خان محمد پنهور
سنڌ پرست تعليم دوست
شخصيت
عبداش پنھور
سنڌ کي تعليم شعور
جي ضرورت آهي، تنهن ڪري پنهنجا ٻچڙا پڙهايو. پاڻ کي ڏکيو بُکيو رکي به انهن کي اسڪول
موڪليو. اهڙيون ڳالهيون جنهن مهان ماڻهوءَ ڪيون ۽ اسان جي ٽهي ڪنن سان ٻڌيون،
انهيءَ تعليم دوست سنڌ پرست شخصيت کي سنڌ جي لوڙهن ويڙهن، ڳوٺاڻي اوطاقي ٻوليءَ جو
رکوالو لوڪ ڳوٺ سنڌ سڌار سنگت جي اڳواڻ سائين خان محمد پنهور جي نالي سان سڃاڻي ٿو.
جيڪو پڻ غير معمولي حالتن مان گذريو آهي. جنھن پنھنجي پوري ڄمار فڪري پورهيو ڪندي
گذاري آهي. ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان ماڻهو خاص ڪري سموري سنڌ جا ماڻهو
انتهائي غيرمعمولي حالتن ۾ رهيا آهيون ۽ اهڙين غيرمعمولي تنگ حالتن جو ڌرتي لوڪ
داستان درد وقت جي پهرين وزيراعظم سان جُڙيل آهي، جنهن سنڌ جون زمنيون تيل وال ڪرڻ
لاءِ ڪوڙا ڪليم شروع ڪرايا ۽ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيڪو انهن غير
معمولي حالتن کان ڏهه سال اڳ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي سرگرم ڪري چُڪو هو، تنهن پهرين
محاذ ۽ پهرين صف ۾ اهڙي قسم جي هچائن سان مها مهاڏو اٽڪايو هو. پاڪستان ۾ غير
معمولي حالتون برپا ڪرڻ ۾ تيهان پوءِ سڪندر مرزا، فيلڊ مارشل جنرل ايوب، جنرل ضيا
کان پرويز مشرف جهڙا ڪردار ڳڻائي سگهجن ٿا. اهڙي تاريخ ۾ اصل ڌرتي ڌڻي لوڪ کي اڳتي
وڌڻ، شعوري طور ترقي ۽ تعليم سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اڳتي اچڻ جھڙوڪ ناممڪن
بڻجي پيو هو. سنڌ جا اهي ماڻهو جيڪي وائسراءِ سان گڏ هئا، اهڙو هڪڙو ئي خاص طبقو حڪمران
رهندو پيو اچي. اهڙي قسم جي اڍنگي ورتاءُ سبب خاص ڪري سنڌ پنهنجي سياسي شعور جو
ردعمل ڏيڻ شروع ڪيو، جيئن تازي تاريخ ۾ ڪالاباغ ڊيم مخالف ردعمل، ٻيٽن جي والار تي
ردعمل، ٻٽي انتظامي مقامي نظام تي ردعمل، تيهان اڳ نه رڳو ڪوڙا ڪليم رد ڪرائي زمين
هارين ۾ مفت ورهائڻ جو ردعمل ڏنو ويو پر خاص ڪري ون يونٽ مخالف تحريڪ سنڌي ٻولي
بچائڻ واري تحريڪ ۾ سنڌ جو سياسي شعور بنا بندوق هلائڻ جي بئنرز جي قوت تي نعرو لڳائي
لڳائي لوڪ نروار ٿيو ته نه کپي، ون يونٽ نه کپي. سنڌ واسين جيڪو اهو ردعمل ڏنو
تنهن ۾ شاندار ڪاميابيون پڻ مليون آهن. ناڪام نه ٿيا آهيو ڇو ته شاعر چيو ته ٽوڙيو
ڳٽ ون يونٽ ٽوڙي ڇڏيو. ان غير معمولي ڪيفيت مان ڳوٺ سڌار سنگت جي باني سرواڻ سائين
خان محمد پنهور پڻ گذريو هو، سندس جوڙيوال سائين قلندر شاهه لڪياري رهيو. شعوري ٻلهه
هن سن جي سائين جي ايم سيد ۽ بکوديرو جي جتوئي کان حاصل ڪيو هو. روبرو ڪچهرين ۾ ٻڌايائين
ته شاگرديءَ جي زماني ۾ صحافت جو خفت هو تڏهن سائين جي ايم سيد خط لکي ڏنو ته وڃ
اخباري مالڪ کي ڏي، توکي نوڪري ملي ويندي. کلي چيائين ته نوڪري ملي ۶۰ رپيا ماهوار پگهار ڏنائون. شڪر آهي توکي ۸۰۰ ٿا ڏين، مون ۸۰۰ جي رڳو ڳالهه ٻڌي هئي. جڏهن مون کي اها پگهار ۱۶۰۰ ملي هئي، اها پهرين اخباري نوڪري جي پهرين
پگهار آهي. سنڌ يونيورسٽي پروفيسر سماجي شعبو ۽ ڊاڪٽري صحافت جي شعبي ۾ ڪندڙ خان
محمد پنهور جي مٺڙي لهجي ۾ ڳالهائڻ جو انداز نرالو هوندو هو. سندس ٻولي ٻاجهاري
هوندي هئي. ديس دنيا ۾ صحافت جو شعبو هر دور ۾ غيرمعمولي تنگ حالتن جو اڀياسي
آئينو ڏيکاريندو رهندو آهي، تڏهن چوندا آهن ته صحافي ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندو آهي.
صحافت کاٻي هٿ جو کيل آهي تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته اهو کاٻو هٿ ڇا آهي؟ کاٻڙ
۾ ڪهڙي نموني جي گڙٻڙ هوندي آهي! صحافتي شعبي ۾ ٻوٿ ڪاريون رڍون شامل ٿي ويون آهن،
حرام خوري تيز رفتاريءَ سان وڌي پئي، جنهن سبب کاٻڙ ڪمزور ۽ ساڄڙ سگهارو ٿي رهيو
آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي جو ترجمان آواز هاري حقدار ته پوءِ جي ڳالهه آهي تيهان اڳ سنڌ
۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جڏهن سنڌي ٻولي واري صحافت شروع ڪئي، تنهن کي جديد صحافتي صف
قرار ڏيئي سگهجي ٿو. تنهن سفر ۾ اڳتي هلي عثمان ڏيپلائي وڌيو، جنهن لفظ عبرت سان
اخبار لوڪ پڌري ڪئي هئي. لڳ ڀڳ عبرت ۽ هاري حقدار جو لوڪ پڌرو ٿيڻ ساڳيو دور آهي.
سنڌي صحافتي انهي دور بابت سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي سرواڻ تعليم دوست شخصيت خان محمد
پنهور جو ڪتاب “ٻري جن ٻاري” کان رسالو پارس جا پرچا تاريخ ساز مواد آهي. پنهنجي يادگيرين
۾ جرمني ڄائي سنڌي سڀا جو حصو ٿي ويل اينميري شمل لکيو آهي ته “مون کي سموري سنڌ
جي ماڳن جو سير بشمول مڪلي ۽ موهن جو دڙو خان محمد پنهور ڪرايو آهي.”
تعليم دوست شخصيت
خان محمد پنهور سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ صحافتي شعبي جي باني هجڻ جو اعزاز رکي ٿو.
ڇو ته جڏهن ڀٽو دور ۾ او آءِ سي اسلام آباد بيٺڪ ٿي، تڏهن ڀٽو جا گهاٽا يار ڪرنل
معمر قذافي ۽ ياسر عرفات جي ميزباني جنهن آفيسر حوالي ڪئي، اهو ڪم ڀٽو طرفان تعليم
دوست شخصيت خان محمد پنهور کي اهو چئي ڏنو ته سنڌي رسمن طور مهمانن جي ميزباني اوهان
کي ڪرڻي آهي. جڏهن ڀٽو، خان محمد پنهور مان تمام گهڻو خوش ٿيو ته کانئس پڇيو اڄ جيڪو
گهرندي اهو اوهان کي ملندو. تڏهن ھن تعليم دوست شخصيت سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو
شبعو کولرائڻ جي گهر ڪئي۔ اها ڳالهه خان محمد پنهور روبرو مون کي ڪچهرين ۾ نوي جي ڏهاڪي
دوران ٻڌائي هئي.
