; سنڌي شخصيتون: استاد شفيع محمد جمن - ناصر قاضي

28 August, 2013

استاد شفيع محمد جمن - ناصر قاضي

استاد شفيع محمد جمن
سنڌي ڪافيءَ جو سهڻو ڪلاڪار
ناصر قاضي
سر سريراڳ مان ڀٽائي گھوٽ جو آواز آيو ته:
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ،
سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي ابهين.
شاهه سائينءَ پنهنجي هن بيت وسيلي اهڙي وکر جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو وکر ڪڏهن به پراڻو نه ٿو ٿئي ۽ جنهن کي واپرائڻ سان قيمتي ۽ پائدار دولت حاصل ٿئي ٿي. ڀٽائي سرڪار جي مٿين بيت جي ڀيٽا جيڪڏهن مان سنڌي موسيقيءَ جي مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن ۽ سندس فرزندن مرحوم استاد شفيع محمد جمن ۽ هن دؤر جي سهڻي ڪلاڪار اويس جمن کي ڏيان ته مان ڪنهن قدر غلط نه هوندس، ڇاڪاڻ استاد محمد جمن سنڌي موسيقيءَ جي جيتري خدمت ڪئي ته سندس مرادوند اولاد سندس محنتن جو ڀرم رکندي انهيءَ وکر کي اهڙيءَ ته پرت سان پاڙيو ۽ سڪ سان سانڍيو، جو ان مٿان ڪڏهن به پروڻ جي دز چڙهڻ نه ڏني.

استاد شفيع محمد جمن سنڌي ڪلا جو اهو سهڻو راڳي هو، جيڪو پنهنجي والدِ محترم جي ڏسيل ڏس ۽ گس تي اهڙو ته ثابت قدم رهيو، جو ساڳيو ئي آواز ۽ انداز اختيار ڪندي، سندس ڇڏيل ورثي جي حقيقي وارث طور سامهون آيو.
استاد شفيع محمد جمن ۲۰ جنوري ۱۹۵۶ع تي ڪراچيءَ جي لالوکيت جي علائقي عثمان ڳوٺ ۾ مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن جي گھر ۾ جنم ورتو. بلاشڪ استاد شفيع محمد جمن جو ننڍپڻ هڪ اهڙي گھر جي آڳر ۾ بانبڙا پائيندي گذريو، جتي سُرَ سندس ٻاتڙا ٻول ۽ ساز سندس رانديڪا بڻيا. استاد شفيع محمد جمن اڳتي هلي مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي، سندس نصابي تعليم وارن مرحلن دؤران ئي سندس والدِ محترم استاد محمد جمن کيس موسيقيءَ جي سکيا ڏيڻ وارو عمل به شروع ڪري ڇڏيو، شروع  ۾ استاد محمد جمن کيس راڳ جي بنيادي تعليم ڏيڻ سان گڏ محفلن ۾ به پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو، جتي استاد شفيع محمد جمن آهستي آهستي محفلن جي ماحول کان باخبر ٿيندو رهيو. ان دؤران استاد شفيع محمد جمن، شاهه سائين جي هڪ وائي ياد ڪئي، جنهن جا ٻول هئا: ’ڪانگل نيئي ته ڏجو، مون ڏکيءَ کي ڏوراپو‘ ۽ اها ساڳئي وائي استاد محمد جمن کانئس پنهنجي هر محلفن جي شروعات ۾ ڳارائيندو هو. ان وقت استاد شفيع محمد جمن جي عمر لڳ ڀڳ ۱۲ سال هئي. اڳتي هلي جڏهن استاد شفيع محمد جمن پنهنجي ٻالڪپڻ جي حدن مان جوانيءَ طرف وکون وڌايون، تڏهن اڪثر پنهنجي والد سان گڏ محفلن ۾ هارمونيم تي سنگت پڻ ڪندو هو. استاد شفيع محمد جمن پنهنجي والد استاد محمد جمن کان علاوه استاد ڪرامت علي خان کان به ڪافي ڪجھه پرايو.
۱۹۷۱ع ڌاري،جڏهن استاد شفيع محمد جمن جي عمر تقريباً ۱۵ سال هئي، تڏهن پروڊيوسر غلام حسين ڪوريجي کيس ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نوجوانن جي پروگرام ’نئين ٽهي‘ ۾ متعارف ڪرايو. ان بعد سندس ئي والد استاد محمد جمن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنهنجي ڪمپوزيشن ۾ پروڊيوسر انور بلوچ جي نوجوانن لاءِ نشر ٿيندڙ پروگرام ۾ سچل سرمست جي ڪافي ’جاني تو نه جڳائي، رسڻ نماڻيءَ سان‘ استاد شفيع محمد جمن کان ڳارائي. هڪ ڀيري سنڌ جي نامياري ليکڪ، براڊڪاسٽر ۽ پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل عنايت بلوچ ڊفينس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل هڪ نجي محفل ۾استاد شفيع محمد جمن کي اهو چئي ڳائڻ جو موقعو ڏنو ته: ”هن محفلن کي اوهان ريڊيو آڊيشن سمجهو“ جنهن جي موٽ ۾ استاد شفيع محمد جمن تمام سٺو ڳائي محفل کي موهڻ سان گڏ هڪ مڪمل راڳيءَ طور به ريڊيو جي ڪيترن ئي براڊڪاسٽرن جي آڏو پاڻ مڃايو ۽ ريڊيو پاڪستان جي پئنل ۾ شامل ٿي ويو.
استاد شفيع محمد جمن کي پاڪستان ٽيليويزن تي نامياري پروڊيوسر سيد ذوالفقار علي نقويءَ پنهنجي پروگرام ’سنڌ سينگار‘ ۾ ۱۹۸۲ع ڌاري پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو، جنهن بعد استاد شفيع محمد جمن ٽي. وي جي لا تعداد سنڌي توڙي اردو پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. استاد شفيع محمد جمن هڪ ڪلاڪار هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ڪمپوزر پڻ هو، هن ڪيترن ئي لافاني اسمن جون ڌنون ترتيب ڏنيون، جيڪي عوامي سطح تي ڪافي مقبول ٿيون. ۱۹۸۷ع ۾ استاد محمد جمن جي طبيعت مسلسل ناساز رهڻ ڪري هن ڪافي حد تائين پنهنجون ذميواريون پنهنجن لائق فرزند کي سونپي ڇڏيون، جنهنڪري استاد شفيع محمد جمن کي استاد محمد جمن پنهنجي جڳهه تي محفلن توڙي عوامي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ موڪليندو رهندو هو ۽ موٽ ۾ استاد شفيع محمد جمن به استاد محمد جمن جي سُرَ توڙي سڀاءَ جي ڪمي ڪنهن کي به محسوس ٿيڻ نه ڏني. آخرڪار ۲۴ جنوري ۱۹۹۰ع تي استاد محمد جمن سرن کي سوڳوار ڪري، سونهاري سنڌ کان هميشه لاءِ جدا ٿي راهه رباني وٺي ويو ته سندس سموريون ذميواريون استاد شفيع محمد جمن جي ڪلهن تي آيون، جن کي هن احسن نموني سان نڀايو ۽ سندس ڇڏيل خال کي تمام سهڻي نموني پر ڪيو.
استاد شفيع محمد جمن پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ لڳاتار ۱۲ سال فن جي خدمت ڪئي، هن استاد محمد جمن جي ڇڏيل ڪم کي نهايت ئي سهڻي انداز ۾ اڳتي وڌايو، سندس آواز ۽ انداز هوبهو استاد محمد جمن وارو ئي هو، استاد شفيع محمد جمن ڪلا جي هر صنف ۾ پاڻ موکيو، پر ڪافي سندس پسند جي صنف هئي، جيڪا هن پنهنجي والد پاران ڇڏيل ورثو سمجھندي تمام گھڻي چاهه ۽ عشق سان ڳائي. سندس فني خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا، جن ۾ سال ۲۰۰۲ع ۾ شاهه لطيف ايوارڊ سميت ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن. استاد شفيع محمد جمن عملي زندگيءَ ۾ ڪسٽم جي کاتي ۾ هڪ سرڪاري ملازم طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
استاد شفيع محمد جمن ۲۰۰۲ع ۾ بيماريءَ سبب سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتي ڪجھه عرصو علالت ۾ رهڻ بعد ۲۸ آگسٽ ۲۰۰۲ع تي پنهنجي لافاني آواز سميت هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي ويو، سندس وفات کان بعد سندس ئي ڀاءُ استاد اويس جمن تمام سهڻي انداز سان پنهنجي ڀاءُ استاد شفيع محمد جمن جي توڙي پنهنجي والد جي ڪمي پورو ڪري رهيو آهي.



شفيع محمد جمن
سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي
ابراهيم لاشاري
سونهاري سنڌ ڪيترن ئي عظيم ڪردارن سان اصل کان وٺي ٽمٽار لڳي پئي آهي، هن ڌرتي زندگي جي مختلف شعبن ۾ املهه انسانن کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي، پر سر سنگيت واري شعبي ڏانهن نظر ڊوڙائبي ته سنڌ جي ڪلاسيڪل ڳائڻي محمد جمن جو نالو اتم ۽ اعليٰ نظر ايندو، محمد جمن جنهن سنڌي موسيقي سان هميشه نڀائي پنهنجو نالو هن جڳ ۾ مشهور ڪرايو اتي سندس اولاد به ڪيئن نه گهٽايو آهي سندس فرزند شفيع محمد جمن سر سنگيت ۾ پنهنجي والد جي آواز منجهه هوبهو ڳائي پنهنجي خانداني ورثي سان واهه جو نڀايو راڳ جي دنيا جو هي زبردست آواز 20 جنوري 1956ع جمعي جي ڀلاري ڏهاڙي تي ڪراچي شهر جي لالوکيت واري علائقي ڀرسان ڳوٺ محمد عثمان سر ۽ سازن واري گهراستاد  محمد جمن سخيراڻي جي گهر منجهه اک کولي سندس ڏاڏي جو نالو حاجي احمد سخيراڻي هو سندس وڏا اصل بلوچستان صوبي جي ڳوٺ ڪنڊ جهنگ جا رهاڪو هئا ۽ بعد ۾ اچي سنڌ وسايائون. شفيع جمن کي والدين ننڍي هوندي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ صلاحون ڏيندا هئا هن سريلي فنڪار کي سال 1967ع ڌاري حاجي مريد بڪڪ جي مين پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني جتان شفيع محمد جمن پنج درجا وڏي محنت ۽ شوق، چاهه سان پڙهي پاس ڪيا. هن وڌيڪ تعليم مئٽرڪ تائين پرائي تعليم منجهان هٿ ڪڍي ڳائڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو، کيس راڳ ته ورثي ۾ مليل هڪ گفٽ هئي، سندس ننڍپڻ به سر ۽ ساز ٻڌندي گذري 12 سالن جو عمر جو مس ٿيو ته سندس والد استاد محمد جمن کيس راڳ جي محفلن ۾ ساڻ وٺي ويندو هو شفيع جمن کي به راڳ ڳائڻ واري عشق مجبور ڪري ڇڏيو ۽ هو آهستي آهستي پنهنجي پيءُ سان گڏ ڳائڻ شروع ڪيو، شفيع جمن ڳائڻ کان اڳ پنهنجي والد سان (هارمونيم) وڃائڻ جو فن سکي هار مونيم پيو وڄائيندو هو سندس راڳ جو استاد والد صاحب ۽ باقائدي  ڳائڻ جي تربيت ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي اڳوڻي ميوزڪ ڪمپوزر (استاد امين راهي) کان حاصل ڪري شاگردي جو ڳانو ٻڌرايو، ابتدائي زماني ۾ شفيع جمن پنهنجي والد سان دنيا جي عظيم ۽ ڌرتي جي وڏي شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جن جو ڪلام (ڪانگل نيئي ته ڏيو، مون ڏکيءَ جو ڏوراپو) ڳائي محفلن کي مچائيندو هو ۽ آهستي آهستي مشهوري به ماڻي ورتائين سال 1983ع سندس لاءِ سڀاڳو سال هو جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشهور براڊڪاسٽر محترم پروڊيوسر انور بلوچ صاحب حضرت سچل سرمت رح جو ڪلام (جاني تو نه جڳائي، رسڻ نماڻي سين) جا ٻول رڪارڊ ڪري معتارف ڪرايو. شفيع محمد جمن سنڌي زبان کان علاوه سرائڪي، بلوچي، اردو ٻولي ۾ به پنهنجي فن جي مهارت اعليٰ نموني سان ادا ڪندو هو شفيع محمد جمن رڳو ڳائڻ جي مهارت نه رکندو هو. هو پنهنجي والد صاحب جيان هڪ بهترين موسيقار پڻ هو شفيع جمن پنهنجي وقت ۾ نه صرف ريڊيو پاڪستان تي بلڪ ٽيليويزن پاڪستان جي تمام گهڻ پروگرامن جهڙوڪ سنڌ سنگيت، ڪچهري  لوڪ تما شا، مهراڻ ميگ، سنڌ سينگار جو ڪمپوزر پڻ رهيو. شفيع جمن ريڊيو پاڪستان جي پينل اچڻ بعد هن سنڌ جي مشهور شاعر بلاول پرديسي جو ڪلام (منهنجا يار دلدار اوري آ) ڳائي ريڊيو تي جاءِ والاري شفيع محمد جمن ڪيترا ئي نغما، ڪلام، گيت، ڪافيون ڪمپوز ڪيون سندس ٻه ٽي ڪيسٽون پڻ رڪاڊل ٿيل ڪلام سان مارڪيٽ ۾ پهتيون شفيع محمد جمن پنهنجي زماني ۾ ڪيترن ئي نون ۽ پراڻن شاعر منجهان لطيف سرڪار رح، سچل سرمت رح، حمل فقير، پيرل پياسي، بلاول پرديسي، مصري شاهه، محمد جمن هالو ۽ ٻين ڪيترن جو ڪلام ڳائي پنهنجن پرستارن کان وقت به وقت داد حاصل ڪندو رهيو. شفيع محمد جمن ڪيترن ئي فنڪارن کي پنهنجي فن ۽ ڏات  منجهان زبردست تربيت پڻ ڪئي اهڙن فنڪارن جي لسٽ ۾ گل بانو، قربان سولنگي، ثمينا ڪنول، منير چنو وغيره شفيع محمد جمن ڪافي راڳ کان سواءِ غزل، گيت واري صنف کي پڻ دل لڳائي ڳائيندو هو هن سريلي ڪلاسيڪل فنڪار کي فن ۽ ڏات جي ميراث منجهان مختلف مڃتا ايوراڊن ۽ انعامن سان نوازيو ويو شفيع محمد جمن کي سماجي ڀلائي واري ڊپارٽمينت طرفان ايوارڊ، اجرڪ آرٽ اڪيڊمي خيرپورميرس پاران ايوارڊ ۽ ڌرتي جي وڏي مان وڏي سنڌي ٻولي جي شاعر جي شاعري ڳائڻ تي لطيف ايوارڊ سال 2002ع سان پڻ نوازيو ويو جيڪا پڻ ڪنهن فنڪار لاءِ اعزاز کان گهٽ ناهي. هي عظيم فنڪار ڏيڍ مهينو بيماري جي بستري تي سول اسپتال ڪراچي ۾ زندگي جي جنگ بيماري سان جوٽيون بيٺو هو پر زندگي سندس ساٿ ڇڏي ڏنو، موت سندس مٿان ٽڪ ٻڌي بيهي رهيو اهڙي طرح شفيع محمد جمن جي ساهه جو سڳو تاريخ 28 آگسٽ 2002 ع اربع جي ڏينهن زندگي جا 46 سال 7 مهينا ۽ 8 ڏينهن گذاري پنهنجو من موهيندڙ آواز ۽ سر سنگيت جا ساز بند ڪري راهه رباني ٿي ويو. سندس تربت پنهنجي والد استاد محمد جمن جي قبر ڀرسان ٻئي ابدي آرامي آهن سندس جي اڄ 15 ورسي ملهائي ويندي.


No comments:

راءِ ڏيندا