; سنڌي شخصيتون: قاضي، فضل الله، ماڻهو، لياقت، راڄپر،
Showing posts with label قاضي، فضل الله، ماڻهو، لياقت، راڄپر،. Show all posts
Showing posts with label قاضي، فضل الله، ماڻهو، لياقت، راڄپر،. Show all posts

26 June, 2016

قاضي فضل الله - لياقت راڄپر

قاضي فضل الله
اهڙا ماڻهو ڪٿان آڻيون؟
لياقت راڄپر
مان چوندو آهيان ته جيئن جيئن انسان ترقي ڪندو ۽ وٽس وسيلا گهڻا ٿي ويندا ته هن مان محبت، حب الوطني، مذهب سان پيار ۽ رشتن جو قدر ۽ دوستيءَ واري سچائي گهٽجي ويندي ۽ صرف پئسو، لالچ ۽ حرص هن جو اهم حصا ٿي ويندا. جيستائين ماڻهو قدرت طرفان مليل وسيلن کي استعمال ڪري ٿو، هو سڪون ۾ آهي ۽ هو انسانيت، والدين ۽ رشتن جو احترام رکندو اچي ٿو، پر جيئن ئي هن وٽ ڌن ۽ مال، پئسو ۽ جائيداد سان گڏ اقتدار ۽ پاور اچي وڃي ٿو، هو هر قدر وساري ٿو ويهي. جنهن جا مثال توهان کي روزانو اخبار ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي خبرون ڏسڻ ۾ اچن ٿا.