منگهارام
ملڪاڻي
مُنهنجو
دوست ۽ ساڻس ٿيل خط و ڪتابت
ڊاڪٽر در محمد
پٺاڻ
موت جا بي رحم هٿ، جڏهن ڪنهن
جانيءَ جي جدائيءَ جو باعث بڻيا آهن، تڏهن چاهيندڙن جو من به نپوڙيو محسوس ٿيندو
آهي. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي موت جو ٻڌي هڪ نه پر هزارين ماڻهن کي ڏک رسيو
هوندو. سنڌ ۽ هند جي هي ادبي شخصيت پرلوڪ پڌارجڻ کان پوءِ به اسان جي ادبي دنيا ۾
عزت ۽ احترام سان ياد ڪئي ويندي. هيءَ فاني جهان ته سڀني کي ئي ڇڏڻو آهي، پر پوءِ
به ڪيترا ماڻهو موت کي مات ڏئي ڇڏيندا آهن. منگها رام ملڪاڻيءَ لڳ ڀڳ مني صدي سنڌي
ٻولي ۽ علم ادب جا گهڙ اڀريا آهن. سرڳواسيءَ ادبي چمن جي جا آبياري ڪئي آهي، اها
ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿي سگهجي. هن جا لڳايل ادبي گل ۽ ٻوٽا اڻ ڄاتي مدي تائين
علم ادب جي دنيا کي هڳاءُ بخشيندا رهندا. گذريل پنج سال ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه لڳن ٿا.