; سنڌي شخصيتون: ادراڪي بيگ لاري - مختيار ملاح

05 January, 2015

ادراڪي بيگ لاري - مختيار ملاح

ادراڪي بيگ لاري
ارغون دور جو تاريخ نويس
مختيار ملاح
سمن جي حڪومت جي زوال سان سنڌجون واڳون ارغونن جي هٿ آيون، جن اچڻ سان سڄي ملڪ ۾ رڻ ٻاري ڏنو. پوري ملڪ ۾ قتل عام شروع ڪيو ويو. ارغون ترڪستان جي هڪ خاندان جو نالو آهي، جنهن خاندان 1520ع کان 1555ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. هن خاندان جو نسبتي سلسلو چنگيز خان سان وڃي ملي ٿو. ارغونن کانپوءِ سنڌ، سندن ساٿين ۽ سپاهين، ترخانن جي هٿ لڳي. جن جو دور اڳئين دور کان وڌيڪ انتشار وارو هو. سنڌ۾ فارسي زبان پنهنجي عروج تي پهتل هئي، علم ۽ ادب جا اڪثر حوالا فارسيءَ ۾ ئي لکيا ويا، جن مان هڪ حوالو ”بيگلر نامه، يا“ بيگلار نامو“ آهي. ڪتاب جي مصنف بابت مولائي شيدائي لکي ٿو ته ”بيگلار نامه ابوالقاسم خان ولد شاهه قاسم خان بيگلار جي تصنيف آهي. هن ۾ ترخان گهراڻي جو بيان 1017هه کان سن 1036هه تائين ڏنل آهي.“ جڏهن ته ٻيو خيال اهو آهي ته اهو ڪتاب اهو ادارڪي بيگلاري لکيو. اها خبر نه ٿي پوي ته ادارڪي سندس تخلص هو يا نالو. بهرحال محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته ان ڪتاب جو ليکڪ ادارڪي بيگلاري هو.


ادارڪي بيگلاريءَ جي باري ۾ ڪا خاص معلومات نه ٿي ملي.
انسائڪلو پيڊيا سنڍيانا جي پهرين جلد ۾ اچي ٿو ته هو ”سنڌ ۾ ڏهين صدي هجريءَ جو مشهور فارسي گو شاعر، تاريخدان۽ ترڪ قبيلي ارغون سان تعلق رکندڙ هو. هن خاندان جو مرڪز نصرپور هو، ادارڪيءَ پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن هتي ئي گذاريا ۽ هتي ئي وفات ڪئي. هن جي پهرين تصنيف مثنوي چنيسر نامه، آهي، جيڪا هن پنهنجي ممدوح مير ابوالقاسم بن شاهه قاسم زمان بن سيد قاسم بيگلاريءَ جي فرمائش تي 1601ع ۾ لکي. سندس ٻي تصنيف ”بيگلار نامه“ آهي، جنهن ۾هن مير ابوالقاسم جي والد شاهه قاسم خان (1017هه/1658ع) جي  لڙاين کي فارسي نثر ۾ لکيو آهي. سندس هي ڪتاب ترخاني دور متعلق هڪ مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. ادراڪي بيگلاريءَ جي زندگيءَ جو احوال گهڻو ڪو نه ٿو ملي.
”تاريخ سنڌجا عربي ۽ فارسيءَ ماخذ“ جو مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق لکي ٿو ته ”بيگلار نامه، جي لکندڙ هيءَ تصنيف امير شاهه قاسم پٽ مير سيد قاسم بيگلار نالي منسوب ڪئي، جنهن مصنف کي هن تاليف لکڻ لاءِ اڀاريو ۽ همٿايو هو، اسان کي مولف جي ڪا به ڄاڻ ڪا نه آهي. ايتري قدر جو سندس نالي جي سڌ به ڪا نه پئجي سگهي آهي. اسان فقط سندس سرپرست بابت چيل ٻول ٻڌائي سگهون ٿا. باقي سندس انداز گفتگو مان سمجهي سگهجي ٿو ته هو سندس ملازم هو. بيگلار، مولف جي سرپرست جي ذات آهي، تنهن ڪري هن کي ايران ترڪيءَ جي بيگلر بيگ سان منلائڻ نه کپي. مشهور مورخ پير حسام الدين راشدي ان سلسلي ۾ لکي ٿو ته ” هڪ عقيدي جو سني هو ۽ کيس ممدوح مير ابو القاسم سلطان ۽ سندس پيءُ قاسم شاهه سان دلي عقيدت هئي. بيگلارن جو ڳڙهه نصرپور هو. هي علائقو ڪيترو عرصو سندن جاگير به هو. هنن عروج و زوال جا ڏينهن هتي بسر ڪيا. ممڪن آهي ادراڪيءَ به سڄي حياتي هتي گذاري ۽ هتي ئي دفن ٿيو. سندس وفات 1034 بعد ٿي.“
”چنيسر نامه،:
چنيسر نامه سومرن جي دور ۽ پوءِ ملڪي حالتن جي، شاعريءَ ۾ هڪ تاريخ آهي، هن مثنويءَ کي 1010هه/1601ع ۾ لکيو ويو، مير علي شير قانع، هن مثنوي مان مير ابوالقاسم سلطان جي تعريف ۾ ڏنل ڪجهه بند ڏنا آهن.
ابوالقاسم بهادر بيگ سلطان-که، درپايش سِرخصم است غلطان
بورشه رايدردروتبه افزون-بهادر شاهه قاسم خان ارغون
ز نسل بيگ لارانِ معظم-باسم وتيغ مشهورو مکرم
... ... ... ... ... ... .
چو ”ادراڪي“ غلامِ درگه اوست-مطيع لطف گاه وبيگه اوست
هميشه ازخدا خواهد حياتش-بود ازجان غلامءِ التفاتش
هيءَ مثنوي 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿي، ارغون ۽ ترخان دورن ۾ جيڪي مثنويون لکيون ويون، چنيسر نامه، انهن ۾ٽئين نمبر تي اچي ٿي، پر سنڌجي تاريخ تي اها پهرين مثنوي آهي، باقي مثنويون بعد ۾ لکيون ويون.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو هن ڪتاب جي اهيمت ۽ افاديت بابت لکي ٿو ته ”سنڌجي سياسي تاريخ تي هتي جيڪي به اوائلي ڪتاب لکيا ويا، انهن ۾ بيگلار نامه جو نمبر تاريخي لحاظ کان تاريخ معصوميءَ بعد اچي ٿو. ان جي قدامت جي ڪري ڪتاب جي اهميت تمام نمايان آهي. تاريخ طاهري، جيڪا ”بيگلار نامه“ بعد سن 1030هه ۾ لکي وئي، تنهن جي مصنف بيگلرن بابت احوال پڻ هن ڪتاب تان کنيو آهي.“
انسائيڪلو پيڊيا جي جلد پهرئين ۾ لکيو ويو آهي ته ”فارسي ۾ لکيل هي تاريخي ڪتاب، جيڪو ادارڪي بيگلاري سال 1017هه/1608ع ۾ لکيو هو ۽ جنهن کانپوءِ سال 1034هه/1626ع تائين واڌار ٿيندا رهيا.“) اهڙي طرح ڊاڪٽر گل حسن لغاري، جنهن سنڌ ۾ فارسي نثر نويسيءَ تي ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي، ان هن جو نالو ادارڪي بيگلار ٺٽوي ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ڪتاب جو ليکڪ خود لکي ٿو ته ”هن هي ڪتاب امير قاسم خان بن امير سيد قاسم پيگلار (شهزادو) جي صلاح ۽ رهبري ۾ لکيو آهي، جيڪو عظيم جنگجو ۽ اعليٰ اخلاق جو مالڪ هو.
عرض ازتميد اين مقدمات وتحرير اين کلمات آن ست ٻه چرن مفت
سخاوت وشجاعت... ... امير قاسم خان ابن سيد قاسم بيگلار
موجودو متحقق بود... ... اين فقير ذره حقير موجب اشارت امير
کبيرروشن ضميراراده غورکه تمامي حالات وواقعات حروب و
کروب آنحضرت رٰ... ... . بيان عايد
ادارڪي بيگلاري لکي ٿو ته هي مقالو بيگلار (شهزادي) جو احوال ٻڌائي ٿو، ان ڪري ان جو نالو بنگلار نامه رکيو ويو آهي“ ر)
ڪتاب ترخان دورجي هڪ امير شاهه قاسم بيگلار جي وقت، احوالن ۽ آثارن تي مشتمل آهي، ان دور جي سنڌ جي تاريخ جو هڪوڏو ماخذ آهي.بقول پير حسام الدين راشديءَ جي ”هي ڪتاب ترخاني دور جي سلسلي ۾ نهايت ئي مستند دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هن ڪتاب جي وڏي اهميت آهي“ ر) ڪتاب لاءِ جڏهن ته ايم ايڇ پنهور صاحب لکيو هجي ته اهو سنڌ جي مختصر تاريخ ترخانن تائين ڏئي ٿو. خان زمان ۽ مرزا جان بابا ۽ هن جي فتحن  جي باري ۾ معلومات  ڏئي ٿو. ان سان گڏ سنڌي قبيلن جي مزاحمت جو احوال به دلچسپ  پيرائي ۾ ڏنل اٿس. ڪتاب ۾ مهاڳ کانپوءِ  22 صفحا، عربن جي حملي ۽ سنڌ جي اڳئين دورجي تاريخ تي مشتمل آهن، ان کانپوءِ ارغون گهراڻي جو نهايت مختصر ذڪر آهي. بعد ۾ امير قاسم جي حياتي قلمبند ڪيل آهي، جيڪو ارڙهن صفحن تي مشتمل آهي. پوءِ ترخان گهراڻي جو تفصيلي ذڪر آهي.
عمرڪوٽ جي باري ۾ ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ”عمرڪوٽ جي نوابي سنڌجي حڪمران جي هٿ هيٺ هئي. هو جنهن کي چاهيندو هو اتان جو نواب مقرر ڪندو هو، جنهن زماني ۾ خان خانان سنڌ ۾ آيو ته ان زماني ۾ عمرڪوٽ جي گورنري راڻي ميگهراج جي حوالي هئي. خان خانان جي مرضي هئي ته هو راڻن جي گهراڻي مان شادي ڪري. راڻي ميگهه راج وٽ اهڙي لائق نياڻي ڪا نه هئي جو خان خانان جي شادي جي لائق هجي، تنهن ڪري هن پنهنجي ڀاءُ مان سنگهه جي ڇوڪري کيس ڏني.“ ر)

هن ڪتاب جا سنڌي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. خان بهادر محمد صديق ميمڻ هن ڪتاب کي 1947ع ۾ سنڌي  ۾ ترجمو ڪري سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيرآباد پاران شايع ڪرايو هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اصل فارسي ڪتاب کي مقدمي، حاشي سان گڏ ايڊٽ ڪري 1980ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايو.

No comments:

راءِ ڏيندا