; سنڌي شخصيتون: آصف علي زرداري

13 December, 2012

آصف علي زرداري

آصف علي زرداري

جو صدارتي حلف ۽ سنڌ ۾ قائم اميدون

مير نادر علي ابڙو



اڄ آصف علي زرداري ملڪ جي چوڏهين صدر طور قسم کڻي رهيو آهي ته ٻئي طرف صدارتي اليڪشن ۾ آصف علي زرداري جي ڪاميابي تي سموري ملڪ ۾ جشن ملهايا پيا وڃن. ماڻهو هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏئي ڏئي نه پيا ڊاپن. ڀنگڙا ڊانس پئي ڪئي وڃي. فضا ۾ “زندهه هي بي بي زندهه هي” جا نعرا پيا گونجن. ماڻهن ۾ عيد کان وڌيڪ خوشي ڏسجڻ ۾ ملي پئي. لاڙڪاڻي کان نوابشاهه، ڪارونجهر کان ڪشمور تائين رقص ڪيو پيو وڃي. ماڻهن جي خوشين جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي. گهڻي وقت بعد ماڻهن ۾ هڪ ئي امنگ جنم ورتو آهي. هيل تائين محترم آصف علي زرداري جي زندگي تي مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن کوڙ سارا تجزيا ڏيکاريا. پڙهيا شايع ڪيا آهن. پر انهن منجهه ڪافي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن جو ذڪر ناهي ٿي سگهيو. جن جو ذڪر هن موقعي تي ٿيڻ کپي، بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ چاچا حاڪم علي زرداري جا تمام ويجهائي وارا ناتا هئا ۽ ٻئي ڪامريڊي لڏي جا قائل ۽ نظرياتي طور تي ڪامريڊ رهيا. ٻنهي ڄڻن نيشنل عوامي پارٽي ۾ گڏجي ڪم ڪيو.


هن دؤر ۾ جڏهن سياست ڪرڻ ڪو سولو عمل نه هو. بابا جڏهن نوابشاهه جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هو ته هن دؤر ۾ سندن بنگلي تي روز شام جي پهر ۾ ڪچهريون سجنديون هيون. جن ۾ چاچا حاڪم علي زرداري، رسول بخش پليجو، امداد محمد شاهه ۽ ٻيا گڏبا هئا. وڏا سياسي بحث مباحثا سياست کان ادب تاريخ تائين ڪيا ويندا هئا. اهي تاريخي ڪچهريون اڄ به نوابشاهه جا چڱا خاصا جهونا ياد ڪن پيا ۽ سارين ٿا. سن ۱۹۸۳ع ۾ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي بدلي نوابشاهه کان حيدرآباد ٿي ته سندن گهاٽي دوست حاجي سائينداد خان زرداري اسان جي سموري ڪٽنب جي دعوت پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪئي. جتي وٽس آصف علي زرداري آيو ۽ منهنجي پهرين ملاقات آصف علي زرداري سان اتي ٿي. هن دؤر ۾ آصف علي زردي مون کي هڪ باڪردار، جاکوڙي، پرڪشش شخصيت نظر آيو.

ڪجهه وقت لاءِ ساڻس ڪچهري ٿي پر بعد ۾ زماني جي مصروفيتن ٻيهر ملاقات جو موقعو نه ڏنو. نوابشاهه واسي لاڙڪاڻي جي تاج محمد ابڙو خاندان ۽ نوابشاهه جي زرداري خاندان کي هڪ نگاهه سان ڏسن ٿا. ۱۹۸۷ع واري دؤر ۾ لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه جو پاڻ ۾ واسطو شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي شادي جي صورت ۾ ٿيو ۽ اتان کان ئي آصف علي زرداري ملڪي سطح جو سياسي اڳواڻ ٿي اڀريو. هن کان اڳ ئي آصف علي زرداري پنهنجي سياسي ڄمار جي شروعات ضلعي ڪائونسل نوابشاهه کان شروع ڪئي ۽ هن کي ڪئين سياسي مشڪلاتون ڏسڻيون پيون. هاڻوڪي صدارتي چونڊ ۾ آصف علي زرداري جي ڪاميابي پويان حاڪم علي زرداري جا پراڻا تعلقات به نظر  ٿا اچن. جيڪي هن صدارتي مهم ۾ ڪم آيا آهن. ولي خان سان حاڪم علي زرداري جا گهريلو تعلقات به هتي ڪم آيا ۽ تاريخ ۾ ڪڏهن به زرداري فيملي نوابشاهه جي سياسي ميدان کي خالي نه ڇڏيو ۽ هميشه سيد ۽ جتوئي گروپ جو مقابلو ڪيو پر جڏهن آصف علي زرداري جي شهيد بينظير ڀٽو سان شادي ٿي ته هن خلاف سازشون شروع ٿي ويون ۽ ڪئين چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو.

مختلف موقعن تي سندن خلاف قياس آرايون ڪيون ويون پر هي ڪنهن موقعي تي نه منجهيو، نه جهڪيو. جيستائين آصف علي زرداري جي بهادري جو سوال آهي ته پاڻ شهيد بينظير ڀٽو سان شادي کان اڳ ئي تمام گهڻو بهادر رهيو. جڏهن نواب شاهه ۾ غنڊه گردي عروج تي هئي ته پاڻ بلوچستان جي سردار جي پٽ کي تنبيهه ڪئي ته هو پاسو ڪري ۽ کيس سزا طور ٿنڀي ۾ ٻڌي ڇڏيو. هن وقت آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر سنجيدگي سان ملڪي معاملا سمجهي جاکوڙي رهيا آهن. انهن جي انهيءَ جاکوڙ تي کين قوم سٺن لفظن سان پڪاري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جڏهن آصف علي زرداري صدارتي حلف کڻي رهيو آهي ته سڀ کان وڏا جشن ۽ خوشيون سنڌ ۾ ملهايا پيا وڃن ۽ سنڌ اسيمبلي پنهنجي محبوب ليڊر کي سمورا ووٽ سڀ ويڇا وساري سوکڙي طور گفٽ ڪيا آهن ۽ محبتون آڇيون آهن.

حرن جي روحاني پيشوا حضرت پير صاحب پاڳاري کان ويندي ايم ڪيو ايم جي الطاف حسين تائين جنهن ٻڌي جو مظاهرو ڪيو. سو تاريخ لائق آهي، جنهن لاءِ انهيءَ جي جيتري به تعريف ڳائجي سا اڻپوري هوندي. هتي جي عوام کي ڀروسو آهي ته، آصف علي زرداري جي صدر  ٿيڻ کان پوءِ شهيد راڻي محترمه بينظير جا ڏٺل سمورا خواب پنهنجي منزل ماڻيندا ۽ سندن نعرو روٽي، ڪپڙا اور مڪان وارو عملي جامو پائي وٺندو، اڄ سنڌ جو هر ماڻهو آصف علي زرداري جي ڪاميابي کي پنهنجي ڪاميابي سمجهي ٿو ۽ فخر ٿو ڪري ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو ور ملڪ جو صدر چونڊاڻو آهي.

(خبرون، تعمير سنڌ، فيصلو، عبرت، سنڌو، مهراڻ، سنڌ، هلال پاڪستان، سوڀ، مقدمو، عوامي آواز، هلچل، سنڌو ڊائجسٽ)


 

آصف علي زرداري

اداڪار کان سياستدان تائين

ذوالفقار قادري

هن پوسٽ ۾ ڏنل ننڍي ٻار جون تصويرون آصف علي زرداري جون فلم ۾ چائلڊ رول ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو واري ڏينهن جون تصويرون آھن،

ضروري نوٽ: منهنجي ڪوشش رهي آھي ته ڪنهن تي تهمت، بهتان، الزام تراشي بجا۽ تاريخ جي تلخ حقيقتن کان پڙھندڙن کي آگاه ڪيو وڃي، منهنجي ڳالھ حرف آخر ناهي پر ان جو جواب ٺوس ثبوتن سان ڏنو وڃي ته خوشي ٿيندي -

ڊسمبر ۱۹۸۲ع جي اها سرد ۽ جهڙالي شام اڄ به گهڻن زردارين کان ناهي وسري جڏھن موري لڳ واقع زردارين جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ سيٺ مولا بخش زرداري جي اوطاق تي رئيس حاڪم علي زرداري پنهنجي اڪيلي سڪيلڌي پٽ آصف سان گڏ راڄ سان ملڻ آيو ھو، عبدالسلام زرداري، ڳوٺن جي نيڪ مردن جو رئيس حاڪم علي زرداري ۽ آصف سان تعارف پئي ڪرايو، ڊاڪٽر لائق زرداري، رئيس غلام رسول زرداري، حاجي ارباب زرداري ۽ ٻيا موجود هئا، اتي حاجي ارباب زرداري، آصف علي زرداري کي چئي ڏنو ته رئيس جو اڪيلو پٽ آھين، ڪا پيڙھي پيدا ڪرڻ لا۽ هاڻي کڻي شادي ڪر، تنهن تي آصف زرداري، جواب ۾ حاجي ارباب کي چيو ته “حاجي صاحب! مون کي ڪو سنڱ ئي نه ٿو ڏئي ته پنهنجي طور ته شادي ڪونه ڪندس” ان بعد ماني لڳي ته حاجي ارباب زرداري ساڳي ڳالھ رئيس حاڪم علي زرداري کي به چئي “رئيس تون پيءٗ آھينس، هاڻي هن غريب جي کڻي شادي ڪرا۽ “تنهن تي رئيس حاڪم علي زرداريءَ حاجي ارباب زرداري کي چيو “پاڻ جوان مڙس آ، جڏھن چوندو شادي ڪرائيندومانس، کيس زوري ته شادي ڪونه ڪرائيندس” سو وري اهي ڏينهن به شاه محمد شاه، قمر الزمان راڄپر، اسان جي ليکڪ دوست انعام شيخ جي وڏي ڀاءٗ ايڊووڪيٽ امان الله شيخ کان به نه وسريا آھن جڏھن اهي سڀ همراه ولي خان ۽ شير باز مزاري سان گڏ اين ڊي پي ۾ هئا ۽ رئيس حاڪم علي زرداري، ذوالفقار علي ڀٽي سان بيوفائي ڪري اين ڊي پي ۾ شامل ٿي چڪو هو، ذوالفقار علي ڀٽي کي جنرل ضياء ڦاهي ڏئي چڪو هو، هڪ ڏينهن حيدرآباد ۾ داؤد خان پٺاڻ جي جڳھ تي اين ڊي پي جو اجلاس هو، جڏھن رئيس حاڪم علي زرداري جو وارو آيو ته هن ڀٽي کي بد شد ڳالهايو ڀٽي تي وڏا ڇوھ ڇنڊيا ڳالھ جڏھن چڙھندي پئي وئي ته اجلاس ۾ شاه محمد شاه، قمر راڄپر، امان الله شيخ کان برداشت نه ٿيو ۽ رئيس حاڪم علي زرداري کي چئي ڏنائون ته “رئيس ڀٽو هاڻي ڦاهي چڙھي ويو، مئل ماڻھو کي بد شد ڳالهائڻ سونهين نه ٿو، تون ته رڳو ڀٽي کان فائدا ورتا، تو کي ڀٽي ڪهڙي تڪليف ڏني، ڪهڙو تون جيل وئين يا روپوش ٿئين يا ڀٽي توکان مال ملڪيت کسيا، اسان ته ڀٽي جي سرڪار وارو سڄو عرصو يا روپوش رهيا سي يا جيلن ۾ رهيا سي ان هوندي به اسان کي اها ڳالھ قبول ناهي ته ڪو مئل ماڻھو کي گهٽ وڌ ڳالهائجي، هنن جي انهيء چوڻ تي رئيس حاڪم علي زرداري صفا ڪاوڙجي پيو، شاه محمد شاه، قمر راڄپر ۽ امان الله شيخ کي چيائين “اوهان ڀٽي جا ايجنٽ آھيو” داود خان پٺاڻ جي گهر تي ٿيل ميٽنگ ۾ آخر وڏو گند ٿيو نيٺ رئيس حاڪم علي زرداري ڪاوڙجي ميٽنگ مان هليو ويو، وري جي ماضي تي نظر وجهبي ته ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن ولايت مان بارايٽ لا ڪري موٽيو هو ۽ ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچراري سان گڏ ان وقت جي مشھور قانوندان ۽ وڪيل ڏنگو مل رامچنداڻي جي لا فرم کي جوائن ڪيو هئائين، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ حاڪم علي زرداري جي پهرين ملاقات به رام چنداڻي جي آفيس ۾ ئي ٿي هئي جتي رئيس حاڪم علي زرداري ڪراچي جي ڪجھ متنازعه پلاٽن ۽ جائداد جي ڪيسن جي حوالي سان آيو هو اها واقفيت دوستي ۾ تبديل ٿي وئي، حاڪم علي زرداري سنڌ جي انهن وڏيرن مان هو جنهن ان زماني ۾ شو بزنس ۾ سيڙپڪاري ڪئي ۽ ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ريگل چوڪ وٽ واقع قائم مشهور جاڙين سينيمائن بمبينو ۽ اسڪالا جو مالڪ پڻ ھو، رئيس حاڪم علي زرداري انهن سينيمائن جو مالڪ ڪيئن بڻيو اهو به هڪ وڏو دلچسپ قصو آهي، رئيس حاڪم علي زرداري فلم لائين ۾ هڪ پيشڪار، نمائش ڪار ۽ تقسيم ڪار طور مشھوري ماڻي هالي ووڊ، بالي ووڊ ۽ لالي ووڊ جي هر نئين فلم جي نمائش ڪراچي ۾ سندس ئي سينيمائن ۾ ٿيندي هئي، نورجهان، شميم آرا، مسرت نذير سميت ان وقت جون مشهورشو بزنس جون اداڪارائون سندس مهمان هونديون هيون حسين چهرن ۽ وڏن ماڻھن جي ميزباني سندس ڪمزوري هوندي هئي اهو ئي سبب هو جو رئيس حاڪم علي زرداري، ذوالفقار علي ڀٽو جي دوستي جو فائدو وٺندي بمبينو سينيما جو افتتاح ذوالفقار علي ڀٽو کان ڪرايو هالي ووڊ جي ٻن عالمي ايوارڊ يافته فلمن “لارنس آف عربيه” ۽ “قلوپطره” جي پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين نمائش به بمبينو سينيما ۾ ٿي هئي، جڏھن اسڪندر مرزا ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي ڪابينه ۾ وزير طور کنيو هو ته ان لمحي ذوالفقار علي ڀٽي فيملي سميت بمبينو سينيما ۾ فلم پئي ڏٺي، حاڪم علي زرداري جي پهرين گهر واري بلقيس جي ويجهي مائٽياڻي ملڪه سلطانه آفندي جڏھن پنهنجي فلم “منزل دور نهين جنهن جو پوءِ نالو “سالگره” رکيو ويو ھو، ٺاهي هئي ته ان ۾ وحيد مراد جي بچپن جو رول آصف علي زرداري ادا ڪيو هو، ان فلم جو هدايتڪار زاهد علي خان هو ۽ اها فلم “نبيله” بينر هيٺ ۱۴ فيبروري ۱۹۶۹ع تي ڪراچي جي “پلازه” سينيما ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي هئي ان فلم ۾ چائلڊ اداڪار آصف علي زرداري، وحيد مراد، شميم آرا، صوفيه بانو، سجاد، حنيف، روزينه ۽ ٻين ڪم ڪيو پر اها فلم ناڪام وئيٖ ۽ جڏھن حاڪم علي زرداري بمبينو سينيما ۾ هالي ووڊ جي مشھور فلم “زواگو ياملي” جي نمائش ڪئي هئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي لا۽ هڪ مخصوص اسپيشل شو رکيو ويو جنهن ۾ صرف ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي شريڪ حيات بيگم نصرت ڀٽو ۽ ستن ورهين جي نياڻي بينظير جنهن کي پيار منجهان پنڪي به چوندا هئا ۽ پنجن ورهين جي پٽ مير مرتضيٰٖ سميت شريڪ ٿيو هو، رئيس حاڪم علي زرداري جي پنجن ورهين جي پٽ آصف علي زرداري جي تصور ۾ به نه هيو ته جن مهمانن کي فلم ڏيکارڻ لا۽ سندس پيء حاڪم علي زرداري ڪيتري عرصي کان جتن پئي ڪيا ۽ انهن جي آمد تي سندس والد خوشي ۾ نه پئي ماپيو، انهيء خاص مهمان جي ستن ورهين جي نياڻي پنڪي (بينظير) هڪ ڏينهن سندس شريڪ حيات بڻجي وينديٖ رئيس حاڪم علي زرداري جي پهرين شادي قائد اعظم محمد علي جناح جي مادر علمي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جي باني حسن علي آفندي جي ڏوهٽي بلقيس ميمڻ سان ٿي.، بلقيس جي پيءٗ محمد حسين ميمڻ جي نوڪري سنڌ جي جيل کاتي ۾ ھئي انهن ڏينهن ۾ سندس پوسٽنگ حيدرآباد سينٽرل جيل تي هئي سو رئيس حاڪم علي زرداري ۽ بلقيس جو نڪاح ۽ رخصتي به موجوده سينٽرل جيل حيدرآباد جي احاطي ۾ ٿي هئي، بلقيس مان رئيس حاڪم علي زرداري کي هڪ پٽ آصف علي زرداري ۽ ٽي نياڻيون عذره، فريال ۽ فوزيه ٿيون. ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن پاڪستان پيپلز پارٽي جوڙي هئي ته ان وقت نوابشاه ضلعو جنهن ۾ ان وقت نوشھرو فيروز به شامل هو رئيس غلام مصطفئ جتوئي ته پي پي پي ۾ شامل ٿي چڪو هو پر نوابشاه ۾ وڏيرن جي مقامي تضاد سبب نوابشاه جي پراڻي جتوئي - سيد سياسي تڪرار سبب نوابشاه جا شاه سيد پي پي پي ۾ شامل نه ٿيا، ۱۹۷۰ع وارين چونڊن ۾ ڀٽي نوابشاه جي سيدن جي مقابلي ۾ رئيس حاڪم علي زرداري کي پ پ پ ٽڪيٽ ڏني ۽ هو چونڊن ۾ کٽي ايم اين اي بڻجي ويو، اڳتي هلي ۱۹۷۳ع جي آئين جي منظوري وقت آئين تي صحيح ڪرڻ واري مسئلي تان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سنڌ مان چونڊيل قومي اسمبلي جي ميمبرن رئيس عبدالحميد جتوئي، مير علي احمد ٽالپر، فريال ٽالپر جي سهري ۽ مير منور ٽالپر جي پيءٗ مير علي بخش ٽالپر درميان اختلاف ٿي پيا سنڌ مان قومي اسمبلي جي انهن ميمبرن ۱۹۷۳ع واري آئين تي صحيحون نه ڪيون ان عتاب ۾ ڀٽي انهن ميمبرن کي جيل جي ياترا به ڪرائي، وري ٿوري عرصي ۾ مير رسول بخش ٽالپر ۽ ڀٽي صاحب درميان به اختلاف ٿيا ۽ مير رسول بخش ٽالپر کي سنڌ جي گورنري تان هٽائي بيگم رعنا لياقت علي خان کي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو رئيس عبدالحميد جتوئي، مير علي بخش ٽالپر وارن ولي خان جي نيشنل عوامي پارٽي جو ساٿ ڏنو جيڪا پوءِ اين ڊي پي ۾ تبديل ٿي هئي پر رئيس حاڪم علي زرداري ان وقت پ پ پ ڇڏي جڏھن ذوالفقار علي ڀٽي کيس مارچ ۱۹۷۷ع وارين چونڊن ۾ پارٽي ٽڪيٽ نه ڏني ته حاڪم علي زرداري به ولي خان، بيگم نسيم ولي خان ۽ شير باز مزاري سان جوڙ ھڻي اين ڊي پي شامل ٿي ويو، پي پي پي کي ڇڏڻ بعد رئيس حاڪم علي زرداري جو نوابشاه ۾ سياسي اثر اهو وڃي بيٺو هو جو جنرل ضياء جڏھن بلدياتي چونڊون ڪرايون ته آصف علي زرداري، الاهي بخش ڏاهري وارن سان گڏجي نوابشاه شھر مان ڪاونسلر جي سيٽ تي بيٺو پر ڪاونسلر جي سيٽ تان به هارائي ويو ان بعد جنرل ضياء ۱۹۸۵ع ۾ غير جماعتي چونڊون ڪرايون رئيس حاڪم علي زرداري ۽ آصف علي زرداري قومي ۽ صوبائي اسمبلي جي نوابشاه واري تڪ تان بيٺا هئا پر ٻئي ڄڻا نوابشاه جي سيدن جي هٿان پنهنجون ضمانتون ضبط ڪرائي هارجي ويا، وري فريال ٽالپر صاحبه جو ور مير منور ٽالپر ڀٽي جي ڦاهي بعد جنرل ضياء جي مجلس شوريٰ جو وڃي ميمبر بڻيو هو، اچو ته هاڻي تقدير جي فيصلن تي نظر وجهون رئيس حاڪم علي زرداري کي سهڻين، سٺين، حسين ۽ مشھور چهرن ۽ شخصيتن سان تعلق جو جنون جي حد تائين شوق رهيو سو ڪراچي ڪلب ۾ رئيس حاڪم علي زرداري جي نظر جڏھن ريڊيو پاڪستان جي پهرين ڊائريڪٽر جنرل ذيڊ اي بخاري جي ڌيءٗ ۽ اردو جي مشھور اديب، شاعر ۽ نقاد پطرس بخاري جي ڀائٽي ڊاڪٽر زرين بخاري تي پئي ته سندس مٿان موهت ٿي پيو اها ويجهڙائپ آخر شادي جي تعلق ۾ تبديل ٿي وئي، زرين جنهن کي سندس ساهڙيون ۽ گهر ٽمي بخاري به چوندا هئا شادي بعد “ٽمي زرداري” بڻجي وئي، رئيس حاڪم علي زرداري کي ٽمي زرداري مان ڪو به اولاد نه ٿيو ڊاڪٽر زرين زرداري پنهنجي سينيمائن جي ڪلارڪ پوءِ مينيجر مظفر هاشمي جي ننڍي پٽ اويس کي پنهنجو پٽ بڻائي پاليو جيڪو اڄ ڪلھ اويس مظفر ٽپي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو اهو ڊاڪٽر زرين عرف ٽمي زرداري جو پاليل آھي. ڊاڪٽر زرين عرف ٽمي زرداري وري ذوالفقار علي ڀٽو جي سڳي ننڍي ڀيڻ منورالاسلام جنهن کي ڀٽو فيملي وارا پيار منجهان “آنٽي منا” چوندا ھئا ان جي ويجهي ساهيڙي به هئي، جنرل ضياء جي دور ۾ ڀٽو خاندان وڏن المين مان گذريو ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي، مير مرتضئ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو جي جلاوطني وري ٻنهي پٽن جي زندگي کي “الذوالفقار” جي سرگرمين سبب جنرل ضياء جي ايجنٽن کان جان کي لاحق خطرن مٿان قيد بند، نظربندين جي صعوبتن بيگم نصرت ڀٽو کي نهوڙي وڌو ھو، هڪ زال ۽ ماءٗ جي حيثيت ۾ ھن گهڻو ڪجھ ڀوڳيو وري بينظير ۽ صنم جي صورت ۾ جوان ڌيئرن جو فڪر مٿان وري انهن ڏينهن ۾ شاهنواز ڀٽو جي فرانس ۾ پراسرار شھادت جهڙن صدمن بيگم نصرت ڀٽو کي ڦڦڙن جي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو صدمن مٿان صدما، ڀٽو خاندان جي اهڙن المين جو رئيس حاڪم علي زرداري جهڙي چالاڪ ماڻھو ڀرپور فائدو ورتو، رئيس حاڪم علي زرداري پنهنجي ننڍي گهرواري ڊاڪٽر زرين “ٽمي” زرداري کي اشارو ڏئي ڇڏيو ته هاڻ به تنهنجي ساهڙي منورالاسلام ڪم نه آئي ته پوءِ ڪڏھن ڪم ايندي سو ڊاڪٽر زرين زرداري پنهنجي سهيلي ۽ ڀٽي صاحب جي سڳي ڀيڻ “منور الاسلام عرف منا” سان آصف ۽ بينظير صاحبه جي رشتي جي ڳالھ ڇيڙي، منور الاسلام مڪمل طور هڪ وفادار ساهيڙي جو ڪردار ادا ڪندي ان پلان ۾ ڊاڪٽر زرين زرداري جو ساٿ ڏنو ۽ آخر هڪ ڏينهن منورالاسلام پنهنجي بيمار ڀاڄائي بيگم نصرت ڀٽو تي زور ڀريو ته ڀاءٗ ذوالفقار علي ڀٽو شھيد ٿي ويو، شاهنواز شھيد ٿي ويو تون پاڻ ڪينسر جهڙي مرض سبب بيماري جي بستري تي آھين پنهنجي اکين سان پنهنجي نياڻين جون خوشيون ڏسي وڃ، بينظير ڀٽو سان جڏھن سندس شادي جو ذڪر ڪيو ويو ته هن پهرين شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي جڳ مشھور آتم ڪهاڻي ڪتاب “ڊاٽر آف ايسٽ” “دختر مشرق” ۾ پڻ لکيو آھي ته جڏهن امڙ ۽ پڦي مون سان شادي جو ذڪر ڇيڙيو ته مون بنھ انڪار ڪري ڇڏيو وري مون کي پري کان آصف ڏيکاريو ويو مون کي هن ۾ ڪا به متاثر ڪندڙ اهڙي ڳالھ نظر نه آئي جيڪا منهنجي ذهن کي آصف سان شادي ڪرڻ طرف مائل ڪري سگهي، ٻئي طرف منهنجي پڦي منهنجي ماءٗ کي ايترو مجبور ڪيو جو مون کي پنهنجي ماءٗ جي لڙڪن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا ۽ مون شادي لا۽ ها ڪري ڇڏي، دنيا ۾ ماٽيلي ماءٗ جي روين بابت ڪئين قصا ڪهاڻيون مشهور آهن پر الله پاڪ سڀني کي ڊاڪٽر زرين ٽمي زرداري جهڙيون ماٽيليون مائون ڏئي جنهن آصف علي زرداري جهڙي بگڙيل وڏيرڪي نوجوان کي بينظير جهڙي عالمي پائي جي زيرڪ سياستدان ڪنوار پرڻائي ڏني اهو پنجن سالن جو آصف علي زرداري جنهن پنهنجي پيءٗ جي بمبينو سينيما ۾ صرف ڀٽي جي فيملي لا۽ ٿيندڙ انگريزي فلم “زواگو ياملي” جي شو دوران ستن ورهين جي پنڪي کي حسرت مان ڏسندو ئي رهيو هو پوءِ وقت جي ستم ظريفي چئجي يا تاريخ جو جبر اهو آصف نه صرف بينظير جو ور بڻجي ويو بلڪ جنهن پارٽي جي ٽڪيٽ لا۽ ڪنهن زماني ۾ سندس والد حاڪم علي زرداري ڀٽي کي جتن پئي ڪيا اهو آصف علي زرداري پوءِ انهيء ئي پارٽي جو بيتاج بادشاه بڻجي ويو. سچ چيو اٿن؛ “لکيو منجھ نراڙ، قلم ڪياڙي نه وهي.” وقت وڏو بادشاه آھي.

No comments:

راءِ ڏيندا