; سنڌي شخصيتون: جنرل جان جيڪب

29 December, 2012

جنرل جان جيڪب

جنرل جان جيڪب

جيڪب آباد جو باني

امينه جمالي



جنرل جان جيڪب، ۱۱ جنوري ۱۸۱۲ع تي انگلينڊ جي سمرسٽ نالي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ پادري ”اسٽيفن لانگ جيڪب“ جو پٽ هو. هن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هڪ قومي مرڪز ”ايڊس ڪومب اسڪول“ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪندڙ، نوڪري ڪرڻ لاءِ پابند هوندا هئا. هن ۱۶ سالن جي عمر ۾، ۱۱ جنوري ۱۸۲۸ع تي، ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي عهدي تي، هندستان جي صوبي گجرات ۾، پنهنجون ذميواريون سنڀاليون.


تاريخ ۱۴ مئي ۱۸۳۶ع تي پهرين افغان جنگ ۾، کيس فوج جي هڪ قافلي جي سلامتي لاءِ، خانڳڙهه چوڪيءَ جو عملدار مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ ڪجهه ڏينهن، جهرڪن واري فوجي ڪئمپ ۾ گذاريائين. انگريز لشڪر سان گڏ سکر ۽ شڪارپور روانو ٿيو. ان دوران ڪجهه عرصو بکر واري قديم قلعي ۾ رهندي، سکر، بکر ۽ روهڙي جو جاگرافيائي مطالعو ڪري، سکر ۽ روهڙي کي پل وسيلي ڳنڍڻ جو خاڪو تيار ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي لئنسڊائون پل جي شڪل ۾ نروار ٿيو.

سال ۱۸۴۳ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سر چارلس نيپيئر کيس جنرل مقرر ڪيو. هن خانڳڙهه ۾ قبائلي سردارن جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪيو. سال ۱۸۴۷ع ۾ کيس خانڳڙهه جو پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ هن خانڳڙهه جو نالو بدلائي، پنهنجي نالي جي پٺيان ”جيڪب آباد“ رکي ڇڏيو. جيڪب آباد تي سندس نالو هئڻ سبب، کيس هيءُ شهر گهڻو پيارو هو. جنهن جي ترقي لاءِ هيءُ مسلسل جاکوڙيندو رهيو. تاريخ ۱۳ اپريل ۱۸۵۵ع تي ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ۲۰ مارچ ۱۸۵۷ع تي ڪرنل جي عهدي تي ترقي ماڻيائين. سال ۱۸۵۷ع ۾ جان جيڪب هتي ”هارس ۽ ڪيٽل شو“ جو بنياد وڌو، جنهن جو سبب هن علائقي جا اعليٰ نسل وارا گهوڙا هئا. اهو هارس ۽ ڪيٽل شو، مختلف وقتن تي، اڄ تائين منعقد ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ گهوڙن جي ڊوڙ، چوپائي مال جي نمائش ۽ عام ماڻهن جي وندر لاءِ مختلف اسٽال لڳايا ويندا آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ان شهر ۾ آزادي جي تحريڪ جا متوالا، مير عنايت شاهه شاهپوري، دريا خان جکراڻي، دلمراد خان کوسو، مير بجار خان آزادي لاءِ گوريلا ويڙهه جاري رکندي انگريز سرڪار کي پريشان ڪندا رهندا هئا، جن جي قوت جو مدار سندن اعليٰ نسل ۽ طاقتور گهوڙن تي هو، انهيءَ پسمنظر ۾ شايد جان جيڪب سوچيو ته جيڪڏهن هن علائقي جا ڀلا گهوڙا انگريز سرڪار جي حوالي ٿي وڃن ته پوءِ ماڻهو انگريزن جو ڪجهه بگاڙي نه سگهندا. تنهن ڪري هن هارس ۽ ڪيٽل شو منعقد ڪرائي، ڀلن گهوڙن تي انعام اڪرام ڏيڻ ۽ اهي خريد ڪرڻ جو مقصد ذهن ۾ رکيو هوندو پر عام راءِ اها آهي ته جان جيڪب ماڻهن جو همدرد ۽ سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ اڳڀرو رهندو هو. هن وٽ خود هڪ ڀلي نسل جو گهوڙو موجود هو، جنهن جو هن نالو ميسينجر رکيو، جيڪو سندس حياتي ۾ ئي مري ويو. ان گهوڙي جي قبر جا نشان جيڪب آباد جي ريڊ ڪريسنٽ اسپتال ۾ موجود آهن. جيڪب آباد جو گهڙيال گهر، جنهن کي وڪٽوريا ٽاور به چيو وڃي ٿو، اهو به جان جيڪب جي ڪوشش سان تعمير ٿيو، جيڪو سندس سؤٽ ڪرنل ايس ايس ڊزائين ڪيو ۽ راڻي وڪٽوريا جي راڄ جي سلور جوبلي جي موقعي تي، مقامي زميندارن ۽ سماجي تنظيمن جي چندي سان تعمير ڪرايو ويو هو. اهو گهنٽا گهر ۶۰ فوٽ اوچو، هڪ مينار جي شڪل ۾ آهي، جنهن کي چئني پاسن کان گهڙيال لڳل آهن، جيڪو اڄ به موجود آهي. جان جيڪب فوجين جي رهائش لاءِ هتي مختلف ڪالونيون ٺهرايون. هن، شهر جا ٻيلا ۽ جهنگ صاف ڪرائي، آسپاس جي بلوچن ۽ ٻين قبيلن کي هتي آباد ڪيو. ان کانسواءِ ڪبوتر خانو ۽ ٽاور به ٺهرايو، جنهن ۾ مختلف نسلن جا ڪبوتر پاليا ويا. اهو ڪبوتر خانو به معمولي تبديلين سان، جيڪب آباد ۾ موجود آهي. جان جيڪب جي دور ۾، مليريا جي بخار جي دوا ڪوئنين ايجاد ٿي چڪي هئي ۽ هو اهڙن مريضن کي ان دوا جون پڙيون ڏيندو رهندو هو، جنهن جي ڪري بخار لهي ويندو هو،. فائدو ٿيڻ تي ڪجهه سادا ڳوٺاڻا، کيس پير جي حيثيت به ڏيندا هئا. هو سماجي ڀلائي لاءِ پتوڙيندو هو.

جان جيڪب، هڪ ذهين عملدار، انجنيئر ۽ مڪئنڪ هو. هن شهر ۾ هڪ گهڙيال ٺاهيو، جيڪو اڃا تائين وقت، تاريخ، ڏينهن ۽ چنڊ جا تاريخوار نشان ٻڌائيندو آهي. اهو گهڙيال ڊي سي جيڪب آباد جي ريزيڊنسيءَ ۾ اڄ به موجود آهي. هيءُ گهڙيال، زمين کان ۵ فوٽ مٿي، هڪ شيشي جي ڪٻٽ ۾ نصب ٿيل آهي. هيءُ گهڙيال ٻن پاسن وارو آهي. هن جي هڪ پاسي جيڪو ڏيک آهي، انهيءَ ۾ پاڪستان اسٽئنڊرڊ ٽائيم، هفتي جو ڏينهن، عيسوي سن جو مهينو ۽ چنڊ جي تاريخ جو نظام رکيل آهي، جنهن تحت چنڊ جي تاريخ پٽاندر شڪل ڏسي سگهجي ٿي. يعني جڏهن چنڊ جي پهرين تاريخ هوندي آهي ته صفا هلڪي ڪريسنٽ واري شڪل نظر ايندي آهي ۽ چوڏهين تاريخ تائين مڪمل چنڊ جي شڪل نظر ايندي آهي ۽ جيئن جيئن چنڊ جي تاريخ اڳتي ويندي آهي، اها شڪل وري گهٽجي ويندي آهي، ٻئي پاسي هن گهڙيال ۾ ساڳئي وقت گرين وچ ٽائيم ڏسي سگهجي ٿو. هن گهڙيال جا پرزا گهڻي ڀاڱي پتل جا جڙيل آهن، جيڪي مختلف وزن جا آهن. جن مان ڪو هڪ ڪلو، ڪو پنج ڪلو ته ڪو وري ڏهه ڪلو وزن تائين آهي. انهيءَ گهڙيال جا ۸۰ کان مٿي پرزا آهن. هن گهڙيال جي مٿان تاريخي نوعيت جو هڪ گهنڊ پڻ نصب ٿيل آهي، جيڪو هر ڪلاڪ تي وڄندو آهي. هن گهڙيال جو پنڊوليم اڍائي مڻ وزن جو آهي ۽ هيٺ ان جو وزن ۶ مڻ آهي، جيڪو چين ذريعي گراڙي کي هلائي ٿو ۽ اهو پينڊوليم هيٺ ۶۰ کان ۷۰ فوٽ پاڻي جي کوهه ۾ لهندو رهندو آهي ۽ ان ذريعي اهو گهڙيال هلندو رهي ٿو، هيٺ پاڻي جي کوهه ۾ مقناطيس لڳل آهي، جنهن جو وزن اڌ مڻ آهي. هن گهڙيال ۾ هينڊل وانگر هڪ چاٻي به آهي، جنهن کي ٻه ماڻهو ڦيرائيندا آهن ۽ اها چاٻي ۱۵ ڏينهن تائين ڪارگر رهي ٿي. هن گهڙيال جي ڊائل تي ڪلاڪن لاءِ ٻه ڪانٽا آهن ۽ هفتي جي ڏينهن لاءِ پڻ نشان اڪريل آهن.

جان جيڪب ۴۶ سالن جي عمر ۾، ۵ ڊسمبر ۱۸۵۸ع تي وفات ڪئي. کيس وصيت موجب گورا قبرستان جيڪب آباد ۾ دفنايو ويو.

جنرل جان جيڪب پنهنجي رهائشگاهه لاءِ حيدرآباد شهر ۾ هڪ عاليشان ٻه منزله بنگلو تعمير ڪرايو هو ۽ هو گرمي جي موسم ۾ خانڳڙهه (جيڪب آباد) مان اچي، حيدرآباد ۾ پنهنجي بنگلي ۾ رهندو هو. اهو بنگلو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري کان اورتي موجوده زبيده ڪاليج واري هنڌ تي هوندو هو. اهو بنگلو جان جيڪب پنهنجي ڪمشنري واري دور ۱۸۵۶ع ۾ تعمير ڪرايو. ان وقت هتي ڪلهوڙن جي قبن ۽ ان بنگلي کانسواءِ ٻي ڪابه اڏاوت موجود نه هئي. بعد ۾ ان هنڌ رهائش جو سلسلو شروع ٿيو. اهو بنگلو هز هائينس مير نور محمد خان ٽالپر جي وزيراعظم ميرزا ٻڍل بيگ خريد ڪيو. پر جلد مير نور محمد، ميرزا صاحب لاءِ ٽنڊو مير نور محمد ۾ هڪ بنگلو تعمير ڪرائي اتي رهايائين. ميرزا ٻڍل جي خريد ڪيل بنگلي (جان جيڪب واري) ۾ ڪجهه عرصو مير عبدالحسين خان سانگي به پنهنجي ڪٽنب سميت رهيو هو.


 

جنرل جان جيڪب

جيڪب آباد جو باني

ابوبڪر سڌايو

سنڌ ۾ ھونئن تہ ڪيترائي حاڪم آيا ۽ ويا، جن مان اڪثريت انھن ماڻھن جي ھئي جيڪي پنھنجي منفي ڪردارن جي ڪري پنھنجو سڀ ڪجھ وڃائي ويا، پر چند ماڻھو اھڙا بہ آيا، جن کي سنڌ جي سرزمين سان عشق ٿي ويو، يقينن تاريخ بہ اھڙن ئي ڪردارن کي ياد رکيو اچي، جن مان جنرل جان جيڪب انگريزن جي دور جو اهڙو حاڪم هو، جنهن جي ڪيل ڪوششن سان سنڌ فتح ٿي. هو نه صرف برطانيا جي تاج لاءِ بي جگري سان وڙهيو، پر مقامي ماڻهن جي نفسيات جو جائزو وٺندي، انهن جي دلين کي به سرنگون ڪندو آيو. هن جيڪب آباد ۾ ڪيترائي تعميراتي ۽ سائنسي ڪم ڪيا. هن جي سائنسي دريافت رائيفل، گوليون، گهڙيال ۽ ڪرسيون وغيره هيون. هن جڏهن شهر جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرايو ته نه صرف هتي بازارون ۽ ڪشادا روڊ ٺهرايا، پر ماڻهن جي رهائش لاءِ شهري حدن اندر مفت پلاٽ به الاٽ ڪيائين. ڪيترن فوجين ۽ قبائلي سردارن کي زمينون جاگير طور ڏنائين، جيڪي اڄ به انهن زمينن مان فائدا حاصل ڪري رهيا آهن. جنرل جان جيڪب کي سنڌ جي سرزمين ۽ ماڻھن سان اھو چاھه ئي ھو،

جنھن جي ڪري ھن سنڌ جا پڊ وسايا ۽ رڪارڊ ڪم ڪرايا.سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترائي عظيم ڪردار سامهون آيا آهن جن ۾ ٻه شخصيتون خاص ڪري هڪ قلندر لعل شهباز ۽ ٻيو جنرل جان جيڪب، انهن شخصيتن مان اهڙا مثالي ڪردار آهن، جن جي شخصيت کي ڏسندي اسان نه صرف انهن کي داد ڏيون ٿا پر انهن کي پنهنجو به قبوليون ٿا ته انهن جي تاريخي ڪردار کي به لبيڪ چئون ٿا.جرنل جان جيڪب سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڪلچر سان به وڏي محبت ۽ عقيدت رکندو هو، جنهن ڪري هتي هرسال ثقافتي ميلي جو ڏينهن پڻ ملهايو وڃي ٿو، جيڪو سنڌ هارس ۽ ڪيٽل شو جي نالي سان اڃا به جاري رهندو پيو اچي.جرنل جان جيڪب اصل ۾ هڪ پادري مسٽر اسٽيفن لانگ جيڪب (Stephen long Jacob) جي گهر ۾ ۱۱ جنوري ۱۸۱۲ع تي انگلينڊ جي سمرسيٽ (somer set country) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ وولونگٽن (woolavington) ۾ جنم ورتو. جان جيڪب شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ کان ورتي. جنهن بعد انگلينڊ جي ائڊسڪومب (Addiscombe) شهر جي فوجي اداري ۾ سکيا وٺڻ لاءِ داخلا ورتائين. جتي هو فوجي تربيت حاصل ڪرڻ سان گڏ انهيءَ اداري جي مسئلن ۽ فوجي ڪارنامن تي مضمون لکي ڇپرائيندو رهيو. جان جيڪب جو ڏاڏو ايڊورڊ جيڪب (Edward Jacob) هڪ ماهر سرجن هو. چار ڀيرا فئو ر شام (Faver Sham) شهر جو ميئر ٿي رهيو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو، جن ۾ فئور شام جي تاريخ گهڻو مشهور ٿي.هو ننڍپڻ کان ڏاڍو ذهين ۽ ٽيڪنيڪل ذهن رکندڙ شاگرد هو.

هُن جي خواهش هُئي ته هُو انجنيئر بڻجي، پرقسمت جا کيل نرالا ٿين ٿا ۽ فوجي آفيسر بڻجي ويو. هُو ۱۸۲۸ع ۾ فقط سورنهن ورهين سالن جي عمر/ ڄمار ۾ ڪميشن پاس ڪري برطانوي آرمي ۾ آرٽلري جو “سيڪنڊ ليفٽيننٽ” مقرر ڪيو ويو.جان جيڪب نوڪريءَ جا پهريان ست سال بمبئيءَ ۾ پنهنجي ريجمينٽ ۾ گذاريا، جتي واندڪائيءَ جي وقت ۾ انجنيئري، سائنس ۽ فلسفي جي ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو ۽ گڏوگڏ مشرقي ٻولين تي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪندو هو.۱۸۳۵ع ۾ جان جيڪب کي گجرات جي انگريز ڪليڪٽر جو اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو ۽ پهرين افغان ائنگلو جنگ ڇڙڻ وقت کيس انڊين آرمي سان ملي افغانستان وڃڻ جو آرڊر مليو.۱۸۴۰ع ۾ جان جيڪب کي فوجي خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ حيدرآباد موڪليو ويو جتي ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام سياسي عيوضي طور مقرر ڪيو ويو.جنوري ۱۸۴۷ع ۾ جنرل جان جيڪب کي پوليٽيڪل ايجنٽ بڻائي، خان ڳڙهه موجوده جيڪب آباد واري علائقي ڏانهن موڪليو ويو. تڏهن هتي ٽالپرن پاران هڪ فوجي ڪئمپ ڪچي قلعي ۾ قائم ٿيل هُئي، قلعي ۾ صرف سپاهي، ٽي هندن جا هَٽَ/ دُڪان ۽ هڪ کاري پاڻيءَ جو کُوهه نظر آيا.جان جيڪب هن علائقي ۾ اچڻ شرط ڪيترائي ڪم ڪرايا. شهر ۾ مٺو پاڻي آڻڻ لاءِ ٻه واهه “راڄ” ۽ “ٻڌو” جي نالي سان شهر جي اوڀر ۾ وهندڙ “نور واهه” مان کوٽائي آندائين.فوجي ڇانوڻيءَ لاءِ بئريڪون، آفيسون گئريجون روڊ ۽ رستا ٺاهي هڪ وڏي ڇانوڻي قائم ڪيائين.جيئن ته جنرل جان جيڪب پاڻ هڪ انجنيئر به هو ۽ هن جي ڪمال جو مظهر هڪ گهڙيال تيار ڪرڻ آهي، جيڪو اڄ به ڊپٽي ڪمشنر ريزيڊنسي ۾ موجود آهي، جيڪو هڪ ئي وقت ۾ لوڪل ٽائيم ۽ GMT گرين وچ مين ٽائيم ٻڌائيندو آهي ۽ هن جي ٻين شاهڪارن مان ڪبوتر خانو ۽ وڪٽوريا ٽاور آهن، جيڪي اڄ به موجود آهن.جان جيڪب کي ڳولڻ لاءِ، تاريخ جا ورق ورائيندي، اسين جڏهن سال ۱۸۳۸ع تي پهچون ٿا ته ان وقت هڪ طرف هندوستان تي انگريزن جي حڪومت ۾ لارڊ آڪلينڊ گورنر جنرل راڄ ڪري رهيو هو، ته ٻئي طرف روس، وچ ايشيا تي پنهنجي اقتدار کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هو. ان ڪري هندوستان ۾ انگريز حڪومت کي اچي خطرو لڳو ته ڪٿي روسي فوج افغانستان ۽ ايران رستي هندوستان تي نه حملو ڪري. انهيءَ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ لارڊ آڪلينڊ، جي درٻار ۾ افغانستان جي حاڪم دوست محمد خان ڏانهن پنهنجو ايلچي ڏياري موڪليو ته گڏجي روس سان مقابلو ڪجي. پر دوست محمد خان اها صلاح نه مڃي ۽ رهندو به روس سان سازباز ڪرڻ لڳو.هن ضلعي کي پهريون اپر سنڌ فرنٽيئر چيو ويندو هو، (جنهن جو اڳوڻو نالو خانڳڙهه به هو)، جنهن کي اڳتي هلي ۱۸۵۱ع ۾ “جيڪب آباد” سڏيو ويو ۽ ۲۰۰۵ع تائين هن ضلعي ۾ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ٺل، جيڪب آباد ۽ ڳڙهي خيرو تعلقا شامل هئا، پر ڪنڌڪوٽ ضلعي ٿيڻ کان پوءِ هي ضلعو فقط ٽن تعلقن تي مشتمل آهي.هن جو بهترين ڪارنامو اهو هو، جو اناج جي قيمت دڪاندار جي مرضيءَ تي ڇڏيائين ۽ مزدورن ۽ ڪاريگرن جي اجرت مزدورن ۽ ڪاريگرن جي خواهش تي ڇڏيائين ان جو مطلب اهو هو ته دڪاندار ۽ ڪم ڪندڙ پنهجي مرضيءَ سان اگهه ۽ اجرتون وٺن. انهيءَ صورت ۾ ڪنهن جي مٿان به ڪو زور زبردستي نه رهي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو آزاديءَ جي انهيءَ تجويز جي ڪري گهڻا ماڻهو خوش ٿيا ۽ پنهنجا ڪم مرضيءَ موجب ڪرڻ لڳا.۱۸۵۷ع ۾ جڏهن جان جيڪب ائڪٽنگ ڪمشنر هو ته ڪراچيءَ کان ملير تائين ريل سروس به شروع ٿي. گاڏيءَ کي “ريگل گاڏي” چئبو هو. عوام کي بهرحال گهڻي سهولت ملي ۽ ماڻهو ڪافي خوش ٿيا.

جنرل جان جيڪب فوجي دستي “سنڌ هارس” جو سپرنٽينڊنٽ هو ۽ سڄي سنڌ ۾ سفر ڪندو هيو ۽ امن امان کي پنهنجو ايمان سمجهندو هو. جڏهن انگريزن سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو تڏهن سنڌ ۾ ميرن (ٽالپرن) جي حڪومت هئي. ميرن پنهنجي دور ۾ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هو ۽ مير ڀائر جدا جدا حڪمران ٿي ويا.جنرل جان جيڪب ۶ ڊسمبر ۱۸۵۸ع تي فقط ۴۶ سالن جي عمر ۾ دماغي مليريا جي مرض ۾ مبتلا ٿي، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس ڪوئٽيه روڊ تي مجول جي قبرستان ۾ گورن لاءِ مخصوص ڪيل هنڌ تي دفنايو ويو. ۽ آخر ۾ آءُ جيڪب جو شعر هتي پيش ڪيان ٿو: “منهنجي ڳولا فقط هڪ ئي آهي، سا آهي حق جي تلاش! جيڪا مون (هتي) ڏسي ورتي آهي. (جيڪب)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا