; سنڌي شخصيتون: جامي چانڊيو

13 July, 2024

جامي چانڊيو

جامي چانڊيو

سنڌ ڌرتيءَ تي عقل ۽ دانش جو ڦُٽل هڪ حَسين گُل

مرتضيٰ سيال




ھنري فورڊ جو چوڻ آهي ته "ٽي شيون عمر سان گڏ وڌيڪ قيمتي ٿين ٿيون، ٻارڻ لاءِ پراڻو ڪاٺ، پڙهڻ لاءِ پراڻا ڪتاب ۽ سُڪون وٺڻ لاءِ پراڻا ۽ سچا دوست"

جڏهن محبت ۽ عقل جو امتزاج ٿئي ٿو ته ان مان دانش جا گُل ڦُٽن ٿا ۽ انهن گلن جي خوشبوءِ جڳ جهان کي معطر ڪري ڇڏي ٿي. جامي چانڊيو به سنڌ ڌرتيءَ تي ڦُٽندڙ عقل ۽ دانش جو اهڙو حَسين گُل آهي جنهن جي خوشبوءِ سنڌ کي سدائين واسيندي رهندي.


هو منهنجي دل جي ويجهو ۽ بنه دلبر دوست آهي ۽ اهڙي دوست سان پنهنجي وابستگي ۽ تعلق کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مون لاءِ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو پيار جي گهرائيءَ کي ماپڻ.

هونئن ته زندگيءَ ۾

ھر نئين شيءَ سُٺي لڳندي آهي پر دوست جيترو پُراڻو هوندو آهي اوترو ئي وڌيڪ پيارو، ڀروسي وارو ۽ دل جي ويجهو لڳندو آهي. جامي ۽ آئون ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان دوستيءَ جي سفر ۾ گڏ آهيون ۽ جيسيتائين ساه جو سڳو سلامت آهي اوسيتائين گڏ هونداسين.

قدرت طرفان ملندڙ سڀني رشتن ۾ اسان جي مرضي شامل ناهي هوندي پر دوست جي چونڊ ماڻهو پاڻ ڪندو آهي. جهڙي طرح لوڻ جو بنه ٿورڙو مقدار به کاڌي جو ذائقو تبديل ڪرڻ جي سگه رکندو آهي اهڙي طرح جامي جهڙو هڪڙو دوست به زندگي جي سواد کي قائم رکڻ لاءِ ڪافي آهي.

جاميءَ سان پهرين ملاقات ته ۱۹۸۹۾ انهن ڏينهن ۾ ٿي هئي جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو هيس، جڏهن ته ساڻس ڄاڻ سڃاڻ گهڻو وقت اڳ کان هئي. يونيورسٽي ۾ مختصر ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿوري ئي وقت ۾ رسمي تعلق بجائي مضبوط دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويون.

يونيورسٽي ۾ شروعاتي ڏينهن هيا هڪ ڀيري شاگردن کان ٻڌم ته جيئي سنڌ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ وارن جو جهيڙو ٿيو آهي ۽ جيئي سنڌ وارا جامي چانڊيي کي ڳولي رهيا آهن، مون کي ڊپ اچي ورايو ته جامي کي ڪو نقصان نه پهچائن سو جاميءَ کي ڳولي کيس اها ڳالهه ٻڌايم ته هن ڏاڍي نارمل انداز ۾ چيو "ڪو مسئلو ناهي، ڀلي اچن". جاميءَ کي مون شروع کان وٺي پنهنجي سوچ، نظرين، موقف ۽ ڳالهين ۾ بلڪل واضح، چٽو ۽ بهادريءَ سان سچ جي پاسي بيٺل ڏٺو آهي.

هن ملڪ ۽ معاشري ۾ جتي چڱا ڀلا ناليوارا ماڻهو به مصلحتن جا شڪار نظر اچن ٿا اتي جامي هر فورم تي پنهنجو سنڌ دوست موقف سڀني مصلحتن کان مٿانهون ٿي نهايت سچائي ۽ سگهاري انداز سان رکيو آهي.

