; سنڌي شخصيتون: شاهين لطيف، خالد ٻانڀڻ، مير نادر علي ابڙو، عبدالغني مڱريو، مهر خادم، حسيب ناياب منگي، دادا سنڌي،
Showing posts with label شاهين لطيف، خالد ٻانڀڻ، مير نادر علي ابڙو، عبدالغني مڱريو، مهر خادم، حسيب ناياب منگي، دادا سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label شاهين لطيف، خالد ٻانڀڻ، مير نادر علي ابڙو، عبدالغني مڱريو، مهر خادم، حسيب ناياب منگي، دادا سنڌي،. Show all posts

29 June, 2016

رشيد ڀٽي

رشيد ڀٽي
شخصيت ۽ سندس ادبي ڪاوشون
ڀٽي، رشيد: ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جو فرزند، ۲۰ آگسٽ ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ اروڙ، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم سکر مان ورتي، ۱۹۵۹ع ڌاري لا ڪاليج سکر مان ايل ايل بي ڪري وڪالت شروع ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۸۴ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي ۽ پهريون نمبر کڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سندس والد حافظ عبدالحميد -ڀٽي- پڻ مشهور صحافي ۽ اديب هو، سندس اثر هيٺ رشيد ڀٽيءَ ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. هُو “المنار” اخبار ۽ “پرهه ڦٽي” مئگزين جو ايڊيٽر، “نئين سنڌ”، ڪراچي ۽ “ الوحيد” ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو. هن جي پهرين ڪهاڻي “چوري” ۱۹۵۱ع ڌاري هفتيوار “روشني” سکر ۾ ڇپي. هو شروع کان ئي روشن خيال سوچ جو مالڪ رهيو. ۱۹۵۴ع ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، جنهن ڏوهه ۾ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. خوش مزاجيءَ ۽ کري ڳالهائڻ سبب دوستن ۾ سندس الڳ سڃاڻپ رهي.