; سنڌي شخصيتون: مصري فقير - وزير فرهاد سولنگي

22 September, 2013

مصري فقير - وزير فرهاد سولنگي

مصري فقير
شاعر، موسيقار ۽ راڳي
وزير فرهاد سولنگي
مصري فقير جنهن زماني ۾ ڳائڻ شروع ڪيو هو تڏهن ريڊيو ۽ ٽيليوزن نه هئا، جنهن ڪري فنڪارن کي مقبوليت حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو هيو، هو محفلن ۽ ڪچهرين ذريعي مشهوري ماڻيندا هئا. مصري فقير به محنت ڪري ان اڻانگي شهرت جي وسيلي پاڻ مڃايو. مصري فقير ۱۹۲۹ع ڌاري فقير الله ڏني مڱڻهار جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڳوٺ لقاءِپور لڳ ڪنب ليما تعلقو سڪرنڊ ضلعو نواب شاھ هيو بعد ۾ هي لڏي ۱۹۵۹ع ڌاري اچي سرهاري تعلقه شهدادپور ضلعو سانگهڙ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هي ننڍپڻ کان ئي اسڪول ۾ ترانو، نغما ۽ نعتون وغيره شوق سان پڙهندو هو. سندس سٺي آواز جي بدولت ان وقت جا استاد کيس راڳ سکڻ جي صلاح ڏنائون جنهن جي نتيجي ۾ هو قاضي احمد ۾ پياري فقير ميراثيءَ وٽ راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي جتي هيءَ چئن سالن تائين راڳ جي تربيت ورتائين جنهن ۾ هن ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ سکي ورتو پاڻ هارمونيم، ڍولڪ، يڪتارو وڄائيندو هو، سندس پسنديده راڳ ڀيروي هيو. هي مختلف محفل سماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ان کان پوءِ هن هالا ڏانهن رخ ڪيو جتي سندس صحبت مخدوم طالب المولا سان ٿي ۽ مخدوم صاحب وٽ محفلون ڳائڻ شروع ڪيون. هي ۱۹۵۱ع جو دور هيو جڏهن پاڻ مخدوم صاحب وٽ محفل (ڏهر سماع) ۾ باقاعده شرڪت ڪرڻ لڳو جنهن ۾ ملڪ جا ناميارا راڳي شرڪت ڪندا هئا جنهن استاد منظور علي خان، فقير امير بخش، امام علي فقير، حسين بخش خادم، عيسيٰ فقير ۽ قاسم علي شاھ سان گڏ سان مصري فقير به محفل مچائيندو هيو. انهن محفلن ۾ مخدوم صاحب وڏي دلچسپيءَ سان فقير صاحب جي وڏي همت افزائي ڪئي. مصري فقير اهو پهريو فنڪار آهي جنهن مخدوم صاحب کي سڀ کان اڳ ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، مخدوم صاحب جي ڪلام جون ڌنون مصري فقير پاڻ ڪمپوز ڪري ڳائيندو هيو ۽ پوءِ ٻيا فنڪار سندس ڪمپوز ڪيل ڌنون ڳائيندا هئا. اهڙي طرح ماڻهو کيس طالب المولا جي ڳائڻي طور سڃاڻڻ لڳا. مصري فقير جي مٺڙي آواز سبب کيس (خوش الحان) مٺڙي آواز وارو ڪري سڏيندا هئا مصري فقير سٺو موسيقار، سٺو راڳي سان گڏوگڏ پنهنجي دور جو ڀلو شاعر پڻ هو. مخدوم صاحب جي صحبت کيس شاعريءَ ڏانهن به سٺي رهنمائي حاصل ٿي. هن شاعريءَ ۾ پهريان (قربان علي قربان)، (درد تخلص استعمال ڪيو بعد ۾ مخدوم صاحب هن جو تخلص مخمول رکيو پاڻ شاعريءَ ۾ مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي جنهن ۾ حمد، نعت، مرثيو، ڪافي، غزل، گيت ۽ بيت وغيره اچي وڃن ٿا. سندس ڪلام ۽ زنگيءَ بابت ڪتاب سندس ڀاءُ محمد رمضان (مسڪين سروري) ترتيب ڏنو آهي. مصري فقير هڪ بهترين فنڪار سان گڏ سٺو سماجي ورڪر پڻ هيو، پاڻ هر وقت پنهنجي ڳوٺ جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو هيو، هن غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندي زندگي گذاري. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي ڳوٺ ۾ نياڻين لاءِ هڪ اسڪول کوليو ۽ ڇوڪرن لاءِ پڻ اسڪول کولرايو. جيڪي سندس جي نالي تي فقير آباد سرهاريءِ ۾ اڄ به قائم آهن سندس مشهور ڪلام ننڍي کنڊ جي ناليوارن ڳائڻن جن ۾ رونا ليلا ، عابديه پروين ۽ حسين بخش خادم ڳايا. جن ۾ ”تو دلڙي يار ڌتاري پوءِ ڪانه ڪيئي پوئواري“، ”سهڻل جا سينگار واھ واھ مونکي وڻن ٿا“، ”تون ڇا هئين ڇا مان ڇا ٿي وئين“ هي اهي گيت هئا جن کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻو ٻڌو ويو.

مصري فقير ٻه شاديون ڪيون جن مان کيس ٽي پٽ عبدالمجيد، عبدالحميد ۽ عبدالغني آهن مصري فقير جي گهڻ رخي شخصيت جو اثر سندس ڪٽنب جي ٻين ڀاتين تي به پيو جنهن ڪري اهي به شعر ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪاهي پيا. هن جا ٽي ڀائر محمد رمضان (مسڪين سروري)، گل محمد (مهجور سروري) ۽ عبدالرزاق (عبد سروري)، پٽ عبدالمجيد (عاجز سروري)، ڀائيٽيا امداد علي، زاهد حسين (زاهد)، عبدالحفيظ (خوشدل) ۽ ارشاد علي (غمدل) به شاعري ڪندا آهن زاهد گل به سٺو راڳي آهي.

مصري فقير ۱۹۵۲ع ڌاري ريڊيو اسٽيشن ڪراچيءِ ۾ علي محمد چاڳلا سنڌيءَ پروگرامن جي پروڊيوسر کيس ريڊيو پاڪستان تي متعارف ڪرايو ان کان پوءَ ۱۹۵۵ع ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي فقير صاحب پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ ان کان پوءِ هن ٽيليوزن تي به ڳايو. مصري فقير شعر، ادب ۽ موسيقي جي مڃيل شخصيت هيو سندس فني خدمتون اڄ به سنڌيءَ موسيقيءَ لاءِ تمام گهڻي اهميت رکن ٿيون. مصري فقير پنهنجي دور ۾ ڪيترن ئي شاگردن کي فن موسيقي جي تربيت ڏني جن سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو جن ۾ فوٽو زرداري، غلام حسين زرداري، غلام حسين لوهر، گل حسن کوکر ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد شامل آهن. سنڌ جو هي البيلو فنڪار ۸ سيپٽمبر ۱۹۸۴ع ڌاري فالج جي بيماريءَ سبب نواب شاھ اسپتال ۾ ڌڻيءَ دم حوالي ڪيو هن جو مشهور ڳايل گيت ”ڇڏي شهر تنهنجو مٺا اڄ وڃون ٿا.“کي اڄ به سنڌ واسي شوق سان ٻڌن ٿا. اڄ سندس ۲۹هين ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪجي ٿو. 

No comments:

راءِ ڏيندا