ڪاسس ڪلي عرف محمد علي ڪلي
باڪسنگ جو عظيم ديومالائي ڪردار
ثريا ڪپري
-آمريڪا
دنيا جي
عظيم باڪسر محمد علي تي جيترو لکجي اهو گهٽ آهي، جيترو ڳالهائجي اهو ٿورو آهي. اصل
۾ ٿورڙن ماڻهن کي اها خبر آهي ته هو عظيم باڪسر سان گڏ ٻيو به گهڻو ڪجهه هيو. هو انسان
به هيو. معصوم به هيو. ٻارن جيتريون ۽ جهڙيون خواهشون به رکندو هيو. هن جي دل ۾ جنهن
انسان جي دل هئي، تنهن کيس انسانيت ئي سيکاري. هن ڪنهن به شخص، گروپ، رنگ ۽ نسل توڙي
ملڪ ۽ کنڊ سان نفرت نه ڪئي. هن کي رڳو نفرت هئي ان نفرت سان جيڪا ڪاري چمڙيءَ وارن
سان روا رکي ويندي هئي. هن ان نفرت جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا، ان نفرت جي پاڙن کي ڪمزور ڪيو
۽ هڪ راندگير سان گڏ هڪ عظيم انسان ٿي اڀريو.