الهه ڏنو خاصخيلي
تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس
علي ڏنو جروار
خبر ناهي
سنڌ جي سريلن آوازن کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ جا سٺا ۽ ناليوارا
راڳي حادثن جو شڪار بڻجي رهيا آهن. سرمد سنڌي ۽ صادق فقير کانپوءِ الهه ڏنو خاصخيلي
به روڊ حادثي جو شڪار ٿيو آهي. سنڌ جا راڳي خبر ناهي ڇو اسان کان ائين بي درديءَ سان
وڇڙي رهيا آهن. الهه ڏنو خاصخيلي 25 جنوري 1966ع ۾ سنڌ جي هڪ سٺي راڳي ۽ موسيقار علي
محمد خاصخيلي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس تعلق ميرپور بٺوري سان آهي، جنهن کي ڪنهن وقت
سنڌ جو ويٽنام سڏيو ويندو هو. جيئن ته الهه ڏني هڪ اهڙي گهر ۾ اک کولي جنهن ۾ اڳ ئي
راڳ ۽ ساز موجود هو، تنهن ڪري هي به ننڍپڻ کان ئي انهن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. الهه ڏني
خاصخيليءَ جي استاد غلام حسين رنگريز ٻڌايو ته هي 10 سالن جي عمر کان ئي موسيقيءَ
۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ياد رهي الهه ڏني خاصخيلي کي شاعري، غلام حسين رنگريز چونڊي ڏيندو
هو، جنهن کانپوءِ هُو ڌنون ٺاهي ۽ انهيءَ گيت، غزل وائي ۽ ڪافيءَ کي عوام آڏو پيش ڪندو
هو. الهه ڏني خاصخيلي جو والد جيڪو موسيقيءَ ۾ سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن جو
شاگرد هو، جنهن جو اثر الهه ڏني ۽ سندس خاندان جي ٻين ڳائڻن تي به موجود آهي.