مير نادر علي ابڙو
سماج سڌارڪ سنڌ جي نادر شخصيت
غلام محمد ڪنڀر

مير نادر علي ابڙو ابتدائي تعليم
اباڻي ضلعي لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، جتي هن پنهنجو ننڍپڻ گذاريو، جنهن جا پل اڄ به اڪثر
هو ياد ڪري ماضي ۾ گم ٿي ويندو آهي، هي مايوسي کي ڪفر سمجهي ٿو، پنهنجي نيڻن
۾ روشن مستقبل جا انيڪ خواب سمائي رکندڙ مير
نادر علي ابڙو لاڙڪاڻي جي هاءِ ڪورٽ کان وڪالت شروع ڪئي ته انهيءَ دوران سنڌ جي اينٽي
ڪرپشن اسٽيبلشمنيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ انسپيڪٽرن جي ڀرتي لاءِ اشتهار آيو، جنهن کي پڙهي پاڻ
پنهنجي استاد سوڀي گيانچنداڻي سان صلاح ڪئي، جنهن کيس اپلائي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ بعد ۾
سڀني ڏٺو ته مير نادر علي ابڙو ميرٽ تي پاس ٿيو ۽ سنڌ جي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي
تاريخ جو سڀني کان ننڍي ڄمار رکندڙ سرڪل آفيسر مقرر ٿيو، پهريان سندس پوسٽنگ شهدادڪوٽ
ضلعي ۾ ٿي، بعد ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ بطور سرڪل آفيسر خدمتون سرانجام ڏيندو ۽ بدلي
ٿيندو رهيو، پر هي جتي به رهيو، ڊيوٽي ڪيائين، اتي سرڪل آفيسر سان گڏ سماجي ڪمن ۾ به
اڳ ڀرو نظر آيو ۽ اتي وڏا وڏا ادبي پروگرام ڪرڻ سان گڏ هتي جي وساريل ڪردارن کي ياد
ڪيو، انهن جون ورسيون سالگراهون ملهايون ۽ ماڻهن کي اهو سنديسو ڏنو ته اوهان جا اصلي
هيروز هي آهن، انهن کي ياد ڪريو. جڏهن پاڻ عمرڪوٽ ۾ بطور سرڪل آفيسر مقرر ٿيو ته اتي
پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي. عمرڪوٽ ضلعي جي ختم ٿيڻ تي هن ڪالم تحرير ڪيا ۽ هن جدوجهد
۾ عمرڪوٽ وارن سان گڏ نظر آيو ۽ جڏهن عمرڪوٽ ضلعو بحال ٿيو ته کيس مڃتا طور ان وقت
جي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد مظفر حسين شاهه ايوارڊ سان نوازيو.
مير نادر علي ابڙو انتهائي محبتي
قسم جو ماڻهو آهي، جڏهن سندس مقرري بطور سرڪل آفيسر مٺي ۾ ٿي ته ڪارونجهر جي هنج ۾ وڃي ٿر جي تاريخي ڪردار مسڪين
جهان خان کوسو جي نالي تي ادبي لائيبريري جو بنياد رکيو ۽ سندس ورسي جا پروگرام ڪرايا،
پاڻ مٺي ۾ رهڻ دوران مرحوم صادق فقير سان گڏ ڪيترا ئي ادبي پروگرام جوڙيا ۽ ڊيوٽي دوران
ٿرواسين جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. جڏهن به سندس هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ بدلي ٿي ته اهڙي جدائي
خلاف اتي جي ماڻهن احتجاج به ڪيا، ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو هر دلعزيز
شخصيت آهي.
مير نادر علي ابڙو کي پنهنجي والد
مرحوم سان انتها درجي جو پيار آهي، سندس چوڻ آهي ته ”اڄ آئون جيڪي ڪجهه آهيان، اهو
پنهنجي والد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ڪري آهيان“. مير نادر کي هيل تائين ادبي
پورهئي تي کوڙ ايوارڊ ملي چڪا آهن ۽ پاڻ ڪتاب ”سنڌ جا املهه هيرا“ به تحرير ڪري چڪو
آهي، جنهن جا ٻه جلد مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. سندس ڪوششن سان مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو
جي زندگي تي لکيل ڪتاب ”سنڌ جو املهه هيرو“ به ڇپجي چڪو آهي، جنهن جا ٻه جلد مارڪيٽ
۾ اچي چڪا آهن. سنڌ جي سدا ملوڪ ماڻهو مير نادر علي ابڙو جي 47هين سالگرهه جي موقعي
تي اسان دعا ٿا ڏيون ته الله پاڪ کيس وڏي ڄمار عطا فرمائي ۽ پاڻ جڳ جڳ سدا جيئي.
No comments:
راءِ ڏيندا