واگهو شڪاري
(پروفائيل)
حسين ڪپري
واگهي شڪاري سان ڪچهري لاءِ ويس ته چوڻ لڳو، ”گدڙ جو گوشت هجي، ٿوم جو داڳ هجي ۽ کٽ تي کائڻ وارو تو جهڙو نباب (نواب) گڏ هجي، پوءِ آهي ڪچهري جو مزو! پر سائين اهڙا پنهنجا ڀاڳ ڪٿي. هڪڙي کير ڏيندڙ ٻڪري بچي هئي سا به هن ڏڪار ۾ مري وئي، سليماني چانهه حاضر آهي.“
ڪاري چانهه جا ڍڪ ڀريندي مون
کانئس خبرون چارون ورتيون. هن جا مٽ مائٽ سڀ شڪاري هئا پر هي انهن مان هاري آهي. اڳي
مٽياري ۾ ٻيلي ڀرسان وڏيرن جي ٻني ڪندو هو، پوءِ اسان جي دنگائي زميندار وٽ چار لک
قرض ۾ ٻارن ٻچن سوڌو وڪاڻو.
هو جڏهن شروع ۾ هن تر ۾ آيو ته
مون کيس گهرائي اسان جي ٻني مان تتر، سها يا ٻيا جانور مارڻ کان سختي سان منع ڪئي
هئي. هن چيو، آئون ٻني ۾ نه جهنگ ۾ شڪار ڪندو آهيان.
ان کان پوءِ ساڻس ايندي ويندي
دعا سلام ٿيندي رهندي آهي. ڳالهائڻ ۾ هو سيبتو، روين ۾ هڪ جهڙو ۽ واعدي جو پڪو ماڻهو
آهي. اهي گڻ اهڙا آهن جن کي سڀ ڪو پسند ڪري ٿو.
ڄمون رنگ، ڊگهو قد، ويڪرا هٿ ۽
جسماني طرح مضبوط واگهو ڪم جو به صفا مڙس ماڻهو آهي. واٽر جي کاٽي تي، ڪڻڪن جي
لابارن ۾ ۽ ووڻن جي چونڊائي تي هر جاءِ تي هو پنهجي سخت محنت ۽ هنر کي مڃرائي ٿو ۽
شاباسيون وٺي ٿو.
هينئر فصل وڏو ٿي ويو آهي.
مينهن وسيا آهن، ٻني ۾ ڪم ناهي، سو واندڪائي ۾ وري شڪاري بنجي ويو آهي.
مون پڇيو، اڄڪلهه شڪار ۾ ڪهڙو
فائدو آهي.
”سائين ڪو فائدو ناهي پر شڪار
نه ڪريان ته چريو ٿي وڃان، “ هن پن جي ٻيڙي دکائيندي چيو.
هو ڀلي کڻي ڪو ٺوس قسم جو فائدو
نٿو ٻڌائي سگهي پر جي گهرائي سان ڏسجي ته شڪار، راند آهي، علاج آهي ۽ روزي به آهي.
لکن سالن جي ارتقا ۾ ڪي اهڙي خاصيتون ماڻهو جي ڊي اين اي ۾ پروگرام ٿي وڃن ٿيون،
جن جي هن پاڻ کي به خبر نه هوندي آهي.
تڏهن ئي ته چئبو آهي جيئن رت
دانگي تي وري ٿو تيئن ماڻهو کي سندس اڍ ڇڪي ٿي. هن جي تن ۾ ڪا پاڳل آرزو آهي جا
کيس شڪار لاءِ وٺي وڃي ٿي.
هن زماني ۾ وڏي جانور جو شڪار
ختم ٿي ويو آهي، باقي سهو، نور، جهنگراڙ ٻلو، ڳوهه جيڪو ور چڙهي وڃي. هن جو مشاهدو
تيز ۽ ياداشت سٺي آهي، گهاٽي جهنگ مان رستو ڳولي وڃي ٿو ۽ بنا کاڌي ڪيترائي ڏينهن
زندهه رهي سگهي ٿو.
جيتوڻيڪ هو هر جانور جو پير سڃاڻي
ٿو، پنهنجي ڪم ۾ ماهر آهي پر تڏهن به هر دفعي ڪاميابي نٿي ملي. تڏهن ته چئبو آهي،
شڪاري کي صبر ۽ نصيب وارو هئڻ گهرجي.
هو شڪارين جي ان اصول کي مڃي ٿو
ته هر ڪامياب شڪار ۾ ننڍن ۽ ڪمزور جانورن جو به حصو آهي، تنهنڪري جڏهن به شڪار
ماري ٿو ته پهرين ٻوٽي هوا ۾ اڇلايو ڇڏي، پوءِ ڀلي اهو ڪتا کائين يا ماڪوڙيون پٽي
وڃن.
جي شڪار نه لڳي ته پوءِ خالي هٿين
واپسي ۾ پنهنجي کاٻي ڪارائي وٽان هلڪو چهڪ ڏئي ٿورو رت ڪڍي هٿيارن جي منهن تي لڳائي
انهن کي سائو ڪري ٿو! رت مگر هو اهڙي اهتمام سان لڳائي ٿو جيئن مايون چپن تي لپ اسٽڪ
لڳائينديون آهن!
واگهو بڻيادو مڙس آهي. الائي ڪيترين
پيڙهين کان سندس ابا ڏاڏا شڪار ڪندا اچن پر سڀني کان مشهور سندس تڙ ڏاڏو واگهو شڪاري
هو جنهن جو نالو مٿس رکيل آهي.
جانور ڪيڏو به خطرناڪ ڇو نه
هجي، هو ان جي پويان جهنگ ۾ اڪيلو ۽ پنڌ ويندو هو. مشهور انگريز شڪاري جم ڪاربٽ ته
پوءِ آيو، ان کان اڳي اتر هندستان جا راجا ۽ نواب کيس آدمخور چيتن ۽ شينهن جي شڪار
ڪرڻ لاءِ وزيرن معرفت چٺي لکي گهرائيندا هئا.
هو ٽاپ جو شڪاري هو ۽ پنهنجي ڌنڌي
جا سڀ گر ڄاڻندو هو. انهي زماني ۾ رواج ڪونه هو جو شڪار جي فن تي ڪتاب لکي ها پر تڏهن
به هو زباني طرح جام ڳالهيون پنهنجي اولاد کي سيکاري ويو. اهي اٽڪلون، گر ۽ طريقا
نسل در نسل، سينه به سينه منتقل ٿيندا اچي هيستائين پهتا آهن.
”پنهنجي هٿيار تي ڀروسو رکو ۽ ڪڏهن
به شڪار جي اکين ۾ نه نهاريو، “ هو چوندو هو.
شڪار ڪرڻ مهل هو سدائين حملي
واري ڪيفيت ۾ هليو ويندو هو. اها اهڙي حالت هوندي آهي جنهن ۾ دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿئي
نه آهستي، بلڊ پريشر چڙهي نڪو ڪري ۽ ساهه کڻڻ جي رفتار به ساڳي رهي ٿي.
شڪاري کي پنهنجي اکين، ڪنن ۽ نڪ
تي اعتماد هجي ته وڻ وڻ منجهان شڪار جو واس اچي ٿو. جانور ڪيڏو به چالاڪ هجي پر
بچي نٿو سگهي.
هو هڪ با اصول شڪاري هو جنهن ڪڏهن
ضرورت کان وڌيڪ شڪار نه ڪيو، ڪڏهن ٻچن واري مادي کي نه ماريو ۽ نڪو مئل شينهن تي ٽنگ
رکي ڦوٽو ڪڍايو. شينهن پاڻ بادشاهه شڪاري آهي ان ڪري سندس عزت ڪندو هو.
واگهي جي ڪکائين ڀونگي ۾ اها ڪاتر
اڃا به پئي آهي جنهن سان هن هڪ دفعو ڀڄندڙ چور جون ٻئي ٽنگون جهوري وڌيون هيون.
مالڪن حساب ڇڪيو ته تو اهڙو بلائتو ڌڪ ڇو هنيو جو همراهه سڄي زندگي لاءِ جڏو ٿي
ويو.
انهي ڦڏي جو فيصلو پوءِ آري
کوسي ڪيو هو. آري کوسو سائين ڪير سڏائي، هر ڪو هن جي ٻانهه جي ٻل ۽ هٿ جي صفائي کي
مڃيندو هو.
مرحيات هو به هٿ جو ڇوٽ، ڪهاڙي
اهڙي نموني هڻندو هو جو هڪڙي ڌڪ ۾ دشمن جي سسي وڍجي وڃي پريان ڪرندي هئي، ڇوڏو ڪري
لڙڪي نه پوندي هئي!
واگهو ان زماني ۾ پاڻ به چوراٽيو
مڙس هو ۽ ٻڪري ٺڪري جي پويان پرائي جُو ۾ نڪري ويندو هو. پوءِ پڻس مري ويو ته سڀ
ذميداريون هن تي اچي پيون. سو سنگت کي ٻڌائي ڇڏيائين ته اڳتي ان ڪم لاءِ نه چئجو،
پاڻ چوري تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي.
”ڏي خبر، شڪار تي هن ڪتي کي به
پاڻ سان گڏ وٺي ويندو آهين ڇا؟“ مون هٿ سان سندس پالتو ڪتي ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو.
چوڻ لڳو، سائين، هن کي ڪتو نه
چئو، شينهن جو ڀاءُ آهي. پر سال مياڻي واري ٻيلي ۾ شڪار جي ڳولا ۾ گهڻو دور نڪري
ويا سين. سڄو ڏينهن ووڙيو سين پر ڪجهه هٿ نه لڳو. سج لهي ويو، ويل ٽري وئي، واپس
پئي ورياسين.
ان مهل ٿورو پريان، الائي ڪيئن،
هي بگهڙ سان دوبدو ٿي ويو. اسين ڊوڙي وڃي پهتاسين پر هن اڳ ۾ ئي ڪم لاهي ڇڏيا. بگهڙ
جا آنڊا پکڙيا پيا هئا!
سچي ٻڌايان، ڪيتريون ئي جايون
اهڙيون آيون آهن جتي اسان جي بهادري کٽي پئي پر هن جو انت نه آيو!
سندس ڪچهري ايڏي دلچسپ هئي جو
آئون ته ٻڌندو رهيس. ڪجهه گهڙيون اڌ اجهاڻل ٻيڙي وري دکائڻ لاءِ ماٺ ڪيائين ته مون
پڇيو، پريان هو لوڙهي جي ڪنڊ ۾ ٻڌل ننڍڙو پاڏو ڪٿان ڪاهي آئين.
چيائين سائين اهو پاڏو ڪونهي. ڪالهه
رات مِرون جي شڪار تي وياسين ته هن ٻچڙي کي جيئرو پڪڙي آيا سين. مٿئين اڱاري تي سيڻن
کي سڏايو آهي، وڏا ڪچهرا ٿيندا. هن جا ڪواب (ڪباب) ٽانڊن تي پچائيندا سين. ان ڏينهن
مٽ به کوليندا سين.
هو هٿ جو ڪاريگر آهي رس ڪٽ ڳڙ، ٻٻر
جي ڇوڏن ۽ نوشادر جي ميلاپ سان اهڙي مڌ ٺاهي ٿو جو هڪڙي ٻاٽلي چڱي ڀلي ماڻهو کي
بمبو ڪريو ڇڏي.
هو پاڻ جڏهن بمبو ٿئي ٿو ته
باهه جي چوڌاري ناچ نچي ٿو. هن کي مستي ۾ ڏسي ٻيا به ان ۾ شريڪ ٿيو وڃن. اندر جي ڏکن،
ٻاهر جي مسئلن ۽ دنيا جي فڪرات کان آزاد ٿيو وڃن.
قديم يونان ۽ روم ۾ اسٽائڪ مڪتب
فڪر جا ماڻهو خوشي ۽ غم کان بي پرواهه هوندا هئا. سنڌ جا هي شڪاري ماڻهو به اڌ اسٽائڪ
آهن جو کين ڏکن جي ڳڻتي آهي نه خوشين جي پرواهه. هو هر حال ۾ زندهه رهي ڄاڻن ٿا.
هن قبيلي جا اڪثر فرد ڪٿي به اڏي
مڏي نه ويهندا آهن. ڪنهن ڳوٺ، شهر جي آسي پاسي، مهينو ماس رهي وري اڳتي هليا ويندا
آهن. نه اجهو، نه ڇانو نه گهر. تڏهن به آسمان پنهنجو ۽ زمين پنهنجي سمجهندا آهن!
هو مرڻو مري ويندو پر پنهنجي مرشد جو احسان ڪونه
وساريندو جنهن جي تعويذ کان پوءِ کيس پٽاڻو اولاد ٿيو. هو اهي ٿورا لاهي نٿو سگهي
پر ڳائي ٿو.
هر سال ٻارهين مهيني سائين جي ڳوٺ
وڃي حاضري ڀري ٿو ۽ ميلي ۾ شريڪ ٿئي ٿو. ٽي ڏينهن هلندڙ ان ميلي ۾ مسلمان، هندو،
سک، عيسائي سڀ اچن ٿا. هو سڀني مذهبن جو احترام ڪري ٿو پر هن جو پنهنجو دين ڪهڙو
آهي سا هن پاڻ کي به خبر ڪانهي.
شايد اهو سنڌ جو ڪو قديم ختم ٿي
ويل مذهب آهي جنهن جي ڪن رسمن تي هي شڪاري اڃا تائين عمل ڪن ٿا.
هنن جو ماڻهو مري ته لاش کي
زمين کوٽي پوريو ڇڏين ۽ ان جو نشان مٽايو ڇڏين! قسم کڻڻو هجي ته زمين تان چپٽي ڀري
مٽي جو قسم کڻن ۽ شادي جون رسمون سائي وڻ هيٺان ادا ڪن!
هنن جون ڪي عادتون، عقيدا ۽
رواج ته ٻارهن هزار سالن کان به وڌيڪ پراڻا آهن، جڏهن سڄي دنيا جا ماڻهو شڪاري هئا
۽ پيٽ گذران جي لاءِ جهنگ تي دارو مدار رکندا هئا. هي جديد دور آهي، ٻيلا ڪونهي ته
شڪار به ڪونهي.
مگر هو منهنجي ڳالهه سان اختلاف
ڪندي چوي ٿو، شڪار اڃا به آهي پر ان جا رنگ بدلجي ويا آهن. اڄڪلهه شڪار ڪرڻ وارو
ماڻهو آهي ته شڪار ٿيندڙ به ماڻهو آهي. اڳي صرف مون جهڙا شڪاري هئا، هاڻي هر ڪو شڪاري
آهي!
(ڪتاب: دلبر هن ديس جا تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا