; سنڌي شخصيتون: بلاول پرديسي

14 July, 2024

بلاول پرديسي

بلاول پرديسي

سنڌيانا



سنڌ جي برک استاد ۽ شاعر بلاول پرديسيءَ جو اصل نالو محمد بلاول ولد محمد يعقوب، ذات وگهامل هو. هن ڳوٺ کاڻوٺ، تعلقي هالا ۾ ۲۹ مارچ ۱۹۳۱ع تي جنم ورتو. پهرين پرائمري استاد ٿيو، پر پوءِ پنهنجي علمي لياقت ايم. اي تائين وڌائڻ بعد، ليڪچرر، پروفيسر ۽ پرنسپال ٿيو. هي سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج تلڪ چاڙهي، حيدرآباد ۾ وڏي عرصي تائين پرنسپال رهيو. پنهنجي دور جو هڪ سٺو شاعر ۽ نثرنگار ٿي گذريو آهي. هن جا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪيترائي گيت، غزل ۽ ڪلام سنڌ جي نامور فنڪارن ڳايا آهن، جن ۾ استاد محمد يوسف اهم آهي، بلاول پرديسيءَ جا فلمي گيت توڙي گيتن ڀريون ڪهاڻيون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿي مقبوليت ماڻي چڪيون آهن. شاعريءَ توڙي نثر ۾ سندس تصنيفون هن ريت آهن: (۱) ’دلسوز ڪافيون‘ (شاعري ۱۹۵۶ع)، (۲) ’ڪليات پرديسي‘، (۳) ’پڪار‘ (شاعري)، (۴) ’سوني صندوق‘ (ٻاراڻو ادب: ۱۹۵۶ع)، (۵) ’زندگي ۽ حادثا‘ (افسانا: ۱۹۶۹ع)، (۶) ’جادوءَ جو گلاب‘ (ٻاراڻو ادب)، (۷) ’رهبر دوستي‘ (مضمونن جو مجموعو)، (۸ ’سچل جي شاعري‘ (۹) ’جماليات‘ .

بلاول پرديسي ۲۳ ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.

 

بلاول پرديسي

وني ايندو وٺڻ اڄ ڍولڻو

سرور رشيد صديقي

جيجي زرينه بلوچ جي ريڊيو تي ڳايل مقبول سهرو ”وني ايندو وٺڻ اڄ ڍولڻو“ جي شاعر، اديب ۽ استاد سائين بلاول پرديسي سان نيازمندي ڪاليج جي زماني کان هئي. پاڻ گهڻو ڪري پنهنجي گهر هيرآباد کان گول بلڊنگ تائين روزاني شام جو پسار ڪندي نظر ايندا هئا ۽ اهڙي طرح اسان جي سلام دعا ٿيندي رهندي هئي.

هڪ ڏينهن کيس ”عبرت ميگزين“ لاءِ انٽرويو ڏيڻ جي خواهش ٻڌايم ته پاڻ قبول ڪيائين ۽ سندس گهر تي اها ويهڪ طئي ٿي. کانئس مون پهريون سوال ڄمڻ، اباڻو ڳوٺ ۽ شروعاتي تعليم بابت ڪيو. هن ٻڌايو ته آئون ڳوٺ کاڻوٺ لڳ هالا پراڻا ۾ ڄائس ۽ پرائمري تعليم به اتي حاصل ڪيم. جيئن ته ان وقت ٻهراڙيءَ ۾ ماستر پنهنجي عقل جي زور تي شاگردن جي عمر لکندا هئا. بس ايترو ياد آهي ته پهرين درجي ۾ داخلا ملي هئي، امتحان وٺڻ لاءِ ان وقت هالا جو بيٽ آفيسر مرحوم محمد صالح ڀٽي اسان جي اسڪول آيو ۽ منهنجو امتحان وٺندي پنهنجي انڊپين سان منهنجون مڇون ٺاهي چيائين: اڄ کان تون شاگرد آهين. بهرحال اسڪولي رڪارڊ موجب منهنجي ڄم جي تاريخ ۲۹ مارچ ۱۹۴۱ع آهي. ڳالهه کي جاري رکندي هن ٻڌايو ته ست درجا ڳوٺ ۾ پڙهندي ورنيڪيولر فائنل امتحال پاس ڪيم. ڳوٺ جي پڙهائي واري ساروڻين جو ذڪر ڪندي پنهنجي استاد مرحوم جهمٽ مل بابت ته هو اونهاري جي موڪلن ۾ به اسان کي دلچسپي سان پڙهائيندو هو. مون کي استاد جهمٽ مل ڇهين ۽ ستين جماعت جو امتحان گڏ ڏياريو هو. ۱۹۴۷ع ۾ ملڪ جي آزاد ٿيڻ ۽ هندن جي لڏپلاڻ سبب اسڪولن ۾ ماسترن جون جايون خالي ٿيون. ان وقت منهنجي عمر ۱۷ سالن کان به گهٽ هئي. ان وقت سرڪار فيصلو ڪيو ته ۱۷ سالن کان گهٽ عمر وارن کي به ماستري جي ملازمت ڏني وڃي ڇو ته اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ هئي سو ڀٽ شاهه ۾ سهڻي لطيف سائين جي ديري تي ماستري ملي. اوهان شاعري جي شروعات ڪڏهن ڪئي؟ بلاول پرديسي ٻڌايو ته: ڀٽ شاهه ۾ هئڻ ڪري هر جمعرات تي فقيرن جي محفل ۾ شريڪ ٿبو هو ۽ لطيفي لات مان فيض حاصل ڪبو هو. اٽڪل هڪ سال کانپوءِ حيدرآباد ۾ بدلي ٿي جتي اچڻ ڪري تعليم پرائڻ جون اڳتي راهون کليون ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪرڻ جا موقعا مليا. ان ماحول منهنجي من ۾ شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ڪيو. ادبي استاد به مليا جن وري سوني تي سهاڳي جو ڪم ڏنو. ان وقت حيدرآباد ۾ ٽي ادبي جماعتون ”بزم طالب الموليٰ“، ”سنڌي ادبي سنگت“ ۽ ”بزم خليل“ موجود هيون، آئون انهن ٽنهي جماعتن جي مجلسن ۾ شامل رهندو هئس.

۵۱-۱۹۵۰ع ڌاري ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد )موجوده اليمنٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن( مان )ايس-وي( امتحان پاس ڪيم ۽ ٽنڊوڄام ۾ مرڙاڻي اسڪول جو هيڊماستر مقرر ٿيس. جتي ”بزمِ شيرين سخن“ قائم ڪيم، جنهن ۾ حيدرآباد جا سڀ شاعر اچي شرڪت ڪندا هئا. انهن جي صدارت مخدوم طالب المولي ۽ محمد ابراهيم ”خليل“ جن ڪندا هئا. اوهان تعليم ڪيتري حاصل ڪئي؟ مون نوڪريءَ سان گڏوگڏ پنهنجي تعليم کي به جاري رکيو. مرڙاڻي اسڪول مان بدلي ٿي حيدرآباد ۾ پريڪٽسنگ اسڪول )موجوده جان محمد جمالي پرائمري اسڪول( ۾ آيس. جتان ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد ٿيس ۽ اديب عالم فاضل جو امتحان پاس ڪيم. سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي )سنڌي( ريگيولر شاگرد جي حيثيت ۾ ۱۹۶۵ع ۾ فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيم. ان زماني ۾ ٽريننگ ڪاليج ۾ ناميارا استاد هوندا هئا. جن ۾ محترم عبدالله عبد، غلام محمد گرامي، رشيد احمد لاشاري ۽ ع-ق- شيخ جن شامل هئا. اوهان ڪاليج ايجوڪيشن ۾ ڪئين آيا؟ بلاول پرديسي چيو ته اهو عجيب اتفاق هو ته ون يونٽ جي زماني ۾ ويسٽ پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جو دفتر لاهور ۾ هوندو هو. ان زماني ۾ ڪميشن جي طرفان سنڌي ليڪچرارن جي ڀرتي لاءِ درخواستون گهرايون ويون هيون. ان ۾ مون به درخواست موڪلي ڇڏي هئي. هڪ ڏهاڙي آئون ٽريننگ ڪاليج جي اسٽاف روم ۾ ويٺو هئس ۽ منهنجي هڪ ساٿي مخدوم محمد سليمان مون کي اچي ٻڌايو ته حيدرآباد ريجن جي ڊائريڪٽر کي سيڪريٽري آف ايجوڪيشن لاهور طرفان ٻه نالا موڪليا ويا آهن ته انهن جي ڪاليجن ۾ سنڌي ليڪچرار جي طور مقرري ڪئي وڃي. تنهن ۾ هڪ نالو تنهنجو به آهي. مان عجب ۾ پئجي ويس ته مون ته اڃا انٽرويو ڏنو ئي ڪونهي ته پوءِ منهنجي مقرري ڪيئن ٿي آهي. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ايجوڪيشن جي سيڪريٽري ويسٽ پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن کي لکي موڪليو ته جيڪڏهن سنڌي ليڪچرارن جي انٽرويو ۾ اڃا دير هجي ته رڪارڊ جي آڌار تي اسان کي اهڙن ٻن ماڻهن جا نالا ڏيو جيڪي انٽرويو ۾ چونڊجي وڃن ڇو ته ڪاليجن ۾ ٻن سنڌي ليڪچرارن جي سخت ضرورت آهي. ڪميشن جي چيئرمين هڪ منهنجو ۽ ٻيو محمد فاضل شيخ جو نالو سيڪريٽري آف ايجوڪيشن کي موڪلي ڏنو. عارضي بنيادن تي اسان جي ڀرتي جنوري ۱۹۶۹ع ۾ ٿي ۽ انٽرويو سيپٽمبر ۱۹۶۹ع ۾ ٿيو هو. اميدوارن جي انٽرويو ۾ پهريون نمبر آئون ۽ ٻيو نمبر محمد فاضل شيخ آيو. هونئن ته محمد فاضل شيخ مون کان ڪيترن ڳالهين ۾ هوشيار هو سواءِ شاعري ڪرڻ جي. بلاول صاحب ٻڌايو ته محمد فاضل شيخ ڪميشن جي انٽرويو ۾ فل سوٽ ته پائي آيو هو مگر نيڪ ٽائي ڪو نه پاتي هئائين نه ته شايد پهريون نمبر ضرور اچي ها. وتائي فقير جي ڳالهه وانگي ته دعوت هميشه ڪپڙن جي هوندي آهي، پوءِ اندر ڇو نه اڳڙيون هجي. ڳالهه جو سلسلو جاري رکندي هن چيو سندس پهرين مقرري ميرپورخاص ٿي، جتان بدلي ڪري گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد، جتان وري عمرڪوٽ ۽ پوءِ هالا ۽ هاڻي سچل ڪاليج ۾ بطور اسسٽنٽ پروفيسر سنڌي شعبي ۾ ذميواريون نڀائي رهيو آهيان.

حيدرآباد شهر سندن پسنديده شهر آهي. ان بابت هو چوي ٿو ته ان شهر منهنجي علمي ۽ ادبي زندگيءَ کي اجاگر ڪيو آهي. اوهان جي شاعري ڪهڙن رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي؟ بلاول پرديسي جواب ڏيندي چيو ته سندس شاعري سنڌ جي مختلف رسالن جهڙوڪ ماهوار فردوس، اسان جي منزل، دودو، مارئي، سهڻي، تقاضا، ڳوٺ سڌار، نئين زندگي، بادل ۽ ٽماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيندي رهي آهي، جڏهن ته ڪافين جو مجموعو ”دلسوز ڪافيون“ ناول ”زندگي ۽ حادثا“، ٻارن لاءِ ڪتاب ”جادوءَ جو گلاب“ ۽ ”سوني صندوق“ وغيره شامل آهي. اوهان ريڊيو، ٽي وي يا فلم لاءِ به ڪجهه لکيو آهي؟ بلاول پرديسي ٻڌايو ته موسيقي جي شعبي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ گيتن ڀريون ڪهاڻيون ۾ آئون نغما لکندو هئس جنهن کي خواجه امداد علي هر پندرهين ڏهاڙي پروڊيوس ڪندو هو. مزاحيه رنگ ۾ پروگرام ”نئون سج“ به تحرير ڪندو هئس ته وري ٻارن جي پروگرام توڙي فتح خان جي ڪچهري ۾ به خدمت ڪندو رهيس. سنڌي فلم قسمت ڪئي جدائي، حاضر سائين ۽ هاري وغيره ۾ غزل ۽ گيت لکيا اٿم.

اوهان کي فلمن لاءِ شاعري ڪندي ڇا محسوس ٿيو؟ هن ٻڌايو ته فلمن جا گانا فلم جي ماحول، ڪردار، منظر ۽ ڪيفيت مطابق لکرايا ويندا آهن جيڪو هر شاعر جو ڪم نه آهي. منهنجي سوال جي ان تسلسل ۾ بلاول سائين چيو ته منهنجو ريڊيو لاءِ لکيل سهرو ”وني ايندو وٺڻ اڄ ڍولڻو“ لاءِ مون کي پاڻ کي گهڙي کن لاءِ عورت جي روپ ۾ گم ڪري ڇڏيو ته جئين صحيح طور عورت جي جذبات جي ترجماني ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته سندس ڪلامن، سهرن، نغمن ۽ شاعريءَ کي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن پاران سٺي موٽ ملي آهي. اهو پيار ۽ محبت ملڻ صرف ادب ۽ شاعريءَ جي مرهون منت آهي. اوهان ڪڏهن ڳايو به آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ڳائڻ وڄائڻ ته روح جي غذا آهي. مون ڪافي ڪلام جهونگاري لکيا آهن. هونئن به ڌُن ذهن ۾ رکي ٻول ٻڌبا ۽ ٺاهبا آهن. سنڌي ادب لاءِ پنهنجا احساس اوتيندي بلاول پرديسي چيو ته انسان جڏهن مسئلن جو بار ڪلهن تي ڍوئي ٿڪجي پوي ٿو ته تڏهن سندس هيڻي حال ۾ وقت جو اديب ساٿ ڏئي ٿو. اديب ماضيءَ جي براين تان پردو کڻي ٿو ۽ نيڪيءَ جون راهون ڏسي ٿو. سنڌي ادب ۾ واڌارو ٿيو آهي. نئين ٽهيءَ جي ليکڪن پاڻ موکايو آهي. هو قومي انداز ۾ لکن ٿا. ادب کي سياست ۽ مذهب کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. اديب وقت جي طوفان جو مقابلو ڪن ٿا ۽ اهي تاريخ جي زينت بڻجن ٿا. اديب پئسي نه، پر پيار جو بکيو هوندو آهي، پر سندس پذيرائي لاءِ مالي سهائتا به ضروري آهي. اوهان پنهنجي اولاد بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟ هن ٻڌايو ته کيس اولاد ۾ هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي، پٽ اسٽيل ملز ڪراچي ۾ بطور انجنيئر ڪم ڪري رهيو آهي ۽ نياڻي سيڪنڊري ايجوڪيشن مڪمل ڪرڻ واري آهي. پنهنجي سٺن شاگردن ۾ هو اشفاق احمد ميمڻ ۽ ڊي سي ڪراچي ايسٽ ۽ عاشق حسين ميمڻ ڊي سي بدين ۽ ڪجهه ٻين بابت ٻڌائي ٿو ته استاد جو من تڏهن سرهو ٿئي ٿو جڏهن هن جا شاگرد تعليم پرائي ممتاز حيثيت ماڻين ٿا.

پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو واقعو ٻڌايو جيڪو اوهان کي ياد هجي؟ بلاول پرديسي پل کن سوچيندي ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ سنڌي شعبي پاران تمثيلي مشاعرو منعقد ڪيو هيوسين جنهن ۾ شاگردن کي مرحوم شاعرن جو ڪلام مرحوم شاعر جي روپ ۽ انداز سان پيش ڪرڻو هو. آئون ان تمثيلي مشاعري جو اسٽيج سيڪريٽري هئس. مون کي هڪ شاعر دوست مومن مليرائي صاحب پنهنجو ڪلام پيش ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. مون ”مومن“ صاحب کي چيو ته ڀائو هي تمثيلي مشاعرو آهي، جنهن ۾ صرف مرحوم شاعرن جو ڪلام انهن جي اسٽائيل ۾ پيش ڪرڻو آهي، اوهين ته ماشاءَالله زندهه شاعر آهيو. تنهن تي مومن صاحب چيو ته يار هي جيڪي شاعر ڪلام پيش ڪن پيا ڇا اهي مرحوم آهن؟ مون کي سندس ان ڳالهه تي کل ڏاڍي آئي پوءِ کيس ٽارڻ لاءِ چيم ته سائين علي نواز جتوئي تڏهوڪو سنڌي شعبي جو سربراهه کان وڃي لکت ۾ اجازت وٺي اچو ته پوءِ آئون اوهان کي اسٽيج تي سڏيندس. مومن صاحب منهنجي ڳالهه کي مڃيندي وڃي جتوئي صاحب سان مليو مگر جتوئي صاحب کيس انڪار ڪري ڇڏيو. آخرڪار مومن صاحب مون وٽ واپس اچي ڏکويل لهجي ۾ چيو ته يار جي ڀلا اسٽيج تي نٿو سڏين ته پاسي ۾ اچي منهنجو ڪلام ته ٻُڌ، جيئن ڳوٺ وڃي قسم کڻڻ جهڙو ٿيان ته حيدرآباد جي مشاعري ۾ پنهنجو ڪلام پڙهيو هيم. اهو يادگار واقعو ٻڌائيندي بلاول پرديسي ۽ آئون کلندا ئي رهياسين، اهڙي طرح کلندي خوش ٿيندي بسڪيٽ کائيندي ۽ چانهه جي پيالي پيئڻ بعد هڪ ٻئي کان موڪلايوسين.

۲۹ مارچ ناليواري شاعر بلاول پرديسي جوجنم ڏينهن آهي.

 

(ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي مارچ ۲۰۲۴ع واري پرچي ۾ ڇپيل)


No comments:

راءِ ڏيندا