هو گرمي سرديءَ جي پراوهه
نه ڪندو هو. هڪڙي ڀيري اسان جي شهر دوڙ ۾ ايل ايم سي مان ڊاڪٽري پڙهي پهتل ڊاڪٽر
سيد حبيب احمد شاهه جيلاني نئون نئون نجي اسپتال جو ڪم شروع ڪيو ته اسان گڏجي ڳوٺ
سڌار سنگت جي پليٽ فارم ۽ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي سهڪارن سان گڏجي دوڙ ڀرسان ڳوٺ انڙ
جتي صرف هاري پورهيت رهندا آهن، اتي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ورسي
جي موقعي تي مفت ميڊيڪل ڪيمپ کڻي تقريب ڪئي. ۲۱ مئي نوابشاهه ضلعي واري سخت گرميءَ دوران
به خان محمد پنهور پاڻ انهيءَ تقريب ۾ خاص مهمان هو ۽ شرڪت ڪئي، سموري تقريب دوران
شريڪ عمل رهيو. ڳوٺ سڌار سنگت بابت ڪچهرين دوران هو چوندو رهندو هو ته جيڪڏهن ڳوٺ
آباد اسڪيم سنڌ سرڪار جي وزارت بهتر انداز سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ته سنڌ جا سمورا ڳوٺ
بنيادي سماجي مسئلن جي عذاب کان آجپو حاصل ڪري سگهن ٿا. ڳوٺن کي روڊ هجڻ گهرجن ته
جيئن زرعي پيداوار سان گڏ بيمار ۽ لاچار ماڻهو به جلد شهر پهچي اسپتال ۾ ڪنهن ڊاڪٽر
وٽ پنهنجو علاج ڪرائي سگهي. وڏن ڳوٺن ۾ اسڪول هئڻ کپن ته جيئن ننڍڙا ٻارڙا بنيادي
تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهي شهرن جي وڏن اسڪولن پهچي سگهن. جيڪڏهن سنڌي قوم جديد
زماني مان ڪجهه سکڻ چاهي ۽ پرائڻ چاهي، ترقي ڪرڻ چاهي ته پوءِ تمام بهتر اوزار ۽
زيور تعليم آهي. پنهنجا ٻارڙا سڀني کي، هارين پورهتن کي ته لازمي پڙهائڻ کپن. خان
محمد پنهور اهو سنيهو کڻي ڳوٺ سڌار سنگت جا ڳوٺ ڳوٺ ۾ يونٽ کولرائيندو رهيو پر جڏهن
وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو سنڌڙي واري ڳوٺ آباد پڪا ڳوٺ اسڪيمون شروع ڪيون تڏهن
تعليم هن تمام زور سان اهو مطالبو ڪيو ته هاڻ دير نه ٿيڻ کپي پر سنڌ دشمن نوڪر
شاهي وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي رٿا رلائي ڇڏي. نئين روشني اسڪول پڻ ناڪام
رٿا ثابت ٿي، جنهن جو ذميوار وقت جو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو نه پر سنڌ دشمن سنڌ
جي نوڪر شاهي آهي.
تعليم دوست شخصيت
خان محمد پنهور رسالو پارس انهيءَ مقصد لاءِ ڀرپور آواز بنايو هو. هو ساڳئي وقت
سگا کان سنڌي ادبي سنگت تائين سرگرم جاکوڙي ڪردار رهيو. هن جي ڳوٺ آراضي ڀرسان هڪڙي
واهڙ ڳوٺ هو ته ٻئي طرف سن جا سياسي اولڙا هئا. اعجاز قريشي ساڳئي دور ۾ ساماڻيو ته
سنڌ جو صحافتي ارڏو ڪردار مدد علي سنڌي پڻ ساڳئي دور ۾ ساماڻيو. خان محمد پنهور
صحافتي سفر ۾ روزاني عبرت حيدرآباد سان گهڻو وقت جڙيل رهيو. جڏهن مان به عبرت سان
واڳيل هوس ته ڪچهرين دوران هدايتون ڪندو رهندو هو ته سنڌي صحافت سٺو عوامي مورچو
آهي، تنهن کان ڪڏهن به ڌار نه ٿجاءِ. هن اها به هدايت ڪئي ته جيڪي ڪجهه ڏسين پسين ٿو
اهو لک، قلم جي قوت تمام وڏي قوت آهي. جيڪو جڳت ۾ ڏسو ٿا، پسو ٿا اهو لکو. لکڻ نه ڇڏيو،
پڙهڻ نه وساريو، پڙهڻ لکڻ سان ماڻهو بهتر انسان ٿئي ٿو. تنهن ڪري وڌيڪ مان انهي حوالي
سان خوش قسمت آهيان ته انهيءَ سکڻ واري ڄمار دوران کانئس گهڻو ڪجهه سکڻ لکڻ پڙهڻ
جو موقعو مليو. محبتون مليون، پيار مليو، انساني دوستيءَ جو وکر مليو. صحافت ادب
احترام جو رستو مليو، هُن جهڙو سماجي تعليم ۾ بهترين استاد مليو، جديد سنڌي صحافت
جي محقق سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي صحافت، دليل شخصيت کي سمجهڻ جو پڻ شاندار
موقعو مليو. هڪڙي ڀيري شيخ عبدالمجيد سنڌي جي آخري آرام گاهه تي مدد علي سنڌيءَ
سان گڏ حاضري ڀري ته وڏي احترام سان مدد علي سنڌي تنهن تربت کي ادب احترام جو سلام
ڪندي چيو ته ڏس هي اصل سنڌ جا هيرا آهن. هي سچا کرا ماڻهو هئا. پڙهيو ضرور هو سمجهيو
شيخ عبدالمجيد سنڌي کي خان محمد پنهور ۽ مدد علي سنڌيءَ جي وسيلي. ڇو ته مدد علي
سنڌي جي اندر ۾ جيڪا سنڌ آهي سا آواز جي انداز ۾ سنڌ جي وقت جي وڏي وزير ڊاڪٽر
ارباب غلام رحيم جي رني ڪوٽ قلعي واري ڪانفرنس جي خطاب جو تاريخي حوالو آهي. مدد
علي سنڌي اهو ڪمال جو ڪم ڪيو جو ونگي جي ڄام ۽ لسٻيلي جي ڄام کي تاريخ سان جوڙي ڇڏيو
هو. جيڪي سنڌ جا ڄام آهن، سنڌي پنهنجي سڀاءَ ۾ وڏي رتبي واري پڳدار کي پاڳارو ۽ ڄام
سڏيندا آهن، باقي لفظ آغا، خان، سردار وارا لفظ ۽ ٻيا اکر رتبا ٻين قومن جي تاريخ
سان جڙيل آهن. سوڍو، ڪنور، راڻو به سنڌي رتبو آهي پر سڀني کان وڌيڪ رتبو ڄام جو
آهي، تنهن ڪري لاکيڻي لطيف لفظ ڄام کي وڌيڪ رتبي سان پنهنجي شعر ۾ ڪتب آڻي ڇڏيو
آهي. خان محمد پنهور پڻ تمام سٻاجهي ٻولي ڳالهائيندو هو ۽ ماڻهن کي سمجهائڻ جي
جاکوڙ ڪندڙ رهيو ته سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي سرواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش
جتوئيءَ جا ساٿي هاري ورڪر ٿورو سياسي لهجي ۾ ڳوٺن ۾ ڳالهيون ڪندا آهن. اسان ڳوٺ سڌار
سنگت وارا سماجي طور ڳوٺاڻن سان ملندا آهيون، ڪم ساڳيو آهي صرف انداز تبديل ٿيل
آهي. هاڻ اوهان سمجهو ته فڪري طور ڪيتري سگهاري انداز سان خان محمد پنهور پنهنجي
پرچارڪ دوران تمام سادي طريقي سان پيغام پهچائي ڇڏيو هو. سندس يگاني ڪردار جو ٻيو
اهم جوڙي ۾ شامل عبدالغفور الستي به رهيو. يوسف سنڌي جو وڏو ڀاءُ جيڪو ون يونٽ
تحريڪ ۾ ضلعي ٺٽي ۾ انتهائي سگهارو انقلابي ڪردار رهيو آهي. هي سنڌ جا خاموش فڪري
فقير سپاهي رهيا آهن، جيڪي ڪڏهن به اسٽيج جا محتاج نه رهيا، پر اسٽيج انهن لاءِ
محتاج رهيا. اڄ تعليم دوست شخصيت خان محمد پنهور جي ورسي آهي، جيڪو ڪڏهن وسريو ئي
ناهي ته انهيءَ کي ياد ڇو ڪيون؟
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۲۸ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر خان محمد پنهور
(۲۷جون۱۹۴۹ع ــ ۲۷مئي ۱۹۹۹ع) - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)
مير حاجن مير
ڊاڪٽر خان محمد
پنهور ولد محمد يعقوب پنهور ولد چنگل پنهور تعلقي سيوهڻ جي قديم ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو،
ابتدائي تعليم آراضي مان، حاصل ڪيائين، پوءِ ڀان سعيد آباد، ۽ هالا مان ۱۹۶۸ع تي انٽر جي تعليم حاصل ڪيائين ڪراچي
يونيورسٽي مان جنرلزم جي ڊگري حاصل ڪيائين کيس ننڍي هوندي ئي ادبي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ
جو شوق هو، سماج سڌارڪ، جي ننڍي هوندئي ڪا ستي مليل هيس. سندس شخصيت کي ٽن حصن ۾
ورهائجي ٿو. (۱) سماج سڌارڪ (۲) نوڪري (۳) ادبي دنيا.
