; سنڌي شخصيتون: متارو ڏاهري - سليمان ڏاهري

30 September, 2011

متارو ڏاهري - سليمان ڏاهري


متارو ڏاهري
سنڌ جي شاگرد سياست جو هڪ روشن ستارو
سليمان ڏاهري ايڊووڪيٽ
سنڌ جي شاگرد سياست جي تاريخ جو انمول ۽ بيباڪ ڪردار، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي آخري شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري، متارو ڏاهري 12 سيپٽمبر 2011ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس زندگي جفاڪشيءَ جو داستان آهي.
متارو ڏاهري 1954ع ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڏاهري ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم، پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، شهدادپور ميونسپل هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج مان مئٽرڪ، انٽر ۽ بي اي جي تعليم حاصل ڪيائين. هاءِ اسڪول جي ابتدائي زماني کان ئي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ اڳڀرو رهيو. 



کيس 1975ع ۾ سنڌ ڪرائيم ايڪٽ تحت هڪ سال لاءِ جيل ڏسڻو پيو ۽ جيل مان ئي بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پوليٽيڪل سائنس جي شعبي ۾ داخلا ورتائين. کيس اهليت ۽ سياسي قربانين عيوض شاگرد يونين جي اهم عهدي لاءِ چونڊيو ويو. ضيائي مارشل لا جو زمانو هو، سنڌ سڄي ٻريل هئي. سال 1978ع جي آڪٽوبر جو واقعو پيش آيو. جيڪو پيپلز ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻيءَ سان پيش آيل واقعي جي اطلاع جي رد عمل طور ٿيو. مهراڻ، سنڌ يونيورسٽي ۽ ايل ايم سي جا هزارين شاگرد ڄامشوري ڦاٽڪ تي سراپا احتجاج ٿيا. متارو ڏاهري ان واقعي سبب ٻين شاگرد اڳواڻن وانگر مارشل لا جي ٻوهي ۾ آيو. سندس مائٽن ۽ عزيزن جي گهرن تي ڇاپا لڳا، سندس ڀاءُ محمد يوسف ڏاهريءَ کي گرفتار ڪري ٽارچر ڪيو ويو. ڪافي  عرصو روپوشيءَ کان پوءِ سال 1979ع ۾ گرفتار ٿيو. مٿس تشدد ڪيو ويو ۽ لاڳيتو 5 سالن تائين جيل ۾ رکيو.
قومپرست سياست جي سفر کان سندس شروعات ٿي. اڳتي هلي هن سياست جي سائنس، فلسفي ۽ علمي ڄاڻ، مطالعي سان ڀرپور چاهه رکيو ۽ قومپرست، ترقي پسند جمهوري نظرين کي اپنايائين. کاٻي ڌر جي سياسي بحران سبب تمام ڏکين گهڙين ۽ چئلينجن کي منهن ڏنائين. سنڌي سماج جي خمير مان پيدا ٿيل هي ارڏو انسان، پنهنجي اعليٰ سوچ ۽ فهم سان آخري دم تائين وابسته رهيو. متاري ڏاهريءَ پنهنجي علائقي ۾ ڪيترائي سماجي سياسي ڪارڪن تيار ڪيا، پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياري، مدي خارج سماج جي خاتمي لاءِ هر ظلم ۽ ڏاڍ خلاف جدوجهدون ڪيون. مشڪلاتن کي بهادريءَ سان منهن ڏنو.


سنڌ پرست ڏاڏو متارو ڏاهري
ڪامريڊ غلام رسول سهتو
 هونئن ته سانگهڙ جي سڃاڻپ فقط حريت پسندن جي جدوجهد واري رهي آهي، جڏهن به سنڌ ۾ سامراجين خلاف جنگ جو ذڪر نڪرندو آ، قربانين ڏيڻ وارن جو ذڪر ٿيندو آ ته سانگهڙ لفظ سونهري اکرن سان لکيل نظر ايندو آ، جيئن پيپلن لياري ۽ دادو کي ويٽنام جو نالو ڏنو هو، تيئن سنڌ پرستن جو ويٽنام سانگهڙ ئي رهيو آ. مان جڏهن سنڌ جي تاريخ جو ورد ڪندو آهيان ته سانگهڙ جا ورق پڙهندي لونءِ ڪانڊارجي ويندي آهي.
اسماعيل وساڻ ۽ ڏاڏو متارو ڏاهري، ڏاڏو سليمان ڏاهري، وزير لاکو، پنهنجين قربانين سبب قوم پرست سياست جو اڻ ٽٽ حصو  رهيا آهن، ڏاڏي متاري جي ڏاڏي جو نالو به متارو خان هو جو پنهنجي دور جو وڏو پهلوان هو، ۽ سندس ڀائر به پهلوان هئا. سندس سوين  ڏاهري عزيزن جوڌن حر موومينٽ دوران لوڙهن ۾ قيد ڪاٽيا هئا. سندس والد محمد هاشم پڻ وڏن ڀاڳيلن جو ساٿي هيو. کين خفيه  مانيون کارائيندو هو. بچي انهيءَ جي ڪري ويو جو علائقي جو جاسوس مٿس ڪو نه بڪيو هو. ڏاڏو متارو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ايڪٽيوسٽ ٿيو ۽ شهدادپور مان جلوس جي قيادت ڪندي گرفتار ٿيو، پر ڪيس ”سنڌ ڪرائيم ايڪٽ“ جو ٿيس. جيل ڪاٽايائين. پوءِ وري يونيورسٽي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ليڊر ٿي اڀريو. يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. جڏهن ته صدر شبير لاکو هو، جيڪو تعلقي ڪنڊياري جي باوقار وڏيري نور احمد لاکي جو پٽ هو. پر يونيورسٽيءَ ۾ ڏاڏو متاري جي شخصيت، شبير کان وڌيڪ اڀري آئي. هو شاگردن ۾ وڌيڪ هر دل عزيز ٿي ويو، تنظيم ۾ گروهه بندي جي ڪري سائين جي ايم سيد خود ڏاڏي متاري کي جنرل سيڪريٽري لاءِ ٽڪيٽ ڏني هئي متاري به سيد جي فيصلي جي لڄ رکي ڏيکاري. ڏاڏي متاري جا تعلقات سڀني سان بهتر هوندا هئا پر ڏاڏي سليمان ڏاهري چواڻي؛ “جيل ۾ متاثر فقط شاگرد اڳواڻ ڪامريڊ امداد چانڊيو کان هيو.” پوءِ باقي زندگي ڪامريڊن جي همدرد دواخاني ۾ رهيو. جيل کي سکيا گهر چيو ويندو آهي. ان کي سياسي قيدين واقعي سکيا گهر بڻائي به رکيو هو. نه رڳو ڪتاب ۽ سياسي بحث ٿيندا هيا پر ڏاڏو متارو ملهه، ڪٻٽي راند ۽ والي بال کي به جاري رکيو ايندو هو. جڏهن به جيل ۾ اسرار لانگاهه قومي گيت ٻڌائيندو ته متارو مٽ کي گهاگهر بڻائي وڄائيندو هو. اهڙو ته مست ٿي ويندو هو جو ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن کان به جيل وسارائي ڇڏيندو هو.
متارو واحد شاگرد اڳواڻ هو، جنهن سنڌ يونيورسٽي ۾ چونڊيل جنرل سيڪريٽري هئڻ وقت به ملهه ۽ ڪٻٽي راند  ڪرائي هئي. متارو ثقافت سان پيار ڪندڙ سياسي ڪارڪن هو.
ڏاڏو متارو يارن جو يار هو. کيس ڳالهائڻ جو ڍنگ ايندو هو. شاهه لطيف، سورهيه بادشاهه ۽ جي ايم سيد سان پيار ڪندو هو. ڪڏهن به ڪنهن سان ٽرڙائپ ڪو نه ڪيائين. نه ڪنهن جي دل رنجائڻ سندس شيوو هو. پونئين سالن ۾ ڏاڏي سليمان ڏاهري ۽ هن، ڳوٺن ۾ ڪچهريون ۽ اسڪولن ۾ وڃي ليڪچرن جو سلسلو شروع ڪيو هو. متاري ڪا به اهڙي حرڪت ڪا نه ڪئي، جنهن ڪري موت اڳيان شرمندگي محسوس ٿئيس. سندس موت سان ملاقات عجيب بهادريءَ سان ٿي. هن سال تاريخي برسات سبب، تاريخ جي خطرناڪ مڇرن سان منهن ڏنائين. جنهن سبب سندس علائقي جا هزارين ڍور به مري ويا. اهڙيءَ برسات ۾ پاڻ گهران موٽر سائيڪل تي ڊيوٽيءَ لاءِ نڪري ٿو، پاڻي جهاڳيندو وڃي ٿو ته گاڏي بند ٿي وڃيس ٿي. گاڏي هٿ ۾ جهلي پاڻي جهاڳيندو وڃي ٿو. سُڪَ اچڻ تي وري گاڏي کي ڪِڪِون هڻڻ شروع ڪري ٿو، نيٺ گاڏي اسٽارٽ ٿئيس ٿي ته ڪجهه وقت هلي ٿي پر اوچتو پاڻ موٽر سائيڪل روڪي بيهاري روڊ تي سمهي پوي ٿو. ڀر سان ڏاهرين جو پئٽرول پمپ هو جن کيس روڊ تي سمهندي ڏٺو پئي. اهي ڊوڙندا اچي کيس کڻن ٿا ته اکيون کولي کيسن سڃاڻي ٿو. وري اکيون بند ٿي وڃنس ٿيون. اهي سندس حياتيءَ جون آخري گهڙيون هيون. ائين ڏاڏو متارو دوستن، ڀائرن عزيزن ۽ جوان پٽن کي هميشه لا ڇڏي وڃي چڪو آهي. سڀني کي هلڻو آهي. باقي وڃي رهندي فرد جي؛ انسان ذات ۽ پنهنجي مظلوم قوم لاءِ ڪيل جدوجهد واري خوشبوءِ، جيڪا متارو ڏاهري پنهنجي حصي جي ضرور ڇڏي ويو آهي.


ڏاڏو متارو ڏاهري جي ياد ۾
سنڌ ۾ هونئن ته ڪيترائي ڪردار شاگرد سياست ڪري مشهور ٿيا آهن، پر اڳوڻو شاگرد اڳواڻ ڏاڏو متارو ڏاهري جنهن کي سنڌ يونيورسٽي جي هزارن شاگردن پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي شاگرد يونين جي جنرل سيڪريٽري واري سيٽ تي ڪامياب ڪرايو. تنهن ڪڏهن به سنڌ جي عظيم روايتن کي نظرانداز ڪندي ڪنهن به ظلم جي اڳيان ڪنڌ نه نوايو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو متارو ڏاهري کي سندس سمورا دوست ۽ ساٿي پاڻ به ڏاڏو متارو ڪري احترام ۽ پيار سان پڪاريندا هئا. ڏاڏو متارو ڏاهري هڪ ترقي پسند ۽ قومپرست اڳواڻ هو. سندس خال ڪڏهن به ڀرجي ڪو نه سگهندو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ متارو ڏاهري جيڪا جفاڪشي ڪئي، اها ڪنهن کان لڪل ڪانهي. هو جنهن واٽ تي گامزن هو، اها واٽ ڏکي ۽ ڪنڊن جي سيج هئي. سندس جدوجهد کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. متارو ڏاهري سائين جي ايم سيد کان وٺي لينن تائين کي پڙهيو، جنهن ڪري هو ”هڪ پڪو، پختو ڪامريڊ هو“ سندس ائين وڇوڙي تي اکيون اشڪبار آهن، هُن جون يادون ڪڏهن به وسري ڪو نه ٿيون سگهن. هن پوري علائقي ۾ پنهنجي محبت ۽ پيار سان جيڪي ساٿي بنايا، اُهي ڪڏهن به کيس وساري ڪو نه سگهندا.
نثار بالادي

No comments:

راءِ ڏيندا