 لاڙڪاڻي جي ننڍڙي شهر قمبر ۾ جنم وٺندڙ پنهنجي دور جو وڏو ماڻهو جامي چانڊيو پاڪستان جي سيڪيولر سوچ، روشن خيال، ترقي پسند، هاڪاري اسڪالرس، سوشل سائنٽسٽ، اديبن ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ طبقي ۾ اهم حيثيت رکندڙ شخصيت آهي. سندس اهو پاسو ايترو ته همه گير ۽ سگهارو آهي جو ان تي هڪ ٿيسز يا ڪتاب لکي سگهجي ٿو.

آئون کيس پنهنجو استاد تصور ڪندو آهيان ڇاڪاڻ ته مون کائنس ڪافي شيون سمجهيون ۽ سکيون آهن، اسان جي ٽهي ۾ عمر جي حساب سان ته هو ڪافي دوستن کان ننڍو آهي پر علم ۽ دانش ۾ سڀني کان مٿي بيٺل آهي. علم ۽ دانش جي انهي منزل تي پهچڻ ۾ جاميءَ جي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ محنت سان گڏ وڏي رياضت به شامل آهي.

علمي پنڌ ۾ هو جيترو مٿي ويو آهي سندس سڀاءُ ۾ اوتري نمرتا، برداشت ۽ نهٺائي آئي آهي.

اها ڳاله سورنهن آنا سچ آهي ته ڦلدار وڻ ۾ ئي جهُڪاءُ ايندو آهي. ان ڳاله ۾ به وڌاءُ ناهي ته

اگر ماڻھو پنھنجي سرشت ۾ گھرو ھوندو ته علم ان کي وڌيڪ گھرو ۽ ڳنڀير بڻائي ڇڏي ٿو، علم جاميءَ تي پڻ اھڙو ئي اثر ڇڏيو آھي.

جنهن سماج ۾ لڳ ڀڳ هر ماڻهو رڳو پنهنجي مفادن لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو اتي جامي چانڊيو پنهنجي ذات کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتي، آس پاس رهندڙ ماڻهن ۽ سماج جي ڀلائي لاءِ رڳو سوچي نه ٿو پر عملي طور تي به انتهائي مثبت ۽ سگهارو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو.

جامي ۽ آئون ته شاگردي واري دور کان دوست آهيون پر ھاڻي ھن جا ٻار عاطف، جانب ۽ روماسا ۽ منھنجا سبطين ۽ انعم توڙي اسان جون گهرواريون به هڪٻئي سان گهر ڀاتين جيان ويجھا آهن. اهڙي طرح اسان کي ڪڏهن به محسوس ناهي ٿيندو ته اسان جو تعلق ٻن الڳ خاندانن سان آهي ۽ يقينن اهڙي پنهنجائپ خوشنصيب ماڻهن جي حصي ۾ ئي ايندي آهي.

جڏهن سفر ۾ هوندا آهيون يا ڪچهري ۾ ويهندا آهيون ته وقت جو احساس ناهي رهندو، ڳاله مان ڳاله نڪرندي آهي ۽ دنيا جي سڀني موضوعن تي ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون آهن، جڏهن يادگيرين جا تاڪيا کلندا آهن ته صبح کان شام ۽ شام کان رات ٿي وڃڻ جو احساس ناهي رهندو. جاميءَ جو ساٿ ۽ ساڻس اهڙيون ڪچهريون مون لاءِ ڪنهن وڏي عياشي کان گهٽ ناهن هونديون.

جامي علمي، ادبي ۽ سياسي حوالي سان جيترو وڏو ماڻهو آهي دنيا داري واري حوالي سان اوترو ئي سادو ۽ معصوم آهي.

جامي پنهنجي سڀاءُ ۾ به بنه نرم دل، انسان دوست، پيار ڪندڙ، خيال رکندڙ ۽ ٿڌي طبيعت وارو انسان آهي. هو چوندو آهي "وڏائي سطحي پڻي جو اظهار هوندي آهي".

علمي ۽ ادبي حوالي سان جاميءَ جو ڪم وڏي اهميت وارو ۽ سنڌ جو اهم اثاثو آهي، موجوده وقت ۾ اسان جا ادارا به ايترو ڪم نه پيا ڪن جيترو هو اڪيلي سر ڪري رهيو آهي.

هو رڳو منهنجي لاءِ اُتساه جو سبب ناهي پر سنڌ توڙي ملڪ جي ڪيترن ئي روشن خيال نوجوانن ۽ اهل علم ماڻهن لاءِ به وڏي اُتساه جو سبب آهي.

تنوير عباسي جي اها ڳاله تمام وڏو سچ آهي ته "جاميءَ جهڙا نوجوان اڄوڪي سنڌ جي اميد آهن"

اسان جي سماج ۾ ڪجه ماڻهو ان ڪري شريف آهن جو انهن کي ڪجه ڪري سگهڻ جا موقعا ناهن مليا، جامي کي شخصي فائدا وٺڻ يا آمريڪا يا يورپ ۾ سيٽل ٿيڻ جا لاتعداد موقعا مليا آهن پر پنهنجي وطن ۽ سماج سان سلهاڙيل رهڻ ۽ ان جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ سندس پهرين ترجيح ۽ ڪمٽمينٽ رهي آهي.

ھو پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪجه ننڍڙن معاملن کي ڇڏي باقي مجموعي طور جيترو سڌو، چٽو ۽ ذميوار آھي علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي ڪمن جي حوالي سان به اوترو ئي پابند ۽ ڪميٽيڊ آهي.

 هو ڪيترن ئي سالن کان حيدرآباد ۾ رهندي اڄ تائين پنهنجو ڪو ذاتي گهر ته ٺاهي ناهي سگهيو پر ۲۵ سالن ۾ ڪرائي جا ايترا گهر مَٽائي چُڪو آهي جو انهن جو صحيح انگ شايد کيس به ياد نه هوندو.

جاميءَ جي دوستي مون لاءِ فخر ۽ اُتساه جو سبب ته آهي ئي پر زندگيءَ جي مونجهارن توڙي ڏک وارن لمحن ۾ جامي جو ساٿ مونکي بڙ جي گهاٽي وڻ جيان محسوس ٿيندو آهي جنهن جي ڇانوَ ۾ ويهي سُڪون جو احساس ٿيندو آهي.

جامي حاڪمِ وقت کي ته حق جي ڳاله نهايت سخت لھجي ۾ چئي سگهي ٿو پر دوست جي حيثيت ۾ آئون ساڻس ڪنهن ڳاله تي جهيڙو به ڪندو آهيان ته سندس ردعمل پيار ۽ پنهنجائپ وارو هوندو آهي.

دوستي ۽ تعلق جي معاملي ۾ آئون پاڻ کي ڏاڍو ڏُکيو ماڻهو سمجهندو آهيان ۽ اها به حقيقت آهي ته دنيا جي سوچ جي ابتڙ پنهنجن اصولن جي ڪري توڙي تلخ تجربن جي ڪري تمام گهٽ ماڻهن سان منهنجي فريڪوئنسي ملندي آهي پر جيڪي ٿورڙا ماڻهو مون کي پنهنجي ڪردار، سڀاءُ ۽ انسان دوست روين جي ڪري وڻندا آهن ۽ جن سان دل جو رشتو جڙيو آهي انهن ۾ جامي جي ڳاله الڳ ۽ نرالي آهي.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا آن لائين ۾ ۱۷ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

جامي چانڊيو

ترقي پسند دانشور ۽ دلبر دوست

ڊاڪٽر فياض لطيف

جامي چانڊيو اسان جي دور جي اهڙي فخر لائق شخصيت آهي، جنهن جي، نه رڳو دوستي تي ناز ڪري سگهجي ٿو، پر هن جي ذات ۽ زندگي جا انيڪ پهلو ۽ پاسا آهن، جيڪي ساراهڻ ۽ پيار ڪرڻ جي قابل آهن. مثال طور هن جي انسان دوستي، روشن خيالي، ترقي پسندي، کرائي، ۽ عمل جي ميدان ۾ سدائين مظلومن سان گڏ بيهڻ ۽ ثابت قدم رهڻ وارا عمل اهڙا آهن، جيڪي نه فقط هن جي آدرشي خصلت کي عيان ڪن ٿا، پر هن لاء هر باشعور ماڻهوءَ جي اندر ۾، احترام جي جذبن ۽ احساسن کي پڻ اجاگر ڪن ٿا.

جامي چانڊيو جيترو سگهارو ليکڪ ۽ سچيت دانشور آهي، هو ايترو ئي سچو، معصوم دل، گهڻ پڙهيو، عملي، باڪردار، ڏک سک جو ساٿي ۽ محبوب ماڻهو آهي.

جامي جهان گرد به آهي ته، جهان درد به. هن دنيا جا انيڪ ملڪ گهمڻ، انهن جي سياسي، سماجي، تهذيبي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي حيات جو اڀياس ڪرڻ سان گڏوگڏ اندر ۾ دنيا جهان جي مظلوم ماڻهن جي خوشين ۽ خوشحاليء جا جيڪي خواب سانڍيا آهن، سچ ته اهي به انوکا ۽ انمول آهن.

اڄ جي انتهائي ڪاروباري ۽ خودغرضي واري دنيا ۾، جتي عقل کي اڪثر ڪري چالاڪي ۽ دل جي دڳ کي ڀورڙائي ڀانيو ۽ تصور ڪيو وڃي ٿو، اتي جامي عقل کي آدرشن، اصولن ۽ سائنسي سرت سان سلهاڙي، نه فقط نج نبار، ثابت قدم، پر خلوص ۽ بي غرض جياپو جيئي پيو، پر هن وٽ دل جي عجيب معصوميت به موجود آهي، جيڪا ئي سندس شخصيت ۽ ڪردار کي نمايان ۽ نرالو بڻائي ٿي.

جامي چانڊيو گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ گهڻ رخو ماڻهو آهي. هن سياست کان وٺي سائنس، ادب، تاريخ، تنقيد، فلسفي، تصوف، سماجيات ۽ مذهبيات جو نه رڳو ڳوڙهو ۽ گهڻ طرفو مطالعو ڪيو آهي، پر انهن بابت وٽس پنهنجو ڀرپور نقطه نظر به آهي. هو هميشه متحرڪ رهندڙ ۽ عملي انسان رهيو آهي، انهيءَ ڪري ٿڪ ۽ مايوسيء جا لفظ سندس زندگي جي لغت ۾ موجود ئي ناهن. اهو ئي سبب آهي، جو هن جي جيون جو گهڻو حصو عملي، علمي، مطالعاتي ۽ مشاهداتي سفرن ۾ گذريو آهي. هو اسان جو سدائين اتساه رهيو آهي. اسان دوست هميشه جامي جي عمل، علم ۽ ڪردار مان سگهه ۽ سرت حاصل ڪندا آهيون. هن جي اندر ۾ ته، علم ۽ ڄاڻ جا خزانا سانڍيل آهن، پر هن جو من به، محبت ۽ شفقت جو سراپا سمنڊ آهي.

جامي جي صحبت ۽ محبت ٻئي مثالي آهن. آءُ پاڻ کي ڀاڳوند ٿو ڀانيان، جو مون کي هن جي محبت ۽ صحبت ٻئي حاصل رهيون آهن. جامي محبتن ۾ انتهائي بي لوث آهي. هن دوستن کي سدائين اڻ مئيون محبتون ڏنيون آهن ۽ موٽ ۾ دوستن به کيس هميشه بي تحاشا محبتون ۽ عزتون آڇيون آهن.

هن جي هڪ وڏي خوبي اها به آهي ته، هو پنهنجي دور ۽ پنهنجي نوجوان نسل سان عملي، علمي ۽ فڪري طور گهري ريت جڙيل آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هن جي پڙهندڙن ۽ پيار ڪندڙن جو وڏو انگ به نوجوانن جو ئي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا