; سنڌي شخصيتون: شيخ مبارڪ اياز - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 September, 2011

شيخ مبارڪ اياز - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

شيخ مبارڪ اياز [ ولادت 1342هه – 1923ع وفات ڊسمبر ۱۹۹۸ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ادبي دنيا جي هن مشهور ماڻهوءَ، مبارڪ اياز ولد غلام حسين شيخ، 1342هه مطابق 23 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو آهي. بي - اي، ايل ايل - بي تائين ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪري، وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو اٿس؛ ۽ سکر ۾ مستقل رهي ٿو. هڪ معاهدي تحت، چار سال سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهي، 17 اپريل 1980ع تي وري وڪالت ڏانهن رخ رکيو اٿس.
 
اياز صاحب جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن؛ جن ۾ نظم زياده آهي. هڪ ڳاڻيٽي مطابق سندس جمعي تصنيفات 18 آهن؛ جن جو تعارف هن ريت آهي:-
”سفيد وحشي“ (1942ع – ڪهاڻيون)، ”اڳتي قدم“ (1947ع– ڪهاڻيون)، ”سنڌي ڪهاڻيون“ (1954ع)، ”پنهل کانپوءَ“ (1954ع ڪهاڻيون)؛ ”ڀوُنر ڀري آڪاس“ (1962ع – شاعري)، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (1963ع – شاعري)، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ (1963ع – خط)، ”رسالہ شاه عبداللطيف“ (لطيفيات 1963ع – منظوم اردو ترجمو)، ”بقول اياز“ (علم ادب 1965ع – تقريرون)، ”بوءِ گل – ناله دل“ (شاعري 1966ع – اُردو)، ”جل جل مشعل جل جل“ (1967ع – شاعري)، ”هيت گيت اُڃايل مورن جا“ (1968ع – شاعري)، ”رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ (1968ع – شاعري)، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ (1970ع – شاعري)، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ (1972ع – شاعري)، ”وڄون وسڻ آڻيون“ (1973ع – شاعري)، ”ڪف گلفروش“ (شاعري) ۽ ”عطائي آيو“ (شاعري)
حالانڪ سندس شاعري جديد رجحانن جون حدون اورانگهي ٿي. ازانسواءِ تصوف ۽ ويدانيت تي به ڀرپور ٺٺول ڪئي اٿس. لفظن جو غلط استعمال سندس ڪلام ۾ ڪثرت سان نظر اچي ٿو. تاهم به سنڌي ۽ اُردو شاعريءَ ۾ خيالن جو اضافو ضرور چئي سگهجي ٿو. منجهس فني پختگي ۽ فني صلاحيتون ضرور آهن. هو لفظن جي جادوگريءَ کان قاريءَ کي خوب متاثر ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکي ٿو. ريڊيو ۽ ٽي – ويءَ تي به سندس ڪلام ڳايو وڃي ٿو. المقصد ته ”اياز“ هر صنف شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس سنڌي ڪلام مان نمونو هيٺ ڏجي ٿو:-
تنهنجي تات تڳاءُ، تنهنجي توهه جيان پيو.
مون کان پو منهنجا پرين، سڏ نه هوندو ساءُ.
پنڌ تڪيندو پيرڙا، واڪا ڪندو واءُ.
لڪن ۾ پيو لڙڪندو، منهنجو لونءَ لڳاءُ.
ڪهڙي پر ايندين پرين، ڪنهن کي سڌ سماءُ.
تنهنجي توهه جيان پيو.
(1) – ”جو بيجل نـي آ کيا“ عنوان تحت سندس سنڌي ڪلام جو، محترم احمد سليم صاحب، پنجابي زبان ۾ منظوم ترجمو، 1976ع ۾، اِنسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي سهڪار سان پڌرو ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح سندس ڇپيل ڪلامن جي مجموعن (1962ع کان 1973ع واري شاعري) مان انتخاب ڪري، فهميده رياض، 1979ع ۾ پڻ اردو منظوم ترجمو منظر عام تي آندو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا