پريتي جهانگياڻي
سونهن ۽ معصوميت جي مجسم
پريم مٽلاڻي
پريتي جهانگياڻي،
بمبئيءَ جي هڪ نج سنڌي خاندان گوبند جهانگياڻيءَ جي گهر 18 آگسٽ 1980ع ۾ جنم ورتو.
سندس والده مينڪا جهانگياڻي، سنڌين جي مشهور تعليمي اداري جئه هند ڪاليج، بمبئيءَ
۾ انگريزي شعبي ۾ ليڪچرر هئي. ويهين صدي پوري ٿيندي ٿيندي جڏهن گليمر ورلڊ ۾ ميوزڪ
وڊيو ٺهڻ شروع ٿيا؛ ته ڪيترن ئي سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلن تان ”يه هي پريم“ آلبم جا ڪيترائي
گيت هلندا رهيا.