سماج سڌارڪ: ڊاڪٽر
خان محمد پنهور ننڍي هوندي ئي سماج ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو. هن کي سماج
جو درد هو. هو ٻين جا درد ڏسي خاموش نه ويهندو هو. هن جي ذهن ۽ دل ۾ سماج ۽ ماڻهن
لاءِ هڪ الڳ دنيا ٺهيل هئي. هن جي اک الٽي نموني سماج کي ڏسندي هئي. سماج ۾ گدلاڻ
کي صاف ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن جاکوڙيندو رهيو. سندس سماج ۾ ڪردار گهرائي سچائي وارو
رهيو، هن ڳوٺ سڌار سنگت جو ۱۹۸۳ع بنياد رکيو.هن ڳوٺ ڳوٺ ماڻهن کي ليڪچر ڏئي ماڻهن کي
چيو ته پنهنجا ٻار پڙهايو ڳوٺن جو حالتون تبديل ڪريو، ۽ ان سان گڏ ڳوٺن ۾ وڏا وڏا
سماج سڌارڪ ۽ اديب وٺي ويندو هو. جيئن ماڻهن تي اثر پئي. هو به ٻار پڙهائن ۽ ڳوٺن
کي شهري ماحول مطابق تبديل ڪن. هن ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تي ڪيئي اسڪول ۽
غريبن کي گهر ٺهرائي ڏنا. هن محمد خان جوڻيجي وزير اعظم پاڪستان جي دؤر ۾ روشني اسڪولن
واري پروگرام ۾ به بهترين ڪم ڪيو. هن M.R.D خلاف تحريڪن
۾ شرڪت ڪئي. ۽ ضياالحق جي دؤر ۾ جڏهن سگا تي بين لڳل هو ته ان وقت به هو سگا سان
لاڳاپيل هو. ڊاڪٽر سليمان شيخ لکي ٿو ته” ۱۹۶۸ع ۾ خان محمد پنهور سان پهرين ملاقات هئي. جڏهن سگا جو
بنياد پيو ته خان محمد پنهور ان جي پهرين ميمبرن مان ئي هو. سگا ۾ جيڪو ميڊيڪل ڪئمپن
جو رواج هاڻ عام ٿي ويو آهي. پر اهو خان محمد پنهور جي ذهن جي پيداوار آهي. (شيخ، ۲۰۰۴: ۳۷)
ڊاڪٽر خان محمد
پنهور کي رات ڏينهن سماج جو اونو هوندو هو. ٻهراڙين ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، ادبي
پروگرام ڪرائڻ ۽ ڳوٺن جي حالتن مسئلن تي بي رياءِ ٿي ڳالهائيندو هو. غريبن جي مدد
هڙان وڙان ڪندو هو “خان محمد هڪ فرد” هڪ تحريڪ، هڪ علامت ۽ هڪ اتساهه ڏياريندڙ
علامت هئو. سندس ڪيترائي شاگرد ۽ ساٿي سياست، صحافت ۽ سماجي ڪم جون ڏاڪڻيون
استعمال ڪري وڏن سماجي رتبن ۽ مالي فائدن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اها انهن جي چونڊ
هئي پر هن پنهنجي پوري شعور سان فقيري اختيار ڪئي. ۽ وقت جو اٽل فيصلو آهي ته
اهائي راهه اصل فائدي ۽ وڏي عزت ۽ احترام واري آهي.”( لڪياري، ۲۰۰۴: ۲۲-۲۳) غريب شاگردن لاءِ
پوئرليف فنڊ پڻ قائم ڪيائين.
نوڪري
پهرين ڊاڪٽر خان
محمد پنهور ٽيلفور آپريٽر ٿيو. ان کان پوءِ سنڌ سرڪار جي اطلاعات واري کاتي ۾
انفارميشن آفيسر رهيو ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ نامور شاعر شيخ اياز جي دؤر ۾ جرنلزم
جو ليڪچرار ٿيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ قائم ڪرڻ جي سندس ئي خواهش هئي.
شيخ اياز جرنلزم ڊپارٽمينٽ قائم ڪري کيس نوڪري ڏني. ڊاڪٽر صاحب جرنلزم ڊپارٽمينٽ
جو انچارج ۽ چيئرمين پڻ رهيو ۱۹۹۸ع ۱۱ سال سروس ڇڏي رٽائر ٿيو.
ادبي دنيا
ڊاڪٽر خان محمد
پنهور پبلشر ايڊيٽر، ليکڪ، مرتب ۽ اسڪالر هيو. سندس لکت جو نمونو عالمانه هيو. هن
شرعات ۾ ننڍا ننڍا رسالا ڪڍيا. جن ۾ بزم گلشن، منڇر ادب، ٻارن جي ٻاري، ٻالڪ نئون
نياپو سنڌي پلبيڪشن ماهوار رسالو جاري ڪيائين. جنهن جا پير حسام الدين راشد نمبر ۽
شيخ عبدالمجيد نمبر صحافتي، ادبي لکڻين يادگار حيثيت رکن ٿا. سرتاج ۽ پارس نالي به
رسلا ڪڍيائين
هوندا سي حيات
(ترتيب) ۱۹۷۸ع
نعرو مستانه (ترتيب) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جا ڪالم.
Shaik Abdul
Majeed Sindhi Life & Achivements.
ٻري جن ٻاري
۱۹۹۵ع
ٻري جن ٻاري ڊاڪٽر
خان محمد پنهور جو ايم فل (M.Phil) مقالو آهي. هي مقالو “شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ
جون صحافتي علمي ۽ ادبي خدمتون “ تي لکيل آهي. هي مقالو ڊاڪٽر صاحب لکيو ته پهرين
هو، پر سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۹۵ع ۾ ڇپيو آهي ان کان پهرين سندس PH.D ۱۹۹۱ع ۾ ڇپجي چڪي هئي. هن ڪتاب ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ادبي علمي، سياسي صحافتي
خدمتن کي بهترين نموني بيان ڪيو ويو آهي.
الوحيد جو، سنڌ جي
صحافت، سياست ۽ علم ادب ۾ حصو ۱۹۹۱ع
مٿيون ڪتاب ڊاڪٽر
خان محمد پنهور صاحب جو PH.D مقالو آهي. الوحيد اخبار جي جاري ڪرڻ جو
مقصد هيئن بيان ڪري ٿو.
عام مسلمانن ۾
سياسي شعور پيدا ڪرڻ
مقامات مقدس ۽
هندستان کان آزادي لاءِ مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ.
مسلمانن ۽ خاص طور
سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
مسلمانن جي مرڪز
خلافت جي قائم ۽ دائم واسطي جدوجهد ڪرڻ.
الوحيد جي تاريخ
شاهد آهي ته انهن مقاصدن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو جدوجهد ڪئي آهي. ان ڏس ۾ الوحيد جي ايڊيٽرن،
مالڪن ۽ ٻين ڪارڪن کي جيلن جون سزائون ڏنڊ ۽ ٻيا ڏکيا ڏينهن ۽ تڪليفون ڪاٽڻيون
پيون.” (پنهور، ۱۹۹۵: ۱۹۳)
ڊاڪٽر خان محمد جون
ڪيل ادبي خدمتون ادبي تاريخ ۾ هڪ خاص جاءِ والارين ٿيون. هن جا مختلف پاسا صحافت،
سماجيات، ڳوٺ سڌار سنگت ميڊيڪل ڪئمپون سماج کي شعور ڏيڻ لاءِ سڄي زندگي جا کوڙيندو
رهيو طارق عالم ابڙو لکي ٿو ته:
اسان سڀ اهو ڄاڻندي
ته خان محمد پنهور ڪو عام انسان نه، پر هن قوم جي بهتر زندگي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ
انسان آهي. جيڪي پنهنجي سموري ڄمار ۽ جتي به رسيو “مسڪين جهان خان کوسي،” جي اڌوري
خواب کي مڪمل ڪرڻ جي هر ممڪن جاکوڙ ڪندو رهيو هن عجب شخص پنهنجي علمي زندگي ۾ ڪا وڏي
مسند ماڻڻ لاءِ ڪنهن جي پيرن هيٺان قالين نه ڇڪيو ڪنهن جي ڪرسي نه کسڪائي، ها پر
ائين ضرور ٿيو ته جن کي هن چيچ کان وٺي هلڻ سکياريو يا جن کي هن پاڻ دعوت ڏئي
پنهنجي جوڙيل جاءِ ۾ مستقبل جي تعمير ڪرڻ لاءِ وٺي اچي آباد ڪيو تن کيس اڳتي اچي
لويو. خان محمد پنهور ڪنهن شخص جو نالو ناهي هڪ تحريڪ جو نالو خان محمد پنهور آهي.
(عالم، ۲۰۰۴: ۸۳)
سنڌ يونيورسٽي جي
جرنلزم ڊپارٽمينٽ جو بنياد وجهندڙ، سماج سڌارڪ، ايڊيٽر، عالم، محقق، استاد، سوشل
ورڪر ڊاڪٽر خان محمد پنهور راهه رباني ورتي کيس سنڌ يونيورسٽي جي قبرستان ريلوي اسٽيشن
ڄامشورو ويجهو مدفن ڪيو ويو. سندس وڇوڙي تي امداد حسيني لکيو ته سچ ته اهو آهي ته
خان محمد پنهور به هڪ “بحر” هو هن زندگي ۾ جيڪا جاکوڙ ڪئي ۽ سنڌ لاءِ جيڪو به ڪم ڪيو
ان جي اهميت آهي. پوءِ اها سگا لاءِ هجي يا ڳوٺ سڌار سنگت لاءِ هر فنڪشن ۾ سندس شرڪت
لازمي هوندي هئي. (حسيني، ۲۰۰۴: ۱۲۵)
مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي فرمائي ٿو ته خان محمد پنهور ۽ عابد لغاري ماڻهو نه جن آهن. (قاسمي، ۲۰۰۴: ۲۱)
سندس لکڻي جو نمونو
هيٺ ڏجي ٿو.’الحيد‘ اخبار ۱۵مارچ ۱۹۲۰ع ۾ جاري ٿي هيءَ اخبار ڪيئن جاري ٿي؟ ڇو جاري ٿي؟ ۽
سندس وجود وٺڻ ۽ جاري ڪرڻ جا مقصد ڪهڙا هئا؟ انهن سڀني معاملن تي هن ٿيسز ۾ غور ڪري
انهن معاملن تي ويچاريو ويو آهي. سڀ کان پهرين اخبار جي اجراءَ تي ڪجهه بحث ڪجي ٿو.
جيئن الوحيد جي ڪهاڻيءَ ۾ منڍ کان آخر تائين پهچائي سگهجي سنڌ ۾ پهرين خلافت ڪانفرنس
۱۹۱۹ع ۾ حيدرآباد علامه الحاج حافظ مفتي مخدوم غلام محمد ملڪاڻيءَ جي زير صدارت
منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ جا علماءَ ڪرام به اڪثريت ۾ آيل هئا. انهن ليڊرن ۾ مجاهد
اسلام مولانا سيد تاج محمد امروٽي، مولانا غلام عمر سوني جتوئي وارو مولانا
حامدالله لاڙائي، مولانا دين محمد وفائي. مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا
محمد صادق کڏي وارو ڪراچي مولانا محمد صديق مورائي پير غلام مجددم مٽياري، مولانا
عبدالرحيم مگسي، راشدي ڀائر، شيخ عبدالمجيد سنڌي عبدالجبار وڪيل، ڊاڪٽر انور محمد
وڪيل، ۽ ٻيا ڪيترائي ليڊر اچي شريڪ ٿيا. خان بهادر غلام محمد ڀرڳڙي سياست سبب
انگريزن جي جيل مان آزاد ٿي انهيءَ ڏيرن اچي شريڪ ٿيو هو. پنهور ۱۹۹۱ع ۶۸)
شيخ، محمد سليمان، ڊاڪٽر،
۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ، ڄام
شورو.
لڪياري، قلندر
شاهه،۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ ڄام
شورو.
پنهور، خان محمد، ڊاڪٽر،
۱۹۹۵: ٻري جن ٻاري، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
عالم، طارق، ابڙو، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر
پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو.
حسيني، امداد، ۲۰۰۴: خان محمد پنهور، مرتب، ناصر
پنهور ،ڊاڪٽر خان محمد ميموريل ٽرسٽ، ڄام شورو.
قاسمي، غلام
مصطفيٰ، علامه،۲۰۰۴: خان محمد پنهور،مرتب، ناصر پنهور،ڊاڪٽرخان محمد پنهور ميموريل ٽرسٽ ڄام
شورو.
پنهور، خان محمد ڊاڪٽر،۱۹۹۱: الوحيد جو سنڌ جي صحافت ، سياست
۽ علم ادب ۾ حصو.
(مير حاجن
مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۰ پريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
خان محمد پنهور
شخصيت بابت ٻه اکر
لياقت ٿھيم
خان محمد پنهور (۱۹۴۹-۱۹۹۹) کي بجا طور سنڌ جي اهڙن ماڻهن ۾
شمار ڪري سگھجي ٿو جن ڪيئي ڪمن جو بنياد وڌو ۽ پهريون ڀيرو شروع ڪيا. اصل
آراضي-سيوهڻ جو هو. غريب گھر ۾ پيدا ٿيو هو تنهنڪري سنڌ کي بدلائڻ جو خواب ڄائي ڄم
کان ورثي ۾ مليو هوس. ٻاراڻي وهي کان غريب ماڻهن لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هئائين. ٻارهن
ورهين جو هو جو دادو، ڀان ۽ بوبڪ ۾ ٻارن جون تنظميون ٺاهي لائبريريون ٺاهڻ جو ڪم ڪيو
هئائين. پنهنجي ڳوٺ جي ٻارن لاءِ ’ٻارڙن جي ٻاري’کوليائين. انهي ئي دور ۾ پير مظهر
الحق سان گڏجي عبرت اخبار ۾ ٻارن لاءِ ڪالم به لکندو رهيو. ڪجھ وقت حافظ احسن چنا
سان ’بزم گلشن ادب’ ۾ ڪم ڪيائين. هڪ مختصر عرصي لاءِ سنڌ نئشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾
به ڪم ڪيو هئائين.
هي سياسي ۽ ذهني
طور سائين جي ايم سيد جي اثر ۾ رهيو. يحييٰ ۽ ايوب جي مارشل لا دور ۾ سائين جي ايم
سيد جا ڪتاب پابندي هيٺ آيا ۽ ڪابه پريس سائين جا ڪتاب ڇاپي نه سگھندي هئي ته خان
محمد ۽ ڪجھ ٻيا ماڻهو اهي ڪتاب هٿ سان لکي انهن جون ڪاپيون ٺاهي سائين جي پڙهندڙن
۽ سياسي ماڻهن جي اسٽڊي سرڪلن تائين پهچائيندا هئا.
خان محمد پنهنجي
تعليم به ڏکين حالتن ۾ پوري ڪئي: ڪجھ عرصو ڀان هائي اسڪول ۾ پڙهيو، مڊل اتان ڪيائين.
مئٽرڪ دادو مان ڪيائين. انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان ڪيائين. گريجوئيشن سنڌ
يونيورسٽي مان ۽ ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان ڪيائين.
سنڌي اخبارن ۽
رسالن جي پهرين تنظيم خان محمد قائم ڪئي جنهن جو پهريون صدر قاضي اسد عابد ۽ جنرل
سيڪريٽري پاڻ ٿيو. سنڌي ٻولي ۾ (شايد پهريون ڀيرو) ڪمپيوٽر کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪراچي
۾ ۱۹۸۶ ۾ سيمينار ڪرايائين. پهريون ڀيرو سنڌ جي مختلف اسڪولن کي سنڌ جي ڏاهن ۽
برک تعليمي-سماجي هستين جي نالن سان منسوب ڪرڻ جي روايت وڌائين.
سنڌ يونيورسٽي جي
موجوده ماس ڪميونيڪيشن شعبي جو بنياد رکيائين (جرنلزم جو شعبو شروع ڪيائين). هي
انهن چند بنيادي ماڻهن مان هو جن۱۹۷۲ ۾ ’سنڌ گريجوئيٽيس ايسوسئيشن’جو بنياد وڌو هو. سگا
طرفان هر سال ڪنهن مخصوص موضوع جي مناسبت سان سال ملهايو ويندو هو جيئن: صحت جو سال،
لطيف جو سال، ڳوٺن جي سڌارن جو سال. سال ملهائڻ جي اها روايت سنڌ ۾ خان محمد وڌي.
سگا حيدرآباد طرفان
هفتيوار ليڪچر ۽ مفت طبي مشورن جو سلسلو به هن شروع ڪيو. حيدرآباد جا موجوده وڏا ڊاڪٽر
اهڙين ئي مفت ڪئمپن ذريعي متعارف ٿيا. وري ضيا دور ۾ سگا تي پابندي پئي ته ’ڳوٺ سڌار
سنگت’جو بنياد وڌائين جنهن جو پهريون ڪنوينر پاڻ ٿيو.
خان محمد جي ڪنوينرشپ
هيٺ ڳوٺ سڌار سنگت جا سنڌ جي سوين ڳوٺن ۾ يونٽ هئا جن ذريعي اسڪول منظور ڪرائڻ، ڳوٺن
کي روڊ رستا ۽ بجلي ڏيارڻ، پبلڪ لائبريريون، ڪوچنگ سينٽر، بالغن کي پڙهائڻ جا مرڪز،
هنري سکيا جا سينٽر، طبي مدد جا مرڪز، ماءُ ۽ ٻار جا صحت مرڪز، اٽي پيهڻ جون چڪيون،
ننڍا وڏا ڪچا رستا، اچ وڃ لاءِ موريون وغيرھ ٺهڻ جا ڪم ٿيا. جتي جتي ڳوٺ سڌار جو
يونٽ هو انهي ڳوٺ جي اوطاق ۾ اخبار ايندي هئي جيڪا سڀئي ڳوٺاڻا پڙهندا هئا. هي ضيا
جي انهي دور ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ سفر ڪندو هو جتي ڌاڙيلن ڳوٺ ۽ ننڍا شهر ويران ڪري ڇڏيا
هئا. اهڙن ڳوٺن ۾ به ويندو هو جيڪي ڌاڙيلن لاءِ مشهور هوندا هئا. اهي سفر ڪڏهن ريل
۾ ته ڪڏهن بسن جي ڇتن تي ويهي به ڪندو هو.
سندس نوڪرين واري ڪاغذ
يا سي وي مان به وڏو سبق مليم. شروعاتي ورهين ۾ سنڌ يونيورسٽي اسٽيشن تي عبرت
اخبار جو هاڪر رهيو. پوءِ سنڌ يونيورسٽي جي بلاڪس هاسٽل ۾ ٽيليفون آپريٽر ٿيو.
انهي نوڪري دوران پڙهندو رهيو. ٽيليفون آپريٽر جي نوڪري تان جڏهن کيس پروموٽ ڪري
پبلڪ رليشننگ آفيسر ڪري رکيو ويو ته سنڌ يونيورسٽي جا برهمڻ ماستر مٿس ڏمرجي پيا.
وائس چانسلر غلام مصطفيٰ شاھ کي ايڏو ته تنگ ڪيائون جو کيس جلدئي انهي عهدي تان هٽايو
ويو.
پر پوءِ به بددل نه
ٿيو. ڪراچي مان، تمام معمولي اسڪالرشپ تي، صحافت ۾ ايم اي ڪيائين. انهي عرصي ۾
’نئين زندگي’جو جائنٽ ايڊيٽر ٿيو (ايڊيٽر شمشير الحيدري هو). پوءِ ساڳي وزارت
اطلاعات ۾ ريجنل ڊائريڪٽر ٿيو. ڀٽي صاحب جي دور ۾ ۱۹۷۵ ۾ حيدرآباد جو ڊائريڪٽر انفرميشن ٿيو. انهي
دوران کيس شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي وٺي آيو جتي صحافت جي شعبي جو بنياد رکيائين.
۱۹۸۶ ۾ جوڻيجو حڪومت دوران کيس ’نئين روشني اسڪولس’جو ضلعي نوابشاھ لاءِ ڊسٽرڪٽ
مينيجر بنايو ويو. ڪيترن ئي غريب ڇوڪرن کي نئين روشني اسڪولن ۾ نوڪريون ڏنائين.
سٻاجھو ۽ سچار ماڻهو
هو. ڪنهن به قسم جي هيراڦيري کان نه ڄاڻندو هو. نئين روشني اسڪولس جي هڪڙي گشت
دوران خيرپور ميرس پاسي هڪڙي ڳوٺ ويو. اتي ڏٺائين ته ٻار هيٺ پٽ تي ويٺا ٿا پڙهن.
پڇيائين ته هتي اسڪول ناهي ڇا؟ ڳوٺاڻن ٻڌايس ته اسڪول ته منظور ٿيل آهي پر عمارت
ناهي. چيائين اهو ڪهڙو وڏو ڪم آهي، پاڻ ئي ٺاهي ٿا وٺون. هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيائون. ڪنهن
ماڻهو کان سرن جي بٺي تان سرون خيرات ۾ ورتائين. انهي ڏينهن سڀني ڳوٺاڻن پاڻ گارو ٺاهي
اسڪول لاءِ ٽي ڪمرا ٺاهي ورتا. خان محمد پاڻ به انهن ڳوٺاڻن سان گڏجي مٿي تي تغاري
کنئي. جڏهن اسڪول ٺهي راس ٿيو ته انهي جو افتتاح ڪيائين ۽ سنڌ حڪومت کي اها عمارت
تحفي ۾ ڏنائين.
هڪڙو واقعو ٻڌايو وڃي
ٿو ته نوشهري جي هڪ نوجوان کي انهي شرط تي اسڪول ۾ نوڪري ڏنائين ته هو اڳتي پڙهندو.
انهي نوجوان بعد ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو ۽ سوشل ويلفيئر ۾
آفيسر لڳو.
اهڙو ئي ٻيو واقعو
مشهور سنڌي ليکڪ ناز سنائي بابت چيو وڃي ٿو. ناز سنائي سن جي بسن ۾ بوڙينڊا وڪڻندو
هو. هڪڙي ڀيري کيس هڪ ماڻهو مليو. انهي پڇيس ته؛ ’پٽ، پڙهين نٿو؟’چيائين ته؛
’سائين! مائٽ پڙهڻ نٿا ڏين. ‘انهي ماڻهو ناز کي چار پنج ڪتاب ڪڍي ڏنا. چيائينس ته
اهي پڙهجانءِ. انهن ڪتابن ناز سنائي کي پڙهڻ جو شوق ڏياريو ۽ هو اڳتي پڙهندو ويو.
اهو ماڻهو به خان محمد پنهور هو.
هڪڙي وقت تي ڪيئي ٻيا
ڪم به پيو ڪندو هو. نوڪرين دوران ’الوحيد’اخبار جي تاريخي ڪردار تي پي ايڇ ڊي ڪيائين.
بقول ڊاڪٽر الانا جي: ”پي ايڇ ڊي واري مرحلي ۾ به سنڌ يونيورسٽي جي استادن رت
روئاريس. “
سنڌ يونيورسٽي ۾
ملازمت دوران سماجي اصلاح جا ڪم به جاري رکيائين. پر جيئن هن ڪتاب ۾ سندس هڪ ساٿي
لکيو آهي ته ’اسانجو سنڌي معاشرو پنهنجن لاءِ حسد ۽ هڪٻئي جا ترا ڪڍڻ واري قديم ٽيڪنالجي
۾ گھڻو اڳتي آهي. ‘۱۹۸۹ ۾ کيس دماغ جو ٽيومر ٿيو. علاج لاءِ لنڊن موڪليائونس. اها دماغي تڪليف ڪي ڏھ
سال هلي. بيماري دوران به سندس لاءِ نوڪري جا مسئلا پيدا ڪيا ويا. ۱۹۹۷ ۾ سندس بيماري ٻيهر اٿلي پئي جنهن مان
جانبر نه ٿي سگھيو.
(سائين خان
محمد پنهور بابت هي نوٽ ’خان محمد پنهور’ نالي ڪتاب جي مدد سان لکيو اٿم. هي ڪتاب
سائين ناصر پنهور ڇپرايو آهي).
(لياقت ٿھيم
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)
خان محمد پنهور
هڪ ياد
مشتاق باگاڻي
اوڻويهه سئو ستر
واري ڏهاڪي ۾ مس مس وڃي ٻهراڙيءَ وارن ڇوڪرن لاءِ ڪراچيءَ ۾ نوڪرين جا در کليا.
نوجوان هوريان هوريان ٿي ڪراچي پهچڻ لڳا. گارڊن ويسٽ ۽ فيڊرل سي ايريا جي ڪوارٽرن ڪي
قدر رهائش جو مسئلو حل ڪيو. ڪن بزرگ مهاجر لوڪن به جايون مسواڙ تي ڏيڻ شروع ڪيون.
انهن پڙهيل لکيل ڇوڪرن لاءِ وندر ۽ ورونهن ۽ گهمڻ ڦرڻ جون جايون ڪلفٽن، ڪياماڙي
وارو بندرگاهه، وڪٽوريا روڊ، ايلفي اسٽريٽ ۽ طارق روڊ هيون. پڙهيل لکيل جوانن لاءِ
ميٽروپول هوٽل جي سامهون برٽش ڪائونسل لائبريري ۽ امريڪن سينٽر هئا، جتي ٿڌي،
خاموش ۽ پرسڪون ماحول ۾ سوين نوجوان پڙهڻ ۾ مشغول نظر ايندا هئا. انهن لائبريرين ۾
قديم ۽ جديد دور ۾ لکيل انگريزي ۽ اردو جا ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ لاءِ موجود
هوندا هئا. سائنسي علوم، جاگرافي، تاريخ، فلسفي ۽ فڪشن تي وڏو لٽريچر موجود هوندو
هو. پڙهڻ وارن ۾ اڪثريت ته اردودان طبقي جي هوندي هئي پر ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو سنڌي به نظر
اچي ويندو هو.
منهنجو پنهنجو ڪراچي
سان واسطو گهڻو دير ۶۷-۱۹۶۶ع ۾ ٿيو. ان کان ويهارو سال کن اڳ اسان جي خاندان سان هڪ
حادثو پيش اچي چڪو هو. منهنجي ڏاڏي بابا ۽ امان وارا حج زيارتن لاءِ مڪي، مديني،
شام، عراق ۽ ايران جي سفر تي وڃي رهيا هئا. هو ڪراچي ۾ حاجي ڪيمپ ۾ مقيم هئا ته منهنجو
ننڍڙو ڀاءُ روشن علي بيمار ٿي پيو. ڪنهن ڊاڪٽر جي دوا اثر ڪونه ڪيو. ساهه جي تند ڇڄي
پئي. امان جون لوليون ۽ لوريون آهن، سسڪين ۽ ناله و فرياد ۾ تبديل ٿي ويون. اي
مديني جا مير! اي شاهه نجف! هي اسان سان ڇا ٿي ويو. ڀلي پار ويندي هڪ مسڪين پيءُ ۽
بيوس ماءُ جي جهولي خالي ٿي وئي. هڪ ابهم ٻار جو لاش ڪراچي جي ڪنهن قبرسان ۾ مٽيءَ
جي حوالي ڪري ننڍڙي قبر تي پاڻي ڇڻڪاري بابا سائين ڳوڙها ڳاڙيندو خالي هٿين خيمي ۾
موٽي آيو. قيامت جون اهي گهڙيون هنن مسڪينن، ڀلي پار جي پانڌين تي ڪيئن گذريون،
بابا ۽ امان کان اهو درد ڪڏهن به ڪونه وسريو.
مدينو، شام، نجف، ڪربلا،
قم ۽ مشهد مقدس جو ٻن مهينن وارو اهو پنڌ ٻن زال مڙس ۽ ٻڍڙي ڏاڏي پنهنجي ٻئي وڏي ڪٽنب
۽ ڪهول سان ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ پورو ڪيو. آگ بوٽ تي سامونڊي ۽ بسن تي صحرائن جو
اهو سفر ڪيئن گذريو، ان جي ته مونکي خبر ڪانهي پر پوءِ بابا ۽ امان جي اکين مان
مرندي گهڙيءَ تائين ڳوڙها ڪڏهن ڪونه سڪا. لڙڪ لڙندا رهيا. اندر جي باهه ٻرندي رهي.
هو ٻئي زال مڙس ذاڪر اهلبيت بڻجي ويا. مجلسون پڙهندا، روئندا ۽ روئاڙيندا رهيا.
خير اها ڳالهه تي
از راهه تذڪره، قلم جي نوڪ تي اچي وئي. ڳالهه پئي ڪيم ته ڇهين مارچ ۱۹۷۴ع ۾ مون نئين نوڪريءَ جي شروعات ڪراچي مان ڪئي.
خوشين ۽ ڳڻتين وارو اهو ڏينهن مونکي اڃان تائين ياد آهي. منجهند جو آفيس مان نڪري
هڪ اوپري ۽ اڻڄاڻ مسافر وانگر رستي تي هلي پيس. اها آفيس گرو مندر تي دادا دولت
مهتاڻي جي بنگلي جي سامهون، مير غلام علي خان ٽالپر جي بنگلي ڀرسان، ڪنهن ٽالپر
امير جو بنگلو مسواڙ تي وٺي قائم ڪئي وئي هئي.
اجهاڳ ڇر وانگر پکڙيل
هيڏي وڏي وشال شهر ۾ غير ارادي طور صدر صدر پڪاريندڙ ڪنڊيڪٽر واري بس ۾ سوار ٿيس.
صدر ۾ لهي سيڪريٽريٽ جو رخ رکيم. مونکي ياد آيو، نئين زندگي رسالي جي آفيس پاڪ سيڪريٽريٽ
جي ڪنهن بلاڪ ۾ هئي. پڇائي وڃي پهتس. مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ شمشير الحيدري جهڙين
قدآور شخصيتن سان ملاقات ٿي پر اتي هڪ ٻيو به شخص ويٺو هو، جنهن سان حيدرآباد ۾
واقفيت ٿي هئي ۽ پوءِ اها دوستيءَ ۾ تبديل ٿيندي، دير ئي ڪانه لڳي هئي. اهو هو خان
محمد پنهور. اسين ڀاڪرين پئجي وياسين پر اهي ڀاڪر پيار ڀريا پنهنجائپ وارا هئا.
مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ شمشير الحيدري سان تعارفي ملاقات ڪري موڪلايوسين.
‘سوجهرو’ رسالي جي آفيس راڪ ڪورٽ وڪٽوريا روڊ تي هئي. ان جو مالڪ دادا دولت مهتاڻي
هڪ فقير منش انسان هو پر ان جو سنڀاليندڙ تاج بلوچ هو. اهو چٽي طرح ياد ڪونه ٿو
اچيم ته پهريائين تاج بلوچ سان ملي پوءِ نئين زندگي جي آفيس ۾ ويو هئس ۽ خان محمد
پنهور سان ملاقات ٿي هئي.
بهرحال اسين ٻئي
پيرو پيادي بندر روڊ تي شيخ عبدالمجيد سنڌي جي فليٽ تي پهتاسين. پاڻ علالت سبب
بستري تي ليٽيل هئا. خان محمد پنهور ۽ اعجاز سنڌي گڏجي، “شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي”
جو بنياد رکيو هو. ان سلسلي ۾ خان محمد جو شيخ صاحب جي فليٽ تي گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو
هو ۽ ويجهڙائپ به وڌي وئي هئي. اسان ڪجهه دير اتي ويٺا رهياسين ۽ هڪ عظيم سنڌي ليڊر
جي تاريخي ڳالهين مان محفوظ ٿيندا رهياسين. آئون سوچيندو رهيس، هيڏي وڏي ملڪ جي هيڏي
وڏي شهر ۾، هيڏو وڏو ليڊر ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ هڪ ننڍڙي سوڙهي ليز تي ورتل فليٽ ۾
ميري بستري تي ليٽيل زندگي جا آخري ايام گذاري رهيو آهي. ڪوئي پرسان حال ڪونهي. نڌڻڪي
بيوس بڻايل قوم جو عظيم ليڊر ڪنهن کي به ياد ڪونهي. افسرده ۽ اداس دل کي پرڀائڻ جي
ڪوشش ڪندي پاڻ کي ايڏو ته پتڪڙو محسوس ڪيم جو مٽي جاءِ ڏئي ته سسئي وانگر ٽٻي هڻي
وڃي ٻئي جهان ۾ پهچان. خان محمد پنهور همت وڌائي. جڙتو ۽ نقلي مسڪراهٽن جو تبادلو ٿيو
۽ اسين اٿي پياسين.
اڳين منزل هئي رمپا
پلازه. سنڌ جي هڪ سجاڳ سپوت ڊاڪٽر سليمان شيخ جي نئين ٺاهيل تنظيم، “سنڌ گريجوئيٽس
ايسوسيئيشن” جي هيڊ آفيس. هتي ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ ولي محمد روشن جهڙن روشن خيال ماڻهن
سان مکا ميلو ٿيو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي گڏجاڻي ۾ شرڪٽ جو موقعو مليو. ڊاڪٽر
صاحب جي اشاري تي ولي محمد روشن ميمبرشپ فارم اڳتي وڌايو. فارم ڀري في ڏيئي سينيارٽي
لسٽ ۾ ۱۲۲ نمبر حاصل ڪري، ڪي قدر اطمينان محسوس ڪيم. دل تان اڃان تائين شيخ
عبدالمجيد سنڌي جي رهائشگاهه وارو منظر ڪونه لٿو هو. من جو هما ويراني ۾ پرواز ڪندي
محسوس ٿي رهيو هو. منهنجي لاءِ رهائش جو مسئلو دل تي ڪاريهر وانگر ڪر کنيو بيٺو
هو. آفيس مان اٿياسين. آئون چپ چاپ خان محمد جي پويان هلي رهيو هوس. هو مسلسل ڳالهائي
منهنجي دل وندرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. گارڊن ويسٽ پهچي هن هڪڙي ڪوارٽر جو دروازو
کڙڪايو. در کليو، اندر داخل ٿياسين. آئون ڄڻ موري پنهنجي گهر پهچي چڪو هوس.
(هلندڙ)
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر خان محمد پنهور
صحافت جو عالم - ورسيءَ
جي مناسبت سان
طارق عزيز شيخ
سنڌ جون آڱرين تي ڳڻڻ
جيتريون شخصيتون آهن، جيڪي ھڪ کان وڌيڪ شعبن ۾ ھڪ جيتريون ئي مقبول آھن. ڊاڪٽر خان
محمد پنهور بہ اھڙين ئي شخصيتن مان هڪ ھو، جيڪو صحافت، تعليم ۽ سماجي شعبن ۾ وڏي
مقبوليت ماڻي. سندس زندگيءَ تي نظر وجهنداسين ته ان ۾ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو ڪردار
متحرڪ ۽ مصروف ملي ٿو. خان محمد پنهور جي زندگيءَ ۾ تحرڪ جو وڏو سبب شيخ عبدالمجيد
سنڌيء جھڙي عظيم شخصيت سان ويجھڙائي ھئڻ آھي. ھُو شيخ عبدالمجيد سنڌيء کان تمام گھڻو
متاثر ھو ۽ سندس خوشنصيبي جو شيخ عبدالمجيد سنڌيء جي دست شفقت ۽ ھدايتن سبب ئي خان
محمد پنهور بہ اڳتي وڌندو رھيو.
ڊاڪٽر خان محمد
پنهور ھڪ غريباڻي گھر سان تعلق رکندو ھو ۽ پر فقط ھڪڙي تعليم جي سھاري وڏو ماڻھو بڻيو.
اھوئي سبب آھي جو پاڻ بہ سڀني ملڻ جلڻ وارن کي ھميشه تعليم پرائڻ جي تاڪيد ڪندو
رھيو.
ھُو ۲۷ جون ۱۹۴۹ع تي سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي، تعلقي سيوهڻ
۾ جنم وٺڻ بعد پرائمري تعليم بہ آراضي شهر مان وٺي، مڊل ڀان سعيد آباد، مئٽرڪ
دادو، بي. اي هالا ڪاليج، ايم. اي جرنلزم شعبي ۾ ڪراچي يونيورسٽيء مان ڪيائين.
پنهور صاحب جي پي ايڇ ڊي بہ ھڪ تاريخي ۽ تحقيقي دستاويز آھي، جيڪا شيخ عبدالمجيد
سنڌيء جي نگراني ۾ جاري ڪيل اخبار الوحيد تي لکيل آھي، بعنوان: "الوحيد جو سنڌ
جي صحافت، سياست ۽ علم ادب ۾ حصو" سال ۱۹۹۱ع.
ڊاڪٽر خان محمد
پنهور جو شروع کان وٺي صحافت سان لڳاءُ رھندو آيو ھو. ھُو تعليم پرائڻ کان پوءِ
علمي ادبي مشغولين ۾ مصروف رھڻ لڳو. انھيءَ زماني ۾ روزاني عبرت اخبار سان بحيثيت
سب ايڊيٽر طور منسلڪ ٿي ويو، جتي پنھنجي وقت جي ناميارن صحافين شيخ علي محمد ۽ شيخ
عزيز جي نگرانيءَ ۾ عبرت اخبار جاري ٿيندي ھئي. پنھور صاحب کي صحافت جو شوق اڳئي
ھو پر جڏهن کيس سنڌ جي وڏي ۾ وڏي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو تہ پنھنجا جوھر اتي
ڏيکاريائين. سندس صحافتي پورھيو تڏھن ساڀيان ٿيو، جڏهن سنڌ يونيورسٽيء جي تڏهوڪي
وائيس چانسلر شيخ اياز جرنلزم جو شعبو کوليو. ان وقت ھيء ڊپارٽمينٽ ٻڙي ھو، ان ڪري
ڪنھن اھڙي قابل شخص جي ضرورت ھئي جيڪو شعبي کي ڪاميابيءَ سان کڻي ھلي. اھڙي وقت ۾
خان محمد پنهور کان بھتر ڪو ٻيو ماڻھو ڪونہ ھو، ان ڪري جرنلزم شعبي جي واڳ سائين
کي ڏني وئي. پنھور صاحب جڏهن ھن شعبي جو تدريسي سلسلو شروع ڪيو تہ ابتدائي طور تي ڪي
اڙانگايون پيش آيون پر پوءِ آھستي آھستي جرنلزم شعبو بھترين بڻجي ويو. پنھور صاحب
ھن ڊپارٽمينٽ ۾ الف کان ي تائين گھرجون پوريون ڪري مڪمل ڪيو. انھيءَ دوران سنڌ جو
ناميارو صحافي ۽ نئين جاري ٿيندڙ اخبار سنڌ نيوز جو ايڊيٽر شيخ عزيز بہ وزٽنگ
پروفيسر طور مقرر ٿيو، جنھن سان پنھور صاحب جو پراڻو عبرت اخبار واري زماني کان سٺو
واسطو ھو. شيخ عزيز جرنلزم شعبي جي سليبس لاءِ عالمي معيار جو ڪتاب "عملي
صحافت" لکيو جيڪو اڄ تائين ڪورس جو حصو آھي.
ڊاڪٽر خان محمد
پنهور کي جيئن تہ اشاعت جو بہ تجربو ھو، ان ڏس ۾ ھن سنڌ يونيورسٽي ۾ سرتاج، مارئي،
پارس، نئون نياپو سنڌي پلبيڪشن ماهوار رسالا جاري ڪيائين. جنهن جا پير حسام الدين
راشد نمبر ۽ شيخ عبدالمجيد نمبر شايع ڪيائين. پاڻ ماھر پبلشر ھو ۽ اشاعتي ٽيڪنڪ جي
مڪمل ڄاڻ ھئس. ھو وفاقي حڪومت جي ماھوار سنڌي رسالي "نئين زندگي" ۾ پڻ
اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪري چڪو ھو. ان کان علاوه ماضيءَ ۾ وقت بوقت مختلف اشاعتي
سلسلو ھلائيندو رھندو ھو.
ڊاڪٽر خان محمد
پنهور جي شخصيت جو ھڪ اھم پھلو سماجي ۽ فلاحي اڳواڻ وارو بہ آھي. هن ۱۹۸۳ع ۾ ڳوٺ سڌار سنگت قائم ڪئي، جنھن جي پليٽ
فارم تان سنڌ جي ڳوٺن ۾ غريب ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيائين. اھڙي
ريت پنھور صاحب سنڌ جي وڏي ۾ وڏي فلاحي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۾ تمام
سرگرم رھيو. ھُن کي ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ سڪون ملندو ھو. سگا ۾ ھُنَ جون خدمتون تعليم
۽ صحت جي حوالي سان ساراھ جوڳيون ملن ٿيون. هن جي علمي خدمتن جي عيوض اونداھي سماج
کي روشني ملي ۽ اھي ڏيئا جيڪي ڪڏهن اٻوجھہ، غريبن مسڪينن جا ٻار ھئا، پڙھڻ بعد
اعليٰ مقام ۽ اعليٰ عھدن تي وڃي رسيا. ھن علم، ادب ۽ سماج جي سڌاري لاءِ لازوال
جدوجھد ڪئي، جيڪا سدائين ياد رکي ويندي.
ڊاڪٽر خان محمد
پنهور سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي قلم آرائي سان گڏوگڏ عملي طور تي بہ بھرو وٺندو رھيو
آھي. ھُو ون يونٽ، ٻوليءَ واري مسئلي، ايم آر ڊي تحريڪ ۽ ڪالا باغ ڊئم خلاف اڳڀرو
نظر آيو.
پنھور صاحب جا ڪيترائي
مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا پر سندس ڪريڊٽ تي ھيء ڪتاب ملن ٿا: هوندا سي
حيات (سھيڙيل) سال ۱۹۷۸ع، نعرہ مستانه (سھيڙيل) شيخ عبدالمجيد سنڌي جا ڪالم، ٻري جن ٻاري(تحقيق)،
“شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جون صحافتي، علمي ۽ ادبي خدمتون“ تي لکيل ايم فل جو مقالو
جيڪو ڪتابي صورت ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سال ۱۹۹۵ع ۾ ڇپايو.
ڊاڪٽر خان محمد
پنهور وفات کان اڳواٽ ڪافي عرصو علالت ۾ رھيو ۽ آخرڪار ۲۷ مئي ۱۹۹۹ع تي پنجاهه ورھين جي ڄمار ۾، حيدرآباد جي
سول اسپتال ۾ وفات ڪيائين.
(روزاني مومل
اخبار ڪراچي سومر، ۲۷ مئي ۲۰۲۴ع)
خان محمد پنھور
پراڻن فڪرن مان نواڻ جا
رستا ڪڍندڙ
حميد منگي
ذهن ۾ جڏهن اهو
سوال اٿندو آهي ته، دنيا کي بدلائڻ واري وڏي ۾ وڏي طاقت فڪر آهي يا تحرڪ ته جواب
ايندو ته، اڳ ۾ فڪر، جنهن سان انسان جو سياسي، اخلاقي شعور وڌي ٿو ۽ بعد ۾ اهو
عوامي تحريڪ جي صورت ۾ وڌي تبديليءَ جو سبب بڻجندو آهي. ان خيال کي مختصر نموني ۾
ايئن چئي سگهجي ٿو ته فڪر سوال پيدا ڪري شعور جي صورت ۾ ماڻهن تائين پهچي ٿو،
نتيجي ۾ ماڻهو گڏ ٿين ٿا، ان مان تحريڪ ٺهي ٿي، جنهن سان تبديلي اچڻ جا امڪان وڌندا
آهن۔ هتي اها به ڳالهه ڪندا هلون، اڪيلو فڪر هجي يا تحرڪ ٻئي هڪٻئي بنا اڌورا ئي
هجن ٿا۔ جيڪڏهن فڪر عملي صورت اختيار نه ٿو ڪري ته ڪتابن يا لکڻين تائين محدود
رهجي ٿو وڃي ۽ جيڪڏهن تحرڪ، فڪر کان خالي هجي ٿو ته، اهو به رستي تان ڀٽڪي سگهي ٿو.
انهيء ڪري اڳ ۾ انساني فڪر کي بدلجي، پوءِ دنيا جا نظام بدلجڻ ۾ دير ناهي لڳندي۔
هتي هي سوال به اهم
آهي ته، دنيا کي بدلائڻ لاءِ نئون فڪر ٺاهڻو پوندو يا وري معاشري ۾ موجود خيالن کي
وڌيڪ منصفاڻي نموني لاڳو ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي، پر جيئن ته هر نئين دور ۾ نئين فڪر
جي اهميت به هجي ٿي ۽ هر نئون دور نئين فڪر کي جنم به ڏئي ٿو۔ پر اها ڳالهه به ذهن
۾ رکڻ گهرجي ته هر نئون فڪر، هروڀرو پراڻي فڪر کي مڪمل طور تي ختم نه ٿو ڪري. پر
ان جي ڀيٽ ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي، هر نئون فڪر، پراڻن خيالن جا مفيد حصا پاڻ سان کڻي
اڳتي وڌندو رهيو آهي. مثال طور، زرعي دور انسان ۾ نئين سماجي تنظيم ضرور پيدا ڪئي
پر، ان کان اڳ واري ڪٽنبي دور جون ڪئي ريتون رسمون، رواج، اٿڻيون ويهڻيون جاري
رکيون. جڏهن صنعتي دور نوان سياسي ۽ معاشي خيال آندا ته، زرعي دور جي چڱن عملن کي
جاري رکيو ويو۔ هاڻي جڏهن دنيا ٽيڪنالاجي واري دور ۾ داخل ٿي رهي آهي، انسانيت لاء
عالمي تعاون، علم ۽ ڊجيٽل ذميواريءَ جهڙا موضوع وڌيڪ اهم ٿي رهيا آهن ته، ان سان گڏ
صنعتي دور واريون اڪثر رهڻيون ڪهڻيون به جاري آهن۔
اصل ۾ سوال، نئين فڪر
۽ پراڻي فڪر وارو ناهي، پر ڪنهن به فڪر کي وڌيڪ منصفاڻو بڻائڻ جي ضرورت رهي آهي۔
جيئن هر دور جا سوال نوان ٿين ٿا ۽ جواب ٿوري ڦيرگهير سان ساڳيا ئي رهندا آهن۔
مطلب ته وقت جي گذرڻ سان، سوالن ۾ نواڻ ايندي رهندي آهي پر جوابن جي ڳولها ساڳي
رهندي آهي۔ هتي هڪ ٻيو سوال به اڀري پيو ته جڏهن مستقبل نئين عالمي فڪر اچڻ جون
وايون پيو واري ته، ان جو بنياد منطق تي هجڻ گهرجي يا انساني همدرديء تي؟ ته ان جو
درست جواب ٿيندو “ٻنهي جو”۔ ڇو ته، منطق سماج لاء ڪارائتو ته ٿيندو، پر شايد سخت ۽
بي احساس به ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن همدردي هجي ٿي ته نيت سٺي هوندي به ڪڏهن ڪڏهن فيصلا
غير واضح يا غير عملي ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري ڪيترائي مفڪر اهو خيال پيش ڪندا رهيا
آهن ته، سماج جي پائيدار ترقيءَ لاء منطق ۽ همدردي ٻنهي جو هجڻ لازمي آهي۔ ڇوته
منطق ٻڌائي ٿو، ڪهڙو عمل ممڪن آهي ۽ همدردي ٻڌائي ٿي ته، ڪير متاثر ٿيندو ۽ ڪهڙي
فيصلي سان انسانن جي عزت محفوظ رهندي۔ اصل ۾ انسان نه صرف ذهين هجي، پر ان سان گڏ
اهو انسان دوست به هجي. مطلب “منطق رستو ڏيکاري ٿو ۽ همدردي انهيء رستي کي انسان
دوست بڻائي ٿي”۔
خان محمد پنهور، سنڌ
۾ صحافتي، علمي ۽ ادبي شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو۔ کيس خاص طور تي تحقيقي ۽ علمي
خدمتن جي ڪري وڌيڪ ياد ڪيو ويندو رهيو آهي۔ هو نه رڳو پراڻن فڪرن مان نوان رستا ڪڍندڙن
مان هو پر، پنهنجي وس آهر چرپر ۽ تحرڪ ۾ به رهيو، هڪ طرف هو ”هوندا سي حيات“، ”ٻري
جن ٻاري“، ”لطيفي لات“ ۽ ”نعره مستانه“ جهڙا ڪتاب ماڻهن کي رسائيندو رهيو، ٻئي طرف
هو ڳوٺ سڌار سنگت جهڙيون تنظيمون جوڙي، صدين کان ڏتڙيل ڳوٺاڻن سان عملي طور
همدرديءَ جا اظهار به ڪندو رهيو۔ هو پنهنجي پوري زندگيء ۾ ماٺ ڪري نه ويٺو، ڀٽائيءَ
جي شعر جيان ”جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي“ وانگر ووڙيندو ۽ پاڻ ولوڙيندو
رهيو، ڪڏهن علمي ميدان ۾ ته، ڪڏهن وري عملي جاکوڙ کي جاري رکندي جيسيتائين جيئرو
هو، هلندو ئي رهيو۔
خان محمد پنهور ۲۷ جون ۱۹۴۹ع، سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ آراضيءَ ۾ ڄائو۔ هن
پنهنجي صحافتي سفر جي شروعات عبرت اخبار سان ڪئي پر جلد ئي اطلاعات کاتي ۾ نوڪريءَ
سان لڳي ويو، جنھن دوران ھُن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم اي جي دگري حاصل ڪئي.
سُتت ئي ھُن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت جو شعبو قائم ٿيڻ تي اُتي ذميواريون سنڀاليون.
اھو شيخ اياز جي وائيس چانسلري وارو دور ھو.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
ھجڻ دوران ھُن هن شيخ عبدالمجيد سنڌيء تي تحقيق ڪئي جيڪو سندس
ايم فل جو موضوع ھو. بعد ۾ “الوحيد” اخبار جي تاريخي ڪردار تي
پي ايڇ ڊي پڻ ڪيائين، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته، هُو ماضيء جي شخصيتن ۽ ادارن مان
اهي گڻ ڪڍڻ جو ماهر هو. خان محمد پنهور رڳو اتي ئي بس نه ڪئي پر، هو ٻاراڻي ادب،
رسالن، علمي سرگرمين ۽ سماجي جاڳرتا ۾ به سرگرم رهيو۔
هن سنڌي صحافت کي
باقاعده تحقيق سان محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس وڏن علمي ڪمن مان هڪ ”الوحيد“
اخبار جو سنڌ جي صحافت، سياست، علم ۽ ادب ۾ حصو هو۔ هن پنھنجي پي ايڇ ڊيءَ واري ٿيسز
۾ “الوحيد” اخبار جي ڪردار جو جائزو ورتو ته ڪيئن صحافت سنڌ ۾ سياسي، سماجي ۽ علمي
شعور کي وڌايو. سندس خيال ھو ته صحافتي تاريخ، صرف واقعن جي فهرست ناهي پر ان کي
سماجي تبديليءَ طور به پڙهڻ گهرجي.
خان محمد پنهور جي
لکڻين ۾ جيتوڻيڪ ترقي پسنديءَ جو عنصر گهٽ هئو پر، انهن لکڻين ۾ سنڌ سان محبت، علم
جي اهميت، سماجي شعور ۽ پڻ تنقيدي سوچ واضح نظر اچن ٿا۔ هو علم جي اهميت بيان ڪرڻ
سان گڏ، سدائين سماجي سجاڳي اها به علم ذريعي تبديليءَ تي به زور ڏيندو رهيو. خان محمد
پنهور جي ڪتاب ”هوندا سي حيات“، ۾ رڳو شخصيتن جو ذڪر ناهي پر فڪري ۽ تاريخي
يادگيريون به سمجهيون وڃن ٿيون. هن ڪتاب جون ڪجهه ڳالهيون تاريخي ۽ ادبي شخصيتن جي
زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ، سماج ۾ علم ۽ شعور جي اهميت کي وڌائڻ، ماڻهن جي ڪردار
کي تاريخ جي رخ سان ڳنڍڻ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ فڪري ورثو محفوظ ڪرڻ هئو۔ هن ڪتاب جو
انداز گهڻو ڪري تحقيقي ۽ مشاهدي تي ٻڌل رهيو آهي.
بلڪل اهڙيء طرح
”الوحيد“ اخبار بابت سنڌ جي صحافت، سياست، علم ۽ ادب ۾ حصو به سندن وڌيڪ علمي ۽
تحقيقي ڪمن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن ڪتاب ۾ خاص طور تي سنڌي صحافت جي ارتقا، اخبارن جي
تاريخ جا سماج ۽ سياسي شعور تي اثر، علمي تحريڪن ۽ عوامي آگاهيءَ جو جائزو ورتو
ويو آهي ۽ پڻ ان دور جي فڪري تبديلين جي وضاحت به ٿيل آهي، هن ڪتاب جو هڪ اهم خيال
اهو به آهي ته، خيالن جي دنيا ۾ تبديلي گهڻو ڪري علم، گفتگو ۽ شعور ذريعي اچي ٿي ۽
پڻ هن ڪتاب ۾ اهو به سمجهايو ويو آهي ته پائيدار تبديلي لاءِ فڪر، تعليم ۽ عوامي
شعور اهم بنياد آهن. بهرحال پنهنجي آخري ڏينهن ۾ پنهنجي ادارت هيٺ ”پارس“ نالي سان
هڪ ٽماهي رسالو به ڪڍندو رهيو، مان جڏهن سکر ۾ ٻه ڪتاب گهر هلائيندو هوس ته، انهيء
وقت ۾ سندس ڀاڻيجو ناصر پنهور جيڪو هاڻي
ماحولياتي ماهر آهي، اهو رسالا ڏئي ويندو هو۔ رسالي جي مواد ۾ به ڄڻ ته ”ڄاڻ
جي کاڻ“ هوندي هئي، پوء اوچتو خبر ئي نه پئي ته، سنڌ جو اهو ڏيئو به ۲۷ مئي ۱۹۹۹ع تي اجهامي ويو۔
(ڏھاڙي دي
ايشيان ڪراچي ۳۰ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
خان محمد پنھور
پنھنجي دور جو ھڪ متحرڪ
سماج سُڌارڪ
خاصخيلي لطيف
راولاڻي
ڊاڪٽر خان محمد
پنھور ۲۷ جون ۱۹۴۹ع تي ضلعي دادو جي ننڍڙي ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾
ئي حاصل ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد آيو جتي انٽر ۽ بي اي ڪرڻ کان پوء ۱۹۷۳ع ۾ ايم اي صحافت لاء ڪراچي يونيورسٽيءَ جو
رخ ڪيائين جتان صحافت ۾ ڊگري حاصل ڪيائين جنھن کان پوء سنڌ حڪومت جي انفارميشن
کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. تُرت ئي ھُن سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيو جتي صحافت جو شعبو قائم
ڪيائين جيڪو اڳتي ھلي ماس ڪميونيڪيشن جي نالي سان مشھور ٿيو. صحافت جي شعبي کي
کولرائڻ ۽ ان کي ھٿي وٺرائڻ ۾ ان دور جي سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر شيخ اياز جو
وڏو ھٿ ھو. اتي ئي رھندي ھُن الوحيد اخبار ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي تي پي ايڇ ڊي ڪئي.
پنھنجي شاگرديءَ
واري زماني ۾ خان محمد پنھور بزم گلشن ۾
شامل ٿيو جيڪا ٽنڊي محمد خان مان اياز پاٽوليءَ شروع ڪئي ھئي. انھيءَ جي شاخ آراضي ۾ قائم ڪيائين. دادوءَ
۾ ٻارڙن جو ڪنوينشن گھرايو ويو تہ ان ۾ بہ
حصو ورتائين. ڪراچيءَ مان ماھوار نئين زندگي رسالو مولانا عبدالواحد سنڌي جي ادارت ۾ نڪرندو ھو،
جنھن جو ھُو جوائنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو .خان محمد پنھور صحافت جي شروعات عبرت اخبار
کان ڪئي. حياتيءَ جي آخري سالن ۾ ماھوار
پارس جو باني ۽ ايڊيٽر ٿي رھيو. سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ ھوندا سي حيات، نعره
مستانه ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل ٻري جن ٻاري شامل آھن .
سماجي ڪمن جي سلسلي
۾ بہ خان محمد پنھور اڳڀرو ھوندو ھو. ھُو سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جو سرگرم ڪارڪن
ٿي رھيو ۽ ڊاڪٽر سليمان شيخ، شمشيرالحيدري، مظھر ميمڻ، فضل الله قريشي، بخش علي
لاکي ۽ ٻين جو ٻانھن ٻيلي رھيو.
ڪجھ عرصي لاء نئين
روشني اسڪول پروجيڪٽ لاءِ حيدرآباد ۽ نواب شاه ۾ به خدمتون سرانجام ڏنائين. خان
محمد پنھور ڳوٺ سڌار سنگت جو قيام عمل ۾ آندو ۽ ان پليٽ فارم تان پاڻ پتوڙيندو
رھيو۽ سنڌ جي ھر ڳوٺ ۾ وڃي ڳوٺ سڌار سنگت
جون شاخون قائم ڪيائين .
جنھن دور ۾ سنڌ ۾
ون يونٽ خلاف تحريڪون ھليون ته خان محمد پنھور به ون يونٽ جي خلاف جلسن جلوسن ۽
مظاھرن ۾ شرڪت ڪئي.
پروفيسر اعجاز
قريشي لکي ٿو ته ھو ھڪ اعلى آدرشي انسان ۽
سماج سڌارڪ ھو .ھن پنھنجي شعوري زندگيءَ جا سمورا سال ماڻھن جي خدمت ڪندي
گذاريا. ھن سنڌجي ماڻھن جي ترقي ۽ انھن جي قسمت جي تبديليءَ جا ڪيترائي خواب ڏٺا ۽
انھن جي تعبير لاء عملي جاکوڙ به ڪئي. ھُو سچو ۽ کرو ماڻھو ھو. ھن سان رفاقت ۾ مون
ڪيترائي سال گذاريا. اسان گڏجي پنھنجي ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاھر به گڏجي سفر ڪيو.
ھندوستان ۾ سماجي حوالي سان ٽريننگ جي سلسلي ۾ وياسين اسان گڏجي اتي ھندو سنڌي
اديبن دانشورن سان ملاقاتون ڪيون .
ڊاڪٽر خان محمد
پنھور ۲۷ مئي ۱۹۹۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي وفات ڪري ويو. کيس اتي ئي دفنايو ويو آھي.
(ڏھاڙي دي
ايشيان ڪراچي ۳۰ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:
راءِ ڏيندا