; سنڌي شخصيتون: استاد، شفيع، محمد، جمن، سنڌي، ڪافي، سهڻو، ڪلاڪار، ناصر، قاضي،
Showing posts with label استاد، شفيع، محمد، جمن، سنڌي، ڪافي، سهڻو، ڪلاڪار، ناصر، قاضي،. Show all posts
Showing posts with label استاد، شفيع، محمد، جمن، سنڌي، ڪافي، سهڻو، ڪلاڪار، ناصر، قاضي،. Show all posts

28 August, 2013

استاد شفيع محمد جمن - ناصر قاضي

استاد شفيع محمد جمن
سنڌي ڪافيءَ جو سهڻو ڪلاڪار
ناصر قاضي
سر سريراڳ مان ڀٽائي گھوٽ جو آواز آيو ته:
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ،
سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي ابهين.
شاهه سائينءَ پنهنجي هن بيت وسيلي اهڙي وکر جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو وکر ڪڏهن به پراڻو نه ٿو ٿئي ۽ جنهن کي واپرائڻ سان قيمتي ۽ پائدار دولت حاصل ٿئي ٿي. ڀٽائي سرڪار جي مٿين بيت جي ڀيٽا جيڪڏهن مان سنڌي موسيقيءَ جي مهان ڪلاڪار استاد محمد جمن ۽ سندس فرزندن مرحوم استاد شفيع محمد جمن ۽ هن دؤر جي سهڻي ڪلاڪار اويس جمن کي ڏيان ته مان ڪنهن قدر غلط نه هوندس، ڇاڪاڻ استاد محمد جمن سنڌي موسيقيءَ جي جيتري خدمت ڪئي ته سندس مرادوند اولاد سندس محنتن جو ڀرم رکندي انهيءَ وکر کي اهڙيءَ ته پرت سان پاڙيو ۽ سڪ سان سانڍيو، جو ان مٿان ڪڏهن به پروڻ جي دز چڙهڻ نه ڏني.