هئي ۽ ليکڪ مختلف شهرن ۾ ان جي شاخن قائم ڪرڻ لاء بہ ڪم ڪيو.
رشيد ڀٽي جي سياسي
۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز ڪراچي هو. هو هتي مختلف جاين تي ٿيندڙ سنگت جي گڏجاڻين ۾
شريڪ ٿيندو هو ۽ ساڳي وقت اڌ رات جو ڪامريڊ پوهو ۽ ٻين سان گڏجي ڪراچي جي ديوارن
تي چاڪنگ به ڪندو هو. ان سلسلي ۾ هن سنڌ يوٿ فرنٽ جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جو روح روان
ذوالفقار علي ڀٽو هو ۽ ٻيا مختلف ماڻهو ان ۾ شامل هئا.
ڪراچي ۾ ليکڪ جو
احسان بدوي، نورالدين سرڪي، اياز قادري، پوهو ۽ ٻين اهم ماڻهن سان واسطو پيو جن
سندس ادبي ذوق، ادبي ڪم ۽ سياسي شعور کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي. هڪ اهڙي شخصيت
جي تشڪيل ٿي جنهن جو محور ۽ مرڪز سنڌ هئي. پر ان کي هڪ تنگ نظر قوم پرستي نه ٿو
ليکي سگھجي. طبقاتي شعور سان گڏ هڪ اهڙو آزاد خيال شخص جيڪو ڪنهن اڳواڻ ۽ سياسي
جماعت جو هرو ڀرو پڇ لٽڪائو نه هو. ان ڳاله جو ثبوت ان مان ملي ٿو ته رسول بخش
پليجو جي عوامي تحريڪ جي ٺهڻ جي شروعاتي گڏجاڻين مان هڪ اروڙ ۾ سندس جاء تي ٿي هئي
۽ هو پليجو کي ساٿي پليجو سڏي ٿو پر ساڳي وقت سندس جيل ڊائري ۽ آتم ڪٿا اسين
لوچيون لوه ۾ هن پليجو تي گھڻي تنقيد ڪئي آهي. ان سان گڏوگڏ سندس هڪ آزاد فرد جي
طور نيشنل عوامي پارٽي ۽ عوامي ليگ جهڙين صوبائي حقن جي حامي مختلف جماعتن سان
واسطو پڻ رهيو آهي.
هن ڪتاب جي خاص ڳاله
اها آهي ته ان ۾ جن به شخصيتن جو بيان آهي انهن کي سٺن لفظن سان ياد ڪيو ويو آهي.
مثال طور آغا بدرالدين، جنهن جو مسلم ليگ سان واسطو هو، جي گڻن کي ساراهيو آهي.
پير حسام الدين راشدي هڪ تاريخدان طور ڄاتو وڃي ٿو
پر ليکڪ اها ڳاله به ڪئي آهي ته هن افسانا به لکيا آهن جن جي شايد گھٽ ماڻهن کي ئي
خبر هجي.
احسان بدوي متعلق
سندس ليک جذباتي ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هو ايس ايم ڪاليج ۾ سندس استاد هئڻ سان گڏوگڏ
سندس دوست پڻ هو. ڪراچي ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ سندس موت سندس اندر کي جھوري ڇڏيو هو.
اروڙ جي اقبال جوڳي جي مرلي کيس موهي وڌو هو. جوڳي هڪ عالمي شهرت جو فنڪار هو پر
سندس الميو اهو هو ته وٽس پنهنجي دوائن لاء پئسا نه هوندا هئا ۽ مرلي وڄائي بيک نه
مڱندو هو ته سندس گھر جو گاڏو نه هلندو هو.
ڪامريڊ پوهو جي لاء
هو لکي ٿو ته شادي ۽ گھر جي ذميوارين کيس ڄڻ ٻين سڀني ڳالهين کان لاتعلق ڪري ڇڏيو
هو ۽ سندس شادي نورالدين سرڪي جيان ڄڻ کانئن هڪ ٻيو ڪامريڊ کسي ورتو هو.
هو ڪميونسٽن جو
قومي حقن جي حوالي سان واضح نه هئڻ ڪري نقاد رهيو آهي پر ان سلسلي ۾ نسل پرستي جي
حد تائين نه ٿو وڃي ۽ حسن ناصر جهڙن اهڙن ماڻهن کي ساراهي به ٿو جن ان حوالي سان هڪ
واضح موقف رکيو هو.
رشيد ڀٽي جي جيل ڊائري
۽ هن ڪتاب مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته عمر جو گھڻو حصو عمل ۾ رهڻ ڪري هن باوجود ڪن
سياسي اڳواڻن ۽ سياسي جماعتن جي ويجھي هئڻ جي پنهنجو هڪ آزاد نڪته نظر رکيو آهي
جنهن سان اختلاف ڪري سگھجي ٿو پر اها ساڳي وقت هڪ ساراه جوڳي ڳاله آهي. آئون سمجھان
ٿو ته هو اهڙا شخصي خاڪا انهن ماڻهن جا به لکي ها جيڪي حال حيات هئا ته پڙهندڙ جي ڄاڻ
۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ سٺو واڌارو ٿئي ها.
رشيد ڀٽي
ورسي جي مناسبت سان اروڙ
جو الستي
حميد منگي
ناميارو ترقي پسند
اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، اصل سنڌ جي تاريخي شهر ”اروڙ“ جيڪو هاڻي هڪ ڳوٺ
جي صورت ۾ تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ شمار ٿئي ٿو، اتي ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع تي ڄائو۔ هن جي والد محترم جو نالو حافظ
عبدالحميد ڀٽي هئو، جيڪو به پنهنجي وقت جي وڏي نالي واري شخصيت هئو، جنهن جون اروڙ
۾ اڄ به علمي ۽ ديني خدمتون ڳايون وڃن ٿيون پر هو جڏهن سکر شهر ۾ لڏي آيو ته، ان
جاگيراڻي پاڙي ۾ هڪ مسجد جوڙائي، جتي پاڙي جا ماڻهو نماز پڙهندا ۽ ٻار ديني تعليم
به حاصل ڪندا هئا، جڏهن ته مسجد جي بلڪل سامهون ”المنار“ نالي پريس جو بنياد به وڌو،
جيڪا منهنجي ڄاڻ مطابق شايد سکر شهر جي پهرين پريس هئي۔ اڄ ان پريس جي ڪهڙي
صورتحال آهي مونکي ڪابه ڄاڻ ناهي۔ ها ايتري ڄاڻ اٿم ته مرحوم رشيد ڀٽيء جو سڀني
کان ننڍو پٽ سچل ڀٽي وڪالت ڪري ٿو، پر وڏي وقت کان نه ان سان نه ئي ريٽائرڊ
پروفيسر خالد ڀٽيء سان ملاقات ٿي سگهي آهي۔
مرحوم رشيد ڀٽي، سنڌي
ادبي سنگت جي ٻئي منظم دور جي باني ميمبرن مان هڪ هئو، هو تنوير عباسيءَ کانپوءِ
يارنهن سالن تائين سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو۔ شمشير الحيدري، تنوير عباسي ۽ رشيد
ڀٽيءَ جي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت تاريخي ڪردار ادا ڪيو۔ رشيد ڀٽي جن دوستن جي صحبت ۾
رهيو، تن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي، مولائي شيدائي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، نورالدين سرڪي، آفاق صديقي، غلام
رباني آگرو، حميد سنڌي، عبدالواحد سنڌي، غلام محمد گرامي، نياز همايوني، شمس الدين
شاھ، فتاح ملڪ، نبي بخش کوسو، فتح الله عثماني، عبدالڪريم گدائي، رڪن الدين قاسمي،
ڊاڪٽر اعزاز نذير ۽ ٻيا شامل هئا۔ رشيد ڀٽي ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ سياسي حوالي سان
عوامي ليگ سنڌ جو سرگرم ڪارڪن رهيو، کيس ڪو سياسي عهدو هيس يا نه مون کي وڌيڪ ڄاڻ
ناهي، ها البته اها خبر ضرور آهي ته ۱۹۷۱ع ۾ عوامي ليگ جي حمايت جي الزام ۾ هن ۹ مهينا جيل به ڪاٽيو۔ کانپوءِ ۾ نيشنل عوامي
پارٽيءَ ۾ به شموليت اختيار ڪئي ۽ خان عبدالغفار خان، ولي خان، عطا الله مينگل،
خير بخش مري، حفيظ قريشي ۽ ٻين سان گڏجي عوامي حقن لاءِ پنهنجي وت کان وڌيڪ جدوجهد
ڪئي۔
جڏهن ته سنڌ هاري ڪميٽي
۾ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏ ڪم ڪيائين۔ هو پاڪستان رائٽرز گلڊ، سنڌ جو سيڪريٽري به
رهيو۔ هن ڪجهه وقت لاءِ سکر لا ڪاليج ۾ اعزازي پروفيسر طور به خدمتون سر انجام ڏنيون،
هو سکر جو ناميارو وڪيل هو۔ ۱۹۷۱ع ۾ سکر بار جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو۔ ۱۹۷۲ع ۾ سنڌي ٻولي، قومي ٻولي تحريڪ شروع ٿي ته،
رشيد ڀٽي ان تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو۔ پنهنجي آخري وقت ۾ نامور اديب ۽ سياستدان
رسول بخش پليجي سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري، عوامي تحريڪ جو حصو بڻيو، جڏهن ته ايم آر ڊي
جي جدوجهد ۾ سندس پوري خاندان جو وڏو ڪردار آهي۔ ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جو بنياد وڌو۔ هن
جي فورم ٺاهڻ جو مقصد سنڌ جي نوجوانن کي جديد ۽ سائنسي علم جي ڄاڻ ڏيڻ هو۔
مرحوم رشيد ڀٽي جي
علمي ۽ ادبي پورهئي ۾ هونئن ته هن جي پهرين ڪهاڻي ”چوري“ ۱۹۵۱ع ڌاري هفتيوار روشني سکر ۾ ڇپي۔ جنهن
کانپوء هن باقائده لکڻ جي شروعات ڪئي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ، دنيا
جا عظيم افسانا، آڏي ڍال مَ ڍار، عاشق زهر پياڪ، رياست ۽ آزادي، آدرشي، پاڪستان جا
پراڻا شهر، ديس ستا دل وارا جاڳيا، اوڀاريون لهواريون، سياري جي رات، سياسي مسئلن
جو حل، سچ جو فلسفو، ڪميونسٽ پڌرنامو، چتر ليکا، وِيرين جي وسندي، سنڌ جا پراڻا
شهر، ڀلاري ڀونءَ، پاپ ۽ پيڙا، باغي، جيءُ جياريو جن، جڏهن جهوڪ جهريو، بين
الاقوامي انقلاب جو راههِ عمل، تضادن بابت، تصوف اور ڪلاسيڪي سنڌي شاعري ۽ هڪ
انگريزي ڪتاب ‘Birth of a Great Poet (Kalhora Period 1700-۱۷۸۴)۔
مطلب ته هن جا اٽڪل ۲۶ ڪتاب ڇپيل آهن۔ جن ۾ ڪجهه انگريزي ۽ اردو ڪتابن
جا ترجما، ڪجهه پنهنجا مضمون ۽ ڪهاڻيون، افسانه توڙي شاعريء جا ڪتاب شامل آهن،
جنهن ۾ هن جا مزاحيه شاعريء جا ٻه مجموعا به شامل آهن۔
جڏهن ته انکانسواءِ
رشيد ڀٽيءَ شيخ اياز جي ڪتاب ”خط، انٽرويو ۽ تقريرون“ جي پهرئين ڀاڱي ۾ ۱۱۸ صفحن جو شاهڪار مهاڳ لکيو، جنهن ۾ دنيا ۽
سنڌي ادب جي روشن خيال ۽ ترقي پسند ڪردارن ۽ شيخ اياز سميت ٻين ساٿين جي جدوجهد تي
روشني وڌي آهي۔ اهڙيءَ طرح هن شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ تي ۳۱ صفحن جو تفصيلي مهاڳ لکي ڀڳت سنگهه ۽ ساٿين
جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو۔ سندس هي ٻئي مهاڳ سنڌي ادب ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿا۔
رشيد ڀٽي اصل ۾، محمد ابراهيم جويي ۽ رسول بخش پليجي کانپوءِ ٽيون اهو اديب ليکيو
ويندو آهي، جنهن شيخ اياز جي شاعريءَ جو جائزو وٺندي، اڀياس لکي سندس شاعراڻي عظمت
کي ڀٽائيءَ کانپوءِ ۲۰ صديءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني۔ هن لعل جوڻيجي جون لکيل يادگيريون ”انگلينڊ
جا اڍائي سال“ پڻ ترتيب ڏئي ڇپايو۔ ان سميت رشيد ڀٽيءَ جو ٻيو به کوڙ سارو قلمي
پورهيو آهي۔ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ادب، ثقافت، تاريخ، سياست ۽ قديمي
آثارن جي موضوع تي هن مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکيا۔
منهنجي نظر ۾، هو
گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هئو، هو هڪ بهترين وڪيل سان گڏ متحرڪ ۽ بي ڊپو سياسي اڳواڻ
به هو علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ سدائين پيش پيش رهيو، هڪ سٺي ليکڪ سان گڏ
بهترين مقرر به هئو، بحث مباحثن ۾ نواڻ سان ڀريل نقطا اٿاريندڙ، مزاحيه پيروڊي جو
ماهر، ويٺي ويٺي ڪنهن به گاني جي نون خيالن ۽ جديد سوچن تي مبني گيت گهڙڻ جو وڏو
ماسٽر هئو، هو سدائين سيريئس نه هوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن مزاق جي موڊ ۾ ايندو هو ته،
دوستن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندو هئو۔ مون پنهنجي زندگيء ۾ ايڏين خوبين وارا
ماڻهو تمام گهٽ ڏٺا آهن۔ اصل ۾ ايترين سارين خوبين جا مالڪ ئي گهڻ رخي شخصيت جا
مالڪ هوندا آهن۔
مرحوم رشيد ڀٽي
بابت ناليواري شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو چوڻ هئو ”ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ
سوڀي گيانچنداڻيءَ کانپوءِ رشيد ڀٽي ئي پاڻ پتوڙيو آهي“۔ نالي واري اديب ۽ سندس
ويجهي دوست غلام رباني آگري ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ (حصو ٻيو) ۾ رشيد ڀٽيءَ لاءِ
لکيو آهي ته، ”رشيد ڀٽي ٻين لاءِ سنڌ جو نامور اديب، ڪهاڻيڪار، مزاحيه نگار، سنڌ
جو محب وطن ۽ مظلومن جو حمايتي هو، پر مون سان سندس هڪ ئي نسبت هئي، اها هيء ته
رشيد ڀٽي منهنجو يار هئو“۔ نالي واري ڪهاڻيڪاره ماهتاب محبوب ڪنهن جاء تي لکيو آهي
ته، ”عام زندگيءَ جيان سياسي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ناساز حالتن سان هن ڪڏهن به ڪمپرومائيز
نه ڪيو، پر لکڻين ۾ به هن اوليت پنهنجي نظرين کي ڏني جنهن ۾ ڦيرڦار آڻڻ لاءِ ڪنهن
به قيمت تي تيار نه هئو“۔ ڊاڪٽر خليل انصاريءَ هڪ جاءِ تي لکيو آهي ”رشيد ڀٽي جديد
ادب جي مهندارن جي اڳواڻ دستي جو جرنيل هو“ جڏهن ته شيخ اياز کي رشيد ڀٽيءَ جي
وفات تي وڏو ذهني صدمو رسيو، جو هو سندس جگري دوست هئو۔ هن رشيد ڀٽيءَ جي ياد ۾ ڪيترائي
بيت لکي کيس خراج پيش ڪيو آهي، سنڌ جو هي ارڏو اديب، صحافي ۽ سياستدان ۱۶فيبروري ۱۹۸۸ع تي وفات ڪري ويو۔
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ فيبروري ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
رشيد ڀٽي
سنڌ پرست ليکڪ
مُشتاق ٽانوري
سنڌڙي رَهَي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو.
علمي آڪاش تي ڪي ماڻهو
ستارن وانگر نه، پر سج وانگر اڀرن ٿا، جن جي روشني صديون گذرڻ باوجود به جھَڪي نه ٿي
ٿئي. اهڙو ئي هڪ روشن نالو رشيد ڀٽي هو. رشيد ڀٽي لفظن جو سپاهي، خيالن جو باغبان
۽ قلم جو اهو مسافر، جنهن پنهنجي سوچ جي ڏيئي سان ڪيترن ذهنن جي اوندهه ختم ڪري،
روشني ڪئي. رشيد ڀٽي اهڙو سج هو؛ لفظن جو شهسوار، فڪر جو درياهه، ۽ قلم جو اهو
راهي، جنهن جي هر سٽ ڄڻ روشنيءَ جو پکي بڻجي ذهنن جي آسمان تي اڏامندي هئي.
۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع تي اروڙ جي تاريخي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ رشيد ڀٽي ڄڻ علم جي ان وڻ جو ٻج
هو، جيڪو وقت سان گڏ ڇانورو ڏيندڙ پپر بڻيو. اروڙ جي ڌرتي پاڻ به صدين جي قصن،
قافلن ۽ ڪهاڻين سان ڀرپور هئي، سو هن جي روح ۾ به ڄڻ تاريخ جو ساز وڄي رهيو هو.
سندس والد حافظ عبدالحميد ڀٽي پاڻ به علم ۽ صحافت جو روشن چراغ هو، تنهنڪري رشيد
جي ننڍپڻ جون راتيون به ڪتابن جي خوشبوءَ سان مهڪنديون هيون. ننڍڙو رشيد جڏهن ڪتابن
جي ورقن کي ڇهندو هو ته لڳندو هو ڄڻ ڪو ٻار گلن جي پنکڙين سان کيڏي رهيو هجي. لفظن
سان اها شروعاتي دوستي آهستي آهستي اهڙي محبت ۾ بدلجي وئي، جيئن برساتي بوند مٽيءَ
۾ پئي خوشبو بڻجي وڃي.
سکر جي درسگاهن مان
علم حاصل ڪرڻ دوران هن جو ذهن ڪنهن کليل آسمان وانگر ٿيندو ويو. حدن کان آزاد،
سوچن سان مالا مال. سکر جي درسگاهن مان علم پرائڻ کان پوءِ هن قانون جي دنيا ۾ قدم
رکيو، قانون جي دنيا ۾ قدم رکڻ باوجود سندس دل عدالت جي ديوارن ۾ نه، پر ادب جي
افق ۾ اڏامندي رهي انڪري سندس اصل سڃاڻپ عدالت نه، ادب جو درٻار بڻيو. سنڌ يونيورسٽيءَ
مان ايم.اي سنڌي ادب ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ ڄڻ سندس ذهني محنت جي تاجپوشي هئي، جيڪا
ٻڌائي رهي هُئي ته هي مسافر عام واٽ جو نه، پر فڪر جي شاهراهه جو راهي آهي.
رشيد ڀٽي جي شخصيت
بابت سندس همعصر لکن ٿا ته سندس شخصيت ڪنهن درياهه وانگر هئي، مٿاڇري تي نرم، لهرن
۾ سڪون، پر اندر گهراين ۾ طوفان. سندس نگاهه ۾ اهڙو وقار هوندو هو، جيئن جبل
پنهنجي اوچائيءَ ۾ خاموش بيٺو هجي ۽ سندس گفتگوءَ ۾ اهڙو احساس، جيئن وڻن جي ڇانوَ
۾ گھُلندڙ هوا. ۱۹۵۱ع ۾ جڏهن سندس پهرين ڪهاڻي ”چوري“ڇپي ته ادبي دنيا کي محسوس ٿيو ڄڻ خاموش
واديءَ ۾ اوچتو ڪو بانسريءَ وارو نغمو گونجي پيو هجي. اهو آواز نئون هو، پر ان ۾
صدين جي سچائيءَ جو سرگم سمايل هو. هو رڳو ليکڪ نه، تحريڪن جو ڪارواني، خيالن جو
مسافر ۽ سچ جو سپاهي هو. ون يونٽ خلاف جدوجهد هجي يا ٻوليءَ جي حقن لاءِ جنگ، هو
هر محاذ تي اهڙي همت سان بيٺو، جيئن طوفان ۾ سگھاري وڻ جي پاڙ ڌرتيءَ جي سيني ۾ وڌيڪ
پختگيءَ سان پکڙجي وڃي. هو سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي منظم دور جو باني ميمبر رهيو. سنڌي
ادبي سنگت جي ٻئي منظم دور جو باني ٿيڻ سندس فڪري ڪردار جو وڏو ثبوت هو. جڏهن هن
سيڪريٽري جنرل طور يارهن سال خدمتون سرانجام ڏنيون ته اهو عرصو ادب لاءِ اهڙو هو،
جيئن بهار جو موسم باغ لاءِ، هر پاسي نوان گل، نيون خوشبوئون، نوان رنگ. ساڻس گڏ
شمشير الحيدري ۽ ٻيا ساٿي اهڙا هئا، جيڪي لفظن کي تلوار ۽ خيالن کي ڍال بڻائي ادب
جي ميدان ۾ لٿا هئا. انهن جي گڏجاڻين ۾ خيال اهڙيءَ طرح ايندا هئا، جيئن رات جو
آسمان ۾ جُهٽ ٿي تارا. ڊاڪٽر تنوير عباسي کان پوءِ يارهن سال سيڪريٽري جنرل طور
خدمتون سرانجام ڏنائين. سندس علمي صحبتين ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، شيخ
عبدالرزاق راز، حيدربخش جتوئي، شمشير الحيدري، مولائي شيدائي، سوڀو گيانچنداڻي،
نورالدين سرڪي، آفاق صديقي، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ غلام رباني آگروجهڙا علمي ستارا
شامل هئا، جن سان سندس فڪري گفتگو ڄڻ فڪر جي محفلن جا ميلا هوندا هئا. رشيد جڏهن
انهن سنگتين سان ويهي بحث ڪندو هو ته لڳندو هو ڄڻ فڪر جا درياهه پاڻ ۾ ملي سمنڊ بڻجي
ويا هُجن. انهن محفلن ۾ لفظ صرف ڳالهه نه هوندا هئا، پر سوچ جا چراغ هوندا هئا، جيڪي
هر ٻڌندڙ جي اندر نئين روشني روشن ڪندا هئا.
رشيد ڀٽيءَ جو قلم ڪنهن
هڪ صنف تائين محدود نه رهيو. ڪهاڻيون، ناٽڪ، تاريخ، ترجما ۽ فلسفو، هر ميدان ۾
سندس لفظن جا گل ٽڙيا. سندس ڪتابن جا عنوان ئي ٻڌائن ٿا ته هو سوچ جو مسافر هو، گهڙي
گهڙي هڪ گهاءُ، ديس سُتا دل وارا جاڳيا، رياست ۽ آزادي، سياسي مسئلن جو حل، سچ جو
فلسفو، پاپ ۽ پيڙا، پاڪستان جا پُراڻا شهر، ڀلاري ڀونءَ، جيءَ جياريو جن،’دنيا جا
عظيم افسانا، آڏي ڍال مَ ڍار، عاشق زهر پياڪ، پنج ائڪٽي ناٽڪ، آدرشي، اوڀاريون
لهواريون، سياري جي رات، ڪميونسٽ پڌرنامو، چتر ليکا، وِيرن جي وسندي، باغي، جيءُ
جياريو جن، جڏهن جهوڪ جهريو، بين الاقوامي انقلاب جو راههِ عمل، عمل ۽ تضاد بابت،
تصوف اور ڪلاسيڪي سنڌي شاعري، سنڌي ادبي سنگت، اسين لوچيون لوھ ۾، صوفي ازم اينڊ ڪلاسيڪل
سنڌي پوئٽري ۽ برٿ آف اي گريٽ پويٽ اهي سڀ سندس فڪر جا آئينه آهن. هر ميدان ۾ سندس
لفظن جا گل اهڙيءَ طرح ٽڙيا، جيئن بهار اچڻ سان باغ پاڻمرادو رنگين ٿي وڃي. سندس
عنوان ڄڻ ڪنهن نئين واٽ جو دروازو، هر ڪتاب ڄڻ ڪنهن نئين جهان جي دري. عالمي ادب
جا شاهڪار ترجمو ڪري هن سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ۾ وڌا، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ڪو
باغبان پري پهاڙن تان ناياب ٻوٽا آڻي پنهنجي باغ ۾ پوکي ته جيئن پنهنجي ڌرتي به
انهن جي خوشبوءَ سان مهڪي. هن عالمي ادب جا شاهڪار ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهولي
۾ وڌا.
رشيد ڀٽي جي سياست
بحر ۽ وزن تي ڪيل شاعريءَ جهڙي هئي، اصولن سان ڀرپور. عوامي حقن لاءِ هُن خان
عبدالغفار باچا خان، ولي خان، عطا الله مينگل، خير بخش مري ۽ حفيظ قريشي سان گڏ
جدوجهد ڪئي، جڏهن ته رسول بخش پليجو سان ويجهڙائپ کيس عوامي تحريڪن جي ميدان ۾ وڌيڪ
سرگرم رکيو. جيل جون سيخون به سندس حوصلي کي قيد نه ڪري سگهيون، اهي سندس ارادي کي
فولاد بڻائينديون رهيون. عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي هو اهڙي ثابت قدمي ڏيکاريندو
هو، جيئن ريگستان ۾ بيٺل کجيءَ جو وڻ، جنهن کي سج به ساڙي نه سگهي ۽ طوفان به جهڪائي
نه سگهي. جيل جون سيخون جڏهن کيس قيد ڪرڻ لاءِ بند ٿيون ته به سندس حوصلو آزاد
پکيءَ وانگر اڏامندو رهيو. اهي سيخون سندس ارادي کي ڪمزور نه، پر وڌيڪ مضبوط بڻائينديون
رهيون؛ ڄڻ لوهه باهه ۾ پچي فولاد بڻجي وڃي. رشيد ڀٽيءَ جي شخصيت جو سڀ کان خوبصورت
پاسو سندس انسان دوستي هئي. هو ماڻهن سان اهڙي شفقت سان ملندو هو، جيئن صبح جي هوا
گلن کي ڇهي وڃي. سندس چهري تي هميشه مسڪراهٽ جو اهڙو نور هوندو هو، جيڪو هر ملندڙ
جي دل ۾ سڪون جي لهر پيدا ڪري ڇڏيندو هو. سندس ويجهو ويهڻ ڄڻ ڪنهن ڇانوَ واري وڻ
هيٺ آرام ڪرڻ جهڙو احساس ڏيندو هو.
رشيد ڀٽيءَ جي وفات
۱۶ فيبروري ۱۹۸۸ع تي ٿي، جڏهن هن دنيا کي الوداع چيو، تڏهن لڳو ڄڻ علم جي آسمان تان ڪو
روشن تارو لهي ويو هجي. پر حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو لهندا ناهن پر آسمان مٽائيندا آهن.
اڄ به رشيد ڀٽي جو نالو سنڌي ادب جي آسمان تي اهڙيءَ طرح چمڪي ٿو، جيئن شام جو
پهريون تارو، نرم، پر راهه ڏيکاريندڙ؛ خاموش، پر روشنيءَ سان ڀرپور. رشيد ڀٽي جو
نالو نقش آهي، علم جي سنگ مرمر تي کوٽيل، فڪر جي رنگن سان رچيل ۽ تاريخ جي دل ۾
هميشه لاءِ محفوظ.
(ڏھاڙي دي
ايشيان ڪراچيءَ ۾ ۱۷ فيبروري ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
رشيد ڀٽي
سندس روشن خيالي
پارس ڀٽي
سنڌ جي مھا ڪوي شيخ
اياز- جيڪو رشيد ڀٽيءَ جو ويجھو دوست به ھو – تنھن پنھنجي ھڪ وائيءَ ۾ اميد جي لاٽ
ڏيکاريندي چيو آھي:
ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان،
چوڌاري چمڪاٽ اسان،
وک وک تي واسينگ ڏٺاسين،
ڪونه ٿياسين ڪاٽ اسان.
رشيد ڀٽي به انھن سٽن
جي پنھنجي زندگيءَ ۾ حقيقي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿو، چاھي ان جي پيشورانه زندگي
ھجي يا ادبي دنيا، سياسي سماجي تحريڪون ھجن، يا ترقي پسند ادبي تحريڪ ھجي. ذاتي
دوستن کان گھر جي ڀاتين تائين ھو ھر جا۽ تي ھڪ ڏيئي وانگر ٽم ٽم ڪندو ھو. ھن شعور
ء آگاھي جي روشني ڦھلائيندي پنھنجي حياتي گذاري. رشيد ڀٽي پنھنجي اڻٿڪ جدوجهد
ذريعي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاء پاڻ پتوڙيندڙ رھيو. سند ڌرتيءَ سان ڄڻ ته ھن جو عشق
ھو. جنھن لاء ان پنھنجي وجود تي سند ڌرتيءَ کي فوقيت ڏني.
رشيد ڀٽي پنھنجي
روشن خيالي جي ذريعي اسان جي زندگين ۾ وڏو انقلاب برپا ڪيو. ڪنھن وقت ۾ اسان جي
خاندان جون وڏيون ٽوپيءَ وارا برقعا پائينديون هيون، ڇو ته اسان جو گھراڻو مولوي
گھراڻو ھو ۽ ديوبند فڪر سان لاڳاپيل ھو پر رشيد ڀٽيءَ روشن خيالي جو ٻج ڇٽي وايومنڊل
ئي تبديل ڪري ڇڏيو. جنھن جو مثال آئون پاڻ آھيان، جو اڄ ھتي اوھان سان مخاطب
آھيان. اڄ اسان ۽ اسان جو ايندڙ نسل روشن خيالي طرف گامزن آھي. اسان جون نياڻيون
به پٽن جيان برابري جي بنياد تي تعليم ء سياسي سماجي سجاڳيءَ ۾ پنھنجو ڪردار نڀائي
رھيون آھن. منھنجو رشيد ڀٽيءَ سان ننھن ۽ سھري وارو رشتو سندس حياتيءَ کان پوءِ جڙيو.
اسين ڇوڪريون جڏھن
اروڙ مان پنج درجا پاس ڪري سکر ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آياسين ته اسان سڀني جو
گھر ماما رشيد ڀٽيءَ جو گھر رھيو. ان پڙھائي لاء پنھنجي ٻارن جيان سھولتون ڏنيون.
رشيد ڀٽيءَ جي وفات
کان ھڪ مھينو پھرين سکر ۾ جشن لطيف ملھايو ويو، جنھن جي صدارت شيخ اياز ڪئي، مھمان
خاص رسول بخش پليجو ۽ رشيد ڀٽي ھئا.
منھنجي ماسي/ سس اڪثر
اسان کي ٻڌائيندي رھندي ھئي ته ھو شروع کان ئي روشن خيال ۽ لبرل ھو. دعوتن جو
شوقين ھوندو ھو ۽ کين ھر ھفتي سينيما تي فلم ڏيکارڻ وٽي ويندو ھو ۽ پنھنجي دوستن
جي دعوتن ۾ گڏ ويهاريندو ھو، انھن سان تعارف ڪرائڻ م ڪو به عار محسوس نه ڪندو ھو.
رشيد ڀٽي پنھنجي
نوجوانيءَ کان مرڻ گھڙيءَ تائين قومي، عوامي جمهوري جدوجهد ۾ اڳڀرو رهيو، چاھي اھا
سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ، ون يونٽ خلاف تحريڪ ھجي، ضياء جي آمريت
ھجي، ھن ڪڏهن به پنھنجي جان ۽ مال جي پرواهه نه ڪندي ڀرپور حصو ورتو ۽ جيل ڪاٽيا.
چئي سگهجي ٿو ته رشيد ڀٽي، شيخ اياز ۽ حيدر بخش جتوئي: سنڌي شعور جا ٽي رخ ھئا!
سنڌ جي تاريخ ۾ ۱۹۴۰ع کان ۱۹۸۰ع وارو دؤر “فڪري وھڪري” جو دور هو. هن دؤر
۾ سنڌي سماج کي ٽن مختلف پر محڪم پاسن کان هٿي ملي: عملي سياست (جتوئي)، شاعراڻي
تخليق (اياز) ۽ فڪري ونڊ ورڇ (رشيد ڀٽي).
ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئي سنڌ جو اهو پهريون سياسي دانشور هو، جنهن سنڌ جي هاريءَ کي “انسان” هجڻ جو
احساس ڏياريو. جتوئي صاحب جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو هو ته هن سنڌي قومپرستي کي
“طبقاتي جدوجهد” سان ڳنڍيو. هن سياسي نعري کي رڳو جذباتي نه، پر معاشي حقن (Land Reforms) جي لڙائي بڻايو.
اڄوڪي سنڌ ۾ جيڪا به سياسي بيداري آهي، ان جي پاڙ جتوئي صاحب جي “هاري تحريڪ” ۾
آهي.
شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ
جو اهو آواز آهي، جنهن شاعريءَ کي رڳو محبوب جي زلفن تائين محدود نه رکيو، پر ان ۾
وطن جي مٽيءَ جو واس شامل ڪيو. اياز رڳو هڪ شاعر نه پر هڪ “فڪري انقلاب” هو. هن ڀٽائيءَ
جي وائيءَ کي جديد دؤر جي سياسي تقاضائن سان ملائي هڪ اهڙي توانائي پيدا ڪئي، جنهن
جي ڪري سنڌ جا نوجوان جيلن ۾ وڃڻ کان ڪونه ھٻڪيا. اياز جي شاعريءَ سنڌي قوم کي
سندن قديمي تاريخ ۽ جديد لبرل سوچ سان روشناس ڪرايو.
اھڙي ريت رشيد ڀٽي
حقيقت ۾ ان پوري دور جو “فڪري جج” ۽ “ترجمان” هو. هن جي اهميت اها آهي ته هن مٿين ٻنهي
شخصيتن جي مقصد کي عوام جي ٻوليءَ ۾ واضح ڪيو. رشيد ڀٽي جي لکڻين ۾ جيڪا حقيقت
نگاري (Realism)
آهي، اها شيخ اياز جي شاعريءَ جي فڪري تشريح هئي. هن نه رڳو اياز کي تنقيد جي تيرن
کان بچايو پر هن حيدر بخش جتوئي جي سياسي نظرين کي “افسانوي ادب” جو حصو بڻايو. هن
جو ترجمو ڪيل مارڪسي ادب سنڌي ذهن جي اها غذا بڻيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ انٽيليڪچوئل
فورم جهڙا ادارا جنم وٺي سگهيا. اهي ٽئي شخصيتون هڪٻئي جي مڪمل تصوير هيون: حيدر
بخش جتوئي پورهيت جي طاقت فراهم ڪئي. شيخ اياز ان کي روح (جذبو ۽ آواز) ڏنو. رشيد ڀٽي
ان کي هٿيار (دليل، تاريخ ۽ فڪر) ڏنا. اسان ڪالهه رشيد ڀٽي جي ۳۸هين ورسي ملهائي اصل ۾ اسان ان سڄي دور کي
ياد ڪيو، جتي ادب ۽ سياست جا مقصد جدا نه هئا. رشيد ڀٽي جو ورثو اسان کي سيکاري ٿو
ته هڪ اديب جو ڪم رڳو لکڻ ناهي، پر پنهنجي دؤر جي سياسي لهرن ۽ عظيم انسانن (جهڙوڪ
اياز ۽ جتوئي) جي فڪر کي عام ماڻهوءَ تائين پهچائڻ آهي.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ فيبروري ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
رشيد ڀٽي
سندس فن تي هڪ نظر
ڊاڪٽر پروين
موسيٰ ميمڻ
ترقي پسند اديب،
صحافي، نقاد، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار رشيد ڀٽيءَ جو جنم ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع تي حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جي گهر ۾ ڳوٺ اروڙ
لڳ روهڙي سکر ۾ ٿيو، هن شروعاتي تعليم سکر ۽ پوءِ خيرپور ۽ ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي.
ايل ايل بي پاس ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ سکر جو مشهور وڪيل ٿيو، ادب ۾ ڪهاڻيڪار
۽ شاعر طور سڃاڻپ اٿس، ۱۹۵۰ع کان لکڻ شروع ڪيائين، طبيعت ۾ ظرافت جو عنصر هئس. مزاحيه تحريرن ۾ پڻ
پنهنجو مٽ پاڻ هو. سچو ۽ اصولي ماڻهو هو سندس ادبي رهنمائي مولوي عبدالواحد معرفت ٿي،
ته سنگت ۾ رشيد آخوند، ڪريم بخش خالد، شيخ حفيظ، نور الدين سرڪي، اياز قادري،
خواجه سليم، احسان بدوي ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر هئا. نئين زندگي رسالو ڀٽيءَ جي لکڻين
جو اهم پليٽ فارم هو، جنهن جو هُو مستقل لکندڙ هو، پاڻ نئين سنڌ ڪراچي ۽ الوحيد ڪراچي
جو ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو ته پره ڦٽي رسالي جو پڻ ايڊيٽر هو. ۱۹۷۰ع ۾ ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿيو،
ان کان سواءِ ڪيترن ادارن جو ميمبر هو. صحافت ۾ سندس خدمتون اهم آهن، رشيد ڀٽيءَ
جو والد سکر مان المنار اخبار ڪڍندو هو. المنار پريس مان ٻيا پڻ رسالا نڪرندا هئا.
جتي پڻ سندس اديبن سان ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ ايئن هن اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيو مستقل ڪالم لکيا
جي هلال پاڪستان، عبرت، هفتيوار برسات ۽ ٻين ۾ ڇپبا هئا. سياست ۾ پڻ سرگرم هو، هُن
نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ته عوامي ليگ سنڌ جو به اهم ڪارڪن رهيو، ۱۹۷۱ع ۾ عوامي ليگ جي حمايت جي الزام ۾ ۹ مهينا جيل ڪاٽيائين، سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾
حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪيائين. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾
سندس ڪردار اهم رهيو.
يار ويس طبيعت جو
رشيد ڀٽي ڪيترن ئي دوستن جو دِل گهريو دوست هو. رباني آگرو سندس لاءِ لکي ٿو ته،
قدرت جي انسان تي اها وڏي نعمت آهي ته جيڪي زندگيءَ ۾ سندس يار هجن، سي موت
کانپوءِ به ساڻس پاڻ نڀائين، ڀٽي ان معنيٰ ۾ قدرت جو نوازيل روح هو. اڳيان لکي ٿو
ته سنڌ جو محب وطن، سچ جو سپاهي، مظلوم جو حمايتي، نامور اديب، ڪهاڻيڪار، مزاح
نگار هو پر مون سان فقط سندس هڪ ئي نسبت هئي ته ڀٽي منهنجو يار هو.
رشيد ڀٽي ڪيترائي
اصلوڪا، ترجمو، ترتيب ۽ تاليف ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا جن ۾ گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ ۱۹۶۳ع، عاشق زهر پياڪ ( ۱۹۶۸ع ڊرامو) سچ جو فلسفو، پاپ ۽ پيڙا (ناول)،
دنيا جا عظيم افسانا ۱۹۶۶ع، ويرن جي وسندي، جڏهن جُهوڪ جُهريو، آڏي ڍال مَ ڍار ۱۹۶۶ع، خط، تقريرون، انٽرويو (شيخ اياز)، سياري
جي رات (افسانوي مجموعو) چتر ليکا (ناول) ۽ ٻيا ڪتاب آهن، گهڙيءَ گهڙيءَ هِڪ
گهاءُ، ڀٽيءَ جي افسانوي مجموعي جو عنوان تنوير عباسيءَ جي گيت، گهڙي گهڙي گهاءُ،
آءُ پرين تون آءُ، مان ورتل آهي، جنهن کي جون ۱۹۶۳ع ۾ المنار پرنٽنگ پريس ۽ پاڪستان رائيٽرس
گلڊ سکر مان آفاق صديقيءَ ڇپرائي پڌرو ڪيو، پيش لفظ شيخ اياز ۽ مهاڳ جمال ابڙي
لکيو آهي. رشيد ڀٽيءَ جي ماٺيڻي طبيعت جي تحت، مئي متي مهراڻ جون ڇوليون ۽ لڙ
لهرون آهن، سندس طنز ۾ پيار ۽ سندس مُرڪ ۾ لڙڪ آهن، هن اکرن ۾ جان ڀري آهي، جن ۾
ساهه آهي، جن ۾ رنگ آهي، منجهن ۾ سندس حساس ۽ ڪومل دليءَ جو نچوڙ آهي.
رشيد ڀٽيء جون ڪهاڻيون
سنڌي سماج جي مختلف مسئلن ۽ ماحول جي نشاندهي ڪن ٿيون، جنهن ۾ ٻوليءَ جو استعمال ۽
موضوعن جي چونڊ وڻندڙ آهي.
ترقي پسند فڪر ۽
قومي فڪر جو نگهبان ٿي هن هڪ ذميوار ۽ باشعور ليکڪ جيان اهم سماجي مسئلن کي
اثرائتي ڪردار نگاريءَ ۽ مڪالمن سان آندو، مزاح جو عنصر تحريرن ۾ هوندي به مجموعي
طور سندس مقصديت متاثر ماڻهوءَ جي درد ۽ ڀوڳنا کي نمايان ڪرڻ آهي.
اوڀاريون
لهواريون:
رشيد ڀٽيءَ جي ادبي
ميڙن ۾ ڪيل تقريرن تي مشتمل ڪتاب آهي، جو سنڌي ادب اڪيڊمي ۱۹۸۵ع ۾ شايع ڪيو، جو ماهتاب محبوب جي ڪتابن
جيءَ جهروڪا، اندر جنين اڃ ۽ مٺي مراد، ذوالفقار سيال جي ڪتاب ڳاڙها هٿ، پيلا
چهرا، حميد سنڌيءَ جي ڪتاب ويريون ۽ پنهنجي ڪتاب چتر ليکا جي مهورتي تقريبن ۾ پڙهيل
پيپرز تي مبني آهي، جنهن ۾ ڀٽيءَ نه فقط انهن ڪتابن بابت لکيو پر ليکڪن جي شخصي گڻن
کي به ڄاڻايو. مزاحيه، سنجيده ۽ ادبي انداز ۾ اهي تحريرون دلپسند آهن. لکي ٿو ته،
گذريل سياري کان يار حميد چوندو پئي آيو ته سندن ڪتاب جي افتتاحي تقريب ۾ ضرور اچان
۽ اُت ڳالهايان به، تيارين ڪندي ڪندي ئي اچي اونهارو ڪڙڪيو. سکر جو اونهارو! الله
جي امان! خدا دشمنن کي به نه ڏيکاري! لکنداسين ته پني تي پين جي نب مان مَس وهي هلڻ
کان اڳ آڱرين مان پگهر ٽمي ڳڙندو، پر واعدو ڪري ويٺو هوس، سو اچڻو هو، آڱرين کي
مَسَ چٽا ويڙهي تقرير تيار ڪيم ۽ اڄ اها کڻي اوهان جي آڏو اچي بيٺو آهيان.
رشيد ڀٽي پنهنجي لکڻين
۾ نظرياتي ليکڪ هو، قومي ۽ انقلابي تحريڪن جو سندس لکڻين تي گهڻو اثر اهي، هن سوين
مضمون ادب، تاريخ، سياست، ۽ ثقافت ۽ ٻين موضوعن تي لکيا جيڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي
مشهور ٿيا. جا ڪالم، ڪهاڻيون، مضمون شاعري ۽ ٻيو تخليقي ڪم سنڌي ادب جو سرمايو
آهي، هن ۱۶ فيبروري ۱۹۸۸ع تي وفات ڪئي.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۰ فيبروري ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
رشيد ڀٽي
سندس فن تي هڪ نظر
ڊاڪٽر پروين
موسيٰ ميمڻ
ترقي پسند اديب،
صحافي، نقاد، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار رشيد ڀٽيءَ جو جنم ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع تي حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جي گهر ۾ ڳوٺ اروڙ
لڳ روهڙي سکر ۾ ٿيو، هن شروعاتي تعليم سکر ۽ پوءِ خيرپور ۽ ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي.
ايل ايل بي پاس ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ سکر جو مشهور وڪيل ٿيو، ادب ۾ ڪهاڻيڪار
۽ شاعر طور سڃاڻپ اٿس، ۱۹۵۰ع کان لکڻ شروع ڪيائين، طبيعت ۾ ظرافت جو عنصر هئس. مزاحيه تحريرن ۾ پڻ
پنهنجو مٽ پاڻ هو. سچو ۽ اصولي ماڻهو هو سندس ادبي رهنمائي مولوي عبدالواحد معرفت ٿي
ته سنگت ۾ رشيد آخوند، ڪريم بخش خالد، شيخ حفيظ، نور الدين سرڪي، اياز قادري،
خواجه سليم، احسان بدوي ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر هئا. “نئين زندگي” رسالو ڀٽيءَ جي لکڻين
جو اهم پليٽ فارم هو، جنهن جو هُو مستقل لکندڙ هو، پاڻ “نئين سنڌ” ڪراچي ۽
“الوحيد” ڪراچي جو ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو ته “پرهه ڦٽي” رسالي جو پڻ ايڊيٽر
هو. ۱۹۷۰ع ۾ ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿيو، ان کانسواءِ ڪيترن ادارن جو
ميمبر هو. صحافت ۾ سندس خدمتون اهم آهن، رشيد ڀٽيءَ جو والد سکر مان “المنار”
اخبار ڪڍندو هو. المنار پريس مان ٻيا پڻ رسالا نڪرندا هئا. جتي پڻ سندس اديبن سان ڏيٺ
ويٺ ٿي ۽ ايئن هن اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيو. مستقل ڪالم لکيا جي هلال پاڪستان، عبرت،
هفتيوار برسات ۽ ٻين ۾ ڇپبا هئا. سياست ۾ پڻ سرگرم هو، هُن نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾
شموليت اختيار ڪئي ته عوامي ليگ سنڌ جو به اهم ڪارڪن رهيو، ۱۹۷۱ع ۾ عوامي ليگ جي حمايت جي الزام ۾ ۹ مهينا جيل ڪاٽيائين، سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾
حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏجي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪيائين. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾
سندس ڪردار اهم رهيو.
يار ويس طبيعت جو
رشيد ڀٽي ڪيترن ئي دوستن جو دِل گهريو دوست هو. رباني آگرو سندس لاءِ لکي ٿو ته
“قدرت جي انسان تي اها وڏي نعمت آهي ته جيڪي زندگيءَ ۾ سندس يار هجن، سي موت
کانپوءِ به ساڻس پاڻ نڀائين، ڀٽي ان معنيٰ ۾ قدرت جو نوازيل روح هو.” اڳيان لکي ٿو
ته “سنڌ جو محب وطن، سچ جو سپاهي، مظلوم جو حمايتي، نامور اديب، ڪهاڻيڪار، مزاحيه
نگار هو، پر مون سان فقط سندس هڪ ئي نسبت هئي ته ڀٽي منهنجو يار هو“ (۱)
رشيد ڀٽي ڪيترائي
اصلوڪا، ترجمو، ترتيب ۽ تاليف ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا جن ۾ گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ ۱۹۶۳ع، “عاشق زهر پياڪ” ( ۱۹۶۸ع ڊرامو)، “سچ جو فلسفو”، “پاپ ۽ پيڙا”
(ناول)، “دنيا جا عظيم افسانا” ۱۹۶۶ع، “ويرن جي وسندي”، “جڏهن جُهوڪ جُهريو”، “آڏي ڍال مَ ڍار”
۱۹۶۶ع، “خط، تقريرون، انٽرويو” (شيخ اياز)، “سياري جي رات” (افسانوي مجموعو)
“چتر ليکا” (ناول) ۽ ٻيا ڪتاب آهن، گهڙيءَ گهڙيءَ هِڪ گهاءُ، ڀٽيءَ جي افسانوي
مجموعي جو عنوان تنوير عباسيءَ جي گيت، گهڙي گهڙي گهاءُ، آءُ پرين تون آءُ، مان
ورتل آهي، جنهن کي جون ۱۹۶۳ع ۾ المنار پرنٽنگ پريس ۽ پاڪستان رائيٽرس گلڊ سکر مان آفاق صديقيءَ ڇپرائي
پڌرو ڪيو، ڪتاب ۾ ڪل ۹ افسانا آهن.
ديمي سائيز جي هن ڪتاب
۾ آيل افسانن جا عنوان، “بڻ”، “ڀاڄوڪڙ”، “اوسيئڙو”، “ميرل”، “خداداد”، “علامه
ظهير”، “هڪ رپئي جو نوٽ”، “ڍؤ بنا ڍوليا”، “هر تمنا” “زندگيءَ کان انتقام” آهن،
پيش لفظ شيخ اياز ۽ مهاڳ جمال ابڙي لکيو آهي. “رشيد ڀٽيءَ جي ماٺيڻي طبيعت جي تحت،
مئي متي مهراڻ جون ڇوليون ۽ لڙ لهرون آهن، سندس طنز ۾ پيار ۽ سندس مُرڪ ۾ لڙڪ آهن،
هن اکرن ۾ جان ڀري آهي، جن ۾ ساهه آهي، جن ۾ رنگ آهي، منجهن ۾ سندس حساس ۽ ڪومل
دليءَ جو نچوڙ آهي.” (۲)
“بُڻ” ڪهاڻي
انساني بي رحميءَ جو مڪمل عڪس آهي، وڏيرو بڻائتي ڪُتي بچائڻ ٿو چاهي، سوئر ۽ ڪتي
جي ويڙهه ۾ مينهل کي سوئر جي مقابلي تي موڪلي ٿو جو سندس چوڻ تي اڳ به سوئر ماري
چُڪو هو، پر هن دفعي سندس ماءُ کيس جهليو هو جو چنڊ تي گُلان سان وهانءُ هئس ۽
ماءُ جي آس ٽوڙڻ نٿي چاهيائين. وڏيري جي ڌمڪين تي مجبور ٿي سوئر کي مارڻ ۽ ڪتي
بچائڻ لاءِ ڪانن جي ٻوڙن ۾ ڪاهي پيو، سوئر ماري مرڻينگ ٿي ٻاهر آيو ۽ جان ڏنائين ۽
وڏيرو بي پرواهه ٿي ڪتيءَ جي ٽهل ٽڪور ۾ پورو هو هيءَ ڪهاڻي وڏيرڪي سماج تي ڀرپور
چوٽ آهي، اهڙيءَ ريت ٻيون ڪهاڻيون به سنڌي سماج جي مختلف مسئلن ۽ ماحول جي نشاندهي
ڪن پيون، جنهن ۾ ٻوليءَ جو استعمال ۽ موضوعن جي چونڊ وڻندڙ آهي.
ترقي پسند فڪر ۽
قومي فڪر جو نگهبان ٿي هن هڪ ذميوار ۽ باشعور ليکڪ جيان اهم سماجي مسئلن کي
اثرائتي ڪردار نگاريءَ ۽ مڪالمن سان آندو، مزاح جو عنصر تحريرن ۾ هوندي به مجموعي
طور سندس مقصديت متاثر ماڻهوءَ جي درد ۽ ڀوڳنا کي نمايان ڪرڻ آهي.
اوڀاريون لهواريون:
رشيد ڀٽيءَ جي ادبي ميڙن ۾ ڪيل تقريرن تي مشتمل ڪتاب آهي، جو سنڌي ادب اڪيڊمي ۱۹۸۵ع ۾ شايع ڪيو، جو ماهتاب محبوب جي ڪتابن
“جيءَ جهروڪا”، “اندر جنين اڃ” ۽ “مٺي مراد” ذوالفقار سيال جي ڪتاب “ڳاڙها هٿ،
پيلا چهرا”، حميد سنڌيءَ جي ڪتاب “ويريون” ۽ پنهنجي ڪتاب چتر ليکا جي مهورتي
تقريبن ۾ پڙهيل پيپرز تي مبني آهي، جنهن ۾ ڀٽيءَ نه فقط انهن ڪتابن بابت لکيو، پر
ليکڪن جي شخصي گڻن کي به ڄاڻايو مزاحيه، سنجيده ۽ ادبي انداز ۾ اهي تحريرون دلپسند
آهن، لکي ٿو ته، “گذريل سياري کان يار حميد چوندو پئي آيو ته سندن ڪتاب جي افتتاحي
تقريب ۾ ضرور اچان ۽ اُت ڳالهايان به، تيارين ڪندي ڪندي ئي اچي اونهارو ڪڙڪيو سکر
جو اونهارو! الله جي امان! خدا دشمنن کي به نه ڏيکاري! لکنداسين ته پني تي پين جي
نب مان مَس وهي هلڻ کان اڳ آڱرين مان پگهر ٽمي ڳڙندو، پر واعدو ڪري ويٺو هئس سو اچڻو
هو، آڱرين کي مَسَ چٽا ويڙهي تقرير تيار ڪيم ۽ اڄ اها کڻي اوهان جي آڏو اچي بيٺو
آهيان.” (۳)
رشيد ڀٽيءَ جي طنز
مزاح واري فن جي باري ۾ عبداللطيف انصاري لکي ٿو ته، “هو اعليٰ قسم جو طنز ۽ مزاح
جو ليکڪ هو سطحي ۽ غير معياري طنز سندس لغت ۾ نه آهي هن طنز ۽ مزاح کي ايترو ته دلڪش،
پُر اثر ۽ عالماڻو بڻايو، جيڪو سنڌي ادب جي ٻئي ڪنهن اديب وٽ نٿو ملي.” (۴)، رشيد ڀٽيءَ پنهنجي لکڻين ۾ نظرياتي ليکڪ
هو، قومي ۽ انقلابي تحريڪن جو سندس لکڻين تي گهڻو اثر اهي، هن سوين مضمون ادب،
تاريخ، سياست ۽ ثقافت ۽ ٻين موضوعن تي لکيا جيڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي مشهور ٿيا.
جا ڪالم، ڪهاڻيون، مضمون شاعري ۽ ٻيو تخليقي ڪم سنڌي ادب جو سرمايو آهي، هن ۱۶ فيبروري ۱۹۸۸ع تي وفات ڪئي.
حوالا:
آگرو، رباني، “جهڙا
گل گلاب جا”، سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۱ع، صه، ۶۰۳.
ابڙو جمال/رشيد ڀٽي،
“گهڙيءَ گهڙيءَ گهاءُ”، المنار پريس، سکر، ۱۹۶۳ع صه، ۲۱.
رشيد ڀٽي، “اوڀاريون
لهواريون”، سنڌي ادبي اڪيڊمي، مارچ، ۱۹۸۵، صه۶۷.
انصاري، عبداللطيف،
“سنڌي طنز و مزاح واري ادب ۾ رشيد ڀٽي جو ڪردار” ڪلاچي تحقيقي جرنل، ڪراچي يونيورسٽي،
۲۰۱۸، صه، ۱۳۵.
(ڏھاڙي ھمسري
حيدرآباد آنلائن ۾ ۲۷ مارچ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

....
ReplyDeleteسنڌ جو هڪ محب وطن ڪردار رشيد ڀٽي