سرمد چانڊيو
سندس وڇوڙي تي
خالد چانڊيو
سنڌي ٻوليءَ جو
نامور اديب، شاعر، نقاد، محقق، لوڪ ادب ۽ لطيفي راڳ جي ڄاڻو، سرمد چانڊيي جو اصل
نالو سونو خان ولد جمـعـو خـان چـانـڊيـو آهي. هـن ۲. جـولاءِ ۱۹۵.ع تي ڳوٺ جمال چانڊيي، ضلعي قـنبـر شـهـداد ڪـوٽ
۾ جـنـم ورتـو. سـنـدس تعليم فقط پرائمري هئي، پر باصلاحيت هئڻ ڪري نه رڳو سنڌي پر
اردو، سرائيڪي، بلوچي، فارسي ۽ عربي زبانن جي به سٺي ڄاڻ رکندو هو، گڏوگڏ هُو
موسيقيءَ توڙي لطيفي راڳ جي سُٺي ڄاڻ رکندڙ هو.
سرمد جي شاعريءَ جا
ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ هيٺيان شامل آهن:
(۱) ’ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت‘
(۲) ’مون کي سڏ اروڙ جا‘
(۳) ’سانوڻ پهرين بوند‘
(۴) ’چانڊوڻا چمڪن‘
(۵) ڪلام عثمان ققير سانگي (ترتيب) ۲.۱۳ع
(۶) حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي ــ ڇند وديا (علم ڇند
وديا)۲.۱۶ع
(۷) سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ (شاه لطيف جو سنگيت
نامو) ۲.۱۷ع
(۸) علامه اقبال کي منتخب نظمين (ترجمو) ۲.۱۷ع
(۹) اوهان جي سونهن ساکي آ (ديوان سرمد) ۲.۱۸ع
(۱.) ڇند وديا جا اصول ۽ سکيا (ڇند وديا جو علم) ۲.۱۹ع
(۱۱) شاه لطيف (ناول) ۲.۲۱ع
(۱۲) ڪربلا کان ڪربلا تائين. ۲.۲۲ع
هن شهيد ذوالفقار
علي ڀٽو ۽ شھيدِ جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي تي ٻه سنڌي ۽ هڪ اردو ڪتاب لکيا
آهن، جن جا نالا هن ريت آهن:
(۱) جهموريت جو چنڊُ
(۲) جمهوريت جي شھزادي
(۳) جمهوريت ڪي نويد (اردو)
سرمد چانڊيو، سنڌي
ادبي سنگت قنبر جو سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو رابطه سيڪريٽري ۽ هفتيوار اخبار
’چانڊڪا’جو ايڊيٽر به رهيو.
مڃتا طور کيس ’سچل
اوارڊ’۲...ع، پيرل قمبر اوارڊ، شهيد زخمي چانڊيو مڃتا اوارڊ ۲.۱۳ع، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو، پاڪستان ڊي اوراڊ
۲.۱۴ع، استاد بخاري اوارڊ ۲.۱۵ع، جشن لطيف قمبر، شاعري اوارڊ ۲.۱۶ع، محمد ملوڪ عباسي اوارڊ ۲.۱۷ع، لطيفيات اوارڊ ۲.۱۸ع، موهن جو دڙو اوارڊ ۲.۱۸ع، لعل شهباز قلندر اوارڊ ۲.۱۹ع، شاهه لطيف اوارڊ ۲.۱۹ع، محمد ملوڪ عباسي اوارڊ ۲.۱۹ع، شاھه لطيف اوارڊ ۲.۲.ع سميت ٻيا بہ ڪيترائي اعزاز ۽ اوارڊ مليا.
سنڌي ٻوليءَ جو
نامور اديب، شاعر، نقاد، محقق، ناول نگار، لوڪ ادب ۽ لطيفي راڳ جي ڄاڻو سرمد چانڊيي
۱۸ جولاءِ ۲.۲۲ع تي وفات ڪئي.
(خالد چانڊيو
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ جولاءِ ۲.۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
سرمد چانڊيو
ساجن توکانپوءِ ھيج ڀريو
ھينئڙو ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي.
مختيار شاھنوازاڻي
سنڌ جو يگانو شاعر
سائين سرمد چانڊيو اڄ اسان کان وڇڙي ويو ھنجو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ وڏو ھاڃيڪار آھي
ڇاڪاڻ تہ سائين سرمد نثر ۽ نظم ۾ ڏات جا اھڙا ڏيئا ٻاريا آھن جيڪي دور دور تائين
روشنيون ڦھلائيندا رھندا. ھن ھر شاعري جي صنف ۾ لکيو آھي پر گيت تہ اُفق تي اُڏام
ٿو ڪريس. ھن جي شعوري تخيل ۾ اھو پنڌ آھي جتي دراوڙي ديس جي تھذيب رقص ۾ آھي ھن
ڀٽائي جي پيچرن کي چمندي ان رامڪلي جي جوڳين جو ساٿي ٿيندي مرشد لطيف تي اھو ناول
لکيو آھي جيڪو ڀٽائي جي گيان کي سمجھڻ لاءِ ڪافي آھي سائين سرمد پاران شاھ لطيف تي
لکيل ناول جي تڏھن خبر پئي جڏھن ھڪ ڏينھن مان پنھنجي ھڪ دلبر دوست سان لاڙڪاڻي ويم
اصغر پلازہ ۾ مظھر ميمڻ جو ڪتاب گھر ھو. جتي سائين سرمد ان ناول جا ڪجھ پيپر ڪمپوز
پيو ڪرائي جتي اسان اھي رامڪلي جي جوڳين واري سفر جا ڪجھ پنا پڙھيا اسان دنگ رھجي
وياسون تہ سائين سرمد جوڳين ۽ ڪاپڙين واري ٻولي ڪمال جي استعمال ڪئي آھي اھا عزيز
قاسماڻي تي ذميواري آھي تہ سرمد لطيفي جي تخليقي پورھئي کي شايع ڪرائي. سرمد
چانڊيي جي گيتن جي گونجار ۾ ڪي ئي اُڇنگارون آھن.
ٗٗگوري تيل
ڦُليل ڪري ٗ او ڪمانگر ٗ پيار لئہ ساجن صديون گھرجن ٗ. سائين سرمد سان ۹. ۹۵ دوران وارھ ۾ محبت ڀريون ڪچھريون ٿيون ۽ سنڌي ادبي سنگت
شاخ وارھ ۾ ليڪچر بہ ڪيائين سائين سرمد بھترين نقاد بہ ھو مونکي ياد آھي تہ امير
بخاري شيخ اياز تي تنقيدي مضمون لکيا ھيا جنھن تي ان دور ۾ ھلال پاڪستان اخبار ۾
سائين سرمد انکي مدليل تنقيدي جواب ڏنا ھئا جيڪو ڏاڍو علمي بحث ٿيو ھو. سرمد
چانڊيو شاعر، نقاد ۽ اھو ناولنگار ھو جنھن جي ڏات ڏھوڻي آھي مان ھن ڏکين گھڙين ۾
سائين سرمد جي پونئيرن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آھيان
ڇپيل ڪتاب:
( ۱) ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت (شاعري) ۱۹۹۵ع
( ۲) مون کي سڏ اروڙ جا (شاعري) ۱۹۹۹ع
( ۳) سانوڻ پهرين بوند (شاعري) ۲..۶ع
( ۴) جمهوريت جو چنڊ ۲..۷ع
( ۵) جمهوريت جي شهزادي ۲..۸ع
( ۶) جمهوريت ڪِي نوِيد (اردوءَ) ۲..۹ع
( ۷) ڪلام عثمان ققير سانگي (سهيڙ) ۲.۱۳ع
(۸) حضرت شاه
عبداللطيف ڀٽائي – ڇند وديا ( علم ڇند وديا ) ۲.۱۶ع
(۹) اوهان جي سونهن ساکي آ (ديوانِ سرمد) ۲.۱۸ع
(۱.)سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ سنگيت نامو۔۲.۱۹ع
(۱۱) ڇند وديا جي سکيا ۽ اصول ۲.۲.ع
اڻ ڇپيل ڪتاب.
۱. شاه لطيف ( ناول)
۲- سنڌي لاسيڪل راڳ ويراڳ ( شاه لطيف جي راڳ جي سنگيت)
۳- شاه لطيف سائين جن جا سورٺا بيت ۽ فن.
۴-. شاه لطيف جا دوها بيت ۽ فن
-۵ شاه سائين جي وائين جا ڇند ۽ پد.
-۶ ڪلاسيڪل نيم ڪلاسيڪل ۽ جديد وائي.
-۷ شِخ اياز ۽ ڇند وديا.
-۸ سچل سائين جون رندي رمزون.
-۹ سنڌي سئو ڪافيون سئو راڳ.
-۱. لوڪ گيت ( شاعري).
-۱۱ گيت ( شاعري)
-۱۲ سنڌڙي تنهجا گيت ( شاعري)
-۱۳ محفل جو غزل ( شاعري)
-۱۴ مختلف شاعري جي ڪتابن جا مهاڳ.
-۱۵ ڪلا سنڌ تنهنجي ( مضمون)
-۱۶ خدو جي راڻي (ناوليٽ) ترجمو
-۱۷ اوڻيه صدي ۽ عروضي شاعري.
-۱۸ فوٽو سنز سسٽم- (ڪهاڻيون)
-۱۹ شاه لطيف جي ٽيهه اکري- ( شاه لطيف جي ٽيهه
اکري به ڇند تي آڌاريل آهي. )
-۲. رسالي شاه لطيف جي علم ڇند وديا مطابق
ماتراڪ فهرست-(لطيفيات)
مليل ايوارڊ:
۱- سچل ايوارڊ ۲...ع
۲- پيرل قمبر ايوارڊ
۳- شهيد زخمي چانڊيو مڃتا ايوارڊ ۲.۱۳ع
۴- ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو ۲.۱۴ع
(مختيار شاھنوازاڻي
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ جولاءِ ۲.۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
سرمد چانڊيو
نامور شاعر، اديب ۽ محقق
جو وڇوڙو
محبوب سنڌي
سرمد چانڊيي جي
وڇوڙي کي هڪ جيئري جاڳندي انسائيڪلو پنڊيا جو وڇوڙو سمجهڻ گهرجي، جنهن جي وڃڻ سان
سنڌ جي تاريخ، ثقافت، علم، ادب ۽ ٻوليءَ جو خاص طور تي وڏو نقصان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇو
ته هيءَ هڪ فرد هوندي به هڪ اداري جيترو ڪم سرانجام ڏئي ڪري اهو ثابت ڪري چڪو هو
ته سنڌ سان ئي هن جند جڙيل آهي. اڄ سرمد جي ڪيل ادبي توڙي تحقيقي ڪم تي نه صرف فخر
ڪري سگهجي ٿو پر تنهن تي ڳالهائيندي سرخرو ٿي پئجي ٿو. هن جو ڪيل تحقيقي پورهيو
سنڌي ادب جي وسيع جهول ۾ مانائيتو ۽ شانائيتو بيٺل نظر اچي ٿو. جيڪو سندس ڏات کان
وڌيڪ هن جي ادبي شخصيت کي ظاهر ڪري نمايان ڪري بيهاري ٿو. هن وٽ ”شخصيت پرستي“
واري شاعري جو به دور ملي ٿو پر ان کان هٽي ڪري هن جيڪا شاعري ڪئي آهي ان تي نظر
وجهبي ته هي گيت تي ماهر طور دسترس رکندڙ استاد شاعر ٿي سامهون ايندو. جنهن جي
انفراديت ڀري حيثيت کان ڪو به انڪاري نه ٿو ٿي سگهي.
تاريخ ۲. جون ۱۹۴۷ع تي جمعي خان چانڊيي جي گهر ڳوٺ جمال خان
چانڊيو تعلقي قنبر ۾ سوني خان جنم ورتو هو. انهي سوني کي منهنجي امڙ سنڌ (سرمد
چانڊيي) جي نالي سان سڃاڻپ ڏئي، لطيف کي سمجهڻ جي سگھ عطا ڪئي ته هن لطيف سائين جي
فن ۽ فڪر تي پنهنجي حصي جو ڪم هن ريت ڪيو ۽ ڇپايو آهي (حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي
_ڇند وديا ”علم ڇند وديا“ ۲.۱۶ع. ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ ”شاھ لطيف جو سنگيت نامون ۲.۱۷. ۳: ناول شاھ لطيف ۲.۲۱ع). “ سائين سرمد چانڊيو جي زندگيءَ ۾ ئي هيٺيان ڪتاب
ڇپجي پڌرا ٿيا جن ۾ (گيت تي ٻڌل ٻه ڪتاب ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت ۱۹۹۵ع. مون کي سڏ اروڙ جا ۱۹۹۹ع سانوڻ پهرين بوند شاعري ۲..۶ع ڀٽو صاحب تي شاعري جو ڪتاب جمهوريت جو چنڊ
شهيد بينظير ڀٽو تي شاعري مجموعو جهموريت جي شهزادي ۲..۷ع. جمهوريت ڪي ننيد اردو شاعري ۲..۹ع ڪلا عثمان فقير سانگي سهيڙ ۲.۱۵ع علامه اقبال ڪي منتخب نظمين۲.۱۷ع اوهان جي سونهن ساکي آ ديوان سرمد ۲.۱۸ ڇند وديا جا اصول ۽ سکيا ۲.۱۹ع ڪربلا کان ڪربلا تائين ۲.۲۲ع. )
سرمد چانڊيي پنهنجي
زندگي جون ۷۵ بهارون سنڌي ادب کي ارپي تحقيقي، تنقيدي ۽ تخليقي ادب خلقڻ ۾ ڪامياب ويو
آهي. ان جا اڻ ڇپيل ۲۲ ڪتاب سنڌي ادب جا ناياب نسخا آهن جيڪي ڇپجي پڌرا ٿيا ته قيمتي ڄاڻ ۽ ڏات
جا ڏيئا سدائين روشن ٿي پوندا ته هي لاڀائتو ادب پڙهندڙ لاءِ نوان گس ۽ ڏس ظاهر
ڪندو. انهن مسودن ۾ هي ناياب تحقيق تي ساھ کڻندڙ لکتون جيڪي هاڻ سندس فرزند عزيز
قاسماڻي وٽ محفوظ آهن انهن جي فهرست ڪجھ هن ريت ڏجي ٿي. (سنڌي سئو ڪافيون_سئو راڳ.
ڪلاسيڪل نيم ڪلاسيڪل ۽ جديد وائي. شاھ لطيف جا سورٺا بيت ۽ فن. شاھ سائين جا ڇند
پد. شاھ لطيف جي ٽيھ اکري. ”لطيفات“. رسالو شاھ لطيف جي علم ڇند وديا مطابق. سچل
سائين جون رندي رمزون. سچل سائين ۽ ڇند ويا. شيخ اياز ۽ ڇند وديا. هاڻ ثقافت کاتي،
سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي گهرجي ته سائين سرمد
چانڊيي جي مٿي ذڪر ڪيل اڻ ڇپيل مسودن کي چپرائي پڌرو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن،
نه ته سندس وڏي محنت ۽ پيار سان ڪيل هيءَ تحقيقي ۽ تجزياتي پورهيو پنن جي زينت ئي
بڻيل رهندو. ان کان علاوه سندس تخليقي شاعريءَ جا ڪتاب، ڪهاڻيون ۽ ترجمو ڪيل
ناوليٽ کي ڇپائڻ جي ضرورت آهي.
سرمد چانڊيو، علمي،
ادبي ۽ سماجي وڏي شخصيت جو مالڪ آهي جيڪو قوميت جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا
ڪندي به نظر اچي ٿو، سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ڪلاڪار ساريندڙ سٿ، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي،
يا ٻين سماجي تنظيمن سان سلهاڙجي رهڻ جو مقصد سنڌ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ هو. پاڻ سنڌي هفتيوار
اخبار (چانڊڪا) جو ايڊيٽر رهي ڪري عوام جي مسئلن جي نشاندهي ڪندي هنن لاءِ آواز
اٿاريندا رهيا. انهيءَ سان گڏ مختلف موضوعن تي ڇپندڙ سنڌي ڪتابن تي تجزياتي،
تنقيدي مضمون ۽ مقالا لکيا جيڪي پڻ هن جي ادبي شخصيت کي سهڻو ڪري پيش ڪن ٿا. انهن
ادبي خدمتن عيوض هن کي ادبي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفيڪٽ پڻ مليا.
الميو هي آهي ته هي
سنڌ جو سرمد (سائين سرمد چانڊيو) ايڏي وڏي مهان شخصيت هوندي به بيماري سان وڏي وقت
کان وڙهندو رهيو پر سنڌ سرڪار يا ثقافت کاتي هن جي بهتر علاج لاءِ ڪي بهتر اپاءُ
نه ورتا نيٺ ۱۸ جولاءِ ۲.۲۲ع تي سومر جي صبح تي پهرئين پهر ۾ ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ هن پنهنجيون اکيون
هميشه لاءِ بند ڪري سنڌ جي ادبي ماحول سوڳوار ڪري وڌو آهي. اهو سچ آهي ته سرمد
چانڊيي جي خاڪي جسم کي موت مارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پر هن جو ڇڏيل فڪر هن بي
رحم موت مٿان سدائين پنهنجي حاڪميت ڪندو رهندو.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۱۹ جولاءِ ۲.۲۲ع تي ڇپيل)
سرمد چانڊيو
پيار لئه ساجن صديون
گهرجن
فقير محمد سنڌي
حوصلو حيرت جو، آهي نه مٿي عام،
سندي محبت مام، ڪورُ پروڙي ڪينڪي. (شاھ لطيف)
سرمد چانڊيو گيت جو
باڪمال شاعر آهي جنھن گيت کي ڪيترن ئي رخن سان پيش ڪري سنڌي ادب جي ڪک کي سائو ڪيو
آهي. سرمد سائين غزل تي به ڀرپور نموني سان پاڻ ملهايو آهي. منهنجي نظر ۾ وقت کي
اهي فرد فتح ڪندا آهن، جيڪي پنهنجي قوم کي فن مهيا ڪن ٿا. بلڪل ائين ئي سرمد چانڊيو
به آهي جنھن ادب جي پيروي ڪندي نازڪ صنفن کي فن جي گهاڙيٽي ۾ پرکيو آهي جنھن ۾.
گيت، ديوان، وائي، غزل، تحقيق، شاھ لطيف ۽ شيخ اياز جي فني پاسن کي اجاگر ڪري سڀ
جا سڀ وکرسنڌي ادب کي ارپيا آهن.
پيار کي هن پيار
لاتا چار چنڊ،
يار کي ڀي يار لاتا
چار چنڊ.
سونهن سرمد سان ملي
سڏڪا ڀري،
سور کي سُڏڪار لاتا
چار چنڊ.
(ديوان سرمد)
زندگيءَ جو مختصر
خاڪو:
گيت جو سرموڙ شاعر
سرمد چانڊيي جو اصل نالو سونو خان
پيءُ جو نالو: جمعو
خان
ادبي سڃاڻپ: شاعر،
نقاد، محقق، ناول نگار
جنم جي تاريخ: ۲. جون ۱۹۵.ع
جنم جو هنڌ: ڳوٺ
جمال خان چانڊيو
تعلقو قمبر.
اباڻو ڳوٺ: حاجي
فقير محمد چانڊيو تعلقو قبو سعيد خان
ابتدائي تعليم: ڳوٺ
نيڪ محمد مغيري تعلقو قبو سعيد خان.
پرائمري تعليم:
تعلقو ميرو خان ڳوٺ ميرڻ ماڇي.
ادبي خدمتون:
سيڪريٽري سنڌي ادبي
سنگت شاخ قمبر۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۸ع
ضلعي رابطا
سيڪريٽري: سنڌي ادبي سنگت ضلعو لاڙڪاڻو ۱۹۹۲ع
ايڊيٽر: هفتيوار
اخبار ”چانڊڪا“ لاڙڪاڻو.
”سنڌي ڪلاڪار
ساريندڙ سٿ سنڌ “ ۱۹۹۵ع
(ادبي ۽
سماجي تنظيم جو بنياد وجھندڙ)
ميمبر: ڊاڪٽر محبت
اڪيڊمي قنبر
ڄاڻندڙ ٻوليون:.
سنڌي، عربي، فارسي، سرائڪي، بلوچي ۽ اردو.
عشق سرمد جي سيني ۾
ڪيئي دريا اڪيري ڇڏيا آهن، اھڙي موج ۾ ڪو ڪو تري تار ٿيندو آهي پر سرمد سائين
پنهنجي سوچ ۽ قلم کي همراز ڪري هيٺان ڪتاب محبت ڀرين دلين کي حوصلي طور ڏنا آهن.
ڇپيل ڪتاب:
۱- ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت ۱۹۹۵ع
۲- مون کي سڏ اروڙ جا ۱۹۹۹ع
۳- سانوڻ پهرين بوند ۲..۶ع
۴- جمهوريت جو چنڊ ۲..۷ع
۵- جمهوريت جي شهزادي ۲..۸ع
۶- جمهوريت ڪِي نوِيد (اردوءَ) ۲..۹ع
۷- ڪلام عثمان فقير سانگي ۲.۱۳ع
۸. حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي ڇند وديا ۲.۱۶ ع
۹. شاه لطيف ۽ راڳ ويراڳ ۲.۱۷ع
۱.. ديوان سرمد. ۲.۱۸ع.
دنيا کي سمجهڻ لاءِ
سائنسدانن، مفڪرن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن وڏا جتن ڪيا آهن ۽ انهن پاڻ به ملهايو
آهي. سنڌي ٻوليءَ جو امين شاھ لطيف جا انمول خيال آهن ته:
پاڻ پردو پاڻ کي،
کڻي ڪر سنڀال،
وِچان جو وصال، سو
تان هئڻ هُن جو. (شاھ لطيف)
شيخ سعدي ٿو چوي ته:
حجاب نيست، تو
آئينه پاک دار،
زنگار خوردہ چون،
بنمايد جمالِ دوست.
سنڌ جو مهان ڪوي
شيخ اياز چوي ٿو ته:
سڀڪا مومل، سڀڪو
راڻو،
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ
سڀن کي.
سرمد سائين چوي ٿو.
پيار لئه ساجن
صديون گهرجن،
ڳالھ ته ڏاڍي گوري
آ،
هي حياتي ٿوري آ.
يا وري
پيار پوتر آ ازل
کان پُڃَ پُڃَ،
جوءِ ساري ٿي
ملهائي جُڃ جُڃَ.
ڪنهن ڏاهي جي چوڻي
آهي ته:
”قلم بادشاهه
جي هٿ ۾ موت جو مرثيو، جج جي هٿ ۾ مظلوم جي مٿي لاءِ پٿر جو گولو ۽ شاعر جي هٿ ۾
زندگيءَ جو گيت هوندو آهي. “ محبت جي ڀرم کي ساڀيان رکڻ لاءِ سرمد سائين تمام گهڻي
ڪوشش ڪئي آهي ان جو ثبوت هيٺان اڻ ڇپيل آهن.
اڻ ڇپيل ڪتاب.
شاه لطيف ( ناول)
شاه لطيف سائين جن
جا سورٺا بيت ۽ فن.
شاه سائين جي وائين
جا ڇند ۽ پد.
ڪلاسيڪل نيم
ڪلاسيڪل ۽ جديد وائي.
شِخ اياز ۽ ڇند
وديا.
سچل سائين جون رندي
رمزون.
سنڌي سئو ڪافيون
سئو راڳ.
لوڪ گيت ( شاعري)
گيت ( شاعري)
سنڌڙي تنهجا گيت (
شاعري)
محفل جو غزل (
شاعري)
مختلف شاعري جي
ڪتابن جا مهاڳ.
ڪلا سنڌ تنهنجي (
مضمون)
خدو جي راڻي
(ناوليٽ) ترجمو
اوڻيه صدي ۽ عروضي
شاعري.
فوٽو سنز سسٽم-
(ڪهاڻيون)
شاه لطيف جي ٽيه
اکري- ( شاه لطيف جي ٽيه اکري به ڇند تي آڌاريل آهي)
رسالي شاه لطيف جي
علم ڇند وديا مطابق ماتراڪ فهرست-
(لطيفيات)
ايمرسن جو قول آهي
ته:
"ڪنھن
سٺي ڪم ڪرڻ جي شاباس جو انعام يا عيوضو، اهو ئي آهي يعني ته ان ڪم جو ڪرڻ "
سائين سرمد جي زندگي جو پلپل فائدي مند آهي. تڏهن ته محبت ڀريا ايوارڊ سائين جي
حصي ۾ شامل آهن.
مليل ايوارڊ:
۱ - سچل ايوارڊ ۲...ع
۲ - پيرل قمبر ايوارڊ
۳ - شهيد زخمي چانڊيو مڃتا ايوارڊ ۲.۱۳ع
۴ - ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو ۲.۱۴ع.
۵ - شاھ لطيف
ايوارڊ ۲.۲.ع
سائين سرمد چانڊيي
جي ڪچهري مان گلن جهڙو پيار، حوصلي جي بلندي ۽ اخلاقي قدر ئي ملندا آهن. علم جي
پرچارڪ ۽ فن ڄڻ خمير ۾ شامل اٿس. ديوان سرمد جي غزل جا ڪجھ بيت:
اسان جو شانُ ۽
شوڪت قلم ڪاغذ،
اسان جو علم ۽ دولت
قلم ڪاغذ.
اها ئي لوح ۽ محفوظ
جي دنيا،
ڪئي آباد هر حالت
قلم ڪاغذ.
دلين جا راز خط
ڏيئي لکيا سارا،
اکر جي آن ۽ عظمت
قلم ڪاغذ.
سڄي دنيا جو سرمايو
ظاهر،
لتاڙيا پيار سان
پربت قلم ڪاغذ.
جهالت سان ڪئي آ
جنگ جا سرمد،
اها پنهنجي فتح
نصرت قلم ڪاغذ.
حضرت علي عليه
السلام جو فرمان آهي ته: "آءُ ورهاست ڪرڻ واري جي ان ڳالهه ۾ راضي آهيان ته،
هن مون کي علم عطا ڪيو ۽ جاهلن کي مال ملڪيت، مال ملڪيت فنا ٿيڻ واريون شيون آهن
ليڪن علم لازوال آهي. "
سائين سرمد چانڊيي
بيمارين سان جهيڙيندي پنھنجي زندگيءَ جا آخري لمحا ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ ۱۸ جولائي ۲.۲۲ع ڏئي، سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ پنهنجي عزيزن کي
هميشه لاءِ الوداع ڪيائين. سائين سرمد جون سٽون ساجن لاءِ هڪ پيغام ڇڏي ويون آهن.
ساجن! توکان پوءِ.
. .
هيج ڀريو هينئڙو،
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
ساجن! توکان پوءِ.
. .
منھنجو هينئڙو ڇا،
گهر جو هِي لوڙهو،
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
ساجن! توکان پوءِ.
. .
گهر جو لوڙهو ڇا!
برسيل هِي ويڙهو،
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
ساجن! توکان پوءِ.
. .
ھڪڙو ويڙهو ڇا!
پنھنجو شھرُ سڄو،
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
ساجن! توکان پوءِ.
. .
شھرُ اڪيلو ڇا،
سنڌوءَ جو نقشو،
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
ساجن! توکان پوءِ.
. .
سنڌُ جو نقشو ڇا،
دنيا جو گولو،
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
(ڏھاڙي ارادو
لاڙڪاڻو ۾ ۲. جولاءِ ۲.۲۲ع تي ڇپيل)
سرمد چانڊيو
پيار لئه ساجن صديون
گهرجن، هيءَ حياتي ٿوري آ
حفيظ چانڊيو
اڄ سنڌ مٿان
سوڳواري واري موسم ڇانيل آهي، سنڌ، هڪ اهڙي اديب کان محروم ٿي وئي، جنهن سنڌ سان
عشق اول ۽ آخر تائين پنهنجي سيني سان سانڍيل رکيو، هن جي وڇوڙي جو درد ڪنهن هڪ فرد
يا گهراڻي جو نه پر پوري سنڌ ۽ سنڌي قوم وٽ سوشل ميڊيا تي سندس رکيل تصويرن ۽
احساسن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو.
اڄ دنبوري جون اهي
تارون به اداس آهن، جن تي تحقيق ڪندي هن پنهنجي عمر ڳاري ڇڏي هئي. اداسائي جي اُس
۾ ته سنڌي لوڪ گيت کي به محسوس ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي سرمد نه ڄاڻ ڪيترائي نوان
موڙ ۽ نوان لاڙا ڏيڻ سان گڏ موضوعن ۾ اياز کان پوءِ جدت آندي هئي.
سرمد چانڊيو، بڪين
۽ رڳن جي عارضي ۾ ڪيتري عرصي کان متبلا هو، پر هن پوءِ به همت نه هاري، دل جي ڏڍ
تي موت سان جهيڙيندو رهيو، ان دوران ثقافت کاتي علاج ۾ سندس سهڪاري ته رهيو، پر
بروقت سار نه لهڻ سبب سندس مرض ايترو ته وگهري ويو هو، جنهن تي ڪنٽرول نه دوائون
ڪري سگهيون ۽ نه وري ڊاڪٽر! جيڪڏهن سرمد جو علاج بروقت ڪرايو وڃي ها ته شايد سندس
مرض ايترو نه وگهري ها...!
سرمد چانڊيو،
پنهنجي پوري حياتي سنڌي ادب لاءِ ارپي ڇڏي، لوڪ ادب کان ويندي لطيفيات جي اڻ ڇُهيل
موضوعن ۽ ڇند وديا تي ڪمال جي دسترس رکندو هو، سندس علميت سبب ڪيترائي وڏا وڏا
اديب سندس پيرن ۾ ويهي رهندا هئا. پر ايتري علمن جي ڄاڻ هئڻ باوجود هن وٽ هميشه
نوڙت ئي ملي، “مان” کان ڪوهين ڏور رهندڙ هن اديب کي ڏسندي ادب تي رشڪ ٿيڻ لڳندو
هو.
هُو، ٻوليءَ جو
نامور اديب، شاعر، نقاد، محقق، لوڪ ادب ۽ لطيفي راڳ جي ڄاڻو هو. “ڪارا ڪڻڇي ريٽا
گيت” ڪتاب کان شروعات ڪندڙ سنڌ جي سرمد سنڌ جا سُڏڪا به ٻڌا، ته سنڌ جو قومي
استحصال به ٿيندي ڏٺو، خالي ٿيندڙ امڙين جون جھوليون ڏٺيون، سندن وهندڙ بي اختيار
ڳوڙها ڏٺا هئا، ڌرتي مٿان ڌارين جي لوڌ جا ڪٽڪ ڏٺا هئا، ڌرتيءَ تي پنهنجن جي سازشن
سان ڌارين جا ظلم پنهنجي اکين سان ڏسي “مون کي سڏ اروڙ جا” جهڙو شاهڪار ڪتاب لکيو،
جنهن ۾ شاعري جي روپ ۾ هن ڌرتيءَ ۽ سرتي جي ڳالهين جا ڪيترائي ڳوٺ اڏيا. هو فطرت
سان پيار ڪندڙ اهو شاعر هو، جنهن کي سنڌ جي ڀينڍ ڀينڍ سان به پيار هو. هو هيو ته
پورهيت شاعر، پر پنهنجي غير معمولي علم ۽ ڏاهپ سبب وڏن وڏن اديبن جي اکين جو تارو
بڻجي ويو. هو ڪو ديوتا ته نه هو، پر ڪنهن ديوتا کان گهٽ به ڪو نه هو. سنڌ جو هي
يگانو شاعر سنڌ جي سرزمين جو اهڙو اَمر ڪردار هو، جنهن جي مٽي ڪروڙين ورهيه کان
وهندڙ سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ سان ڳوهي وئي هئي. هُو پيار ۽ پنهنجائپ جو پالڻهار
شاعر هو.
سندس سموري ڄمار
سنڌ جي عبادت ۾ گذري. هو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بي پناهه پيار ڪندو هو. هُو سنڌوءَ
جي لهرن کان پنهنجي ڌرتيءَ جي وڃائجي ويل شاندار تشخص ۽ قدامت جي تاريخ پُڇندو هو.
سنڌ پنهنجي زرخيز ڪُک مان سرمد چانڊئي جهڙن صدورن پٽن کي جنميو ۽ انهن جي ادبي، علمي
اڃ ختم ڪري سندن سينا مٽيءَ جي محبت سان سيراب ڪيا، اهڙن املهه انسانن جي ادبي
ڪارج، جدوجهد ۽ مٽيءَ جي موهه کين ٻين شاعرن کان منفرد سڃاڻپ عطا ڪئي، عوام جي
دلين تي راڄ پڻ ڪرايو. سرمد سائينءَ، سنڌوءَ جي ڪپ تي ويهي سانوڻيءَ رُت ۾ سنڌ جي
مسخ شدہ تاريخ جو پيرو کنيو، جتي هن کي پنهنجي وطن جي تاريخ يوناني ديوتائن کان به
اُتم ۽ اعليٰ مقام تي نظر آئي. سرمد چانڊيو سنڌ هو. ۷۲ سالن جي ڄمار ۾ سندس وڇوڙو يقينن سوڳ جي
فضا قائم ڪندو. هڪ اهڙو خال پيدا ڪندو، جنهن جي ڀرجڻ ۾ صدين جو سفر درڪار آهي. ڀلا
اهڙي شاعر جي ڪمهلي وڇڙڻ تي اکيون ڪيئن نه اشڪبار ٿين، جنهن خون ۾ لت پت ديس جي
تاريخ پڙهي هجي ۽ خون مان ڪلڪون ٻوڙي پنهنجي قوم جا نوحا لکيا هجن.
سرمد چانڊئي سموري
ڄمار سنڌي ٻوليءَ جي آبياري ڪئي. هُن درجن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا ۽ ڪيترائي ڪتاب غربت
۽ بيمار رهڻ سبب شايع نه ڪرائي سگهيو. سندس ڪتابن ۾ سانوڻ پهرين بوند، چانڊوڻا
چمڪن، ڪلام عثمان فقير سانگي (ترتيب) ۲.۱۳ع، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ڇند وديا (علم ڇند وديا)۲.۱۶ع، سنڌي ڪلاسيڪل راڳ ويراڳ (شاهه لطيف جو
سنگيت نامو) ۲.۱۷ع، علامه اقبال کي منتخب نظمين (ترجمو) ۲.۱۷ع، اوهان جي سونهن ساکي آ (ديوان سرمد) ۲.۱۸ع، ڇند وديا جا اصول ۽ سکيا (ڇند وديا جو
علم) ۲.۱۹ع، شاهه لطيف (ناول) ۲.۲۱ع، ڪربلا کان ڪربلا تائين( ۲.۲۲ع) شامل آهن.
سرمد چانڊيي جو اصل
نالو سونو خان ولد جمـعـو خـان چـانـڊيـو هو. سندس جنم ۲. جـولاءِ ۱۹۵.ع تي ڳوٺ جمال چانڊيي، ضلعي قـمبـر شـهـداد
ڪـوٽ ۾ ٿيو. هن جو تعلق هڪ غريب هاري خاندان سان هو، پرائمريءَ کان وڌيڪ پڙهي نه
سگهيو، وٽس غير معمولي ذهانت ۽ ڏاهپ توڻي صلاحيت هئڻ سبب هن نه رڳو سنڌي، اردو،
سرائيڪي، بلوچي، فارسي ۽ عربي زبانن تي ڪمال جي دسترس رکندو هو پر انهن جي تاريخ
بابت پڻ سٺي ڄاڻ رکندو هو، وٽس موسيقيءَ توڙي لطيفي راڳ جي پڻ ڪمال جي ڄاڻ هئي.
سرمد سائينءَ، سنڌ
جي ماضيءَ تي نوحه ڪنان ته ٿيو، پر هن سنڌ جي حال کي مُستقبل سان جوڙي اڳتي سفر
ڪرڻ لاءِ سياسي دڳ بدران ادبي رستي جي چونڊ ڪئي. هُن ڄاڱوري ڪنڊن تي اگهاڙين پيرين
پنڌ ڪيو ۽ ڪڏهن به مايوسي جي ڳالهه نه ڪئي، پر منصور وانگر هميشه مُسڪرائيندو رهيو.
هن جو ادبي راهن تي رنڊا روڙڻ جو سبب سنڌ ڌرتيءَ سان اٿاهه پيار ئي هو، جنهن تي
هُن پنهنجو سمورو جنم نڇاور ڪرڻ چاهيو هو اهو ان لاءِ به ته سرمد سائينءَ چاهيو
پئي ته سندس سنڌ مان هر هر جنم ٿئي، جنهن کي هو سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ ارپي ڇڏي.
سنڌ جي تازي صورتحال ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا گهڻ پڙهيا ڳڙهيا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن
مان سرمد چانڊيو هڪڙو هو. هُن کي لطيف سائينءَ، راڳ، ادب، مذهب، فلسفي، تاريخ،
سائنس، جاگرافي، بشريات، سماجيات ۽ معاشيات جي ڀرپور ڄاڻ هوندي هئي، جنهن کي هو
قومي ۽ ادبي فرض سمجهي جديد دور جي اصولن مطابق نوجوانن کي سمجهائيندو رهيو.
سرمد چانڊيو، شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيدِ جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو تي سنڌي ۽ هڪ اردو ڪتاب پڻ
لکيا، جن ۾:
(۱) جمهوريت جو چنڊُ
(۲) جمهوريت جي شھزادي
(۳) جمهوريت ڪي نويد (اردو) قابلِ ذڪر آهن.
سرمد چانڊيو، سنڌي
ادبي سنگت قمبر جو سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جو رابطه سيڪريٽري ۽ هفتيوار اخبار
“چانڊڪا” جو ايڊيٽر به رهيو.
مڃتا طور کيس ’سچل
ايوارڊ’۲...ع، پيرل قمبر ايوارڊ، شهيد زخمي چانڊيو مڃتا ايوارڊ ۲.۱۳ع، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو، پاڪستان ڊي
ايوراڊ ۲.۱۴ع، استاد بخاري ايوارڊ ۲.۱۵ع، جشن لطيف قمبر، شاعري ايوارڊ ۲.۱۶ع، محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ ۲.۱۷ع، لطيفيات ايوارڊ ۲.۱۸ع، موهن جو دڙو ايوارڊ ۲.۱۸ع، لعل شهباز قلندر ايوارڊ ۲.۱۹ع، شاهه لطيف ايوارڊ ۲.۱۹ع، محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ ۲.۱۹ع، شاھه لطيف ايوارڊ ۲.۲.ع سميت ٻيا به ڪيترائي اعزاز ۽ ايوارڊ مليا.
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، شاعر، نقاد، محقق، ناول نگار، لوڪ ادب ۽ لطيفي راڳ
جي ڄاڻو سرمد چانڊيي ۱۸ جولاءِ ۲.۲۲ع تي وفات ڪئي
هن جي لاڏاڻي سان
نه رڳو سنڌي ادب هڪ وڏي اديب کان محروم ٿي ويو، پر سندس وڇوڙي جو خال صدين تائين
نه ڀرجي سگهي.... !
پيار لئه ساجن
صديون گهرجن، هيءَ حياتي ٿوري آ، ڳالهه ته ڏاڍي ڳوري آ
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲. جولاءِ ۲.۲۲ع تي ڇپيل)
سائين سرمد چانڊيو
ناليواري شاعر ۽ اديب
سان رچايل آخري ڪچهري جو احوال
حبدار ٽوٽاڻي
سنڌي ادبي سنگت شاخ
سٽي لاڙڪاڻي پاران نامياري اديب ۽ شاعر سائين سرمد چانڊيو جي طبيعت پڇڻ ۽ عيد
مبارڪ پش ڪرڻ لاءِ هڪ وفد ايڊوڪيٽ ستار هليو جي سربراهي ۾ ۱۱ جولائي ۲.۲۲ ع تي عيد ملڻ ويو جنهن ۾ حبدار ٽوٽاڻي،
عزيز قاسماڻي، حسن مجتبيٰ ۽ علي مصطفيٰ شامل هئا. ان موقعي تي برک اديب ۽ شاعر کي
عيد مبارڪون پيش ڪرڻ بعد ادبي ڪچهري ڪئي وئي.
ڪچهري هلندي ستار
هليو جي هڪ سوال پڇڻ تي وڏو ادبي بحث ڇڙي پيو، جنهن کي هن مختصر مضمون ۾ سمائڻ جي
ڪوشش ڪئي اٿم، ۽ جيئن جو تيئن دوستن اڳيان پيش ڪجي ٿو. سائين سرمد پنهنجي بستري تي
ليٽيل هيو جڏهن ته اسين سمورا دوست ان جي چؤگرد ويهي سندن گفتن مان محضوض ٿي رهيا
هئاسين.
ستار: سائين آتم
ڪهاڻي ڇونه ٿا لکو؟
سائين سرمد: منهنجي
آتم ڪهاڻي تمام گهڻي خطرناڪ آهي، جي لکيم ته سنڌ ۾ نوان بحث، نوان موضوع، نوان
الزام ۽ نئين باهه ٻري پوندي، جنهن کي وسائڻ ڪنهن جي وس ۾ نه هوندو، اها آتم ڪهاڻي
نه هوندي بلڪه هڪ آئينو هوندو جنهن ۾ وڏا وڏا طور خان ننگا ٿي رڙيون ڪندي نظر ايندا.
ستار صاحب! زندگي
ڏاڍي ڏکي آهي، بس ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن!
هاڻي ۷۶ سال ۽ ڪجهه ڏينهن هن بندي جي عمر آهي.
ستار: مطلب اوهان
پاڪستان کان عمر ۾ وڏا آهيو؟
سائين سرمد: اهو
حسن اتفاق يا ڪو معجزو ناهي، بس جيڪا حياتي لکيل هوندي سا پئي گذرندي.
هي ڪتاب ڏسو!
(پنهنجي لائبريري جي ڪتابن ڏانهن اشارو ڪندي ) بس اهائي منهنجي ملڪيت آهي، هي ڏسو
فيض!(فيض احمد فيض. عظيم اردو شاعر ) منهنجو يار اٿئي، منهنجي ان سان ملاقات ته
ڪونهي پر نظرياتي مضبوط ماڻهو هو، ان ڪري منهنجو يار آهي. ”ايئن ئي هو جهونگارڻ
شروع ٿو ڪري ۽ حبدار ٽوٽاڻي پنهنجي موبائيل ڪيميرا آن ڪري ريڪارڊ ٿو ڪري “
هن جهونگاريو ٿي
ته:
جيئن ٿا مينهن وسن
تيئن ٿا پور پون
سانگي ياد اچن مارو
ياد اچن!
سائين سرمد:شاعراڻو
جيڪو اندريون انس آهي اهو ماٺو نه ٿو ٿي سگهي!
ستار هليو:ها سائين
اهو ڪيئن ماٺو ٿي سگهندو؟
سائين سرمد: ستار!
بس اها اندر جي موسم اٿئي، ماڻهو ته ڪراڙو ٿئي ٿو پر هڪ شاعر جو اندر هميشه جوان
رهي ٿو. سائين (ستار) بس ڪنهن کي ٽائيم ڏئي نه ٿو سگهان ڪڏهن ڪيئن آهيان ته ڪڏهن
ڪيئن آهيان! توهان سان به دل سٽ ڏني ته ملاقات ڪري ورتم، عزيز ته ڪا ڳالهه مڃيندو
ئي ناهي.
حبدار سائين! اوهان
جي ڊيوٽي ڪٿي آهي؟
حبدار:سائين منهنجي
ڊيوٽي وڳڻ لڳ ڳوٺ ماهي دربان جي پرائمري اسڪول ۾ آهي.
سائين سرمد: سائين
استاد وڏو پيشو آهي، پڇ ڪيئن؟
حبدار:جي سائين
ڪيئن؟
سائين سرمد: استادي
حضرت آدم عه جو پيشو اٿئي!
سائين سرمد: ستار
صاحب هاڻي هڪ ڪم ڪيو اڌ گلاس پاڻي ۽ پوءِ هڪ سگريٽ پياريو.
عزيز جو پٽ علي
مصطفيٰ سگريٽ وٺڻ وڃي ٿو ۽ عزيز سائين کي ٽيڪ ڏئي ويهاري ٿو ته پوءِ ٽي چار يادگار
ڦوٽو وٺي محفل کي يادگار بڻايون ٿا.
ٿي ويهندي ئي سائين
سرمد پنهنجي والد محترم جي ڳالهه ٻڌائي ٿو:
سائين سرمد: بابا
سائين چوندو هيو ته” هيءَ دنيا ڪنهن جي به ناهي، مگر اسان هن دنيا جا آهيون “.
سائين سرمد صاحب جي
ڪچهري مان ڪٿي به زندگي کان مايوسي ۽ نراسائي نظر نه آئي، هو زندگيءَ سان بيماري
جي بستري تي گنگنائي ۽ ڀاڪي پائڻ جي جستجو رکندو هو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۲. جولاءِ ۲.۲۲ع تي ڇپيل)
سرمد چانڊيو
سنڌ جو سرمد
ڊاڪٽر احسان دانش
پيار لئه ساجن
صديون گھرجن، ڳالهه ته ڏاڍي ڳوري آ،
هيءَ حياتي ٿوري آ.
هنديءَ زبان جي وڏي
شاعر ڀڳت ڪبير چيو هو ته
پاني ڪا هي بلبله
اس مانش ڪي ذات*
(ماڻهوءَ جو
وجود، جَر ڦوٽي وانگر آهي. )
۽ ڀٽائي
فرمايو هو
هي جي جرڪن جَر تي،
سي تان پڻ حباب
زندگي آهي ئي اهڙي
جنهن کي ڪو ثبات ۽ دائميت آهي ئي ڪانه. . . . . پر جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زندگي دکن
جي بٺيءَ ۾ پچي ۽ پڄري گذاري هن دنيا کي الوداع چوي ٿو ته ان جي پٺان به هڪ غم جو
پڙاڏو رهجي وڃي ٿو. ۱۸ جولاءِ ۲.۲۲ تي جڏهن سنڌ جي نامور استاد شاعر، عالم، لطيف شناس، علم عروض ۽ ڇند وديا
جي ڄاڻو، موسيقي جي علم جي ماهر، ناول نگار ۽ نقاد سائين سرمد چانڊيي جو انتقال
ٿيو ته فارسي زبان جي نامور شاعر شهريار جو شعر ياد اچي ويو:
یک عمر گذشت و عاقبت فهمیدیم
از دل نرود هر آنکه
از دیده رود*
(*هڪ عمر
گذري وئي ۽ اسان انجامِ ڪار سمجھي وياسين ته جيڪو اکين کان ڏور ٿي وڃي اهو دل کان
ڪڏهن به دور نه ٿيندو. )
ائين لڳو ڄڻ شهريار
جو اهو شعر، لطيف جي بيت جي پدَ جو ترجمو هجي. ’ڪي ڏور به اوڏا سپرين. . . . .
’ڪنهن به شخص جي جسماني دوري ساڻس پيار ڪندڙن لاءِ سندس ڪميءَ جو احساس ته پيدا
ڪندي رهندي آهي پر ڪي انسان پنهنجي ڪم ۽ ڪردار وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ اهڙي جاءِ
جوڙي وٺندا آهن جو اهي ڏور هوندي به اوڏڙا لڳندا آهن جيئن مقصود گل چيو هو ”ڪي ڪي
ماڻهو ڏور هجن ته به ويجھا ٿيندا آهن“ ۽ پوءِ اهڙا ئي انسان عطا محمد حامي جي لفظن
۾ ”دل کان اسان کي دور رکي ڪير ٿو سگھي“ جهڙي دعوى جا حقدار به بڻبا آهن. . . . .
پر ان حقيقت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگھي ته پيارن جو وڇوڙو ماڻهوءَ کي جهوري
به وجھي ٿو. اڄ جيڪڏهن سرمد چانڊيي جي پُٽن عزيز قاسماڻي، راحب حسين، منصور سرمد،
مقبول احمد ۽ پوٽن علي مصطفى، حسن مجتبى ۽ ٻين گھرڀاتين توڙي دوستن ۽ شاگردن علي
آڪاش، رياضت ٻرڙي، سعيد سومري، ايڊووڪيٽ ستار هليي، حبدار ٽوٽاڻي، علي دوست عاجز،
ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، رضوان گل ۽ مون سميت سندس سمورن چاهيندڙ کي هن جي وڇوڙي جو غم
بيان ڪرڻ لاءِ ڪو چوي ته سرمد سائين جي ئي هن گيت کان سواءِ اظهار لاءِ ٻيو ڪجهه
به نه بچندو ته.
ساجن! توکان پوءِ.
. .
هيج ڀريو هينئڙو،
ننڍڙو ٿيندو ٿو
وڃي!
سرمد جي سڃاڻپ جو
پهريون سگھارو حوالو شاعري آهي، جنهن ۾ هن پنهنجن اندر جي احساسن ۽ امنگن کي اڻ
جهل اوتيو. ڏسندي ئي ڏسندي سرمد جا گيت ۽ غزل مقبول ٿيندا ويا ۽ سنڌ جي سهڻن
گلوڪارن به جهونگاريا. اڄ سرمد چانڊيي کي ساريندي سرمد سنڌي جي ڳايل سندس ئي مشهور
گيت ”پيار لئه ساجن صديون گھرجن، ڳالهه ته ڏاڍي ڳوري آ، هيءَ حياتي ٿوري آ“ ٻڌون
ٿا ته سچ پچ اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون.
سنڌ جي سرمد، سوني
خان چانڊيي جو جنم ۲. جولاءِ ۱۹۴۷ع تي تعلقي قمبر جي ڳوٺ جمال خان چانڊيو ۾ جمعي خان چانڊيي جي گھر ۾ ٿيو.
هن جي تعليم رڳو پرائمري جي پنجن درجن تائين هئي، پر سندس ڄاڻ ۽ ادبي پرک ڪمال جي
هئي. سرمد جي علم ۽ آگهي کي ڏسندي هر ڪو ائين ئي چوندو هو ته تعليم رڳو ڪنهن مڪتب
۾ ويهي حاصل نه ٿي ڪري سگھجي پر اها روح جي رياضت ۽ اندر جي سفر جو نالو آهي. سولن
لفظ ۾ چئجي ته هو ڪو ڊگري يافته عالم ته نه هو پر ڪيترن ئي سنديافته عالمن کان
وڌيڪ ڄاڻو هو. هن جي گفتگو ۽ تحرير سندس علم جي ساکي هئي. سرمد جي ذاتي لائبريري ۽
ڪتاب گواهي ڏين ٿا ته هن جو مطالعو ڪيترو وسيع هو. سرمد چانڊيو، سنڌي سان گڏ اردو،
سرائيڪي، بلوچي، فارسي، عربي ۽ هندي زبانن جي به ڄاڻ رکندو هو ۽ هن جي شاعري چئن
ٻولين سنڌي، اردو، هندي ۽ سرائيڪي تي مشتمل آهي. سرمد، پنهنجي ادبي سفر جو آغاز
ننڍي عمر کان ئي ڪيو ۽ اڳتي هلي ۱۹۸۵ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر جون واڳون سنڀاليون،
ائين ۱۹۹۲ع ۾ سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جو ضلعي رابطه سيڪريٽري به بڻيو. سائين سرمد جڏهن
قمبر ۾ رهندو هو ته سندس اوطاق علم ۽ ادب جو سکيا گھر هئي ۽ علم جا پياسا اتي پڪون
پيئڻ ايندا هئا. هن جي دل وانگر هن جو دسترخوان به سدائين کُليل رهيو. لاڙڪاڻي لڏي
آيو ته به پنهنجي بيٺڪ تي اهي ئي ادبي محفلون مچائيندو رهيو، جنهن ۾ مان به ڪيئي
ڀيرا شريڪ ٿيس.
سرمد چانڊيي جي
روزي ۽ روزگار جو بنيادي وسيلو پورهيو هو. قمبر ۾ هن بَگي به هلائي ته استري جو
دڪان به، لاڙڪاڻي آيو ته سِوِڪ سينٽر جي سنڀال جو ڪم ڪيائين. هن معاشي تنگيءَ
وارين حالتن ۾ به پنهنجي اولاد کي پڙهائي نه رڳو پنهنجي پيرن تي بيهاريو پر علم ۽
ادب جي سُتي به وڌي. اهوئي سبب آهي جو اڄ سندس فرزند عزيز قاسماڻي ۽ منصور سرمد جي
سنڌي ادب ۾ پنهنجي هڪ سڃاڻپ آهي. هاڻي ته سندس ٽئين پيڙهيءَ طور عزيز قاسماڻي جو
پُٽ حسن مجتبى به ادب جي ميدان ۾ پير ڌري رهيو آهي.
سرمد چانڊيي جي هن
وقت تائين شايع ٿيل ڪتابن ۾ ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت ۱۹۹۵ع، مون کي سڏ اروڙ جا ۱۹۹۹ع، سانوڻ پهرين بوند ۲..۶ع، جمهوريت جو چنڊ ۲..۷ع، جمهوريت جي شهزادي ۲..۸ع، جمهوريت ڪِي نوِيد ۲..۹ع، ڪلام عثمان فقير سانگي ۲.۱۳ع، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڇند وديا ۲.۱۶ ع، شاهه لطيف ۽ راڳ ويراڳ ۲.۱۷ع، علامه اقبال جا منتخب نظم (ترجمو) ۲.۱۷ع، اوهان جي سونهن ساکي آ (ديوان سرمد) ۲.۱۸ع، ڇند وديا جا اصول ۽ سکيا ۲.۱۹ع ۽ شاهه لطيف جي شاعري ۽ موسيقي (۲.۲۲) شامل آهن. جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾
شاهه لطيف (ناول)، ڪربلا کان ڪربلا تائين (شاعري)، شاهه لطيف جي سورٺن بيتن ۽
وائين جو فن، شاهه لطيف جي رسالي جي علم ڇند وديا مطابق ماترڪ فهرست، سچل سائين
جون رندي رمزون، شيخ اياز ۽ ڇند وديا، سنڌي سؤ ڪافيون سؤ راڳ، لوڪ گيت، سنڌڙي
تنهجا گيت، محفل جو غزل، اوڻويهين صدي ۽ عروضي شاعري وغيره قابل ذڪر آهن. سرمد
چانڊيي کي سندس علمي ادبي خدمتن جي مڃتا طور سنڌ جا ٽي وڏا ايوارڊ شاھ لطيف ايوارڊ
۲.۲.ع، لعل شهباز قلندر اوارڊ ۲.۱۹ع ۽ سچل ايوارڊ ۲...ع کان سواءِ ٻيا به ڪيئي ايوارڊ مليا. انهن انگن اکرن
مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته سرمد جي ادبي ڪم جو دائرو وسيع هو، پر هن وٽ
شاهه لطيف جي ڪيتري اهميت هئي ان جو اندازو سندس هن شعر مان لڳائي سگھجي ٿو.
اسان وٽ شاهه جو
تنبور، وايون،
اڙي “ســرمــد!”
سھارا زندگي جا
سرمد سائين خاص طور
شاعريءَ جي فن ۽ موسيقي بابت جيتوڻيڪ جهجهو نثر لکيو پر هن جي اول ۽ آخر سڃاڻپ جو
حاوي حوالي هڪ شاعر طور ئي رهندو ۽ شاعريءَ ۾ به هڪ گيت ڪار طور سندس سڃاڻپ نمايان
۽ اڀريل رهندي. بيشڪ هو سهيوڳي دور ۾ لوڪ گيت ۽ جديد گيت لکندڙ شاعرن مان هڪ اهم
شاعر هو.
منهنجي ڪوتا ڪيئن
بڻي آ ڪهسارن ۾ ڪونجَ
رچنا ۾ ٿو روح
رچايان، گيت نئون ڪو ڳايان.
هن جا گيت رسيلي
ٻولي، فطري ماحول جي عڪاسي، ثقافتي رنگن، تخليقي آهنگن ۽ موسيقيت سبب سنڌي گيت جي
شاعريءَ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. انهن گيتن ۾ عورت جي فطري جذبات جي عڪاسي به ڪمال
جي آهي:
حياتيءَ جو ڏيئو ٿو
جھٽڪا ڏئي
متان يار اڳ ۾
اجهامي وڃي،
وطن تي ورڻ جي ڪجان
سانورا!
. . . . . .
. . . . . .
ڪر ڪو ڀوريءَ ڏي
ڀير
تنهنجي ٻيڙيءَ جو
خير،
وَرُ مانجهيئڙا
اڄ سرمد به اهو
مانجهي ٿو لڳي پر ان جو ورڻ محال آهي، سندس زندگيءَ جي ٻيڙي قضا جي ڪُن ۾ ڦاٿي
آهي، جتان ڪو به نڪري نه ٿو سگھي.
فارسي شاعر ابو
الفيض فيضي جو شعر آهي ته:
تُو اے پیماں شکن امشب بما باش
کہ ما باشیم فردا یا نہ باشیم*
(* اي پيمان
شڪن اڄ جي رات مون سان گڏ رهه، جو سڀاڻي مان هجان الائي نه. )
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن
مان سرمد سائين کان طبيعت پڇڻ ويو هوس ته مون کي ڳراٽي پائي سُڏڪي پيو هو، اڄ جڏهن
هو اسان جي وچ ۾ نه آهي ته اسان جو روح سڏڪي رهيو آهي. . . . . . اڄ هو جسماني طور
اسان جي وچ ۾ نه آهي پر سندس تخليقون ۽ ڏات جي جوت اڃا به موجود آهي، جنهن کي ڪڏهن
به مات اچڻي ناهي.
اسان جي ڏات نه
ٿيندي ماتِ
اڙي او رات اڙي او
رات
اسان جا سانگ صبح
جي ٻانگ
سدا پرڀات اڙي او
رات (ڊاڪٽر احسان دانش)
(ڏھاڙي ڪاوش
حيدرآباد جي سنڊي مئگزين ۾ ۲۴ جولاءِ ۲.۲۲ع تي ڇپيل)
سرمد چانڊيو
ڪمانگر ڪمانگر اڪيري ڏي
در تي. . !
علي زاهد
اُهو ۱۹۹۶ع جو سال
هو، آنءُ نئون نئون قمبر پڳو هئس، اتي نوڪريءَ سانگي رهڻ لڳو هئس، علي آڪاش، سعيد
سومري ۽ رياضت ٻرڙي جي صحبت نصيب ٿي ته، سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر جو ميمبر به ٿيڻو
پيو، جنهن کان ترت پوءِ علي آڪاش جي سالگرهه جو پروگرام رٿڻ جون ڳالهيون ٿيون، ادبي
سنگت پاران موهن جي دڙي تي علي آڪاش جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ جو پروگرام فائينل ٿيو.
وين ڀري جڏهن اسين سڀ موهن جي دڙي تي پڳاسين ته اها منهنجي موهن جي دڙي سان ۽ اُتي
آيل کوڙ سارن اديبن شاعرن ۽ ليکڪن سان به پهرين ملاقات هئي. جن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
به شامل هو. اسين سڀ ڪيڪ ڪٽڻ واري رسم مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ٽولن جي صورت دڙي جي
ديوارن ۽ گهٽين جو سير ڪرڻ نڪري پياسين.
آنءُ جنهن ٽوليءَ ۾
هئس ان ۾ ٻين دوستن سان گڏ هڪ دوست سڀني کان اڳيان اڳيان وڏي واڪي شاعريءَ جون ڪجھ
سٽون ڳائيندو پئي هليو ”ڪمانگر ڪمانگر اڪيري ڏي در تي“ مون تي اڳ ئي موهن جي دڙي
تي پهريون ڀيرو هجڻ واري احساس جا خمار ئي اکٽ هئا، مٿان وري ان نوجوان جي ڳري
آواز ۾ ڳائي ويندڙ شاعري منهنجي لونءِ ڪانڊاري رهي هئي، مون کي خبر نه هئي ته اهو
نوجوان ڪير آهي ۽ ڪنهنجي شاعريءَ جا ٻول جهونگاري رهيو آهي، بس مان ته انهن ٻولن
جي سحر ۾ منڊجي رهيو هئس، دڙي جا خمار ۽ ان گيت جو سحر مون کي تباھ ڪرڻ لاءِ ڪافي
هو. آنءُ ماٺيڪو هلي رهيو هئس، پر منهنجي اندر ۾ ڪو مانڌاڻ هو جيڪو مون کي لڳاتار
بيچين ڪري رهيو هو.
جڏهن ان نوجوان
ڳائڻ کان ماٺ ڪئي ته مون دوستن کان پڇيو ته هي ڪير آهي ۽ ڪنهنجو گيت پيو جهونگاري؟
خبر پئي ته ان جو نالو عزيز قاسماڻي آهي ۽ اهو جيڪو گيت جهونگاري رهيو آهي، سو
سرمد چانڊيي جو آهي. پوءِ اها به خبر پئي ته عزيز قاسماڻي، سرمد چانڊيي جو پٽ آهي،
ان وقت مون کي اها ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي هئي ته سرمد چانڊيو ۽ عزيز قاسماڻيءَ جو
پيءُ ڪيئن ٿيو! (خير ڪافي ڏينهن پڄاڻا قمبر ۾ ملهايل سرمد چانڊيو سان هڪ رهاڻ ۾
اهو راز مون اڳيان تڏهن کليو، جڏهن پنهنجي تقرير دوران عزيز قاسماڻيءَ پيرائتي
انداز ۾ سمجهايو هو ته سرمد چانڊيو سندس پيءُ آهي).
دڙي جي سيني تي
رولاڪيون ڪرڻ دوران عزيز وٽان ٻڌل سرمد جو اُهو گيت ڄڻ ته منهنجي سماعتن سان چهٽي
بيهي رهيو هو، يا ته منهنجي ڪنن منجھ گونجندو ٿي رهيو يا وري منهنجي زبان مان
ورجائبو ٿي رهيو ته ”ڪمانگر ڪمانگر، اڪيري ڏي در تي“. ان گيت منهنجي من ۾ ايترو ته
گهر ڪيو جو آنءُ ڄڻ ته ان گيت جي وس ۾ اچي چڪو هئس. من ۾ آس آرس ڀڳو ته ڇو نه ان
ڪمانگر سان ملجي جنهن پنهنجي ڪمال ڪاريگريءَ سان اهو گيت سرجيو آهي. نيٺ علي آڪاش
معرفت ان ڪمانگر يعني سرمد چانڊيو سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي لان تي ملاقات ٿي، جتي
عبدالمنان ٻرڙو ۽ علي آڪاش سرمد چانڊيو کان انٽرويو وٺڻ لاءِ کيس وٺي آيا هئا، آنءُ
ساڻن اچي اتي گڏيو هئس. علي آڪاش، منان ۽ هڪ اڌ ٻيو به دوست هو، اهي سڀ سرمد کان
سوال پڇي رهيا هئا ۽ سرمد کين ڏاهپ ڀريا جواب ڏئي رهيو هو، اهو سڀ ڪجھ هڪ وڊيو
ڪئمرا ۾ رڪارڊ ٿي رهيو هو ۽ آنءُ پاسي ۾ ويٺو ان ڪمانگر جي پرسڪون چهري ۾ نهاري
رهيو هئس، منهنجي سوچن جي پس منظر ۾ ڄڻ ڪنهن گرامو فون تي ڌيمي آواز ۾ موسيقي
هلائي ڇڏي هجي جنهن جو هلڪڙو آواز منهنجي روح تائين پهچي مون کي پرسڪون ڪري رهيو
هجي، ان موسيقيءَ سان گڏ اڀرندڙ ٻول هئا ”ڪمانگر ڪمانگر اڪيري ڏي در تي“.
سرمد سان منهنجي
اها پهرين ملاقات هئي، ساڻس منهنجي ٻين ملاقات سندس ڪتاب ”ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت“ جي
روپ ۾ ٿي، جنهن ۾ موجود گيتن ۽ لوڪ گيتن منهنجي روح ۾ جيڪي نيون دريون کوليون، اهي
سڀ جو سڀ شاعريءَ جي کليل ۽ وسيع ميدانن ڏانهن پئي کليون، منهنجي سامهون شاعريءَ
جا ساوا ۽ ڪشادا ميدان هئا ۽ منهنجي بگريءَ ۾ سرمد چانڊيو جي گيتن ۽ لوڪ گيتن جو
پهريٺو مجموعو ”ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت“ هو. ڪتاب ڇا هو، منهنجي لاءِ گيت ۽ لوڪ گيت
سان ويجهڙائي ۽ پيار جو سبب هو، ههڙا خوبصورت گيت، جن کي پڙهڻ سان پر لڳيو وڃن ۽
تصور جي اڏار آسمانن جا به اڪا پنڌ پورا ڪريو اچي. آنءُ حيران هئس اهڙي خوبصورت
ٻوليءَ تي، اهڙن سگهارن خيالن تي ۽ اهڙي رڌم تي، مون کي لفظن آڏو موسيقي به سرنگون
ٿيندي ڀاسي هئي.
انهن گيتن سرمد
سائينءَ سان منهنجو اهڙو ناتو ڳنڍيو جو لڳو ڄڻ جنمن کان آنءُ سندس شاعريءَ جي آشرم
جو داس هجان، پوءِ اهو ناتو تڏهن اڃا وڌيڪ سگهارو ٿيندو ويو، جڏهن ملاقاتن جو اهو
سلسلو وڌندو ويو، ڪڏهن اسين لاڙڪاڻي، ڪڏهن سرمد قمبر، ڪنهن نه ڪنهن بهاني ملاقاتون
ٿينديون رهيون، ملاقاتون اسان جي محبتن ۽ احترام ۾ وڌيڪ پختگيءَ جو ڪارڻ بڻجنديون
رهيون، سندس شخصيت ۽ شاعري هميشه اتساھ بڻجندي رهي ۽ اسان جي لکڻ واري شوق کي
همٿائيندي رهي، ڏسندي ئي ڏسندي سرمد شاعريءَ جي درسگاھ بڻجي ويو ۽ سندس لاڙڪاڻي
واري دڪان نما ننڍڙي اوطاق ان آشرم جي ڏيک ڏيڻ لڳي جتي مون جهڙا ڪيترا ئي شاعريءَ
جي نواڻ جا اڃارا اچي پهچندا هئا، سرمد پلٿي ماري ڊائري هٿ ۾ کڻي جڏهن پنهنجو ڪو
نڪور گيت جهونگارڻ شروع ڪري ڏيندو هو ته ايئن ڀاسندو هو ڄڻ اسين متارا هجون، سرمد
موکي هجي ۽ سندس شاعري اهو ئي پروڪو شراب هجي جيڪو ڪڙو به آهي ۽ قاتل به، پر ان جي
سڪ ۽ اڃ اسان کي هر هر سرمد جي در تائين ڇڪي اچي ٿي ۽ هو به ايترو سخي ۽ دياوان جو
شاعريءَ جي شراب جا سارا مَٽَ آڻيو اسان آڏو اپٽيو ڇڏي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ وهامي وڃن، نه
سرمد جي شاعريءَ جي مڌ ۾ ڪا ڪمي اچي، نه جهونگار کان سندس ڳلو ٿڪجي نه اسان جي چپن
تان ”واھ واھ“ جا لفظ ۽ اکين مان داد جا ڳوڙها سڪن. مون کي جيڪا شاعري حد کان وڌيڪ
متاثر ڪندي آهي، وڻندي آهي يا اندر ۾ چهنڊڙي پائيندي آهي ته منهنجون اکيون آليون
ٿي وينديون آهن، اهو داد ڏيڻ جو منهنجو طريقو آهي شايد، جڏهن به سرمد وٽ وڃبو هو، سدائين
اکيون آليون ڪري ئي موٽبو هو. گيت سرمد جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي، هن گيت سان جيڪو
پيار ڪيو آهي، اهو سندس سموري پورهئي مان بکي رهيو آهي.
سرمد سائينءَ سڄي
زندگي پورهيو ڪيو آهي، هن جي پورهئي جو کيس ڪيترو ڦل مليو، نه مليو، هو ان ڳالھ
کان لاپرواھ هڪ درويش ماڻهو هو، هن بس لکيو آهي ۽ ايترو لکيو آهي جو هن وقت تائين
جيڪي ڪتاب ڇپيا آهن، اهي سندس پورهئي جو اڌ به نه هوندا، سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جو
ذخيرو اڃا پيل آهي جنهن لاءِ آنءُ سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ خاص ڪري سائين سردار شاھ کي
عرض ڪندس ته ان سنڌ جي ادبي سرمايي جي نه رڳو مالڪي ڪن پر ان کي ڇپرائي سنڌي ادب
جو وڏو ۽ اهم فرض پورو ڪري سگهن ٿا.
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲۵ جولاءِ ۲.۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا