; سنڌي شخصيتون: سرمد سنڌي

05 January, 2015

سرمد سنڌي


سرمد سنڌي
لُڙڪَ لَڙي پيا لار ڪري
ناصر قاضي
هي ته ڊسمبر ۲۰۱۴ هيو، پر هر سال جو ڊسمبر پنهنجي آمد شرط سرديءَ سان گڏ جتي ڪيترن ئي ڌرتيءَ ڄاون محترمه بينظير ڀٽو، شيخ اياز، اياز قادري، تاجل بيوس، قربان علي شيخ، روشن جي جون غمگين يادون ساڻ کڻي ايندو آهي،  اتي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سرمد سنڌيءَ جي نه هجڻ وارو احساس ڇيت جيان چڀي رهيو هوندو آهي.
سرمد سنڌي جڏهن به اسٽيج تي ڳائڻ ايندو هو ته سنڌ سان عشق جو اظهار ضرور ڪندو هو، هن پنهنجي حياتيءَ جي مختصر عرصي ۾ سنڌ سان عشق جو جيڪو نعرو هنيو، اڄ اهو نعرو هر سنڌيءَ جي چپن تي سرمد جي ڳايل گيتن جي صورت ۾ زندهه و جاويد آهن. واقعي به سرمد سنڌ جو اهو پروانو هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جي آخر تائين ڌرتيءَ جي عشق کي پاڻ کان پري نه رکيو.


سنڌ جي ناليواري قومي راڳي سرمد سنڌيءَ ستين مئي ۱۹۵۸ع تي ضلعي خيرپور ميرس جي شهر پريالوءِ ۾ محمد حيات مغل جي اڱڻ تي اکيون کوليون، پر سندس ئي ڏنل هڪ انٽرويو موجب سرٽيفڪيٽن ۾ سندس جنم جي تاريخ ستين جولاءِ ۱۹۶۱ع ڄاڻايل آهي. سندس مائٽاڻو نالو عبدالرحمان مغل رکيو ويو. سرمد سنڌي پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ پريالوءِ مان حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو. جتان ۱۹۸۰ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين. عملي طور تي ۱۹۸۴ع ۾ پهريان ايڇ. ڊي. اي حيدرآباد ۾ ۽ پوءِ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ سب انجينيئر طور مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخر تائين انهيءَ عهدي تي رهيو.
سرمد سنڌيءَ جو تعلق هڪ شريعت جي پابند مذهبي گھراڻي سان هو، جتي راڳ ڳائڻ جو تصور ئي نه ڪيو ويندو هو، پر سرمد سنڌي ننڍپڻ ۾ ئي روح کي ريجھائڻ لاءِ راڳ طرف راغب ٿيو، ايتريقدر جو پنهنجي ٻالجتيءَ وارن ڏهاڙن ۾ ريڊيو يا ڪئسٽ ۾ ڪوئي به ڪلام ٻڌندو هو ته ڳچ وقت تائين اهو ساڳيو ڪلام پنهنجي منهن جھونگاريندو رهندو هو. کيس سنڌ جي ٻن ناميارن ڪلاڪارن ڍول فقير ۽ فقير عبدالغفور جو آواز توڙي انداز بيحد متاثر ڪندو هو. سرمد سنڌيءَ راڳ ڳائڻ جي باقاعده شروعات تڏهن ڪئي، جڏهن پاڻ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور جي شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ ڪاليج ليول تي ٿيندڙ قومي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ان سان گڏوگڏ فارغ ٽائيم ۾  پنهنجي هڪ جيڏن يارن دوستن ۾ ويهي جھونگاريندو رهندو هو. هن سڀ کان پهريان ۱۹۸۰ع ڌاري پريالوءِ ۾ لالا عزيز سان ملهايل شام جي موقعي تي استاد بخاريءَ جو ڪلام ’رستي روڪ نه ڪر او يار‘ ڳايو.
سرمد سنڌيءَ راڳ جي بنيادي سکيا لالا عزيز کان حاصل ڪئي، جنهن بعد نامور موسيقار شاهد حسين ڀٽي ۽ نامياري راڳي منطور سخيراڻيءَ جي صحبت مان به ڪافي فيض حاصل ڪيائين، ان بعد پنهنجي وفات کان ڪجھه ئي عرصو اڳ نامياري موسيقار استاد ظهور خان زيبيءَ کان موسيقيءَ جي سکيا جو عمل شروع ڪيائين، مگر موت کيس وڌيڪ مهلت ڪانه ڏني. ڪن ٻين لکتن ۾ سندس موسيقيءَ جي استادن ۾ نامياري سارنگي نواز استاد مجيد خان ۽ نامياري ليکڪ، پروديوسر ۽ راڳي بيدل مسرور جن جا سگھارا نالا پڻ ملن ٿا.
سرمد سنڌيءَ کي ريڊيو خيرپور تي ناليواري شاعر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو، جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن تي سڀ کان پهريان هن جي آواز ۾ هڪ نعت ريڪارڊ ٿي، جيڪا پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ جي پروڊڪشن ۾ نشر ٿي. ان بعد پي. ٽي. ويءَ تي هو هڪ راڳيءَ جي حيثيت ۾ نامياري شاعر ۽ پروڊيوسر سميع بلوچ جي معرفت پروڊيوسر هارون رند وٽ ان وقت متعارف ٿيو، جڏهن سميع بلوچ اسسٽنٽ پروڊيوسر طور پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندو هو.  ان وقت پروڊيوسر هارون رند سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ هڪ نه، ٻه نه پر ٽي نغما ريڪارڊ ڪيا، جن مان هڪ لولي ’مارو لولي الو ميان‘، ٻيو مهان ڪوي شيخ اياز جي شاعري ’رات آئي وئي، تون نه آئين ڪهي‘ ۽ ٽيون سميع بلوچ جو تخيل ’تنهنجي ياد جي وري آ وير، لڳي رهي آ ٿڌڙي هير‘ هئا. ان کانپوءِ سرمد ريڊيو، ٽي. وي، آڊيو ڪئسٽ ۽ اسٽيج تي بيشمار قومي توڙي عوامي، گيت، غزل، وايون ۽ صوفياڻا ڪلام ڳائي، پڙهيل لکيل طبقي کان ويندي هڪ هاري پورهيت تائين هر هڪ سنڌيءَ جي دل ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي. سرمد سنڌيءَ ڳائڻ جو پنهنجو هڪ جداگانه انداز پيدا ڪيو. هن جي ڳائڻ جو انداز سمورن فنڪارن کان مختلف هو، هن ڪڏهن به فلمي طرزن تي نه ڳاتو، جيتوڻيڪ سرمد سنڌيءَ جا ٻيا همعصر فنڪار ان وقت فلمي ڌننن تي ٿيل شاعري ڪثرت سان ڳائيندا هئا ۽ ڪئسٽ ۾ پڻ فلمي ڌنن ڳائڻ جو رواج عام ٿي چڪو هو (جيڪو رواج هن وقت سنڌي موسيقيءَ مان تقريباً زوال پذير ٿي چڪو آهي)، پر هو هميشه نين سرجيل ڌنن کي ئي ترجيح ڏيندو هو، سندس شاعريءَ جي چونڊ به ڪمال درجي جي هوندي هئي. سرمد جي هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته سنڌي موسيقيءَ ۾ جدت آڻجي. هن هميشه ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي خلاف پنهنجي انقلابي آواز جي وسيلي جنگ جوٽي. هن هر موضوع تي ڳايو، پر سندس محور سماج ۽ ڌرتيءَ جا سور هئا.
سرمد سنڌيءَ کي سنڌ جي ڌرتي، ٻولي ۽ تهذيب سان بي انتها محبت هئي. هن پنهنجي ٻارن کي سنڌي تعليم ڏياري، هو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ تي فخر محسوس ڪندو هو. هن سنڌين جي دلين جي ترجماني ڪئي.  هن پنهنجي مڌر آواز ذريعي قومي ڪارڪنن ۾ اتساهه پيدا ڪيو، سندن روح گرمايائين، مايوس ۽ ٿڪل دلين کي آٿت ڏنائين. موٽ ۾ سنڌي ماڻهن به سرمد سنڌيءَ کي ڪروڙين قرب ڏنا ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون. سرمد سنڌيءَ کي ڪنهن قومي ڪاڄ جي دعوت ملندي هئي ته فرض سمجھي ان پروگرام ۾ هليو ويندو هو.
سرمد سنڌيءَ  شاهه لطيف سميت شيخ اياز، استاد بخاري، سرڪش سنڌي، اياز گل، ادل سومرو، زاهد شيخ، تاجل بيوس، زخمي چانڊيو، نظر پياسي، سميع بلوچ، ڪوثر ٻرڙو ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي، سندن پيغام کي جھر جھنگ تائين پهچايو. سنڌي عوام ۾ کيس ’سنڌ جو ٻيجل‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. نامياري شاعر تاجل بيوس کيس ’راڳ جو راڻو‘ ۽ ’سنڌ جو وڪٽر هارا‘ جو لقب ڏنو. سرمد سنڌي سائين جي.ايم سيد جي سالگرهه جي پروگرامن ۾ هر سال ۱۷ جنوريءَ تي پابنديءَ سان سن وڃي شريڪ ٿيندو هو. سندس زندگيءَ ۾ صرف سنڌ سان محبت هجڻ جي ڪري شر پسندن پاران ڪيترائي ڪوڙا پوليس ڪيس مڙهيا ويا، کيس ڪراچي ڇڏي وڃڻ ۽ ڳائڻ بند ڪرڻ لاءِ طرح طرح جا چتاءَ پئي ملندا رهيا، پر هن ڪڏهن به هيڻائي نه ڪئي.
سرمد سنڌي جا سندس زندگيءَ ۾ ٻه روڊ حادثا ٿيا، هڪ حادثي ۾ پاڻ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن ۾ سندس هڪ ڄنگھه جي هڏي ڀڄي پئي هئي، جنهنڪري کيس ڪراچيءَ جي اسپتال مان لوهي راڊ لڳي ۽ پاڻ ان جي وسيلي هلڻ لڳو. پر ڪجھه عرصي بعد ۲۷-ڊسمبر ۱۹۹۶ع تي بدين مان هڪ پروگرام ڪري ڪوسٽر ذريعي ڪراچي واپس وڃي رهيو هو ته ديوان شگر مل ٺٽي ويجھو ڪوسٽر جو ڪمند سان ڀريل هڪ ٽرڪ سان هڪ اهڙو بد نصيب ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ سرمد پهريان ته سخت زخمي ٿي پيو، کيس فوري طور تي ڪراچيءَ نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين ۽ سرمد ۳۵ سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ سنڌين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
سندس زندگيءَ جو آخري آڊيو البم ’ماروئڙا شهزور‘ هو، جنهن ۾ زاهد شيخ، اياز گل، زخمي چانڊئي ۽ ٻين شاعرن جا گيت شامل هئا. هن وقت سرمد سنڌيءَ جو ننڍو ڀاءُ ۽ ناميارو فنڪار احمد مغل سندس نقش قدم تي هلندي، موسيقيءَ جو گس وٺي، پنهنجي ڀاءُ جو نالو روشن ڪري رهيو آهي. سرمد سنڌيءَ جي وفات بعد نامياري ليکڪ علي حسن چانڊئي سندس ياد ۾ تاثراتن تي ٻڌل هڪ ڪتاب ’سنڌ جو ٻيجل: سرمد سنڌي‘سهيڙي ۱۹۹۷ع ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ شيخ اياز، نورالهدى شاهه، عبدالغفار تبسم، سرڪش سنڌي، اياز گل سميت ڪيترن ئي اديبن ۽ فنڪار جا رايا ۽ مضمون ڏنل آهن، هن ڪتاب کي سرمد سنڌيءَ جي مداحن پاران ايتري ته پذيرائي ملي، جو ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو هڪ سال جي مختصر عرصي بعد ۱۹۹۸ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. جڏهن ته نامور براڊڪاسٽر ۽ شاعر ڪوثر ٻرڙي سندس ڳايل ڪلامن کي سهيڙي هڪ ڪتاب ’امر راڳي، امر گيت‘ پڻ  شايع ڪرايو آهي.



سرمد سنڌي
تاحيات راڳي
شاهد حسين تيوڻو
سرمد سنڌي جنهن جو اصل ڇٺيءَ جو نالو عبدالرحمان مغل آهي پر فن سان وابستگي هجڻ ڪري هن جو فني نالو سرمد سنڌي پيو. سرمد هڪ ننڍڙي ڳوٺ پريالوءِ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ۷ جولاءِ ۱۹۶۱ ع تي حيات علي مغل جي گهر ۾ اک کولي. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ پريالوءِ مان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ ڊپلوما سول انجينيئرنگ گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان ۱۹۸۰ ع ۾ حاصل ڪئي ۽ سندس مجموعي تعليم بي ٽيڪ آهي. سرمد سنڌي جي شادي ۲۴ ڊسمبر ۱۹۹۳ ع ۾ ٿي جنهن مان کيس هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ عزيزالرحمان آهن.
سرمد سنڌي سنڌ جو اهو ڀلوڙ ۽ لاڏلو گلوڪار هو جنهن کي هر طبقي ۽ هر عمر جي ماڻهوءَ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ٿي ۽ اها ايتري شايد ئي ڪنهن خوش نصيب فنڪار کي ملي هجي. ۱۹۸۶ع کان وٺي ۱۹۹۴ع تائين واري ڏهاڪي کي سرمد سنڌيءَ جو ڏهاڪو چئجي ته ان ۾ ڪو به واڌاءُ ڪو نه هوندو سرمد مجموعي طور تي خوش قسمت، مقبول ترين ۽ لکين پرستارن جي دلين تي راڄ ڪندڙ البيلو فنڪار هو. جنهن کي قومي گلوڪار ۽ رومانوي شاعريءَ جي چونڊجي حيثيت سان تمام وڏي پزيرائي۽ اعلي ترين شهرت ملي. سندس ڳايل گيت سنڌي موسيقيءَ جو انمول سرمايو ۽ بي بها خزانو آهن.
سرمد سنڌيءَ جيڪا هر طبقي ۽ عام ماڻهوءَ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ته هن پنهنجي گيتن ۾ سنڌي سماج جي ان طبقي جو سڀ کان وڌيڪ ذڪر ڪيو جنهن کي عوام چئجي ٿو. هن پنهنجي گيتن ۾ خاص  کي گهٽ پر عام ماڻهوءَ کي تمام وڏي اهميت ڏني ۽ هو عام ماڻهوءَ جي داخلي جذبن ، احساسن ۽ نظرين کان ڀلي ڀت واقفڪار هو. هن کي خبر هئي ته سنڌي سماج ۾ هيٺيون طبقو احساس محروميءَ جو شڪار آهي. سرمد سنڌيءَ کي پنهنجي ”ماتر ڀومي“ سنڌ ڌرتيءَ ۽ ان جي جهر جهنگ، ڪک پن، وڻ ٽڻ، پکي پسون، جبل ريگستان، سمنڊ درياهه ڍنڍن ڍورن سنڌ جي لاڙ، ڪاڇي، اتر، وچولي، ڪوهستان، لاهوت، هنگلاج مطلب ته سنڌ جي انچ انچ سان بي لوث محبت هئي ۽ ان جو اظهار پنهنجي گيتن ۽ مٺڙي آواز ۾ اهڙو ته ڪيو جو سنڌ جي جهر جهنگ ۾ گونجڻ لڳو ۽ سنڌ پنهنجي پٽ تي ناز ڪرڻ لڳي. سرمد سنڌ سان عشق جي ناتي هن گيت کي ڪيڏي نه گهرائي ۾ ڳايو آهي.
سنڌ اوچي آ، سنڌ اوچي آ،
هن سورج چنڊ ستارن کان، هر ڪرسي قلم ڪتابن کان،
هر جاني جان ۽ يارن کان، ها ٻني، وني ۽ ٻارن کان،
سنڌ اوچي آ، سنڌ اوچي آ.
پنهنجي گيتن ۾ ماروئڙن کي ڳايو ” ماروئڙا جهانگيڙا دلدار به منهنجا ڪردار به منهنجي گيتن جا“ سرمد سنڌي راڳ کي هڪ پيغام جي صورت ۾ سنڌ واسين تائين پهچايو ۽ قومي بيداري پيدا ڪئي۽ سماج جي ناسور ڪردارن خلاف آواز اٿارڻ تائين ڪئين سنيها ڏنا. سرمد هڪ ذميوار ۽ محب وطن هجڻ سان گڏوگڏ هڪ مڪمل انسان ۽ هڪ اعلى شخصيت جو پڻ مالڪ هو. اهو اڀاڳو ۲۷ ڊسمبر جو ڏينهن جنهن هميشه جي لاءِ اسان کان سرمد سنڌي کسي ورتو ۽ اها خبر سڄي سنڌ ۾ باهه جئيان پکڙجي وئي جنهن سان سموريءَ سنڌ پنهنجي دل کي جهٽڪو ايندي محسوس ڪيو ۽ مڪمل طور تي سوڳ جي لهر سموري سنڌ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ڀاءُ سرمد جيڪو تاريخ جو اهڙو ڪردار آهي جيڪو هن وقت اسان سان گڏ ڀلي نه به آهي پر سنڌ جي وستي واهڻ، ڪنڊ ڪڙڇ ۽ هر ننڍي وڏي جي دلين ۾ هن جي مٺڙي آواز وارا گيت گونجندا رهن ٿا ۽ سرمد سنڌي تاحيات ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهڻو آ.
جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين
گھڻن کي اسان به روئاري وينداسين.



سرمد سنڌي
رحمان مغل - معصوم ڇوڪرو
نورالهديٰ شاهه
سرمد سنڌي/ رحمان مغل- نالو ٻڌو هئم، ذڪر ٻڌو هئم، واهه واهه ٻڌي هئم پر نه ته ڏٺوهومانس نه ئي آواز ٻڌوهومانس. بس، ائين ئي سوچيو هئم ته آهي ڪو ڇوڪرو، نوان گيت ڳائيندو آهي- ماڻهو سندس آواز تي ڪنڌ ڌوڻيندا آهن ۽ رقص ڪندا آهن. پهريون ڀيرو کيس فٽاز هوٽل جي اسٽيج تي زرينه بلوچ سان ملهايل شام ۾ ڏٺم –  جڏهن عورتن ۽ ڇوڪرين مان ڀريل هال ۾ ”وي وانٽ سرمد سنڌي وي وانٽ سرمد سنڌي“ جو پڙاڏو ٿي گونجيو ۽ جيجي زرينه چُپ چاپ اسٽيج تان اُٿي وئي هئي ۽ مون پنهنجيءَ دل ۾ ڏاڍو افسوس محسوس ڪيو هو. تاڙين جي گونج ۾ هو آيو. اسٽيج کي اپسرائون گهيريو ويٺيون هيون ۽ هُنَ جي نهارَ اُنهن جي مٿان مٿان کان لنگهي هال جي ڪنهن آخري ڪنڊ ۾ وڃائجيو ٿي وئي.
هي آهي سرمد سنڌي!- حيرت آهي، اپسرائن ڏانهن نهاري به نٿو! اپسرائن رڙيون ٿي ڪيون: ”اڙي چنڊ! اڙي چنڊ!.“
هن ”اڙي چنڊ“ ڳائڻ شروع ڪيو- آئون حيرت مان ڏسندي رهيس ته هر ”تُون“ تي هن آڱر ڇت يا ڀت ڏانهن ٿي کنئي ۽ اپسرائون اُن آڱر جي تمنا ۾ هوش وڃايو ٿي ويٺيون پر نه هن آڱر کنئي نه نيڻ نهار.
ٻئي ڏينهن جمعي جو سوير منهنجي گهر پهچي ويو. ڊرائينگ روم ۾ ملڻ وئيمانس. گهٻرايل، پريشان، هٻڪندي هٻڪندي چيائين؛ ”توهان سان ملڻ جو شوق هئم، ملڻ آيو آهيان معافي به گهرڻي اٿم ته رات اوهان کي سلام ڪري نه سگهيس.“
هو پنهنجي ذات ۽ شهرت کان مڪمل نفي ڪيو بيٺو هو. ڄڻ هو هڪڙو مداح آهي.
پڇيئين؛ ”توهان منهنجا ڪيسٽ ٻڌا آهن!؟“
چيم ”نه“-
”اڇا!!؟“ هو پهرين حيران پوءِ مايوس ٿي ويو. چيائين؛ ”مون توهان جا ڪتاب پڙهيا آهن- توهان منهنجا.... منهنجي لاءِ.... تمام وڏا..... عظيم..... وغيره وغيره“
ظاهر آهي ته هن جي نفي ڪيل وجود اڳيان آئون اڃان به قداور ٿي بيهي رهيس ۽ ان ڪري هن جا لفظ به هر هر کُٽي ٿي پيا. هر هر خاموش ٿي وڃي وچَ ۾.
اوچتو ٻارن وانگر معصوميت مان چيائين؛ ”مون سان گڏ هڪڙو فوٽو گرافر به آهي. اجازت هجي ته اندر سڏيانس- آئون دراصل توهان سان فوٽو ڪڍرائڻ ٿو چاهيان- توهان مون سان فوٽو ڪڍرائندا؟“
”ضرور“. مون ڄڻ مٿس احساس ڪيو.
فوٽو گرافر آيو. هن جي ٻاراڻي ۽ معصوم Excitement ڏسڻ جهڙي هئي. فوٽوگرافر کي چوي؛ ”يار هيئن فوٽو ڪڍ، هُونئن ڪڍ، بيهه ته وار ٺيڪ ڪريان بيهه ته هتان بيهان.“
هڪڙي ننڍڙي ٻار وانگر هن مون کان آٽوگراف ورتو. چيائين؛ ”اوهان جي ڪنهن ٻار جي برٿ ڊي ٿئي ته مون کي ضرور سڏجو....“
”ڀلا..... هي فوٽو آئون ڇپرائي سگهان ٿو؟...... آئون پنهنجي ڪيسٽ موڪليندس. ضرور ٻڌجو! هي منهنجو ڪارڊ ڪڏهن خيال اچي ته فون ڪري ڇڏجو!“ هٿ ٻڌي خدا حافظ ڪيائين ۽ ٻاهر نڪري ويو.
مون سندس ويندي ئي ڪارڊ ڦاڙي ڇڏيو. نه ڪڏهن هن فون ڪئي نه مون. پر مون آهستي آهستي کيس ٻڌڻ شروع ڪيو ۽ ويس مسحور ٿيندي. هن جو آواز ويو منهنجي ذوق کي قبضو ڪندو. منهنجو ذوق جنهن کي مخصوص ڳائڻن معذور ڪري ڇڏيو هو. بس دل چاهيندي هئي ته سرمد سنڌي کي ٻڌان ۽ چوريءَ ٻڌندي هيس. ڀلا مون جهڙو باذوق اهو کليو کلايو ڪيئن هن ڇوڪري کي ٻُڌي!! ۽ جيڪو ڪم چوريءَ ڪبو آهي اُن ۾ پاڻ نفاست اچي ويندي آهي. جيئن جيئن کيس ٻڌندي هيس، مون کي اُها معصوم ملاقات ياد ايندي هئي ۽ دل چاهيندي هئي ته هاڻي هو ٻيهر ملڻ اچي. هڪڙو فوٽو مون وٽ به هجي! هاڻي ڪو کيس ڪافي دير ويهاريان روبرو ٻڌانس ۽ ٻڌايانس ته مون کي رڳو تنهنجو آواز نه پر تون به وڻين ٿو. پر هو مون کان به حساس نڪتو. خبر اٿو، ڇا ڪيائين!؟ اُن کان پوءِ ڪيئي ڀيرا ملياسين. هو اسٽيج تي ايندو هو ۽ آئون اڳين ڪنهن قطار ۾ ويٺل هوندي هيس. مون تي نظر پوندي هئس. بس هڪڙي خاموش نهار، هڪڙي اڻپوري مُرڪَ. هر ڀيري دل چاهيندي هئي اُٿي وڃي ملانس. سوچيندي هيس ”ڇڏ- نورالهديٰ شاهه- اڄ نه- هاڻي ڀريل هال مان اُٿي وڃي ڪير ٿو ملي!!“ ۽ ائين هڪڙي ڏينهن اخبار ۾ پڙهيم.
نه اُها خاموش نهار- نه اُها اڻپوري مُرڪ.
هاڻي آواز به ڪونهَ ٻڌندي آهيانس. پر رستن تان لنگهندي هُنَ جو آواز پري پري کان ٻڌڻ ۾ پيو ايندو آهي، ڄڻ بادلن تان پيو ڳائي، ڄڻ هوا ۾ پيو گهلي. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن دل مان هڪڙي لهر اُٿندي آهي. ڪڏهن (جي زندگي آهي ته) اُن معصوم ڇوڪري جي قبر تي هڪڙو گلاب رکي اچان، جيڪو مون سان اُن فوٽوءَ ۾ باقي رهجي ويو آهي.
پر سڀ اجايو آهي. ڪيئن هن کي خبر پوندي ته نورالديٰ شاهه ان جي مداح بڻجي چڪي آهي (هن جي جيئري ئي). پر صد افسوس ان مداح جي حصي ۾ نه فوٽو آيو نه آٽوگراف.



سرمد سنڌي
سنڌ جو ٻيجل - تنهنجي ياد جي وري آ وير
ايس آر ميراڻي
سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي شهر پريالوءِ ۾، حيات علي مغل جي گھر ۾ ۷ جولاءِ ۱۹۶۱ع تي جنم وٺندڙ، ان شخصيت جنهن جي ڇٺي جو نالو تجويز ڪندڙ به پنهنجي پائي جو اعلٰي بزرگ هاليجوي صاحب هيو جنهن ان ننڍڙي ٻار جي ڄمڻ وقت ئي اهو اندازو لڳائي ورتو هيو ته هي ڇوڪر زندگي جي هر امتحان ۾ پنهنجي سچائي ۽ محنت سان ڪامياب ٿيندو. عبدالرحمان مغل جي نالي سان هن دنيا ۾ پير پائيندڙ ان ڇوڪر کي ننڍي هوندي کان ئي چنگ وڄائڻ جو شوق هوندو هيو. ڀلا ڪنهن کي خبر هئي ته اهو شوق هن کي ڌرتي جي عشق ۾ فن جي دنيا ۾ وٺي ويندو ۽ اڳتي هلي سرمد سنڌي جي نالي سان سڃاتو ويندو.
سرمد سنڌ جو اهو ته لاڏلو ۽ اربيلو گلوڪار هيو جنهن کي هر طبقي هر عمر ۾ جيڪا مقبوليت ملي اها شايد ئي ڪنهن فنڪار جي نصيب ۾ آئي هجي. سنڌ اندر ۱۹۸۶ع کان وٺي ۱۹۹۴ع تائين هڪ اهڙو دور هيو جنهن دور ۾ نوجوانن کي شعور سجاڳ ڪرڻ تمام ضروري هيو. اهو ڪارنامو سنڌ جي هن ٻيجل پنهنجي آواز ذريعي سرانجام ڏنو. شايد اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي هن محبوب گلوڪار جي وڇوڙي کي سال گذري چڪا آهن پر اڄ به لکين ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي. سنڌ جي مهان شاعرن شاهه عبداللطيف، سچل، سرمست، شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، انور پيرزادي، حليم باغي ۽ زخمي چانڊيو سميت ڪيترن ئي نامور شاعرن جي شاعري کي پنهنجي آواز ذريعي جهنگ جهر ۾ پهچايو. اهو ئي سبب آهي ته سندس ڳايل ڪلامن مان ڪيترا ئي ڪلام، سنڌي موسيقي جو انمول سرمايو ۽ بي بها خزانو آهن.
تعليمي دنيا ۾ ڊپلوما سول انجنيئرنگ ۽ بي ٽيڪ ڪندڙ، هن نوجوان فن جي دنيا ۾ نامور نالن استاد سليمان ٻرڙو، قائم الدين کورکاڻي، استاد مجيد خان، شاهد بزمي کان سکيا ورتي. ”رات آئي وئي تهنجي ياد جي وري آ وير“ جهڙن گانن سان پهريون دفعو ٽي وي تي آيو. سرمد راڳ کي هڪ پيغام جي صورت ۾، سنڌ جي ماڻهن تائين پهچايو. جنهن ۾ وطن جي غدارن سان مهاڏو اٽڪائڻ کان ويندي سماج جي ناسور ڪردارن خلاف آواز اٿارڻ تائين ڪيئي سنيها هئا. سرمد هڪ ذميوار ۽ محب وطن سان گڏ هڪ هڏ ڏوکي ماڻهو به هيو جنهن هر ماڻهو جي اهنج ۽ ايذاءَ کي پنهجو درد سمجهو.
پنهنجي آواز ذريعي اڄ به سرمد جا ڳايل ڪلام ٿيندڙ ڏاڍ ظلم لاءِ گونججن ٿا:
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان
جنهن رات ۾ تو ٿي بيت چيا
سا رات اڃان ڀي جاري آ
۽ سج ڏنگايون ڪو نه ڇڏيون
هي پنڌ پري جو واري آ
مان ڪنهن سان پنهجا سور سليان
اي چنڊ ڀٽائي کي چئجان
ڊسمبر ۱۹۹۶ع جمع جي ڏينهن، سرمد اسان کان جسماني طور هميشه لاءَ وڇڙي ويو. پر سرمد سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ اڄ پهنجي آواز جي ذريعي امر بڻيل آهي. سنڌ جي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم خلاف بيچين رهندڙ هن گلوڪار پنهنجي آخري محفل ۾ به وقت جي بي رحم قوتن ۽ جابرن کي به ”او قاتل بدلو وٺنداسين هر خون جي قطري قطري جو“ چئي للڪاريو.



سرمد سنڌي
عبدالرحمان مغل ولد حيات علي مغل اسٽيج جي دنيا ۾ سرمد سنڌي سڏرائيندو هو.
پاڻ ۷ جولاءِ ۱۹۶۱ع ۾ پريالوءِ ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول پريالوءِ ۽ ميٽرڪ هاءِاسڪول پريالوءِ ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي جتان ڊپلوما انجنيئرنگ سول ٽيڪنالاجي ۾ پاس ڪيائين. هوءَ پيشي جي لحاظ کان سول انجنيئر هو.
هن سڀ کان پهرين راڳ جي تربيت راڳي لالا عزيز کان حاصل ڪئي.
ٽيليويزن ۾ سڀ کان پهرين هن نعت ڳائي. جيڪا پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي رڪارڊ ڪئي.
ان کانپوءِ راڳ جي حوالي سان پروڊيوسر سميع بلوچ سندس تمام گھڻي مدد ڪئي. هو هن کي هارون رند صاحب وٽ وٺي آيو. سڀ کان پهرين هڪ لولي ٻيو شيخ اياز جو ڪلام ”رات آئي وئي“ ۽ ٽيون ڪلام سميع بلوچ جو ”تنهنجي ياد جي وري آ وير“ شامل آهن.
هونءَ ته سندس سڀ ڪلام مشهور ٿيا پر انهن ۾ تنهنجي ياد جي وري آ وير تمام گھڻو مشهور ٿيو.
سرمد تمام ٿوري عرصي ۾ گھڻي مقبوليت ماڻي.
سرمدَ، زاهد شيخ، استاد بخاري، عبدالغفار تبسم، شيخ اياز ۽ راشد مورائي کي گھڻو ڳايو. هن پنهنجي راڳ وسيلي سنڌ جي قومپرست سياست ۾ به نئون روح ڦوڪيو.
پاڻ مائٽن جي مرضي سان بختاور نالي عورت سان شادي ڪيائين. کيس زندگي ۾ هڪڙي نياڻِي ڄائي ۽ سندس وفات کان ٻه ٽي ڏينهن پوءِ پٽ ڄائو.
کيس زندگي ۾ ٻه وڏا روڊ حادثا پيش آيا. هڪڙو سکر ۽ خيرپور وچ ۾ جنهن سبب هوءَ معذور ٿي پيو. ۽ وهيل چيئر تي هلڻ لڳو.
هن کي ٻيو روڊ حادثو ۲۷ ڊسمبر ۱۹۹۶ع تي ان وقت پيش آيو. جڏهن هوءَ بدين کان ٺٽي رستي ڪراچي اچي رهيو هو. اهو حادثو اسانکان سرمد کسي ويو.
سندس ڪلامن کي گڏ ڪري ڪوثر ٻرڙوصاحب ڪتاب ” امر راڳي امر گيت سرمد سنڌي“ لکيو.
۽ سرمد جي وڇوڙي بعد سندس بابت لکيل مضمونن،تاثرن ، ۽ اخباري ادارين تي ٻڌل هڪ ڪتاب نالي ” سنڌ جو ٻيجل سرمد سنڌي “ ڇپرايو ويو.
سندس ڳايل ڪجھ مشهور ڪلام هيٺ ڏجن ٿا.
۱ تنهنجي ياد جي وري آ وير
۲ ڪنڊيءَ نه سڱري ٻٻر نه پلڙو
۳ دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا
۴ جلاوطن جلاوطن مان ڪيئين رهان جلاوطن
۵ گھاو مونکي لڳا ڏس اڪيلي گھڻا
۶ ڏکڙيا ڏينهڙا ڏوري وڃبا
۷ هونئن ته مٽي جي چپٽي آهيان جيئي ديس ته ڌرتي آهيان
۸ آئون ڪيئين سيج سمهان منهنجا ماروئڙا پڌري پٽ سمهن
۹ جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين
۱۰ ڪتيون ڪيئي ياد ۾ گذريون چڱو چيٽن ۾ ملنداسين
۽ ٻيا به ڪيترائي مشهور ڪلام ڳايا. سرمد هڪ اهڙو فنڪار هو جنهن کي هر طبقي جا ماڻهو ٻڌڻ پسند ڪندا آهن.
دعا آهي ته الله کيس جنت نصيب ڪري ۽ سندس مغفرت فرمائي. ”آمين“.



سرمد سنڌي
تون ته امر آن راڳيا!
ساگر سنديلو
ڊسمبر جو مهينو هميشه ئي اذيت ڏيندڙ مهينو ثابت ٿيندو رهيو آهي. هي اهڙو مهينو آهي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ادبي شخصيتون پنهنجي مداحن کان وڇڙيون. سنڌ کان ڪيتريون ئي املهه هستيون هن مهيني ۾ جدا ٿيون. ۲۶ ڊسمبر تي سائين جي ايم سيد جي نياڻي درشهوار سيد، ۲۶ ڊسمبر تي ئي اردو ادب جا وڏا نالا ڊاڪٽر شمس سومرو پروين شاڪر ۽ منير نيازي، ۲۷ ڊسمبر تي بينظير ڀٽو، ۲۸ ڊسمبر تي شيخ اياز راهه عدم تي روانا ٿيا. انهن سڀني هستين ۾ هڪ اهڙو نالو به شامل آهي  جنهن جي گيتن جي گونج سندس وڇوڙي جي ٻه ڏهاڪن کان پوءِ به سنڌ ۾ پوري شدت سان ٻڌي وڃي ٿي، اهو نالو آهي سرمد سنڌي جو جيڪو ۲۷ ڊسمبر تي سنڌ کان جسماني وڇوڙو ڪري جوڀن واري ڏينهن ۾ هڪ تازي گلاب جي بي وقتين هوائن هٿان پن جيان ڇڻي پيو. ان لاءِ ئي شايد لطيف چيو هيو؛
سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،
روئان، رهن نه سپرين، آيل ! ڪريان ڪيئن !
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري !
هاءِ اسڪول جو زمانو هيو. ڪتابن سان ويجهڙائي ته پرائمري واري دور کان هئي. هي اهو وقت هيو جڏهن سنڌي ادبي رسالا  توڙي ڪتاب پڙهڻ جو رجحان تمام گهڻو وڌيل هيو. ان دور ۾ هڪ طرف ته ڪتابن تائين وڌ کان وڌ پهچڻ جو جنون هيو ته ٻئي پاسي ڀارتي فلمي دنيا ۾ ڪمار سانو جو عروج هيو. ان جي گانن کي ٻڌڻ به هڪ عام وندر بڻيل هئي.. ان جي ڪري ڪتابن ۽ ڪمار سانو جي گيتن سان دل پئي وندرائبي هئي. سنڌي ڳائڻن سان پري پري تائين نه پوندي هئي، ۹۶ع، ۹۷، واري ڪنهن سال ۾ شاهه گودڙي تي وڃڻ ٿيو. شاهه گودڙيو ميهڙ لڳ سنڌ بلوچستان جابلو پٽي ۾ هڪ پير جو آستان آهي. جتي اڪثر ماڻهو سکائون کڻي ويندا آهن. پاڻ سفر جي شوق سبب اوڏانهن جو رخ ڪيوسين.
رات جو جڏهن چنڊ پنهنجي جوڀن سميت چانڊوڪي انهن پهاڙن تي ڦهلائي ته هڪ عجيب منظر پيدا ٿيو جنهن جي ڪشش بي پناهه هئي. هڪ انتهائي وڻندڙ رات، هلڪي هلڪي هوا سان گڏ چانڊوڪي وري پهاڙن جو ڊگهو سلسلو، ۽ انهن پهاڙن جي قدرتي بيهڪ هڪ نئون ڏيک پئي ڏنو. تنهن وقت پري ڪنهن ٽريڪٽر جي ٽيپ ۾ هڪ گيت پئي هليو
“اي چنڊ پرينءَ کان آءَ پڇي، ڪا تو کي ننڊ به ايندي آ،
جنهن ڏينهن رٺي هوءَ مونکان آ، تنهن ڏينهن کان دلڙي ماندي آ”
اهو آواز، اهو آلاپ، ايترو ته پر اثر هيو جو سڌو دل ۾ لهي ويو. دوست کان پڇيم ته هي ڪنهن جو آواز آهي. چيائين: سرمد سنڌيءَ جو جيتوڻيڪ ان کان اڳ ڪيترا ئي ڀيرا سرمد سنڌي جا قومي گيت مختلف تقريبن ۾ ٻڌاسين.سندس تعارف به برزباني ياد هيو. پر اڳ ۾ شوق ڪڏهن به نه رهيو هيو ته کيس ٻڌجي. پر شاهه گودڙيي جي پهاڙين ۾  چانڊوڪي رات ۾ اهو آلاپ جڏهن ڪنن تي پيو ۽ دل ۾ لهي ويو ته سرمد سنڌي کي ٻڌڻ جو شوق پيدا ٿيو. ڄڻ ته سرمد سان اها پهرين سڃاڻپ هئي.
سرمد سنڌي جي هر گيت جي شروعات هڪ رڙ سان ٿيندي هئي.هڪ اهڙي رڙ جيڪا هن ديس جي اندر جي دانهن هئي. اها رڙ در اصل هن ديس واسين کي جاڳائڻ لاءِ هوندي هئي جن کي بي فڪري جي ننڊ ڪندي صديون گذريون آهن، پر جاڳ اڃان به هنن کان ڪوهين ڏور آهي.
اهو عجب اتفاق هيو ته منهنجي سڀ کان ويجهي دوست وٽ سرمد جي مڪمل ڪليڪشن موجود هئي. جنهن بابت مان اڻڄاڻ هيس. هو سرمد جو پوري ڳوٺ ۾ اڪيلو مداح هيو.  جنهن وٽ پوري ڪليڪشن سانڍيل هئي. بس پوءِ هڪ هڪ ڪري سرمد سنڌي جا سمورا گيت ٻڌندو رهيس. سندس آلاپ جو مداح بڻجندو ويس.
قومي گيت جن ۾ شيخ اياز، حليم باغي، استاد بخاري ، زاهد شيخ جي شاعري هجي يا وري جمن دربدر جو وٺي هر هر جنم وربو ، مٺا مهراڻ ۾ ملبو  تائين وارا گيت هجن. ياوري  رومانس واري شاعري “سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون “ توڙي “چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ” واري سائين ارشد جي شاعري هجي. هر هڪ گيت دل ۾ لهندو ويو. سرمد جي شروعاتي آلاپ ، توڙي ڏوهيڙن سان ڪلام جي شروعات ڪرڻ واري انداز جيءِ ۾ جاءِ جوڙي ورتي.
پوءِ هڪ سلسلو شروع ٿيو کيس ٻڌڻ جو، جيڪو هينئر تائين جاري آهي.
سرمد هن ديس جي ڏکايل ڌرتيءَ جو آلاپ آهي. سندس آلاپ  ۾ هن ديس جو درد سمايل آهي. هڪ پاسي ته هو محڪوم ۽ مجبور ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪندي نظر ايندو آهي ته، ٻئي پاسي، هو دلين جي درد جو به ترجمان لڳندو آهي. سندس ڳايل گيت؛
اي قوم ٻڌايا ٿي قصا، ڪلهه مون توکي تقديرن جا،
رت ديس تنهنجي راهه ۾ ، جي ڦڙوڦڙو ٿي وهي وڃي،
ڪو انقلاب ساٿيو
توڙي
آئون ڪيئن سيج سمهان
واري گيت تائين هر هڪ گيت سنڌ جي اداس وادي جي  منظر ڪشي ڪندڙ آهي. جنهن ۾ هن ديس جو سمروو درد اوتيل آهي. انهن گيتن جي شروعاتي آلاپ واري هر رڙ در اصل هن ديس جي رڙ آهي. اها دانهن هن ديس جي دانهن آهي. انهن گيتن جو درد هن ديس جو درد آهي. انهن گيتن جي پيڙا ، هتان جي هر محڪوم ۽ مجبور دل جي پيڙا آهي.
نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي، سڏڪن ۾ ته ساريو هوندئي،
مون کي نه وساريو هوندئي
يا وري استاد بخاري جي شاعري
جي هي دلبو هو، جي هي دوکو هو، اعتبار مون کي ڇو ڏنئي
ايڏو پيار مون کي ، ڇو ڏنئي !
اهڙا سمورا گيت ٽٽل دل وارن عاشقن جي اداسين وارين گهڙين جا ساٿي آهن. اهي گيت در اصل انهن ٽٽل دلين واسطي مرهم وانگر آهن. اهي انهن دلين جي ڦٽن تي اهڙا پها آهن جيڪي وقتي طور تي انهن زخمن جي درد کي سڪون ميسر ڪن ٿا. جيڪي يادن جي رڻ ۾ رلائيندي به انسان کي آٿت فراهم ڪن ٿا.
انهن سڀني کان هٽي ڪري سماج اندر عورتن سان ٿيندڙ ويڌن کي به سرمد پنهنجي گيتن ۾ شامل ڪيو آهي.
هوءِ نچڻي نچڻي ڇو آهي !! يا وري
اکين کي جهيلو مون، مڙيون ڪين آخر، ڀري راڄ ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳيون هن،
تنهنجي ڪاڄ ڪامين، پڇيو ڳالهه ڇا هي، نٽائي چيم پريشانيون وڌيون هن،
يا وري
هوءَ ڪاري هئي ، پر بي ڏوهي ويچاري هئي
سرمد جو ڳاتل هر هڪ گيت سنڌي سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ وارداتن جو ڪچو چٺو کوليندڙ آهي . هر هڪ گيت  ۾ سنڌي جي مظلوم عورت جي دانهن  ۽ درد سمايل آهي.
توڙي جو سرمد سنڌي جي حياتي جو سفر پورو ٿئي ٻه ڏهاڪا گذري ويا آهن پر سندس آلاپ ۽ سندس آواز جو سفر هميشه جاري رهڻو آهي، سندس آلاپ ۽ سندس آواز کي ڪا به فنا ناهي. ڇو ته اهو ٽٽل دلين جو آواز آهي، اهو لٽيل ديس جو آواز آهي ۽ اهو ڀوڳنائن جي  شڪار عورتن جو آواز آهي. سندس آواز امرتا جي اهڙي مقام تي پهچي چڪو آهي جتي فنا جو ڪو وجود ناهي.
هر دور ۾ جڏهن به ذڪر ديس جي دردن جو ٿيندو، جڏهن به ڳالهه ٽٽل دلين جي ٿيندي ۽ جڏهن به بحث مظلوم عورتن جو ٿيندو، سرمد جو آلاپ ۽ آواز ويتر سگهارو ٿيندو ۽ سڀني کي ياد ايندو.
هونئن ته مٽيءَ جي چپٽي آهيان، جيئي ديس ته ڌرتي آهيان
سانگين سان گڏ سالگرهه ۾ ، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان.


سرمد سنڌي
ٻيجل جي تند جو رکوال راڳي
ڪوثر سنڌي
اڄ وري منھنجو قلم ھڪ اھڙي مھان ۽ بھادر ڪردار تي لکي رھيو آھي،جيڪو ڪنھن لفظن جو محتاج ته ناھي، نه ئي اعلي ۽ خودار ڪردار ڪنھن انعام يا لفظن جا محتاج  ٿيندا آھن. منھنجي قلم ۾ ايتري قوت ۽ سگھه ناھي، جو مان اھڙي دلير ڪردار کي صحيح لفظن ۾ ڀيٽا ڏئي سگھان، ھي ڌرتي امر آھي، ھن کي جنھن ب سيني سان لڳايو آھي، ڌرتي ان کي صدين لاءِ امر بڻايو آھي، بقول سرمد جي ته؛ ”مون ڌرتي تنھنجا گيت ڳاتا، تڏھن مون سان اڄ شام ملھائي وئي، ھي شام نه ھئي سمجھاڻي ھئي جا سمجھائي وئي.“
ڪنھن عظيم ڪردار تي لکڻ ڪيترو ڪٺن ڪم ٿيندو آھي، ان کي فقط ھڪ قلم ڪار ئي محسوس ڪري سگھي ٿو، ڇو ته جيڪڏھن ان عظيم ڪردار کي ڪو قلم ڪار صحيح لفظن ۾ پوئي نٿو سگھي، ته اھو قلم ڪار پوءِ  ان ڪردار آڏو ھميشه شرم سار رھجي ٿو وڃي! سرمد سنڌي يقينن ھي نالو ڪنھن تعريف جو محتاج ناھي، پر ھن نالي سان سلهاڙيل ڪردار جي زندگيءَ بابت ان جو اڀياس ورجائڻ اسان لاءِ ۽ اسان جي ننڍي نسل لاءِ انتھائي ضروري آھي. ڇو نه پوءِ انھيءَ بھادر ڪردار جي زندگي جو پھرين اڀياس ڪجي،!
سرمد سنڌي جي زندگي جو سفر ڪئين گذريو؟ اچو ته اڳتي پڙھون! سرمد سنڌي جنھن جو اصل نالو عبدالرحمان مغل، ولد حيات علي مغل. سرمد جي جاءِ پيدائش پريالوءِ ضعلو خيرپور ميرس. ڄمڻ جي تاريخ اصل ست مئي ۱۹۵۸ع ۽ سرٽيفيڪٽ تي لکيل ڄمڻ جي تاريخ ست جولاءِ ۱۹۶۱ع. سرمد جو نالو اصل نالو عبدالرحمان مغل، تجويز ڪندڙ ھاليجوي بزرگ، ۽ وري سرمد نالو تجويز ڪندڙ، سيد غلام مرتضيٰ شاھ، عرف جي ايم سيد، سرمد جو ننڍ پڻ ۾ سڀ کان وڌ شوق؟ چنگ وڄائڻ، سرمد پنھنجي جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنھنجي اباڻي شھر پريالو مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ هن وڌيڪ تعليم لاء يعني ڊپلوما سول انجنئرينگ جي داخلا گورنرمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خير پور ميرس ۾ ورتي ۽ اتان ۱۹۷۹۽۸۰ ڌاري حاصل ڪئي.
سرمد پنھنجي فن جي سکيا استاد سليمان ٻرڙو، قائم الدين کورکاڻي، استاد مجيد خان، ۽ شاھد بزميءَ کان ورتي، سرمد ريڊيو ٽي وي تي پنھنجي فن جو آغاز ۱۹۸۵ع کان ڪيو، سرمد سنڌي، ٽي وي تي سڀ کان پھرين گيت او بگا لولي، رات آئي وئي، تنھنجي ياد جي وري آوير رڪاڊ ڪرايا،
سرمد سنڌي اھڙو انقلابي راڳي ھو، جنھن پنھنجي قوم ۾ قومي بيداري پيدا ڪئي. سرمد پنھنجي ڪوئل جھڙي مٺڙي آواز سان لکين مداحن جي دلين تي راڄ ڪيو. هن پنھنجي سنگيت وسيلي پنھنجي  سنڌي قوم جي ۽ سنڌ جي ڏکن جي ترجماني ڪئي.
سرمد سنڌي سنگيت جي دنيا ۾ چوڏھين جي چنڊ جيان چمڪي ڏيکاريو، ۽ اھا چمڪ صديون ھن ڌرتيءَ تي پنھنجي چمڪ جا ڪرڻا چٽيندي رھندي، ھزارين راڳي ھن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيندا رھيا، جن پنھنجي فن وسيلي پنھنجون خدمتون ارپيون، پر سرمد پنھنجي فن پارن کي اھڙي ريت ھن ڌرتيءَ کي بيان ڪيو ، شايد ئي اڳ ڪو راڳي پيش ڪري سگھيو ھجي.
سرمد جي آواز کي بچپن کان ئي ڪا امڙ جي لولي ڏنل ھئي، جنھن سنگيت جي دنيا ۾ اعلي مقام تي آڻي پھچايو.
سندس ڳائل گيت “گھور وڃي تو تان ماءُ” اڄ به سرمد جي لکين مداحن کي موھي وجھي ٿو. چيو ويندو آھي ته ڪلا سورج اڀاري ٿي. اھو چوڻ ۾ ڪو واڌارو نه ٿيندو ته سرمد انقلابي سنگيت کي سج جيان اُڀاري ڏيکاريو. سرمد پنھنجي انقلابي سنگيت ۽ ڏکويل ڌرتيءَ جي ماروئڙن کي وڌ کان وڌ ٽائيم ڏنو، هن پنھنجي ڌرتي ماءُ جي سرويچ پٽن کي به نه وساريو، هن جي فن پارن ۾ سيد جا لاڏا جمالا به تعريف جوڳا آھن.
سرمد جو راڳ ته پنھنجو مٽ پاڻ آھي، پر سرمد جون سنڌي ماڻھن سان مالي مددون به ان جي ڪردار جو ڏس ڏين ٿيو ته ھو ماڻھو ڪو مور ھو.
سرمد جي ننڍڙي ٻارن کان ويندي پيرسن ماڻھن سان ايتري ته محبت ھئي. جنھن جا مثال اڄ به سنڌ جي جھر جهنگ وستي وستي واھڻ واھڻ ۾ ملي سگھن ٿا.
اڄ اھو اڀاڳو ڏينھن پنھنجو ڪر کڻندو جنھن اسان کان اھڙو دودو ڪردار کسيو ھو، ھونئن به ھي ڊسمبر جڏھن بج وريو آھي اسان کي فقط هن لڙڪ ئي جھولي ۾ وڌا آھن، جن لڙڪن کي وھائيندي اکين ۾ گھارا پئجي ويا آھن، پر ھي ڊسمبر پنھنجي ڪرت کان باز نه آيو آھي، سرمد ھڪ وڏي شخصيت آھي، جنھن کي آئون ناچيز معمولي ليکڪ ڪھڙي ڀيٽا ڏئي سگھندس منھنجي قلم ۾ اھا ڀيٽا واري سگهه نه آھي. ھڪ ياد آھي جنھن کي آئون ساھ جي آخري گھڙي تائين وساري نه سگھندس، منھنجا ڀاءُ! سرمد ڌڻي در دعا آھي ته ڌڻي توھان کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري. موت فطري عمل آھي. جسمن جا وڇوڙا ٿيڻا آھن. جنھن کان انڪاري ناھيون. بس اھو اڀاڳو ڏينھن ورڻو هئو، جيڪو وري لکين مداحن ۽ پرستارن کي کائڻ  آيو، آخر ۾ بس ايترو لکندس ڀاءُ؛
ڇا قوم تي لکان مان ڇا حسن تي لکان مان،
افسوس زندگي ھڪ پورو نٿو پوان مان.



سرمد سنڌي
تُنهنجي ياد جي وري آ وِير
علي نواز آريسر
هُو جڏهن پنهنجي ڪويل جي ڪُوڪ جهڙي صدا بُلند ڪندو هو ته ڪيترين ئي دلين ۾ گِهنڊ وڄڻ لڳندا هُئا، هُو جڏهن “تُنهنجي ياد جي وري آ وِير” ڳائيندو هو ته، دلين جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هُئي ۽ ٻُڌندڙن جي هينئين تي ڪيئي يادگيريون هُري اينديون هُيون، ذهن ۾ ڪيترين محبوب ملاقاتن جو تصور اُڀري ايندو هو ته اکين جا ڇمر آلا ٿي پوندا هُئا. هُن جڏهن به ڳايو، جتي به ڳايو، دل سان ڳايو، هُن جو هِن مٽيءَ سان والهانو عشق هو ۽ ان مٽيءَ جي عشق جي تسڪين لاءِ هُو هر محفل ۾ پُڄي ويندو هو، سڄي سڄي رات بنا ڪنهن لالچ جي ڳائيندو هو ۽ نوجوانن جون دليون گرمائيندو هو، جيڪي نوجوان محبوبائن کان رُسي ايندا هُئا، اُهي سرمد جي محفلن جو رُخ ڪندا هُئا، اُتي سُوم رس کان به وڌيڪ مدهوش ڪندڙ سرمد جا آلاپ سندن لاءِ آٿت بڻبا هُئا، هُو انهن انقلابين لاءِ به ڳائيندو هو، جيڪي يا ته جيل جي چوديوارين جي پٺيان قيد هوندا هئا، يا وري ٽارچر سيلن جا عذاب ڀوڳي موٽي ايندا هُئا، هُو انهن لاءِ به ڳائيندو هو، جيڪي هن ديس ۾ ننڌڻڪن جيان پلبا هُئا، هو انهن جو به آلاپ بنجڻ لاءِ آتو هوندو هو، جيڪي بنا اوڇڻ جي سياري جون راتيون ڪاٽيندا هُئا، هو انهن کي به ڏڍ ڏيڻ لاءِ ڳائيندو هو، جيڪي چئن سالن کانپوءِ ڊگريون وٺي پنهنجي محبوبن کان وڇڙي گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ لُڙڪن سان پنهنجو پاند آلو ڪنديون هُيون. هن وٽ ڌنارن پنهوارن لاءِ الڳ آلاپ هُئا ته ڪينجهر ڪنڌيءَ تي ٻيڙي هلائيندڙ ٻيڙياتي لاءِ الڳ آلاپ هُئا. سرمد هر انهيءَ ماڻهوءَ جي لاءِ ڳايو، جيڪو ڏُکايل هو، ڪڏهن ڪڏهن هو رات جي پوئين پهر سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل تي پُڄي ويندو هو ۽ پوري رات سنڌ جي نئين نسل سان ڪچهريون ڪندو، انهن کي رومانوي ۽ انقلابي گيت ٻڌائيندو ۽ پرهه ڦُٽيءَ کان اڳ ۾ اُتان نڪري ويندو هو، هُو ڄاڻندو هو ته سنڌ يونيورسٽي، عاشقن جي آماجگاهه آهي، جتي روز جو ڪيتريون ئي دليون ٽُٽنديون آهن ۽ ڪيئي نينهن پلبا آهن. هُن ڪڏهن به انعام ڏيندڙ هٿن ڏانهن نگاهه کڻي به نه ڏٺو هوندو، پر هُو داد ڏيندڙ اکين مان وهندڙ لُڙڪن جو قدر ڪرڻ ڄاڻندو هو. سرمد سنڌ جو اڀيچند هو، هُن جا ڪيئي عاشق هُئا، هو هڪ ئي وقت لکين دلين ۾ ڌڙڪندو هو.
آئون جڏهن اڃا ٻاروتڻ جي عمر ۾ هئس ۽ مون ۾ اڃا شعوري پُختگي به ڪونه هُئي، ان وقت به سرمد منهنجو محبوب راڳي هو، هُو جڏهن:
“چيٽ ۾ چئي ويو ايندس مان،
پر ڪَتي به گُذري وئي.”
ڳائيندو هو، ته منهنجي اندر ۾ ڇِپ هڻي ويٺل عشق پروان چڙهڻ شروع ڪندو هو، ۽ پوءِ جڏهن هُن هيءُ ڪلام:
“جڏهن هن دنيا مان گذاري ويندا سين،
گهڻن کي اسان ڀي روئاري وينداسين.”
ڳايو هو ته، آئون سڄو ڀُري ڀور ڀور ٿي ويو هُئس، الائي ڇو مون کي اندر ۾ خوف کائڻ لڳو هو، پوءِ جلد ئي هُن سان حادثا ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا، هن جو پهريون حادثو اپريل ۱۹۹۳ع ۾ سکر ويجهو ٿيو هو، جنهن ۾ کيس هڪ ٽنگ ۾ ڌڪ لڳو هو، تڏهن به هُو وهيل چيئر تي هلي به ڳائيندو هو، سنڌ جي عشق کيس بنا آلاپ جي ويهڻ ئي ڪونه ٿي ڏنو، هُو وري چڱو ڀلو ٿي محفلن جو حصو بڻجڻ لڳو، سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس صدائن سان گُونجڻ لڳي هُئي، پر ٽن سالن کانپوءِ ۲۷ ڊسمبر ۱۹۹۶ع ۾ سندس حصي ۾ ٻيو حادثو آيو، جنهن سنڌ کان سنڌ جو آواز کسيو هو.
سرمد سان پيش ايندڙ اهي حادثا ڪي اتفاقي ڪونه هئا، پر شعوري هُئا، ان متعلق نواز خان زئور پنهنجي ڪتاب “ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي” ۾تفصيلي لکي چُڪو آهي. سرمد سنڌيءَ کي ڀيٽا ڪندي ڪوثر ٻُرڙي لکيو آهي ته:
“هو، جنهن جو ڄمڻ وقت روئڻ جو آواز ته سکر جي هڪ ٽرسٽ جي اسپتال ۾ ئي گونجيو هو، پر سندس سُريلن سُرن ۽ آلاپن جي گونج نه رُڳو سنڌ اندر، پر پرڏيهه ۾ به گونجي ۽ جڏهن فوت ٿيو ته سنڌ جي هر اک آلي ٿي ۽ ڪيترن ئي گهرن ۾ غم جو تڏو وڇايو ويو. ڪيترن ئي الهڙ جوان نارين ڪيترن ويلن تائين ماني کائڻ ڇڏي ڏني . ائين لڳو پئي ڄڻ هو ڪو “پريالوءِ” جو شهزادو نه پر هر غمزده گهر جو ڀاتي هجي.”
سرمد هڪ راڳي جي حيثيت ۾ ته پاڻ مڃايو هو، پر هُو شخصي طور به انتهائي وڏو ماڻهو هو، هن وٽ دوستن جو به وڏو هُجوم هو، پريالي ۾ هن جي اوطاق سدائين وسندڙ هوندي هُئي، وٽس جيڪي به دوست رات ٽِڪندا هئا ته صبح جو انهن لاءِ ناشتو نج ڳوٺاڻو هوندو هو، جنهن ۾ ماکي، مکڻ، ساڳ ۽ لسي ضرور هوندا هُئا.
سرمد کي سنڌ جو ٻيجل سڏيو ويندو هو، هُو قومي تحريڪن جو رُوح روان هو، هن جي وڃڻ کانپوءِ سنڌ جون اُهي صدائون ئي بند ٿي ويون آهن جن صدائن تي ڏياچ ڪُسڻ لاءِ آتا هوندا هُئا، هاڻي ته نه اُهي ڳچيون بچيون آهن ۽ نه اُهي سُرندي جا ساز بچيا آهن. سندس وڇوڙي کي جيتوڻيڪ ۲۳ سال گذري چُڪا آهن، پر هو اڄ به سنڌ کان وسري ناهي سگهيو.


سرمد سنڌي
سنڌ جو ٻيجل
حفيظ چانڊيو
هر هڪ انسان کي پنهنجي حقيقي مالڪ ڏانهن ورڻو آهي، فنا جو ضد ۽ منزل بقا ئي آهي، متضاد هجڻ باوجود ٻنهي لفظن جو پاڻ ۾ هڪ گهرو ڳانڊاپو پڻ آهي، جيتوڻيڪ بقا کي ڪا فنا ئي ناهين، سرمد سنڌي سنڌ جو هڪ نمائندا راڳي هو، جنهن سنڌ جي مسڪين مارن جو ڪيس ڏاڍي ايمانداريءَ سان ڳائي هڪ فرض شناس ۽ هڪ حلالي پٽ جو فرض ادا ڪندي منزلن جي آرزوءَ ۾ جستجو ۾ جان جو نذرانو پيش ڪندي ڌرتيءَ کي اڌ ۾ رهجي ويل چُمي کي مڪمل ڪيو.
ها اڄ وري ۲۷ ڊسمبر وارو اهو اڀاڳو ڏينهن آيو آهي، جنهن ڏينهن سنڌ جي قومي راڳي سرمد سنڌيءَ جو جيءُ جهوريندڙ وڇوڙو برپا ٿيو هو، سرمد جنهن جي گيتن تي يونيورسٽيءَ جون ڇوڪريون فدا ٿينديون هيون، سندس آواز ۾ عجيب ڪشش هئي، جڏهن ڳائڻ ويهندو هو ته محفل ۾ آيل سندس مداحن مٿان اهڙي ته جوش ۽ جذبي سان نوجوان مست ٿي سندس گيتن تي مي رقصم ٿي پوندا هيا، سرمد سنڌيءَ جو جنم ضلعي خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ پريالوءِ ۾ ٿيو هو، ڪنهن ٿي ڄاتو ته گهٽين ۾ هڪ جيڏن سان رحمٰن مغل ڳائڻ وارو سڀاڻي جو قومي راڳي بڻجي پوندو.سرمد سنڌيءَ جو آواز ٻين فنڪارن کان منفرد هو، جڏهن به ڳائيندو هيو ته سندس سوزڀري آواز کي ٻڌڻ بعد درد دور ٿي ويندا هيا ۽ مايوسين ۾ ويڙهجي ويل نوجوانن منجهه تمام گهڻي همٿ ۽ حوصلو پيدا ٿي ويندو هو، سرمد سنڌيءَ جنهن دور ۾ ڳائڻ جي شروعات ڪئي هئي ان زماني ۾ آڊيو ڪيسٽن جو عروج هو، سندس آڊيو ڪيسيٽ ريليز ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ ڪيترا ئي نوجوان ميوزڪ سينٽرن جا چڪر ڪاٽيندا هيا ته ڪڏهن ٿي سرمد سنڌيءَ جي ڪيسٽ اچي.
سرمد سنڌي سنڌ جي ضمير جو هڪ اهڙو آلاپ هو جنهن جي آلاپ وقت جي حاڪمن جون ننڍون ڦٽائي وڌيون هيون، هن سنڌي توڙي سرائيڪي ٻولين ۾ مختلف شاعرن جو ڪلام ڳائي ماڻهن جي دلين ۾ گهر اڏيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، سرمد سنڌي جي شهادت ان وقت برپا ٿي جڏهن هو هڪ پروگرام ۾ ڳائڻ لاءِ وڃي رهيو هو، سندس ڪار بدقسمتيءَ سان سامهون ايندڙ ڪمند جي ٽريڪٽر سان لڳي، اهڙي ڳالهه ان وقت جي اخبارن توڙي ماڻهن جي واتان اڄ به مشهور آهن، پر ڪجهه هلڪن سندس حادثاتي موت کي سنڌي قوم لاءِ هڪ گهري سازش قرار پڻ ڏيندا رهيا آهن، ان روڊ حادثي يا سازش بهرحال سندس ساهن کي سوڙهو ڪندي کيس ابدي ننڍ سُمهاري ته ڇڏيو پر سنڌي ماڻهن جي دلين مان ڪڍي نه سگهيو. سرمد سنڌيءَ جي ڪمهلي وڇوڙي سبب سنڌ کي هڪ وڏي صدمي مان گذرڻو پيو هو. سرمد سنڌي کي سنڌ جي نامور براڊڪاسٽر ۽ شاعر مختيار ملڪ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان متعارف ڪرايو هو، ان حوالي سان تازو مختيار ملڪ جو تفصيلي خط به شايع ٿيو هو، جنهن ۾ ڪوثر ٻرڙي کي جواب م واضع لکيو هو ته : “ مان سرمد سنڌيءَ کي ريڊيو تي اپروو ڪرايو هو”. اڳتي هلي جنهن جي آواز ماڻهن ۾ مقبوليت ماڻي، کيس قومي گيتن ڳائڻ جي ڪري اڪثر سنڌ جا نوجوان ۽ سياسي سماجي اڳواڻ پيار مان سنڌ جو ٻيجل ۽ قومي راڳي ڪري سڏيندا هيا. سرمد سنڌي پي ٽي ويءَ تان پڻ هڪ اڌ گيت “لڳي رهي آ ٿڌڙي هير” ڳاتو هو جيڪو پڻ سندس مشهوريءَ جو سبب بڻيا هيا، سرمد سنڌيءَ جو جڏهن به ڪٿي ذڪر نڪرندو آهي ته انقلابي گيت ذهن تي گونجار ڪرڻ لڳندا آهن، جن ۾ “او قاتل بدلو وٺنداسين، مان نٿو مڃان، ڪو انقلاب ساٿيو،” ڏاڍو ساريندين منهنجي مئي کانپوءِ تون جهڙا لونءَ ڪانڊاريندڙ جوشيلا ڪلام ڳائي امرتا ماڻي،
سنڌ جي مٽي شخصيتن کي جنم ڏيڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ زرخيز رهي آهي. سرمد سنڌي سنڌ جو ٻيجل هو جنهن سُر جي صدا سر ۾ ڏئي امرتا ماڻي، کيس سندس شهادت واري ڏينهن تي ساريندي ساڻس محبتن ۾ واڌارو ٿي وڃي ٿو، سالن پڄاڻان سرمد سنڌي سنڌ جي ماڻهن کان ناهي وسريو.
سنڌ جو ٻيجل، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ٻه ڏهاڪا گذرڻ باوجود وساري ناهن سگهيا.اهڙو قومي ڳائڻو، حادثاتي موت سبب پوري قوم کي ڏُھاڳ ڏئي ائين هليو ويندو، ڪنهن کي زبر نه هئي. هو ۲۷ هين ڊسمبر تي هڪ روڊ حادثي ۾ اهڙي ديس وڃي اسهيو، جتان ڪو به واپس ناهي آيو. سندس سوز ڀري اواز پٿر جي دلين پگهاري ميڻ ڪري ڇڏيو هو. سندس وڍ ڏيندڙ وڇوڙي دردوندي ديس مٿان نه ڇٽندڙ گهاون جا نه ڇٽندڙ نشان ڇڏي ويو آهي ، ھو جنهن جوانيءَ ۾ سنڌ جي وستين ۾ وڃي سنڌ جي سورن کي سرن وسيلي ماڻهن تائين پهچائڻ کي عبادت ٿي سمجهيو، تنهن قومي راڳيءَ جي جيءُ جهوريندڙ وڇوڙي ماڻهن کي نهوڙي وڌو هو. ۲۳ سال اڳ آءُ ستون ڪلاس پڙهندو هوس، اها دکدائڪ خبر مون کي هاڪر نثار احمد ٻڌائي هئي، ٻڌڻ سان جسم ۾ ڏڪڻي اچي وئي هيم، اهو ان لاءِ جو سنڌ جي ٻيجل کي آءُ “چاچا سرمد سنڌي” ڪري پڪاريندو هوس، هو بابا جو نهايت ويجهو دوست هو.
حقيقت اها آهي ته سرمد  سنڌيءَ جي وڇوڙي سبب اسان گهر ۾ ٽي ڏينهن تڏو وڇايو هو سي، ائين محسوس پئي ٿيو ته ڄڻ ته اسان جو ڪو ويجهو عزيز اسان کان موڪلائي ويو هجي. سرمد سنڌي مختصر عرصي ۾ مخصوص گائڪيءَ وسيلي وڏو نالو ڪمايو هو. سندس وئي پُڄاڻان سچ سنڌ اهڙي قومي راڳي جي خال کي اڃان پُر ناهي ڪري سگهي. هو اسان کان وڇڙي ويو پر ويندي ويندي هن طبقاتي سماج جي اوچاين نيچاين توڙي مذهبي نفرتن کي دفن ڪندي قومي حوالي سان مقبوليت کي ترجيح ڏيڻ کي ايمان جو جز سمجهيو هو. سرمد سنڌي سنڌ جو اهو بيباڪ راڳي هو جنهن سنڌ جي اها ڪنڊ نه ڇڏي جتي هو سنڌ جي زرخيز ڦلدار مٽيءَ کي نه ڳايو هجائين. مذهبي متڀيد کان الاهي مٿاهين ماڻهوءَ ۲۳ سال اڳ روڊ حادثي ۾ زخمن جا سور نه سهندي، ڌرتيءَ جي عشق ۾ ڌرتيءَ سان وڃي مليو هو.
سرمد سنڌي سنڌ جو سرموڙ راڳي ٿي گذريو، جنهن جي وڇڙي وڃڻ بعد سنڌي قوم سندس ڪلام اڄُ به شوق سان ٻڌندي رهي ٿي. هو نهايت سادي طبيعت رکندڙ خوش پوشاڪ شخص هو. سرمد سنڌي محفلن جو مور فنڪار ٿي گذريو ، جنهن هميشه محفلن ۾ اچي پنهنجي خداداد صلاحيتن سان محفل ۾ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو هو. ماڻهو ساڻس ملڻ جا مشتاق هوندا هئا. سرمد سنڌي جا ڳايل ڪلام سنڌي موسيقيءَ جو اهو اثاثو آهن، جو سندس ذڪر بغير سنڌي موسيقي جي تاريخ اڻپوري ۽ اڌوري رهڻي آهي. سندس گائڪيءَ کي ڪڏهن ڪو موت ناهي اچڻو، هو سدا حيات رهڻو آهي.سرمد سنڌي پنهنجي وڻندڙ آواز جي وسيلي هزارين دلين ۾ اڄُ به ساڳي نموني زنده و جاويد آهي، جيئن ۲۳ سال اڳ هو پنهنجي حياتيءَ ۾ هوندو هو.

(“روزاني ڪوشش” ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تي ڇپيل)


سرمد سنڌي
جنھن جا گيت صدين تائين مظلومن کي اتساھ ڏيندا رھندا
اختر آزاد ڏاھري
۷ مئي ۱۹۵۸ع تي خيرپور جي تعلقي پريالوءِ جي پاتال مان پيدا ٿيل عبدالرحمان مغل لاءِ چون ٿا ته هو ننڍپڻ کان سر ۽ سنگيت سان دلي لڳاءُ رکندو هو. ابل واهه جي ڪپن تي مال چارڻ دوران اڪثر پنهنجي منهن ڌنون جهونگاريندڙ ان عبدالرحمان کي به خبر نه هئي ته سندس پهريون ئي آڊيو البم “چڱو چيٽن ۾ ملنداسين” کيس مهان ڪلاڪار ثابت ڪندو. سرمد جي صدائن کي ريڊيو تي ڪوثر ٻرڙي ۽ ٽي وي تي سميع بلوچ متعارف ڪرايو، اهو عبدالرحمان مغل يونيورسٽي جو ڊگري هولڊر انجنيئر به هو، جنهن کي مداح پوءِ سرمد سنڌي جي نالي سان سڃاڻڻ لڳا.
سرمد سنڌي نه رڳو هڪ قومي راڳي هو پر سنڌ ڌرتي جو هڪ عظيم مدبر ۽ سالار انقلاب هو، جنهن سنڌ ۾ قومي سجاڳي جو روح ڦوڪيو، ڪشمور کان ڪارونجهر تائين سنڌ جي ٿرن برن جي چاهتن جو اسير سرمد سنڌي ديس ۽ قوم لاءِ فڪري نظريو رکندڙ ھڪ آدرشي انسان هو، جنهن سنڌ جي اهنجن ۽ سنڌ واسين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف پنهنجي مزاحمتي گيتن ذريعي جابر قوتن سان مهاڏو اٽڪايو، هن مظلومن جي وڪالت طور هر پاپي ۽ جابر تي غدار جو ليبل هنيو، اهو ئي سبب هو جو سندس هر البم رهزنن جي ڳل تي چماٽ بڻجي رليز ٿيندو هو.
سرمد رڳو فن طور نه پر دلي طور ديس دشمن ۽ قوم دشمن سامراج ۽ سندس ساٿارين کان باغي هو جنهن کي چتيون لڳل قميص ۽ ٽوال يا انگوڇي جي گوڏ ۽ پيرن ۾ کرڪڻ پاتل پانڌيئڙا پنهنجا ۽ پيارا لڳندا هئا، ڇو ته هن ڄاتو ٿي ته اهي مٽي هاڻو ميرو تن ۽ سون جهڙو اجرو من رکندڙ مسڪين ماڻھو ئي آهن جيڪي قومن کي آجپو ڏيارين ٿا.
سرمد ڀريل جسامت ۽ منهن ۾ قدرتي ڏياءُ ۽ ڪامريڊي اسٽائل وارو ڳڀرو نوجوان هو. مون کي ياد آهي ته هڪ پروگرام ۾ هن قومي گيت “ڪات منهنجي ڪنڌ تي آئون ڪڏندو اچان” ڳايو هو ته ايئن لڳو هو ته ڄڻ سرمد نه پر سنڌ پاڻ ڳائي رهي هجي. سرمد معصوم صورت واري هڪ بي خوف شخصيت هئي ۽ هو پنهنجي ارادن جهڙي مضبوط دل رکندڙ ارڏو انسان به هو. چيو وڃي ٿو ته قومي انقلابي گيت نه چوڻ لاءِ ڪيترائي ڪارندا ڪي چٺيون لکي، ته ڪي فونون ڪري کيس ڌمڪيون ڏيندا هئا ته “قومي ۽ انقلابي گيت ڳائڻ بند ڪر نه ته، تنهنجو آواز هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏينداسين”. ان باوجود هن عوام جي ان ڏکن، سورن ۽ اهنجن خلاف ڳائڻ بند نه ڪيو، هن جهڪڻ بدران مضبوط ارادي سان بيهي ڪسجڻ کي ترجيح ڏني.
توڙي جو کيس چئلينج ڪندڙ ڪابه قوت ته سندس وار به ونگو ڪري نه سگهي پر ۲ ڀيرا کيس مهلت ڏيندڙ روڊ حادثي وارو موت ٽئين ڀيري کيس هميشه لاءِ پاڻ سان گڏ کڻي ويو، ۽ پوءِ سرمد سنڌي لکين ديس واسين جي لڙڪن جي وسڪاري ۽ اوڇنگارن جي گونج ۾ ان ساڳي مقدس مٽيءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀري ابدي ننڊ سمهي پيو، جنهن مان جنم ورتو هئائين.
سرمد ڪڏهن به زوال پذير نٿو ٿي سگهي، سندس يادون ۽ سندس مڌر آواز قيامت تائين ظالم ۽ جابر قوتن جي ڪنن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجندو رهندو. سندس ڳايل قومي ۽ انقلابي گيت موجوده توڙي ايندڙ نسلن جي رهنمائي ڪندا رهندا، مظلوم ۽ پيڙهيل ديس واسين کي جابرن سان مزاحمت جو حوصلو ڏيندا رهندا.


سرمد سنڌي
آزاد جبار منگي
سرمد سنڌي جو اصل نالو عبدالرحمان مغل هو. پاڻ خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالوءِ ۾ جنم ورتو. ننڍي عمر کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو، سندس آواز ۾ تمام گهڻي ڪشش هئي. جڏهن سرمد سنڌيءَ جي پهرين آڊيو ڪيسٽ ريليز ٿي ته ان جو هڪ گيت “سورن سندي سڪرات آ” جيڪو استاد بخاريءَ جو لکيل هو تمام گهڻو مشهور ٿيو. عام طور سرمد، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳائيندو هو پر سندس سرائيڪي گيت بہ ڏاڍا مقبول ٿيا. سرمد سنڌي روڊ حادثي سبب هن دنيا مان ۲۷ ڊسمبر ۱۹۹۶ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سرمد سنڌي جو ان حادثي کان اڳ بہ هڪ روڊ حادثو ٿيو هو، جنهن ۾ سرمد کي تمام گھڻا ڌڪ لڳا هئا. سندس ڀاءَ احمد مغل پهريان هن جا مشهور گيت ٻيهر ڳائي شهرت ماڻي، هاڻ هو پاڻ هڪ بهترين راڳي تسليم ڪيو وڃي ٿو. سرمد سنڌي جي قومي گيتن ڳائڻ جي ڪري کيس سنڌ جو قومي راڳي پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. سرمد سنڌي شروع ۾ ٽي ويءَ تان هڪ گيت “لڳي رهي آ ٿڌڙي هير” ڳايو جنهن جو شاعر سميع بلوچ آهي، جيڪو پڻ تمام گھڻو مشهور ٿيو. سرمد سنڌي، شاھ عبدللطيف ڀٽائيءَ جا پڻ ڪيترائي گيت ۽ وايون ڳايون آهن. سرمد سنڌي جا سنڌي انقلابي گيت تمام گھڻا مشهور ٿيا، جن ۾ “او قاتل بدلو وٺنداسين، مان نٿو مڃان”، “انقلاب ساٿيو،” ۽ اهڙا ٻيا ڪيترا ئي بهترين گيت ذڪر لائق آهن.



سرمد سنڌي
وڇڙيو آهين، وسريو ناهين - جي ۲۳ هين ورسي جي مناسبت سان
گل بيگ چانگ
سنڌي قومي گيتن جي سرموڙ فنڪار سرمد سنڌي جي ۲۳ ورسي ۲۹ ڊسمبر تي سندس اباڻي شهر ٻٻرلوءِ ۾ ملهائي وئي. سنڌ جي سريلي راڳي رحمان مغل عرف سرمد سنڌي جو سريلو آوازاڄ به ڪروڙين دلين تي راج ڪندو رهي ٿو. سرمد سنڌي جا ڪيترائي ڪلام مشهورآهن، چوندا آهن ته موسيقي روح جي راحت ۽ راڳ روح کي سڪون ڏيندڙ آهي جنهن جي ٻڌڻ سان ماڻهو دل جا ٻيا هزارين ڏک سور وساري ويهندو آهي.
شاعري يا گائڪي جڏهن به انسان ٻڌڻ شروع ڪندو آهي ته ان کان دنيا جي ٻي هر شي وسري ويندي آهي تڏهن ته اسين پيرن فقيرن ۽ اوليائن توڙي شادين جهڙين خوشين ۾ هلي وڃي راڳ رنگ جون محفلون ٻڌڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا آهيون. جيڪي فنڪار يا شاعر هي دنيا ڇڏي وڃن ٿا انهن جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ ميلا مچائيندا آهيون ڇو ته امر فنڪارن جو آواز هميشه امر رهندو آهي.
اڄ اسين سنڌ جي عظيم قومي راڳي سرمد سنڌي کي ياد ڪري رهيا آهيون، مرحوم سرمد سنڌي ۲۷ ڊسمبر واري ڏينهن تي بدين کان محفل ڪري واپس اچي رهيو هو ته هڪ بدنصيب روڊ حادثي ۾ سندس موت واقع ٿيو، جيڪو پڻ هڪ ڊرامائي انداز ۾ ٿيو.
روڊ حادثي سبب اسان کي ڇڏي ويندڙ سرمدي سنڌي گائڪي جي حوالي سان هميشه سنڌ جي ڏکن سورن توڙي سنڌي ماڻهن جي غربت تي گهڻي ڀاگي ڪلام ڳايا آهن.
سرمد سنڌي قومي فنڪارهجن ڪري ماروئڙن جي ڏکن کي ڪلامن ذريعي تمام گهڻو گهڻو ڳايو آهي جنهن سبب اڄ به سرمد سنڌي جي قومي گيتن تي شادين ۾ جهمريون هنيون وينديون آهن ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ سرمد اسان کان وچڙيو ئي نه آهي هن جا ڪلام هلڻ سبب ماڻهو ۾ قومي جذبو اچي وڃي ٿو ڇو ته سرمد سنڌي رڳو فنڪار نه هيو هو سنڌ جو سڄو سپاهي ٿي رهيو. توڙي جو آمرن جي دورن ۾ سنڌي ڪلامن تي سخت پابندي هوندي هئي انهي جي باوجود سرمد سنڌي سنڌ امڙ جا گيت کلي دل سان ڳائيندو رهيو ان پنهنجي حياتي ۾ ڪڏهن به جيل ريل جي پرواهه نه ڪئي. سرمد سنڌي شاهه عبدآلطيف ڀٽائي رح، سچل سرمست، شيخ اياز، استاد بخاري، راشد مورائي ڪيترن شاعرن جي شاعري بي دڙڪ ٿي ڳائيندو رهيو، هو سنڌ ڌرتي جو عاشق هو هن ڪيترائي انقلابي ڪلام ڳايا جيڪي اڄ به ٻڌا وڃن ٿا.
هو جڏهن به ڪنهن محفل ۾ ڳائيندو هو ته ٻڌڻ وارن جي لونءَ ڪانڍرجي ويندي هئي ان جو راڳ جو انداز نرالو هيو جڏهن ته ڪو دور هيو ته سنڌ ۾ جيئي سنڌ جي ڪلامن چوڻ تي پابندي هوندي هئي ۽ ڪوبه فنڪار جيئي سنڌ جا ڪلام نه ڳائيندو هيو ليڪن سرمد سنڌي ان وقت به انتهائي جذباتي ڪلام ڳائيندو رهيو ۽ تڪيلفن ۽ ڌمڪائيندڙن سان منهن ڏيندو رهيو ڇو ته سرمد حادثي کان ڪجهه وقت هي اڳ آخري محفل ۾ ڪلام چيو جيڪو مونکي اڄ به ياد آهي، جنهن ڏکايل ڪلام ۾ هن پنهنجي ٻچن جي پارت ڪئي آهي جن ۾ هن ڳايو ته منهنجي وڃڻ کانپوءِ منهنجن ٻچڙن جي پارت اٿو جيڪو ڪلام هاڻي به ٻڌڻ سان نرم دل ماڻهو روئي ويهندو.
سرمد سنڌي اسان کان وڇڙي ضرور ويو آهي ليڪن وسريو ناهي ڇاڪاڻ ته چوندا آهن ته فنڪار ڪڏهن به مرندو ناهي هو سدائين زندهه آهي، سرمد جو مٺڙو ۽ من موهيندڙ آوازاڄ به اسان جي دلين تي راڄ ڪندو رهي ٿو سنڌ ۾ هونئن ته ڪيترائي فنڪار ٿي گذري ويا آهن پر سرمد سنڌي جي راڳ جو انداز پنهنجو هوندو هيو. ائين ته احمد مغل به سندس ڇڏيل ۽ ڳايل ڪلامن جو ڪيترو ورجاءُ ڪندو رهيو آهي پر سندس آواز ۾ اها مٺاڻ نه آهي جيڪا سرمد سنڌي جي ڳائڻ ۾ هوندي هئي.
سرمد سنڌي پنهنجي جاءِ تي هڪ فنڪار ضرور هيو پر هو سنڌ ڌرتي توڙي سائين جي ايم سيد جو ديوانو ۽ سنڌ جو عاشق هيو، اهو ئي سبب آهي هن جيڪي ڪلام ڳايا آهن انهن مان اڪثر ڪلام اهڙا آهن جن ۾ سنڌ جو ذڪر آهي، اهي ڪلام اڄ به شادين جي ڪاڄن ۾ جيئن جو تيئن هلندا رهن ٿا. سنڌ سان محبت ڪندڙ ماڻهو هن جا ڳايل ڪلام وڏي شوق ۽ دل جي حضور سان ٻڌندا رهن ٿا ڇو ته مرحوم سرمد سنڌي جيڪو راڳ ڳايو آهي اهو عام کان عام ماڻهوءَ جي دل ۾ لهي وڃي ٿو.
سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙن اڄ به سرمد پنهنجي ساهه ۾ سانڍيو ويٺا آهن ۽ مرحوم جي ڪلامن سان اڄ به ساڳيو چاهه رهندو پيو اچين جيڪو سندس زنده هجڻ دوران هيون، اڄ به سنڌ جي عوام کي سندس ڳايل قومي ڪلام ٻڌڻ سان دل کي سڪون ملي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو اسان اهو چوڻ تي مجبور آهيو ته سرمد تون اسان کان وڇڙي ضرور ويو آهين پر وسريو ناهين.

سرمد سنڌي
سچ جي صدا
افتخار لغاري
سرمد سنڌي ۲۷ مئي ۱۹۵۸ع تي خيرپورميرس جي ننڍڙي شهر پريالوءِ(پرين جي ڳوٺ) ۾ جنم ورتو پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي جنم واري ڳوٺ مان حاصل ڪيائين بعد ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو، سرمدسنڌي ننڍپڻ کان ئي راڳ سان پيچ پائي ويٺو هو  جيڪو اڳتي هلي وڌي وڻ ٿيو.
سرمد سنڌي ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ ٿيندڙ ادبي محفلن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو ۽ آهستي آهستي سندس شهرت جا چرچا ٿيڻ لڳا هن جوڌي جوان اهڙا ته انقلابي گيت ڳايا جو هر دل سندس ديواني ٿي پئي.
اڳتي هلي سرمد سنڌي قومي تحريڪ جو حصو بڻيو ۽ سائين جي ايم سيد جي قافلي جو ڪارڪن ٿيو اهو مارشلا جو دور هو جڏهن ماڻهو ماڻهو جو دشمن هو هر اک عقابي اک هئي مگر هن سُرهي راڳي بنا خوف جي ڌرتيءَ جا گيت چيا ۽ مسڪين ماروئڙن جي درد کي پنهنجو درد سمجهي الاپيو، سرمد ريڊيو توڙي ٽيليويزن جو مقبول راڳي بڻيو ملنسار ماڻهو غريبن جو هڏڏوڪي، هيڻن جو همدرد، يارن جو يار هو اڄ به پريالوءِ واسي سندس سخاوت ۽ محبت جو ذڪر ڪندي روئي پون ٿا .
سرمد جي زندگي ڪيترن ئي حادثن جو شڪار رهي مگر هن همت نه هاري هر موڙ تي هر سختي کي مُرڪي منهن ڏنائين ، سرمد سنڌي جو سمورو راڳ سچ جو پڙاڏو آهي وفا جو وچن آهي پنهنجائب جو احساس آهي آزادي جي للڪار آهي پيار جي گفتار آهي مطلب ته سرمد سراسر سچ آهي سراپا پيار آهي سرمد کي موت نه ماري سگهيو سرمد امر آهي امر رهندو.
سرمد سنڌي جن شاعرن کي وڌيڪ ڳايو انهن ۾ شاعرن جو سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ، حضرت سچل سرمست رح، حضرت بيدل سائين، حضرت حمل فقير لغاري، شيخ اياز ، استاد بخاري ، سائين راشد علي شاهه “راشد مورائي” حليم باغي، زاهد شيخ،  اياز گل ، ادل سومرو ، عاشق جهنگلاڻي، علي گُل سانگي ، ڪوثر ٻرڙو، عبدالغار تبسم ، ڊاڪٽر ناهيد مغل، مشتاق ڦل، جمن دربدر، سرمد چانڊيو ، سرڪش سنڌي، آڪاش انصاري ۽ ٻيا شامل آهن .
هن ارڏي انسان ڪڏهن به فخر ۽ وڏائي نه ڪئي انتهائي نياز ۽ نوڙت وارو ملنسار ماڻهو هو جنهن جي اندر ۾ رتيءَ برابر به لالچ نه هئي نه شهرت جي طلب نه زر جي ضرورت هن راڳ کي عبادت سمجهي ڳايو، جديد سنڌي شاعري کي ڪامن هالن مان ڪڍي ڪري سرمد سنڌي جهرجنگ تائين پهچايو ، جيتوڻيڪ اڄ جڏهن فوڪ ڳائڪي جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي اتي سرمد سنڌي جي ڪمي پڻ محسوس ڪئي وڃي ٿي سرمد اها صدا هئي جيڪا صدين تائين زنده رهڻي آهي زندهه ضمير انسان جنهن جي قلب ۾ سنڌ سمايل هئي، سچ سمايل هو ، پيار سمايل هو سرمد سنڌي جي باري ۾ لکڻ لاءِ لفظ گهرجن منهنجي قلم ۾ اُها طاقت نه آهي جو سرمد لاءِ ڪي لفظ لکي سگهان .
ماکي مصري جهڙو مٺڙو ماڻهو سرمد سنڌي ۲۷ ڊسمبر ۱۹۹۶ع تي روڊ حادثي ۾ سنڌ کان هميشه هميشه لاءِ موڪلائي ويو مگر اڄ به سندس آواز زنده آهي سندس سار زنده آهي سندس ياد زنده  آهي سندس گيت زندهه آهن، سندس پرستار زندهه آهن جيستائي سنڌ ڌرتيءَ جو وجود سلامت آهي تيستائين سرمد به زنده رهندو زندهه رهندو، دعا آهي رب تعاليٰ سرمد سنڌي جي قبر تي رحمتن جا مينهن وسائي کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري.




سرمد سنڌي

تنهنجي ياد جي وري آ وير... - جي ورسيءَ جي مناسبت سان ڇپيل مضمون

علي نواز آريسر

سنڌ جي سر زمين ڪيترن ئي مهان ڪلاڪارن کي جنم ڏنو آهي، جن سنڌ جو نالو پوري دنيا ۾ راڳ جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي. انهن ۾ علڻ فقير، فقير عبدالغفور، ڍول فقير، استاد محمد جمن، استاد محمد يوسف پنهنجي آواز جي جادوءَ سان پوري سنڌ ۾ مڃتا ماڻي آهي. انهن ۾ پريالوءِ جو هڪ نوجوان رحمان مغل اُڀري اچي ٿو. ڪاليج جي فنڪشنن ۾ ڳائيندي ڳائيندي نوجوانن ۾ مقبوليت ماڻي ٿو وٺي، ۽ سڄي سنڌ جو محبوب راڳي بڻجي ٿو وڃي ۽ ’رحمان مغل‘ مان ’سرمد سنڌي‘ طور متعارف ٿئي ٿو.

رحمان مغل ۳ مئي ۱۹۵۸ع تي پريالوءِ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو، هن سول ٽيڪنالاجيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ڪراچي ڊيولپمنٽ اٿارٽيءَ ۾ سب انجنيئر ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪنٽرولر جي عهدن تي فائز رهيو. سرڪاري نوڪريءَ تي هئڻ باوجود سُر ۽ سنگيت سان لنئون لڳل ٿي رهيس. سُر ۽ سنگيت سان لڳاءُ ته کيس ٻاروتڻ کان هجي ٿو، پر ڪاليج جي دنيا ۾ داخل ٿيندي باقاعدي ڪاليج جي پروگرامن ۾ ڳائڻ شروع ٿو ڪري. هيءَ هر محفل ۽ پروگرام جو حصو بڻجي ٿو وڃي. خاص طور تي قومي تحريڪ جي هر پروگرام جو رُوح بڻيل رهي ٿو، قومي تحريڪ جي هر ننڍي وڏي پروگرام ۾ سرمد سنڌي جو هجڻ لازمي ٿي ٿو وڃي. جڏهن سرمد جو لازوال آواز ڪوثر ٻُرڙي جي ڪنن تي پئي ٿو ته هُو کيس ريڊيو تي وٺي ٿو اچي ۽ ريڊيو جي دنيا کي چار چنڊ لڳي ٿا وڃن، ان بعد سميع بلوچ کيس ٽي وي تي متعارف ڪرائي ٿو، هُو جيڪو سڄيءَ سنڌ جون محفلون لُٽي ويٺو هو، ان ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جي دنيا کي به مچائي ڏيکاريو. سرمد سنڌي، ڪيترائي ڪلام ڳايا، پر انهن ۾ هن جيڪي انقلابي گيت ڳايا، انهن سڄي سنڌ ۾ ڀونچال مچائي ڇڏيو هو.

مَنهن ڇَپرن ۽ گهر گهر ۾ گوليون

فوج پوليس چَوي ڌاڙيلَ پيا ڳولهيون

اوقاتل بدلو وٺنداسين.

اڄ ننڍڙي ننڍڙي هٿڙي ۾

ڳاڙهو ڳاڙهو جهنڊو آ.

هي اهڙا ڪلام هئا، جن نوجوانن جي اندر ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي هئي، سرمد سنڌي نوجوانن جي دلين ۾ ساهه سان گڏ ڌڙڪندو هو، هر گهر، هرگهٽي، هر ڳوٺ، هر واهڻ، هر وستيءَ ۾ سرمد جو لازوال ۽ امر آواز گونجڻ لڳو. ڪيترن ئي راڳ جي ڄاڻو ماڻهن جو خيال هو ته سرمد راڳ مان ڄاڻندو ئي ڪونه هو، سنڌ جي نامور شاعر سرڪش سنڌي پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته هڪ ڀيري سرمد چيو هو ته: “راڳ مان ڄاڻان ئي ڪين، مان ته رڳو درد جي دانهن آهيان، جيڪا درد وارن جي اندر مان نڪري فضائن  ۾ پکڙجي وڃي ٿي.” سرمد واقعي درد جي دانهن هو. سرمد سنڌي نه صرف وڏو ڪلاڪار هو، پر هو انتهائي گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. هو بهترين دوست، بهترين راڳي، بهترين انسان، فرمانبردار پُٽ توڙي انتهائي پيار ڪندڙ پيءُ به هو. سرمد ڪيترن ئي نيڻن جي نِهار ۾ رهندو هو. ڪيتريون ئي آسروند اکڙيون سندس هڪ جهلڪ لاءِ بيتاب هونديون هيون، ڪيترين ئي اَپسرائن جا چَپ سرمد جي ڳلن کي ڇُهڻ لاءِ ٽانڊن جيان ٽهڪندا هئا، پر سرمد هو، جنهن جي نيڻن جي نِھار مٿان کان ئي گذري ويندي هئي. ڪنهن تي اک به نه ٻُڏندي هئي. هن شادي به پنهنجي ماءُ جي خوشيءَ کي ڏسندي ڪئي. هن ڪنهن اَپسرا سان لانئون لهڻ بجاءِ پنهنجي ماءُ جي پسند ڪيل ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي، سرمد جي لاءِ اڄ هر دوست اها دعوى  ٿو ڪري ته، هُو صرف منهنجو دوست هو، هو ڪنهن ڪنهن جو دوست هو، ڪنهن کان پڇجي؟ سرمد سنڌيءَ جو هڪ ڀيرو پهرين به ايڪسيڊنٽ ٿيو هو، پر کيس سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي دعائن بچائي ورتو هو. هي ڪجهه عرصي لاءِ ڄنگهن کان معذور به ٿي ويو هو، پر پوءِ به هي پنهنجي عشق کي روڪي نه سگهيو. هو وهيل چيئر تي پنهنجي پاڻ کي کڻائي وڃي محفلن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو هو، هڪڙي ڀيري ته محفل ۾ ڳائيندي اهڙو ته جُنون اچي چڙهيس، جو وهيل چيئر تان اُٿي بيهي ڳائڻ لڳو هو. اهو هو سرمد جو سنڌ سان لازوال عشق، اڳتي هلي سرمد سنڌي ڳايو ته:

جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين

گهڻن کي اسان ڀي روئاري وينداسين

هو واقعي پوري سنڌ کي روئاري ويو. ۲۳ ڊسمبر ۱۹۹۶ع جو ڏينهن سنڌ جي ڀاڳ ۾ هڪ نڀاڳ جي لهر کڻي آيو، جنهن سرمد جھڙو سدا بهار راڳي کسيو. سنڌ کان سنڌ جي درد جي ترجماني ڪندڙ آواز کسيو هو. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته، سرمد سنڌيءَ جو ايڪسيڊنٽ هڪ حادثو هو؟ نه هرگز نه، سرمد سان پيش آيل واقعو هڪ سازش هو ۽ اهڙي سازش اڳ ۾ به ٿي هئي. ۱۹۹۶ع ۾ سنڌ جو هڪ ٻيو بھادر پُٽ مير مرتضى ڀٽو به شهيد ڪيو ويو هو يا قتل ڪيو ويو هو، سنڌ اڃا انهيءَ ڏک مان ئي نه نڪتي هئي، ته هي ٻيو سنڌ کي وڏو هاڃو رسيو. اُن ٽائيم سرمد سنڌيءَ، مير مرتضى تي ٿيل شاعريءَ کي جهر جهنگ ۾ ڳايو هو، ان وقت ڪنهن به اهو نه سوچيو هو ته اهو اَمر راڳي، جنهن جي آواز ۾ عجيب قسم جو درد آهي، جيڪو پنهنجي آواز وسيلي مير جي قاتلن کان بدلو وٺڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. اهو ايترو جلدي سنڌ کي سوڳوار ڪري ويندو، سرمد جي زندگي تمام مختصر هئي، هي هن دنيا ۾ رهيو ئي ڪيترو، ۳۸ سال به ڪا زندگي آهي، اها به ههڙي سداحيات آواز جي جادو جاڳائيندڙ لاءِ، جنهن وٽ عظيم کان عظيم مقصد سنڌ اَول هجي.

(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾، ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

سرمد سنڌي

املهه انسان - سلسلو ۱۳۵

حفيظ چانڊيو

سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز سرمد سنڌيءَ جي وفات تي تعزيتي تاثر ۾ لکيو هو ته: ”سرمد جو آواز اڃا تائين ڪتين جي ڪنن ۾ گوجندو هوندو ۽ ستارا اهو ٻڌي سوچيندا هوندا ته سنڌ، ڌرتيءَ جو اهڙو اپگرهه آهي، جتي اهڙي لازاول ڏات پيدا ٿي سگھي ٿي.“  سرمد هڪ امر آواز آهي، آواز ڪڏهن به خاموش ناهن ٿيندا.

توڙي اڃان سندس حياتيءَ جو سج مس مس جوانيءَ جي جوڀن تي رسيو هو، ته هڪ روڊ حادثي کانئس حياتي کسي سنڌ کان هڪ سگهارو آواز کسي ورتو هو. هو ٻيجل هو، جنهن جي هڪ صدا تان ڪيترائي سر فدا ٿي سگهي پيا، هو آزاديءَ جي علامت هو، هو سراپا سنڌ هو. سندس آواز ۾ سنڌ جي واريءَ جو اڻ مٽ احساس هو. اسٽيج تي ايندو هو ته نوجوان توڙي ٻڍا ۽ ٻار مٿس پيا موهت ٿيندا هئا. سندس وڍ ڏيندڙ وڇوڙي سبب سنڌ جي آزاديءَ توڙي خوشحال سنڌ جو خواب ڦتڪيو ۽ لڇيو هو، هو  سنڌ کان اوچتو وڇريو. سندس ڪچڙي وهيءَ واري ڪمهلي وڇوڙي جو درد اڄ هزارين دلين ۾ جيئن جو تيئن ئي تازو آهي.هو سراپا سنڌ هو. سنڌ سندس آلاپ تي جهومي ۽ نچي اٿندي هئي. هن مخصوص عرصي دوران ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي هئي. مختصر عرصي ۾ آواز جي دنيا ۾ اهڙو ته ڌاڪو ڄمايو هيائين،جو ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود سندس وڇوڙي کي سندس مداح اڄ به سندس آواز جي سحر مان نڪري ناهن سگھيا. اڄ به جڏهن ڪنهن جاءِ تي ”جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، ته منهنجي توکان دوري آ“ آواز ڪنن تائين ٻرندو آهي ته ٻڌندڙ سندس آواز جي سحر ۾ ڪيترو وقت گم ٿي ويندا آهن.

هو آواز جي دنيا ۾ سنڌ جي ٻيجل طور سدائين ياد رهندو. رحمان مغل جنهن کي سنڌ موسيقيءَ جي دنيا ۾ "سرمد سنڌيءَ“ جي نالي سان سڃاڻندي آهي، تنهن جو ڌرتيءَ سان ڇا ته نينهن جو ناتو هو، ساڻس عجب عشق هو، عشق به اهڙو جو ان ۾ هُن پنهنجي ذات پات وساري ”سنڌي“ سڏائڻ شروع ڪيو هو، توڙي جو سنڌيت ان مخصوص سڃاڻپ سبب کيس جيئري ۽ توڙي سندس وڇوڙي بعد تڪراري بڻائي، سندس محبت ۽ مان کي سندس عاشقن ۾ تڪراري بڻايو ويو، کيس زندگيءَ جي اهڙن کوڙ سارن موڙن تي محتاط ٿي گذرڻو پئجي ويو، وک وک تي ويرين جي سازشن جي ور چاڙهيو ويو، هن کي سنڌ دشمنن سان مڙسي سان مقابلو ڪرڻو پيو، سنڌ جي عشق جي ڏوهه ۾ کيس ڪيترن ئي امتحانن مان گذرڻو به پيو هو، پر هن ڪٿي ڪين گهٻرائيو هو، ڪراچيءَ ۾ ساڻس آفيس ۾ مهاجر سنڌي سمجهي، کيس موتمار ڌمڪيون ڏيندا رهيا، ان وقت سنڌ جي انقلابي شاعر زخمي چانڊئي وٽس ماڻهن ۽ هٿيارن سان ڀريل گاڏي تي پهچي مهاجرن جون وايون ئي بتال ڪري ڇڏيون هيون، هنن سرمد سنڌي کي اڪيلو ٿي سمجهيو، ساڳي ئي سرمد سنڌيءَ جا اهي ڌمڪيون ڏيندڙ مُريد ٿي ويا هئا. هن هر جاءِ تي پاڻ کي سنڌ سان منسوب ڪيو، سنڌ سان ئي پنهنجو تعارف ڪرايو، سنڌي ئي سڏايو. سنڌي هجڻ ۽ سنڌي سڏرائڻ تي فخر ڪندي بيباڪي ۽ بهادريءَ سان جهر جهنگ انقلاب ساٿيو جهڙا قومي گيت ڳايا. هن کي سنڌي فنڪار هجڻ ڪري انيڪ مشڪلاتن جو منهن ڏيڻو پئجي ويو.

هن شوق جي ڪري ٿوڙئي ڳائيو، پر ڌرتيءَ سان اٿاهه عشق هن کان سنڌ جون لوليون ۽ گيت ڳارايا هئا.مڌرُ آواز ذريعي سنڌ جو ڪيس وڙهيو. قدرت سندس آواز ۾ عجيب سگهه ڏني هئي. سندس سُر ۾ سِر جي صدا گونجندي هئي. هو پنهنجي آواز ۾ سنڌ جي صدين جو درد ڳائيندو رهيو، پنهنجي ڌرتيءَ جي چپي چپي جي وارثي ڪئي، موسيقيءَ جي دنيا ۾ نت نوان گس جوڙيا ۽ تاريخ جي سموري ڪرڀ ۽ اضطراب کي پنهنجي مخصوص آواز ۾ سمايو ته سنڌ جاڳي پئي. سرمد سنڌي  ”سهندو ڪير ميار او يار، سنڌڙي تي سِرُ ڪير نه ڏيندو“ پنهنجي ماکي لار جهڙي آواز ۾ انساني چيخ بڻجي، ڌرتيءَ جي دودن کي ننڌڻڪي ٿي ويل ماڻهن جي وارثي جون اپيلون ڪندو رهيو هو، سندس اپيلن ۽ اتساهه ڀريا گيت ٻڌي، ٻڌندڙن جي روح مان رڙيون نڪري وينديون هيون ۽ هُو سندس آواز تي مٿس فدا ٿي پوندا هئا، هن کي دل سان داد ڏيندا هئا. ورهين پڄاڻان اڄ به سنڌ کيس وساري ناهي سگهي پنهنجي ان سڄڻ کي ساڙي، اکين مان آب وهائي ساڻس محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪندي رهي ٿي. سندس ڪمهلو ۽ وڍ ڏيندڙ وڇوڙي سنڌ جو روح زخمي ٿئي ٿو ۽ بي حد ڏکارو ٿي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ سندس وڇوڙي کي ويهارو سال ٿي ويا آهن، پر پوءِ به هو سنڌ جي نوجوانن جو هيرو بڻيل آهي، سرمد سائينءَ جي قومي گيتن تي رقص ڪندي اڄ به روئي ويهن ٿا. اڄ به هن جا ڳايل گيت گيت، قومي توڙي ثقافتي محفلن ۾ نوجوان نارين ۽ نوجوانن ۾ گرم جوشي ۽ ولولو پيدا ڪندا رهن ٿا.

۷ جولاءِ ۱۹۶۱ع تي محمد حيات مغل جي گهر پريالوءِ ۾ جنم وٺندڙ رحمان مغل سنڌ جو حلالي پٽ هجڻ واري فرض نڀائيندي آواز جي دنيا ۾ ”سرمد سنڌي“ جي نالي سان سڃاپجڻ لڳو هو. سرمد سنڌيءَ ڳائڻ جي شروعات ۱۹۷۵ع ڌاري دوستن جي وچ ۾ ويهي "ماچيس وڄائڻ“ سان ڪئي، ائين ئي هو پنهنجي يارن دوستن ۾ ويهي جھونگاريندو رهندو هو. ننڍن وڏن پروگرامن ۾ ڳائيندو رهيو، دوستن يارن سندس آواز کي ساراهيو، ان ساراه کيس ڳائڻ لاءِ اتساهه بخشيو. سرمد سنڌي ۽ سنڌ هڪ روح ٿي رهيا، هن کي ”جيئي سنڌ“ جي نعري سان عجيب محبت هوندي هئي.قومي ڪاڄ هجن اتي سرمد سنڌي نه هجي ۽ سڄي رات بيهي قومي ۽ انقلابي گيت نه ڳائي، اهو ڪيئن ٿي سگهيو پئي، سندس گيت ۽ پرجوش ٿي ڳائڻ نوجوانن ۾ نئون ولولو ۽ جوش پيدا ڪندو هو. قومي گيتن جي گونجار ڪري نوجوانن ۾ سنڌيت جو روح ڦوڪڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مٿس ناراض به رهيا، ۽ کيس راڳ جي دنيا ڇڏڻ ياحياتيءَ تان هٿ ڌوئڻ جون ڌمڪيون به ڏيندا رهيا، پر سرمد سندن ڪنهن به ڌمڪي ۾ نه آيو، هن پنهنجو پهريون آڊيو ڪئسٽ البم هڪ دوست جي نالي سان ڪڍيو هو، هو مختلف نالا بدلائي نوجوانن ۾ سنڌيت جو پيغام پهچائيندو رهيو. ڪڏهن به پوئتي پير نه ڪيائين، کيس ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران ڪيترائي دفعا قتل جون ڌمڪيون پڻ مليون. سرمد سنڌيءَ کي ريڊيو پاڪستان تي ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ ۽ پي. ٽي. وي تي سميع بلوچ متعارف ڪرايو. سرمد بيشمار عوامي گيت، غزل، وايون ۽ صوفين جو ڪلام اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ آڊيو، وڊيو ڪئسٽن ذريعي ڳائي، پڙهيل لکيل طبقي کان ويندي هڪ هاري پورهيت تائين مڃتا ماڻي.سندس هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته سنڌي موسيقيءَ ۾ جدت آڻجي. هن هميشه ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي خلاف پنهنجي انقلابي آواز جي وسيلي جنگ ڪئي. هن هر موضوع تي ڳايو، پر سندس محور سماج ۽ ڌرتيءَ جا سور هئا. کيس سنڌ جي ڌرتي، ٻولي ۽ تهذيب سان بي انتها محبت هئي. هو پاڻ کي سنڌي سمجھندو ۽ سنڌي سڏرائڻ تي فخر محسوس ڪندو هو. هن سنڌين جي دلين جي ترجماني ڪئي. سرمد سنڌي قومي پروگرامن جي دعوت جي ڪابه فيس وغيره نه وٺندو هو، کيس ڪنهن قومي ڪاڄ جي دعوت نه به ملندي هئي، ته به فرض سمجھي ان پروگرام ۾ پاڻ مرادو هليو ويندو هو. سندس دوستن کي چيل هوندو هو ته ڪنهن به سنڌيءَ جي دعوت ڏيڻ تي سندس اچڻ جي پڪ ڏئي ڇڏين، هن ڪڏهن به پئسن جي خاطر نه ڳايو، پر پنهنجي دلي شوق جي پورائي ۽ ڌرتيءَ جو فرض سمجھندي ڳاتو. سنڌي عوام ۾ کيس ’سنڌ جو ٻيجل‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. نامياري شاعر تاجل بيوس کيس ’راڳ جو راڻو‘ ۽ ’سنڌ جو وڪٽر هارا‘ ڪري سڏيو آهي. سرمد سنڌي سائين جي.ايم سيد جي سالگرهه جي پروگرامن ۾ هر سال پابنديءَ سان شريڪ ٿيندو هو. سندس زندگيءَ ۾ صرف سنڌ سان محبت هجڻ جي ڪري شر پسندن پاران ڪيترائي ڪوڙا پوليس ڪيس مڙهيا ويا، کيس ڪراچي ڇڏي وڃڻ ۽ ڳائڻ بند ڪرڻ لاءِ طرح طرح جون ڌمڪيون ملنديون رهيون، پر هن ڪڏهن به هيڻائي نه ٻولي. سرمد سنڌي ۲۷ ڊسمبر ۱۹۹۶ع تي بدين مان هڪ پروگرام ڪري، ڪوسٽر ذريعي ڪراچي واپس وڃي رهيو هو ته ديوان شگر مل ٺٽي ويجھو ڪوسٽر جو ڪمند سان ڀريل هڪ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو ۽ ۳۵ سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سندس زندگيءَ جـو آخري آڊيـو الـبم ’ماروئڙا شهزور‘ هو، جنهن ۾ زاهد شيخ، اياز گل، زخمي چانڊئي ۽ ٻين شاعرن جا گيت شامل هئا.

نوٽ - ڀاءُ ساجد چانڊئي جي ٿورن سان :

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


سنڌ جو سرمد

رفيعہ ملاح

هونئن ته ڊسمبر سردين سان ڀرپور رومينٽڪ مهينو آهي پر اسان سنڌ واسين کي هن مهيني جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ڪي اهڙا به گهاءُ مليا آهن، جيڪي زندگي سڄي وسري نه سگهندا، انهي ڪري اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته ڊسمبر جا پڇاڙڪا ڏينهن اسان جي لاءِ ڳرا ثابت ٿيا آهن. انهن پڇاڙڪن ڏينهن جي دردن جي اڻ کٽ هڪ لسٽ آهي، انهي ڊسمبر جي آخري ڏينهن اسان کان شهيد بينظير ڀٽو جهڙي عالمي اڳواڻ ۽ دلير رهبر کسي ورتي، ساڳي تاريخن ۾ ناميارو شاعر شيخ اياز به اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو ته رسول بخش درس به انهي مهيني ۾ ئي اسان کان جدا ٿي ويو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ اسان کان هڪ اهڙو آواز کسجي ويو، جيڪو جسماني طور ته جدا ٿي ويو آهي، پر سندس صدائون صدين تائين پڙاڏو بڻجي گونجنديون رهنديون، اهو آواز هو سرمد سنڌي جو.

سرمد سنڌي جو تعلق خيرپور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ پريالوءَ سان هو، ممڪن آهي ته سندس وڏڙا ڪنهن ٻئي هنڌان هجرت ڪري آيا هجن پر سرمد جي سرير ۾ سنڌوءُ جي ٿڃ هئي، جنهن کي هن ڀرپور نموني ملهايو. هو پنهنجي جوڀن جي ڏينهن ۾ هڪ اهڙو آواز ٿي اڀريو جنهن سنڌ جي سياسي جمود کي ٽوڙيو، ضياءِ جي مارشل لاءِ ۾ سياسي شعور کي جڏهن چٿيو پئي ويو تڏهن سرمد جو آواز هو جيڪو رت گرمائي وري وري ڌرتي تان قربان ٿيڻ لاءِ جوڌن کي پيو جاڳائيندو هو. شيخ اياز سميت مختلف شاعرن جي شاعري کي جنهن ريت سرمد آلاپيندو هو، هر جواني جا لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا. هن جي صدا ۾ سرور ۽  اهڙي شڪتي هئي جيڪا جوڌن جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندي هئي، اسان جڏهن شاگردي واري زماني ۾ يونيورسٽي جي هاسٽل تي رهندا هئاسين ته ان وقت  موبائيل ۽ انٽرنيٽ سميت ٻيو ڪو به اهڙو ذريعو نه هو، جنهن مان ماڻهو پنهنجي پڙهائي جي سرگرمين مان فرصت ملڻ تي ٿورو ريفريش ٿئي، ان وقت  اهو ئي آواز هوندو هو، جيڪو رت گرمائيندو هو.

اسان کي ياد آهي ته ننڍي هوندي پننهنجي ڳوٺ سيتا ۾ ۽ پوءِ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران هاسٽل تي اسين سرمد کي تمام گهڻو ٻڌندا هئاسين، مون سميت سموريون شاگردياڻيون سرمد جون مداح  هيون. سرمد جتي قومي گيت ڳائي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجي ڌرتي سان محبت ۾ اضافي جو سبب بڻيو، اتي هن نوجوانن جي جوان خوابن ۽  خيالن  جي به خوب عڪاسي ڪئي، ان وقت کان اڄ ٽن ڏهاڪن گذرڻ باوجود سندس آواز جو جادو جوانين جي عڪاسي ڪندو رهي ٿو. “ اڙي چنڊ اڙي چنڊ پرين تو ته ڏٺو ناهي” اهو سندس گيت مونکي اڄ به وڻندو آهي ۽ اهو گيت ٻڌڻ بعد مونکي سنڌ يونيورسٽي ۽ هاسٽل ۾ گذاريل ڏينهن ياد اچي ويندا آهن. سرمد جي هڪ وڏي خوبي اها هئي ته هو نوجوانن جي هر محفل ۾ خوشي سان ۽ بنا لوڀ لالچ جي ويندو هو، جيتوڻيڪ پئسو هر ماڻهو جي ضرورت آهي ۽ ان زماني ۾ جڏهن مشهور فنڪار ايڊوانس پئسا وٺي محفلن ۾ ويندا هئا تڏهن سرمد شاهه لطيف جو ڏهاڙي يا ان قسم جي عنوان سان ٿيندڙ سمورين تقريبن کي ذاتي ڪاڄ سمجهي دعوت ملندي ئي پهچي ويندو هو.

هن کي سنڌ سان ۽ سنڌ جي نوجوانن سان هڪڙو عجيب عشق هو، ان وقت ٻيا به ڪيترائي فنڪار مشهور ۽ مقبول هئا پر يونيورسٽين جا اڪثر اسٽيج صرف سرمد سنڌي سان سجايل هوندا هئا، هو نه رڳو ڄامشوري پر سنڌ جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ ڪڏهن به دعوت ملندي هئي ته اتي پهچي ويندو هو. سرمد جي انهي خوبي مان ئي اسان جو اهو ويساهه پختو ٿي ويندو هو ته سرمد پئسن جو پوڄاري نه پر داد سان دوستي نڀائيندڙ راڳي هو. ممڪن آهي ته هن جي راڳ کي راڳ جا پارکو انهي سطح جو راڳي نه به سمجهندا هجن، ٿي سگهي ٿو ته واقعي ئي هو ڪو ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل يا  سر تال تحت راڳ نه به سکيو هجي پر هن جي صدائن ۾ سرور قدرتي هو ۽ انهي سرور ۾ سنڌ جو درد سمايل هو. جڏهن سرمد سنڌي ڳائيندو هو ته اهو ميدان ڌرتي جي رکوالن سان ڀرجي ويندو هو، اجرڪ ٽوپي جا هر طرف رنگين نظارا نظر ايندا هئا. سرمد جڏهن اهو ڳائي  ٿو ته “ ڪنڊين نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو، سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا سائين مارو اڪيلڙا” انهي گيت جي ذريعي جنهن ريت سرمد سنڌ جي منظر ڪشي ڪري ٿو، انهي سان هر اک آلي به ٿي وڃي ٿي، پر جڏهن هو ڳائي ٿو ته “ سهندو ڪير معيار او يار ” ته پوءِ واقعي ئي لڳي ٿو ته ڌرتي جي خاطر ڪروڙين ڌرتي جا رهواسي سر جي بازي لڳائي به پنهنجي ديس ۽ ڌرتي جي مالڪي ڪندا.

سنڌ جي امر راڳي جي بي وقتي وڇوڙي بعد سندس ڳايل گيت لڳي ٿو ته “ منهنجي معصوم ٻچڙن جي سار لهجو پيا مون کانپوءِ” ڄڻ وصيت هئي، راڳ جي دنيا جي الستي آواز ۾ پئدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي. اڄ سندس ورسي جي موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي، اهو سچ سمجهان ٿي جيڪو هن ڳايو هو ته “جڏهن هن دنيا مان گذاري  وينداسين، اسان به گهڻن کي روئاڙي وينداسين” رحمان مغل المعروف سرمد سنڌي کانپوءِ سندس ڀاءُ ۽ بهترين راڳي احمد مغل به انهي رستي تي ئي هلندي پنهنجي ڌرتي سان محبت ۾ جيڪي گيت ڳايا آهن، اهي اسان سڀني جي دلين جي ترجماني ڪن ٿا، اسان سڀني کي گهرجي ته امن جي سفير انهن فنڪارن جي فن جو قدر ۽ ساڻس محبت ڪريون.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سرمد سنڌي

سنڌ جو قومي راڳي - ۲۶ هين ورسي جي حوالي سان

ارشد ساگر گوپانگ

موھن جي دڙي جي مهان ڌرتيءَ ڪيترن ئي عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو آھي، جن مھراڻ جي ھن سرزمين جو ڳاٽ ھر ميدان ۾ اوچو ڪيو آھي، سرمد سنڌي به انھن عظيم شخصيتن منجھان ھڪ آھي، سرمد سنڌي ۷ جولاءِ ۱۹۶۱ع تي خيرپور ميرس جي ننڍڙي ڳوٺ پريالوءِ ۾ جنم ورتو، هن ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي شهر مان حاصل ڪئي، ان کان بعد ۱۹۸۰ع ۾ ڊپلوما ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان ڪئي ۽ ڪراچيءَ ۾ انجنيئر طور ڀرتي ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخري لمحن تائين ان نوڪري تي ئي فائز رھيو. سرمد سنڌي ڪاليج جي زماني کان ئي پنھنجي آواز سبب مشھور ھو، هو انقلابي گيت ڪاليج کان ئي ڳائيندو ھو ۽ اتي پڻ کيس شھرت حاصل ھئي، پر سرمد ڳائڻ جي باقاعدي شروعات ۱۹۸۴ ع ۾ ڪئي، جڏھن ھن جي ملاقات سميع بلوچ سان ٿي، هن جا ڳايل شروعاتي گيت تنھنجي ياد جي وري آ وير ۽ او قاتل بدلو وٺنداسين، تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي جو اھي گيت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ھلڻ لڳا. اهو دور جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا جو دور ھو، جتي انقلابي گيتن تي سخت پابندي ھئي پر سرمد ان دور ۾ به عام محفلن ۾ ۽ ھر ھنڌ اھڙا انقلابي گيت چوندو ھو، چيو ويندو آھي ته سرمد انقلابي گيتن جي فيس نه وٺندو ھو ۽ جتي ان کي دعوت نه به ھوندي ھئي اتي به هو پاڻ ھليو ويندو ھو ۽ انقلابي گيتن سان انھيءَ محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو ھو.

سنڌ سان ايتري محبت جي ڪري ئي مھراڻ جا ماروئڙا ان کي سنڌ جو ٻيجل ۽ راڳ جو راڻو ڪوٺيندا ھئا، سرمد سنڌي سنڌ ڌرتيءَ جا ڏک سور سُر ۾ ڳائي دنيا آڏو سنڌ جو ڪيس پيش ڪيو، سرمد سنڌي واقعي سنڌ ڌرتيءَ جو سفير ھو، جنھن سنڌ جي ھر مسئلي کي راڳ جي ذريعي پيش ڪيو، سندس جا ڳايل گيت ڌرتيءَ سان محبت جو واضح ثبوت آھن. سرمد سنڌيءَ کي سلام ھجي جنھن پنھنجي انقلابي گيتن سان ستل روحن کي جاڳايو، جنھن ھارين کي جاڳايو، وڏيرن جي ظلمن خلاف ماروئڙن کي جاڳايو، وقت جي ظالم نااھل حڪمرانن خلاف ماڻهن کي سجاڳ ڪيو، هن انھن سياستدانن کي تنقيد جو نشانو بڻايو جيڪي عوام کي ووٽ وٺڻ لاءِ بيوقوف بڻائيندا آھن. مھراڻ جي ھن زرخيز زمين جو ھيءَ انمول فرد ۲۷ ڊسمبر ۱۹۹۶ ع ۾ سنڌ کان وڇڙي ويو.

پر جڏھن موت هن جي قريب آيو ھوندو ته ان به ڪجھ وقت لاءِ اهو سوچيو ضرور ھوندو ته آئون سنڌ کان ھڪ انمول تحفو کسيو وڃان ٿو، جنھن جو خال ڪوئي ٻيو پُر نٿو ڪري سگھي، سرمد سنڌيءَ جي موت تي سر ۽ سنگيت پڻ رُنا ھوندا ۽ سوچيندا ته ھوندا ته اسان کي ھن ڌرتيءَ جي لاءِ ٻيو ڪو اھڙي انداز سان پيش نٿو ڪري سگھي، سرمد جا گيت جڏھن آسمان تي تارا ٻڌندا ھوندا ته ضرور سوچيندا ھوندا ته موھن جي دڙي جي ڌرتيءَ تي انسانن جي شڪل ۾ اھڙا تارا آھن جيڪي پنھنجي سر ۽ آواز سان ٽمڪن ٿا پيا. سرمد سنڌيءَ سنڌ جي عظيم شاعرن جا گيت ڳاتا جنھن ۾ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح، سچل سرمست، شيخ اياز، استاد بخاري، زاھد شيخ، سميع بلوچ، راشد مورائي، ابراهيم منشي، عبدالغفار تبسم، نظر پياسي ۽ ٻيا ڪيترائي ئي شاعر شامل آھن. اسان سرمد سنڌي جي ۲۶ ھين ورسي تي سرمد کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا ۽ الله پاڪ کان دعا ٿا گھرون ته شال رب پاڪ سرمد سنڌيءَ کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي، آمين.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


سرمد سنڌي

سِنڌُ جي ٻَھڳُڻي ٻِيجلَ جي سارَ

سارنگ مرکنڊ

راڳي سرمد سنڌيءَ جو اصل نالو عبدالرحمان ولد حيات علي مغل هو.سندس جنم ۷ مئي ۱۹۵۸ع تي ضلعي خيرپورميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالوءِ ۾ ٿيو. سرمد سنڌي مئٽرڪ تائين تعليم پريالوءِ ۾ حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو. جتان ۱۹۸۰ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين. ۱۹۸۰ع ۾ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ ۾ سب انجينيئر (سول) ۽ بعد ۾ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ اسٽنٽ ڪنٽرولر مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخر تائين انهيءَ عهدي تي رهيو.

سرمد سنڌيءَ ڳائڻ جي شروعات ڪاليج لائف کان شروع ڪئي،ائين ئي هو پنهنجي يارن دوستن ۾ ويهي جھونگاريندو رهندو هو. کيس جيئي سنڌ جي نعري سان محبت هوندي هئي. پاڻ جڏهن ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ان وقت به ڪاليج ۾ ٿيندڙ قومي پروگرامن ۾ قومي گيت جھونگاري محفل تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي طرح سندس سريلي آواز جا آلاپ وڏين محفلن ۾ پڻ گونجڻ لڳا ۽ سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف محفلن کي قومي گيتن سان گرمائي ڇڏيندو هو. اهو جنرل ضياءَ واري مارشلا جو دور هو ۽ سنڌ ۾ قومي گيتن کي چاهه سان ٻڌو ويندو هو. سرمد سنڌي قومي ڪاڄن ۾ سڄي رات بيهي قومي ۽ انقلابي گيت ڳائي، خاص ڪري نوجوانن ۾ نئون ولولو ۽ جوش پيدا ڪندو هو. جڏهن به هو ڳائيندو هو، ته سنڌي نوجوان پنڊال ۾ جھومندا. هڪ دوست نور احمد ميمڻ جي صلاح تي رحمان مغل مان سرمد سنڌي بڻيو.

سرمد سنڌيءَ کي ريڊيو پاڪستان تي ناليواري شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي ۽ پي. ٽي. وي تي سميع بلوچ متعارف ڪرايو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس آواز ۾ پهريون ڀيرو هڪ لولي ’مارو لولي الو ميان‘ نشر ٿي. ٽي. وي تي سندس آواز ۾ ڳايل پهريون ڪلام ’تنهنجي ياد جي وري آ وير‘ هو. ان کانپوءِ سرمد بيشمار عوامي، گيت، غزل، وايون ۽ صوفين جو ڪلام اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ آڊيو-وڊيو ڪئسٽن ذريعي ڳائي، پڙهيل لکيل طبقي کان ويندي هڪ هاري پورهيت تائين مڃتا ماڻي. سرمد سنڌيءَ جو تعلق ڪنهن پيشه وار گائڪن جي خاندان سان ڪونه هو، پر سندس خاندان هڪ مذهبي گھراڻو هو، جتي ڳائڻ وڄائڻ کي سٺو نه سمجھيو ويندو هو. هن راڳ جي باقاعده سکيا ڳوٺ مان لالا عزيز،شاهد بزمي،استاد ظفر علي خان، ظهور خان زيبي ۽ بيدل مسرور کان ورتي، هن ڳايو هميشه الڳ انگ ۽ رنگ ۾. هن جي ڳائڻ جو انداز سمورن فنڪارن کان مختلف هو، هن ڪڏهن به فلمي طرزن تي نه ڳايو، هو اڪثر ڌنون پاڻ ڪمپوز ڪندو هو ۽ شاعريءَ جي چونڊ ۾ مهارت رکندو هو. سندس هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته سنڌي موسيقيءَ ۾ جدت آڻجي. هن هميشه ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي خلاف پنهنجي انقلابي آواز جي وسيلي جنگ ڪئي. هن هر موضوع تي ڳايو، سندس محورسماج ۽ ڌرتيءَ جا سور هئا. هن وٽ سندس لاشعور ۽ ڏات جي ڏيهه ۾ هڪ اهڙي خوبي هئي، جا ڪلا جي پابندين جي محتاج ڪانه هوندي هئي. .

سرمد سنڌيءَ جا وڏا اصل سکر جا هئا، ۽ عملي طرح هن پنهنجو پاڻ، پنهنجي گھر ڀاتين ۽ پنهنجن ٻارن کي سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان رچائي ڇڏيو هو. کيس سنڌ جي ڌرتي، ٻولي ۽ تهذيب سان بي انتها محبت هئي. هن سنڌين جي دلين جي ترجماني ڪئي. سرمد سنڌي قومي پروگرامن جي دعوت جي ڪابه فيس وغيره نه وٺندو هو، کيس ڪنهن قومي ڪاڄ جي دعوت نه به ملندي هئي، ته به فرض سمجھي ان پروگرام ۾ پاڻ مرادو هليو ويندو هو. سندس دوستن کي چيل هوندو هو ته ڪنهن به سنڌيءَ جي دعوت ڏيڻ تي سندس اچڻ جي پڪ ڏئي ڇڏين، هن ڪڏهن به پئسن جي خاطر نه ڳايو، پر پنهنجي دلي شوق جي پورائي ۽ ڌرتيءَ جو فرض سمجھندي ڳايو. هن شاهه لطيف سميت شيخ اياز، استاد بخاري، سرڪش سنڌي، اياز گل، ادل سومرو، زاهد شيخ، تاجل بيوس، زخمي چانڊيو، نظر پياسي، سميع بلوچ، ڪوثر ٻرڙو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي، سندن پيغام کي جھر جھنگ تائين پهچايو. سنڌي عوام ۾ کيس ’سنڌ جو ٻيجل‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. نامياري شاعر تاجل بيوس کيس ’راڳ جو راڻو‘ ۽ ’سنڌ جو وڪٽر هارا‘ ڪري سڏيو آهي. سرمد سنڌي سائين جي.ايم سيد جي سالگرهه جي پروگرامن ۾ هر سال پابنديءَ سان شريڪ ٿيندو هو. سندس زندگيءَ ۾ صرف سنڌ سان محبت هوندي هئي. سرمد سنڌي هڪ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ سخت زخمي ٿيو، جنهن ۾ سندس هڪ ڄنگھ جي هڏي ڀڄي پئي هئي، جنهنڪري کيس ڪراچيءَ جي اسپتال مان لوهي راڊ لڳي ۽ پاڻ ان جي وسيلي هلڻ لڳو. ڪجھه عرصي بعد ۲۷ ڊسمبر۱۹۹۶ع تي بدين مان هڪ پروگرام ڪري، ڪوسٽر ذريعي ڪراچي واپس وڃي رهيو هو ته ديوان شگر مل ٺٽي ويجھو ڪوسٽر جو ڪمند سان ڀريل هڪ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. کيس ڪراچيءَ نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين ۽ ۳۵ سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سـندس زندگيءَ جو آخري آڊيو البم ’ماروئڙا شهزور‘ هو، جنهن ۾ زاهد شيخ، اياز گل، زخمي چانڊئي ۽ ٻين شاعرن جا گيت شامل هئا. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز سرمد سنڌيءَ جي وفات تي تعزيتي تاثر ۾ لکيو آهي ته: ”سرمد جو آواز اڃا تائين ڪَتين جي ڪنن ۾ گونجندو هوندو ۽ ستارا اهو ٻڌي سوچيندا هوندا ته سنڌ، ڌرتيءَ جو اهڙو اپگرهه آهي،جتي اهڙي لازوال ڏات پيدا ٿي سگھي ٿي.“

سرمد سنڌيءَ کي پٽ ڄمڻ جي تمام گهڻي خواهش هوندي هئي. سرمد سنڌيءَ جي وفات کان ٽي ڏينهن پوءِ سندس ونيءَ هڪ پٽ کي جنم ڏنو، جنهن جو نالو ’عزيزالرحمان‘ رکيو ويو. کيس هڪ پٽ ۽ ڌيءَ ماريه جو اولاد آهي. هن وقت سرمد سنڌيءَ جو ننڍو ڀاءُ احمد مغل سندس نقش قدم تي هلندي، پنهنجي ڀاءُ جو نالو روشن ڪري رهيو آهي. سرمد سنڌيءَ جي وفات بعد علي حسن چانڊئي سندس ياد ۾ تاثراتن تي ٻَڌل هڪ ڪتاب ’سنڌ جو ٻيجل: سرمد سنڌي‘سهيڙي ۱۹۹۷ع ۾ سرمد سنڌي يادگار ڪاميٽي طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو، جڏهن ته ڪوثر ٻرڙي سندس ڳايل ڪلامن کي سهيڙي هڪ ڪتاب پڻ شايع ڪرايو آهي .....

 

(سارنگ مرکنڊ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

سرمد سنڌي

سنڌ جو سدورو پُٽ!

ارشاد ساگر گوپانگ

سنڌ ڌرتيءَ جو وجود دنيا تي ھزارين سالن کان موجود آھي. ھن مھراڻ جي واديءَ ۾ ڪيترن ئي مشھور شخصيتن جنم ورتو، جن سنڌ ڌرتيءَ جو نالو دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦهلايو. ڪي علم جا مها ساگر بڻيا ته ڪن رنگن جي دنيا وسائي، ڪن شاعريءَ کي آڪاش بڻايو ته ڪنهن ڪلهي ڪينرو پاتو. سرمد سنڌي به انھن منجھان ھڪ آھي. جنھن پنھنجي ڪوئل جهڙي آواز سان سنڌ ڌرتيءَ جو نالو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڄايو. سرمد جو اصل نالو رحمان مغل ھو پر سندس سنڌ سان گھڻو پيار ۽ عشق جي ڪري رحمان مغل مان سرمد سنڌي ٿي ويو ۽ آخر تائين اھو نالو مشھور رھيو.

سرمد سنڌيءَ خيرپور ميرس جي ننڍڙي شھر پريالو ۾ جنم ورتو، کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق ھوندو ھو. هُن کي موقعو اُن وقت مليو، جڏھن سندس ملاقات سميع بلوچ سان ٿي، جنھن جو گيت ”تنھنجي ياد جي وري آ وير”ڳائي سرمد سنڌي کي سنڌ ۾ ھر ھند ٻڌيو ويو. وري سرمد سنڌي کي جڏھن زاھد شيخ جو گيت ’او قاتل او قاتل’ڳاتو ته سرمد کي اڃان به وڌيڪ مشھوري ملي وئي. سرمد سڀ کان گھڻا گيت زاھد شيخ جا ڳايا، جنھن ۾ سنڌڙي ’تنھنجو آھي سور’گيت پڻ شامل آھي.

سرمد سنڌيءَ جي اُڀرڻ کان پهريان سنڌي گهرن ۾ موسيقي ٻُڌڻ جو رواج نه هوندو هو، ڇو ته ڪجھ فنڪارن اهڙا ته گيت عام ڪيا هُئا جو پڙهيل لکيل طبقو ٻُڌندي به شرمساري محسوس ڪندو هو. اڪثر ڪري هوٽل، ٽريڪٽر ۽ ٽرڪون اُن موسيقيءَ جي سحر ۾ هونديون هيون. شاعريءَ ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويندا هُئا، تن کي عام ماڻهو پنهنجي روزمره جي ڳالھ ٻولھ ۾ به استعمال ڪرڻ کان لنوائيندو هو. جنهن ڪري پڙهيل لکيل طبقي جو ڌيان اردو موسيقيءَ ڏانهن هو. پر سرمد سنڌي اُن ٽرينڊ کي تبديل ڪري ڏيکاريو. هُن نه رُڳو دل تي اثر ڪندڙ شاعريءَ جي چونڊ ڪئي، پر پنهنجن گيتن وسيلي ماڻهن کي پيغام پڻ ڏنو.

سرمد سنڌي جا گيت ھندستان ميوزڪ سان ماڻھو ڀيٽ ڪندا ھئا. سرمد سنڌيءَ آھستي آھستي سنڌ جي ماڻھن جي دلين اندر گھر ڪندو ويو. هُن مارشلا جھڙي سخت دور ۾ بي سندس گيت ڳايا. سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ سنڌ جي سدا ھئي. سرمد سنڌيءَ ڪڏھن ڪنھن پير، وڏيري جي ھمدردي حاصل ڪرڻ لاءِ انھن جا گيت نه ڳايا، بلڪ انھن کي للڪاري گيتن ۾ ھميشه سنڌ جي عوام جي ھمدردي حاصل ڪئي. هُن جي آواز ۾ سنڌ جي صدا ۽ ٿر جي ماروئڙن جي پياس ھئي. سرمد سنڌيءَ لٽيرن کي ھميشه اکيون اکين ۾ ملائي اھو چيو ته ”انڌي دستور کي بي تڪي تور کي مان نٿو مڃان”ڪڏھن ھو ’انقلاب ساٿيو ڪو انقلاب ساٿيو’جھڙا گيت چئي سنڌي عوام کي سجاڳ پئي ڪيو.

سرمد سنڌيءَ جا گيت ھميشه سنڌين جي لاءِ ئي ھئا، جنھن جو بيان ھي گيت ڪري ٿو ته؛

”سور پٽيندي صديون گذريون، پوءِ به لٿا نه پور،

ماروئڙا مجبور، منھنجا سانگيئڙا مجبور!”

سرمد سنڌيءَ سنڌ سان ٿيل ظلم کي ڳائي دنيا کي ٻڌايو. جيڪڏهن آءٌ سرمد کي سنڌ جو سفير چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو. جيتوڻيڪ هُن جي ڄمار ٿوري هُئي، پر هُن جيڪا به زندگي گذاري هُو سنڌ توڙي سنڌين لاءِ محبوب بڻيل رهيو. ۳۶ سالن جي عمر ۾ ھڪ ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ ھن دنيا کي خيرباد چئي ھميشه لاءِ وڇڙي ويو پر سندس چيل گيت اڄ به اھا گواھي پيا ڏين ته سرمد سنڌي امر آھي. سندس وڇوڙو ۲۷ ڊسمبر ۱۹۹۶ تي ٿيو هو. اِهو هڪ اهڙو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي هُن جي موت پڄاڻان سنڌ کي تمام وڏو هاڃو رسيو هو، يعني محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي هُئي. تنهن ڪري ئي ڊسمبر کي وڇوڙن جو مهينو به سڏيو وڃي ٿو جو اِن ساڳي مهيني ۾ سنڌ کان مهان شاعر شيخ اياز پڻ وڇڙي ويو هو. پر هي اُهي ڪردار آهن جيڪي موت پُڄاڻان به پنهنجن ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ زنده رهن ٿا. اڄ به سرمد سنڌيءَ جا گيت ماڻهن، خاص ڪري سنڌ جي نوجوان نسل جي ڪنن ۾ ٻُرندا رهن ٿا؛

’جڏهن هِن دنيا مان گذاري وينداسين،

گهڻن کي اسان به رُئاري وينداسين.‘

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۰ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا