; سنڌي شخصيتون: حاجي ڦوٽو حلوائي - علي جان ڀٽي

30 September, 2011

حاجي ڦوٽو حلوائي - علي جان ڀٽي


حاجي ڦوٽو حلوائي
علي جان ڀٽي
مشهور حلوائي، حاجي ڦوٽو خان، جنهن جو پستن جو حلوو پوري ملڪ ۾ مشهور آهي. ڳوٺ دولت لغاري ۾ محمد خان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ حاجي ڦوٽي خان سنڌي تعليم سائين حاجن خان ۽ ديني تعليم مولوي نبي بخش  لغاري ۽ قاضي گل محمد وٽ حاصل ڪئي. بعد ۾ هن تقريبن 1938ع ڌاري ميرپورخاص جي شاهي بازار ۾ واڻين جي هڪ مٺائي جي دوڪان تي مٺائي جو ڪم سکڻ شروع ڪيو. ان وقت واڻين جي انهيءَ مٺائيءَ جي دوڪان جو ڌنڌو عروج تي هو ۽ مٺايون اصلي نج گيهه مان تيار ڪيون وينديون هيون ۽ ٻين مٺاين کان سواءِ هن دوڪان تي پستن جو حلوو به ٺاهيو ويندو هو.
 
پاڪ و هند ورهاڱي وقت، جڏهن ڀائيبند هندستان ٿي ويا ته اهي دوڪان حاجي ڦوٽي خان جي حوالي ڪري ويا. واڻين جي وڃڻ بعد، ڦوٽي حلوائيءَ انهيءَ دوڪان کي پوري ايمانداريءَ سان هلايو ۽ پنهنجن پٽن ۽ شاگردن کي به مٺائي ٺاهڻ سيکاريائين. جڏهن ته سندس نگرانيءَ ۾ نج اصلي گيهه مان تيار ٿيندڙ پستن جي حلووي ايتريقدر ته مشهوري ماڻي جو هو پاڻ ڦوٽي حلوائيءَ جي نالي سان سڃاپڻ لڳو.
حاجي ڦوٽو خان، نماز جو پابند هو، ديني ڪمن ڏانهن سندس لاڙو وڌيڪ هو. خير خيرات ۽ زڪوات دل کولي ڏيندو هو ۽ جڏهن به پنهنجي ڳوٺ دولت لغاريءَ ويندو هو ته اتان جي غريبن جي مالي مسئلن جي حل لاءِ وس آهر سندن هر ممڪن مدد ڪندو هو. پاڻ مدرسن ۽ مسجدن ۾ چندو به ڏيندو هو، حج جي سعادت پڻ حاصل ڪيائين ۽ 97 سالن جي ڄمار ۾ مئي 1987ع ڌاري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وفات بعد مٺائي جو دوڪان، سندس پٽن هلايو جيڪو اڄ به ميرپورخاص جي شاهي بازار ۾ موجود آهي.
مشهور حلوائي حاجي ڦوٽي خان جي فن ۽ شخصيت متعلق سندس دوڪان تي ننڍپڻ کان ملازمت ڪندڙ هتان جو هڪ جهونو ملازم نور محمد پنهنجا ويچار هن ريت ونڊي ٿو؛ “حاجيءَ جي، دوڪان سان تمام گهڻي دلچسپي هوندي هئي. هو پاڻ حلوو توڙي ٻين مٺاين ٺاهڻ جو مشهور ڪاريگر هو. دوڪان تي ٻين ڪاريگرن جي هئڻ باوجود، مٺايون ۽ خاص ڪري پستن جو حلوو، پاڻ پنهنجن هٿن سان ٺاهيندو هو. ان وقت ۾ اصلي گيهه ٻه روپيه ڪلو ملندو هو ۽ ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌڻ باوجود حاجيءَ جو چوڻ هو ته بچت ڀلي گهٽ ٿئي پر حلوي جي معيار ۽ ڪوائلٽي کي هر صورت ۾ برقرار رکيو وڃي.”
نور محمد وڌيڪ چوي ٿو؛ “حاجيءَ جي شخصيت ۾ به حلوي جهڙو ساڳيو ميٺاڄ هيو. جيئن ته مان سندس دوڪان تي ملازم جي حيثيت سان ڪم ڪندو هوس پر مون کي ياد ناهي ته هن ڪڏهن مون کي ڇڙٻ ڏني هجي. جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي ويندي هئي ته پاڻ پيار مان سمجهائيندي چوندو هو ته هي ڪم هونئن نه هيئن ٿيندو.”
سندس شخصيتن جي انهيءَ خاصيت جي ڪري هتان جا سياستدان، اديب ۽ شهر جا معزز سندس عزت ڪندا هئا. حاجي ڦوٽي خان جو هتان جي معزز شخصيتن پير غلام رسول شاهه جيلاني، مير آچن ٽالپر، غلام محمد وساڻ وارن سان نيازمنديءَ وارو رستو هو، جڏهن ته حاجي محبوب هالاڻي، قاضي گل محمد دولتاڻي ۽ ميرپورخاص جي ڀائيبند سيٺين سان سندس سٺي دوستي هئي ۽ سندس اوطاق تي ٿيندڙ ڪچهرين دوران اهي ايندا رهندا هئا، حاجي ڦوٽي حلوائي جي وفات بعد انهي مٺائي جي دوڪان جون واڳون ڪجهه عرصي لاءِ سندس پٽن محمد خان، امير حمزه ۽ محمد اقبال سنڀاليون پر پوءِ اهي خواجه ڳوٺ ۾ پنهنجي بٺي سنڀالڻ لڳا.

No comments:

راءِ ڏيندا