; سنڌي شخصيتون: ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو

06 October, 2014

ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو

ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو

استحصالي طبقن خلاف جهيڙيندڙ شخص

خدا بخش جويو



سنڌ ڌرتي پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم ۽ عوام جي خدمتگذار شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن عظيم شخصيتن مان هڪ محمد سومار ٿيٻو عرف ڪاڪو علڻ ٿيٻو به هو. سندس جنم ۱۰. ۷. ۱۹۳۲ ۾ تاريخي شهر ڀيان کان ڏکڻ طرف چند فاصلن تي واقع ڳوٺ ٿيٻا ۾ ٿيو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن غريب طبقي جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي مشڪل سان تعليم ڏياري سگهندا هئا. انهن ڏکيائن هوندي به محمد سومار ٿيٻي پرائمري کان اعليٰ درجي تائين سخت محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي. 


هن ۱۹۵۰ ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ۱۹۵۸ ۾ ايل ايل بي (وڪالت) جو امتحان پاس ڪيو. هو اٺ سال مدرسه اسلام جي مدرس بورڊ جو ميمبر رهيو ۽ سن ۾ سيد امداد محمد شاه پاران قائم ڪيل شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جو چار سال ميمبر پڻ رهيو. ڳوٺ ڀيان لڳ سندس اباڻو ڳوٺ درياءَ جي ٻوڏن سبب ختم ٿي چڪو هو ۽ پاڻ هميشه جي لاءِ ڳوٺ منظور آباد ۾ رهائش پذير ٿيا. کيس ماڻهو پيار مان ڪاڪو علڻ ٿيٻو به چوندا هئا. 

هو هڪ ايماندار، سچو ۽ کرو انسان هو. ظالم ۽ استحصالي طبقي جي ماڻهن سان هن ڪڏهن به هيڻي ٻولي نه ڳالهائي. سياسي نقطه نگاه کان هو سائين جي ايم سيد جي فڪر جو پوئلڳ هو ۽ عوامي خدمت سان سرشار جستجو سيد امداد محمد شاهه جي رهنمائي ۾ ڪندو رهيو. ۱۶ کن ايڪڙ زمين جو مالڪ هو، جنهن مان ٿيندڙ آمدني مان سموري دنيا کي منهن ڏيندو هو. سياست ۾ هميشه تر جي عوام وٽ هردلعزيز رهڻ سبب مسلسل ٻارهن سال ڊسٽرڪٽ دادو جو ميمبر رهندو آيو. هن ۱۹۵۰ ۾ ۶ مهينا مچ جيل ۾ به گذاريا. ان دور کان وٺي ۱۹۷۷ تائين ڀٽي صاحب جي حڪومتي دور ۾ مختلف جيلن جهڙوڪ سکر، حيدرآباد، ۾ قيد ڪيو ويو هو. ضياءُ الحق جي مارشل لا کي غلط عمل سڏڻ تي خانوٺ ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ کيس ۵ ڏينهن بند ڪيو ويو هو. هن جون اڪثر ڪري سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، خان غفار خان، ڪامريڊ مير محمد خان ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان صحبتون رهيون ۽ شيخ مجيب الرحمان سان ڍاڪا ۾ ملاقاتون ۽ سياسي ڪچهريون ٿينديو رهيون هيون. سندس سخاوت جو هڪ مشهور واقعو ڪجهه هن ريت به آهي ته: هڪ ڏينهن تيار ٿي ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سيد امداد محمد شاه سان ملڻ لاءِ انڊس هاءِ وي تي بس جو انتظار پئي ڪيائين ته ڪنهن فقير اچي کيس صدا هنئي ته الله جي نالي تي مون کي ڪپڙا ڏيو. هن يڪدم مٿي تان ٽوال لاهي گوڏ ٻڌي  ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهي فقير کي ڏئي ڇڏيا. فقير چيس ته ڪپڙن ۾ پيل پيسا به ڏيو، هن اهي پئسا به فقير کي ڏئي ڇڏيا. اهڙيءَ طرح هي سخي انسان گوڏ ٻڌي پٺن اگهاڙو واپس گهر موٽيو. هيءُ عوام جي بي لوث خدمت ڪندڙ شخص ۱۹۹۲ع ۾ هن فاني دنيا کي ڇڏي ويو. سندس ياد ۾ ڳوٺ منظور آباد ۾ ۳۰ مارچ ۲۰۱۴تي (اڄ) ورسي ملهائي پئي وڃي.


 

ڪاڪو علڻ ٿيٻو

اڄ  نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين....

خدابخش جويو

سنڌ ڌرتي پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم ۽ عوام جي خدمتگذار شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن عظيم شخصيتن مان هڪ محمد سومار ٿيٻو عرف ڪاڪو علڻ ٿيٻو به هو. سندس جنم ۱۰. ۷. ۱۹۳۲ ۾ تاريخي شهر ڀيان کان ڏکڻ طرف چند فاصلن تي واقع ڳوٺ ٿيٻا ۾ ٿيو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن غريب طبقي جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي مشڪل سان تعليم ڏياري سگهندا هئا. انهن ڏکيائن هوندي به محمد سومار ٿيٻي پرائمري کان اعليٰ درجي تائين سخت محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي. هن ۱۹۵۰ ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ۱۹۵۸ ۾ ايل ايل بي (وڪالت)  جو امتحان پاس ڪيو. هو اٺ سال مدرسه اسلام جي مدرس بورڊ جو ميمبر رهيو ۽ سن ۾ سيد امداد محمد شاهه پاران قائم ڪيل شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جو چار سال ميمبر پڻ رهيو. محمد سومار ٿيٻو سيد امداد محمد شاهه جي مهربانين سان ڳوٺ منظور آباد ۽ سن ۾ هاءِ اسڪول جون بلڊنگون منظور ڪرايون.

ڳوٺ ڀيان لڳ سندس اباڻو ڳوٺ درياءَ جي ٻوڏن سبب ختم ٿي چڪو هو ۽ پاڻ هميشه جي لاءِ ڳوٺ منطور آباد ۾ رهائش پذير ٿيا. کيس ماڻهو پيار مان ڪاڪو علڻ ٿيٻو به چوندا هئا، هو هڪ ايماندار، سچو ۽ کرو انسان هو.  ظالم ۽ استحصالي طبقي جي ماڻهن  سان هن ڪڏهن به هيڻي ٻولي نه ڳالهائي. هن ڪڏهن به دولت کي سيني سان نه لڳايو نه ئي چند سڪن جي عيوض پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو. هن جو قد ۽ شخصيت کيرٿر جبل کان به اوچي هئي. هن ڪيترن ئي حڪومتي دورن ۾ حڪمرانن طرفان ظلم ۽ جيلن جون سختيون برداشت ڪيون. ان جي باوجو د هو بي لوث سماجي توڙي سياسي، علمي ۽ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. سياسي نقطه نگاهه کان هو سائين جي ايم سيد جي فڪر جو پوئلڳ هو ۽ عوامي خدمت سان سرشار جستجو سيد امداد محمد شاهه جي رهنمائي ۾ ڪندو رهيو. ۱۶ کن ايڪڙ زمين جو مالڪ هو جنهن مان ٿيندڙ آمدني مان سموري دنيا کي منهن ڏيندو هو. سياست ۾ هميشه تر جي عوام وٽ هر دلعزيز رهڻ سبب مسلسل ٻارهن سال ڊسٽرڪٽ دادو جو ميمبر رهندو آيو. سندس سائين جي ايم سيد سان نه رڳو سياسي پر خادمانه ۽ ذاتي تعلق ۱۹۴۶ کان رهيو. سندس والد محترم ميان خير محمد ٿيٻي جا سائين  جي ايم سيد سان تمام گهڻا ۽ گهاٽا واسطا هئا اهو ئي سبب  هو جو محمد سومار ٿيٻي سيد سان  زندگي جي آخري  گهڙين تائين نڀايو.

محمد سومار ٿيٻو ۱۹۵۰ ۾ ۶ مهينا مچ جيل  ۾ به گذاريا. ان دور  کان وٺي ۱۹۷۷ تائين ڀٽي صاحب جي حڪومتي دور ۾ مختلف جيلن جهڙوڪ سکر، حيدرآباد، ۾ قيد ڪيو ويو هو. ضياءُ الحق جي مارشل لا کي غلط عمل سڏڻ جي عيوض خانوٺ ٿاڻي جي لاپ ۾ کيس ۵ ڏينهن لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو هو. انهن سمورين سختين سبب هو پچي لال ٿيو هو. قلندرانه نموني جي زندگي گذاريندڙ  هي شخص غريبن ۽ پيرن اگهاڙن ماڻهن جو ڀرجهلو ۽ کين جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ هو. هن تي دنيا جي بزرگ سياستدانن ۽ قومن جي مڃيل ليڊرن جي صحبت جو وڏو اثر هو، انهن جي صحبت ۾ رهڻ  سبب هو بيباڪ، سورهيه، سچار ۽ يڪ سخن گوئي جو مجسم  بنيو هو. هن جون اڪثر ڪري سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، خان غفار خان، ڪامريڊ مير محمد خان ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان صحبتون  رهيون. ۽ شيخ مجيب رحمان سان ڍاڪا ۾ ملاقاتون ۽ سياسي ڪچهريو ٿينديون رهيون هيون. اهو ئي ڪارڻ هو جو سومار ٿيٻو عرف ڪاڪي علڻ  وٽ دودي جهڙي دل ۽ سرمد جهڙي سچائي هئي. سائين جي ايم سيد سان ته سرن جا سودا هيس، سائين سان ديس پرديس ۾ گڏ هوندو هو. هو صوفي طبعيت رکندڙ انسان هو.  هن وٽ ڪنهن به رنگ، نسل، ذات ۽ مذهب جو متڀيد نه هو. هن ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا. پنهنجي ڳوٺ ۽ پس گردائي ۾  بنيادي سهوليتون: بجلي، روڊ، اسپتالون، واٽر سپلاءِ اسڪيمون ۽ منظورآباد ۾ مڊل اسڪول کي اپ گريڊ ڪري هاءِ اسڪول ڪرائڻ، انڊس هاءِ وي تي ڳوٺاڻن جي سهوليت لاءِ مسافر خانا ٺهرائڻ، غريب هارين، مزدورن جي اولاد کي پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري تعليم ڏيارڻ، انهن کي ڪپڙا ۽ ٻين ضرورتن جون شيون مهيا ڪندو هو. ڳوٺ جي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر کي اسڪول جي فلاح وبهبود لاءِ روڪ رقمون ڏيڻ سندس مشغلو رهيو. ڪيترن غريب ماڻهن جي محنتي ۽ هوشيار اولاد  کي جيڪي تعليم حاصل ڪري چڪا هئا، تن کي نوڪريون وٺي ڏنيون.

سندس سخاوت جو هڪ مشهور واقعو ڪجهه هن ريت به آهي ته: هڪ ڏينهن تيار ٿي ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سيد امداد محمد شاهه سان ملڻ لاءِ انڊس هاءِ وي تي بس جو انتظار پئي ڪيائين  ته ڪنهن فقير اچي کيس صدا هنئي ته الله جي نالي تي مون کي ڪپڙا ڏيو. هن يڪدم مٿي تان ٽوال لاهي ڳوڏ ٻڌي  ۽ پنهنجا ڪپڙا لاهي فقير کي ڏئي ڇڏيا. فقير چيس ته ڪپڙن ۾ پيل پيسا به ڏيو، هن اهي پئسا به فقير کي ڏئي ڇڏيا. اهڙيءَ طرح هي سخي انسان گوڏ ٻڌي پٺن اگهاڙو واپس گهر موٽيو. سندس اها حالت ڏسي سندس شريڪ حيات کيس چيو ته اها توسان ڪنهن جٺ ڪئي آهي؟ جواب ۾ چيائين ته ڪپڙا الله جي نالي تي ڏئي  ڇڏي !

بهرحال هن دنيا ۾ جيڪو آيو آهي تنهن کي هڪ نه هڪ ڏينهن راهه رباني  هلڻو آهي. هيءُ به عوام جي  بي لوث خدمت ڪندڙ شخص ۲۴ مارچ ۱۹۹۲ تي هن فاني دنيا کي ڇڏي ويو. سندس ياد ۾ ڳوٺ منظور آباد ۾ ۳۰ مارچ ۲۰۱۴ع تي ورسي ملهائي پئي وڃي. جتي سندس شخصيت تي ناميارا سياستدان، اديب ۽ دانشور سندس خدمتن تي روشني وجهندا.


علڻ ٿيٻو

سنڌ جو ڪاڪا!

بشير احمد ٿيٻو

محمد سومار بالمعروف ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو ۱۰-۵-۱۹۳۲ ۾ اڳوڻي تعلقي ڪوٽڙي هاڻوڪي تعلقي مانجهند جي قديمي درياھ دوز ٿيل شهر ڀيان جيڪو سنڌو درياه جي ڪناري تي واقعي هيو ان جي ڏکڻ طرف ڳوٺ ٿيٻا ۾ پيدا ٿيو، سندس والد خير محمد ٿيٻو، علائقي جو ننڍڙو زميندار هو. خير محمد خان ٿيٻو کي ٻه پٽ هئا. هڪ محمد صديق (وڏو) ٻيو محمد سومار( ننڍو) جيڪو اڳتي هلي ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو جي نالي سان مشهور ٿيو.

ٿيٻا برابر جو ڪيترين ئي پيڙين کان سن جي سنائي سيدن سان تعلق هوڻ جي ڪري هر پڙهيل لکيل نوجوان جو سن جي سيدن سان خصوصن رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد سان عشق جي حد تائين تعلق رهندو پيو اچي. ڇو ته سائين جي ايم سيد،بي داغ، صاف سٿرو، قومپرست سياستدان هو. جيڪو سنڌ وطن جي ڀلائي سنڌي قوم جي خوشحالي جي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي . ان ڪري ٿيٻا برادر به سائين جي ايم سيد جي ڪردار کان متاثر ٿي سدائين سائين جي ايم سيد جو ساٿ ڏنو آهي. ۽ سندس قومي تحريڪ سان لاڳاپيل رهندا پيا اچن.

انهن ۾ مرحوم محمد سومار ٿيٻو عرف ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو به هڪ آهي، جنهن بنيادي پرائمري تعليم ڀيان شهر ۽ ميٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول مان ڪئي. پوءِ وڪالت جو امتحان پاس ڪيو. پر هن جو جئين ئي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد سان تعلق جڙيو ته سموري زندگي سائين جي ايم سيد سان نڀائين. ۽ قومي تحريڪ جو حصو رهيو. ان کان علاوه هي مرد مجاھد، جڏهن رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فرزند سائين امداد محمد شاهه سان جڙيو ته سندس سفر جو ساٿي بڻجي ويو، سائين امداد به صاف سٿرو، کير جهڙو اڇو اجرو، سياسي سماجي اڳواڻ هيو، ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو ته پهرين کان ئي راڄن جو ڀرجهلو هيو سماجي سوشل ڪمن ۾ علائقي جي ماڻهن ۾ ايترو مشهور هو جو علائقي جا غريب مظلوم مسڪين ماڻهن جي لاءِ ڇپر ڇانهن هيو. هڪ اميد هيو ۽ علائقي راڄ ڀاڳ جي ماڻهن جون مشڪلاتون هڙئون وڙئو ڏئي به دور ڪندو هو. سدائين ڪاغذ پٽن جي ٿهي فائيل وغيره گڏ ئي گڏ هوندا هوس. سندس مخصوص ملڻ جي جا۽، حيدرآباد، مارڪٽ جي منهن ۾ اي ون هوٽل. ڪوٽڙي مختيارڪاري آفيسون. آريسر صاحب جو مدرسو. مارڪيٽ ۾پٺاڻ هوٽل. آفتاب اخبار جي پريس وغيره وغيره

ان سان گڏوگڏ قومي تحريڪ ۽ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد سان ساٿ ۾ رهيو، سيد جو ھر حڪم کي لبيڪ چوندو هو. جنهن جي پاداش ۾ ڪيتريون ئي سختيون، جيل ڪٽيائين. اهي به احسان فراموش ڀٽي صاحب جون مهربانيون هيون.

جڏهن ڀٽو ايوب کان ڌار ٿي سنڌ پهتو ته مير رسول بخش ٽالپر ۽ علي احمد ٽالپر وارن وٽ آيو. ڇو ته ڀٽي جي چهيتن قاضين، ايوب جي خوف ۽ لالچ ۾ ڀٽي جي لاءِ دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا

دادو ۾ ڀٽي کي پروگرام ڪرڻو پر ڪير به دل نه جهلي سڀ سياستدان جيڪي ٻرن ۾ لڪي ويا. ڪامورن به پروگرم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. ته ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو سائين جي ايم سيد جي چوڻ تي. دادو جي ريسٽ هائوس جا تالا ٽوڙي ڀٽي کي ترسايو ۽ دادو ۾ وڏو پروگرام ڪرايو.

ڀٽي صاحب چيو ته رئيس علڻ خان تنهنجا وڏا احسان آهن جڏهن به ڪم پوي ته آئون حاضر آهيان منهنجا دروازه تنهنجي لاءِ کليل آهن. پوءِ جڏهن ڀٽو وزير اعظم بڻيو ته هن پنهنجي محسن کي نه وساريو. پوليس هٿان گرفتار ڪرائي سکر، خيرپور جيلن ۾ قيد ڪيو. آريسر صاحب ۽ پليجو صاحب ساڻس جيل ۾ گڏ هيا. ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو کي رئيس علڻ خان ٿيٻو جو لقب آريسر صاحب جو ڏنل آهي. اهو سدائين کيس رئيس ڪري مخاطب ٿيندو هو.

ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو قومي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ علائقي واسين جي اميد هيو. هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ماڻهو جي ڪم سان

يا ڪنهن ڪارڪن کي ضرورت پوندي هئي ته اهي ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو وٽ ايندا هئا. پاڻ ڪارڪنن جي لاءِ هڪ شفيق پي۽ جيان هيا. سندن هر ممڪن مدد ون پيا ڪندا هئا. تعليم جو خرچ هجي، ڪو ڪيس وغيره هجي ته فورن سندن مالڪي ڪندو هو

پاڻ ضلعي ڪائونسل دادو جا ۱۲/۱۳ سال ميمبر رهيا.

علائقن ۾ بنا لالچ بنا لوڀ، بنا ذات پات جي هر ماڻهو جي ڀرپور خدمت ڪئي.

جبلن جي ڏوراهين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جا کوھ کوٽائي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي ڏنو ۽ ڪچي جي علائقن ۾ به پيئڻ جي پاڻيءَ جا کوھ کوٽائي ڳوٺاڻن کي پيئڻ جو پاڻي پهچايو.

ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو آڌي مانجھي هر ويلي وقت آيل ماڻهن جي ڪمن سان نڪري ويندو هو. مهينن جا مهينا ڳوٺ طرف منهن نه ڪندو هو جيستائين انهن جا ڪم نه ٿين.

سندس مخصوص سادو انداز ماڻهن کان نٿو وسري. اجرڪ يا لوئي جو مخصوص نرالي انداز سان پٽڪو ٻڌندو هو.

سادا کاڌي جا ڪپڙا پائيندو هو.

پنهنجي زمين جي سموري اپت فلاحي ڪمن ۽ قومي ڪارڪنن تي خرچ ڪرڻ ۽ مسڪين غريب ماڻهن جي ٻارن کي تعليم جي خرچ ۾ وقف ڪري ڇڏيندو هو.سندس پوري طرح گهر به ٺهيل نه هو. اوطاق ڪکاين ڪڻي تي ٺهيل هئي.

ڪاڪا علڻ جي اعلي ڪردار ۽ قومي سياسي سماجي خدمتون ته تمام گهڻيون آهن.

پر خاص ڪري قومي تحريڪ جي گرفتار ٿيندڙ اڳواڻن، ڪارڪنن جون ڪيسن مان ضمانتون ڪرائڻ.

سائين جي ايم سيد جي چوڻ تي قومي تحريڪ جي گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي فورن مالڪي ڪندو هو. جيلن تي خرچ پکو پهچائڻ، کان وٺي ضمانتون ڪرائڻ اهو ڪم سائين جي ايم سيد سندس بلي ڪيو. ٽوڙھي ڦاٽڪ جي گرفتار اسيرن جون ضمانتون ڪرائڻ، حيدرآباد سينٽرل جيل تي هر عيد تي ديڳون رڌائي اڳواڻن ڏانهن موڪليندو هو.ٽوڙي ڦاٽڪ جي اڳواڻن ۾ ڊاڪٽر دودو مهيري ۽ سليمان جتوئي جي وڌ کان وڌ عزت ڪندو هو. چوندو ته هي شريف ڇوڪرا آهن.

ان جي باري ۾وڌيڪ ڀائو سليمان جتوئي وڌيڪ روشني وڌي آهي، پنهنجي مضمونن ۾ جيڪي وقت به وقت سوشل ميڊيا آيل آهن. ٽوڙھي ڦاٽڪ جي اڳواڻن جي ضمانتون ڪرائي کين جيل کان ٻاهر ڪڍرايائين پر گهڻا جوڌا تاريخن تي نه آيا روپوش ٿي ويا. انهن جي عيوض ضامن گرفتار ٿي ويا. انهن ۾ ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو جو سڳو ء ڀاڻج سردار جيئن خان ٿيٻو به آهي جيڪو ٽي سال جيل ڪاٽي آيو.

ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو جو گهڻو ذڪر آريسر صاحب جي ڪتابن ۾ موجوده آهي. چار درويش، جيل جي ڊائري ۾ وڌ کان وڌ ذڪر ڪيل آهي.

ڪاڪا علڻ خان ٿيٻو کي پٽ جو اولاد نه ٿيو. کيس ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو جنهن مان وڏي نياڻي وفات ڪري وئي ۽ ننڍي نياڻي ادي ياسمين ٿيٻو جيڪا سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ليديز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ آهي.۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مخصوص سيٽ تي ضلعي ڪائونسل جي رڪن پڻ آهي پنهنجي والد صاحب جي سنت تي عمل ڪندي وڏي دليري بهادري سان علائقي جي ماڻهن جي مسئلن لاءِ هروقت تحرڪ ۾ آهي، پاڻي جو مسئلو هجي، بجليءَ جو مسئلو هجي پاڻ سدائين روڊن تي احتجاج ڪرائي به مسئلا حل ڪرائي ٿي. ضلعي اسيڪيمن مان ڳوٺن کي گهٽيون به ٺهرائي ڏنيون اٿس.

ڪا ڪا علڻ خان ٿيٻو پنهنجي نياڻي جي شادي پنهنجي وڏي ڀاءُ جي پوٽي، ايڊوڪيٽ ذوالفقار ٿيٻو سان ڪرائي ڇڏي.

هي مرد مجاهد فقير صفت انسان مارچ جي مهيني ۲۴مارچ ۱۹۹۲ ۾ اسان کان موڪلائي ويو. سندس جنازي ۾ قومي سياسي سماجي اڳواڻن، ڳوٺاڻن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تر جا ماڻهون اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا ته اڄ علائقي مان اميد موڪلائي وئي.

سندس پهرين ورسي، جيئي سنڌ محاذ طرفان ملهائي وئي.شاندار جلسو ڪرايو ويو هو

ڪجهه وقت جيئي سنڌ محاذ ورسيون ملهايون.

پو۽اهو سلسلو بيهي ويو

هاڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي باقائدي سان سندس ياد ۾ ڏينهن ملهائيندي آهي.

هيئنر به ۲۴ مارچ تي سندس ورسي جي موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي منظور آباد ۾ورسي جو پروگرام ڪري رهي آهي.

سڀني سڄڻن کي نينڍ ڏجي ٿي ته هن عظيم قومي اڳواڻ درويش صفت انسان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي جي ورسي ۾ شرڪت ڪري کيس خراج پيش ڪندا.

 

(بشير ٿيٻو، منظور آباد، فيسبڪ پوسٽ ۷ مارچ ۲۰۲۶ع تي رکيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا