; سنڌي شخصيتون: علامه علي خان ابڙو - گل محمد عمراڻي

15 August, 2012

علامه علي خان ابڙو - گل محمد عمراڻي


علامه علي خان ابڙو

گوشه نشين عالم ۽ مفسر قرآن مجيد

گل محمد عمراڻي
اياز ۽ رباني جو جگري دوست جمال ابڙو سنڌي افساني جو چيخوف آهي،  هن جي فني جمالياتي جي ڀيٽ اردو جي سعادت حسن منٽو، بيدي ۽ ڪرشن چندر سان ڪري سگهجي ٿي، حالانڪه هو انهن ٽنهي اديبن کان ترقي پسندي واري تحريڪ ۾ متاثر ته ضرور ٿيو هوندو ۽ هئو به پر آخر ۾ گهٽ لکيائين، تمام مختصر ڪهاڻين (تعداد ۾) لکڻ جي باوجود، هاڻ سنڌي ٻولي جو واحد ۽ بلاشڪ ڪلاسڪ مهان ڪهاڻيڪار آهي، جنهن کي هڪ جديد ماڊل افسانه نويس چئي سگهجي ٿو. سندس والد محترم علامه علي خان ابڙو، جمال جي چواڻي ”هڪ وڏو ماڻهو هو“ بدر ابڙو پنهنجي پياري ڏاڏا سائين جي باري ۾ اکر لکندي ٻڌائي ٿو ”اها سن ۲۰۰۰ع ڌاري جي ڳالهه هوندي، جڏهن هڪ ڏينهن بابا سائين (جمال ابڙي) ڪنهن ڳالهه تان چيو ته متان ڪڏهن وڏائي ۾ پئو! توهان کي ڪا غلط فهمي نه هجي، ان ڪري ٿو چوان ته وڏائي ته جيڪر آئون ڪريان ها، ڇو ته منهنجو پيءُ، توهان جي پيءُ کا وڏو ماڻهو هو.“ بدر چئي ٿو ته هن جنهن وقت اهي اکر چيا، آئون سندس اکين ۾ چمڪ ڏسي حيران ٿي ويو هئس، بابا سائين هميشه اکيون اکين سان ملائي ڳالهائيندو هو، مون کي اها چمڪ ۽ لهجو اڄ تائين ياد آهي، بابا سائين عدليه ۾ جج، سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن جي عهدن تي رهي چڪو هو، منهنجي لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي ته علي خان ابڙو هن کان وڏو ماڻهو ڪيئن هو؟ انهيءَ يادگار واقعي کي بيان ڪرڻ سان گڏ هو هڪ ٻئي قصي کي به دهرائي ٿو، ان ساڳي پيش لفظ ”ٻه اکر“ (ڪتاب علامه علي خان ابڙو، علمي خدمتون) ۾ بدر ابڙو هڪ حڪايت بيان ڪري ٿو.


هڪ ڏينهن (۱۹۸۷ع) ڌاري جڏهن آئون هلال پاڪستان ڪراچي ۾ سب ايڊيٽر طور پنهنجي ڊيوٽي ۾ مصروف هئس، هڪ جهونڙو شخص ڪورٽ ويو بلڊنگ (بندر روڊ) ۾ چڙهي آيو، اچڻ سان سلام عليڪم چئي پڇيائين ”توهان مان بدر ابڙو ڪهڙو آهي؟ مون کيس پنهنجي ڀرسان ڪرسي تي ويهاري چانهه آڇي ۽ چيم سائين آئون آهيان، حڪم ڪريو!؟“ چيائين ڪجهه به نه علامه علي خان ابڙو منهنجو استاد هو، مون ٻڌو آهي ته ان جو پٽ جمال الدين ابڙو آفيسر آهي ۽ لکندو آهي ۽ تنهن جو پٽ بدر ابڙو به لکندو آهي ۽ هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪندو آهي، آئون فقط پنهنجي استاد جي سڪ لاهڻ لاءِ تو کي ڏسڻ آيو آهيان، هيءُ ماستر بشير احمد جوکيو هو، جنهن جو ڳوٺ ڪاٺوڙ، گڏاپ طرف هو، ابڙو صاحب گڏاپ اسڪول ڏانهن اٺ تي چڙهي ويندو هو، ماستر جي وڃڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو مون سوچيو هو ته علي خان ابڙي جي شخصيت ڪافي اثر انگيز هوندي، جنهن جو شاگرد، ۳۵-۴۰ سالن جي سڪ لاهڻ لاءِ مون سان اچي مليو هو، اها آهي علي خان ابڙي جي ڪالم ڪهاڻي جي ابتدا، بدر ابڙي لاءِ ماستر صاحب ۽ سندس والد جمال ابڙي وارا ٻئي واقعا، اتساهه جو باعث بڻجي ويا. هن پڪو پهه ڪيو ته هو علامه علي خان ابڙي کي ٻيهر نئين سري سان ڳولهي (Rediscover) ڪري ۽ سندس گم ٿيل ڪتابڙا، مضمون ۽ تقريرون جيڪي بقول شخصي سڀ وقت جي دز ۾ گم ٿي چڪا هئا، جمع ڪري ٻيهر شايع ڪرائي، بدر ابڙي کي گهڻو کان گهڻي مواد سنڌالاجي (ڄامشوري) سنڌ آرڪائيوز ڪراچي، سکر ۽ ڪوٽڙي ڪبير جي لائبريرين مان هٿ آيو، ڪجهه مواد گهوٽڪي، ميرپورماٿيلي، ميرپورخاص، ڇني (تعلو جوهي، ضلعو دادو) گڏاپ ۽ ٻين شهرن جي خانگي ڪتب خانن مان به مليو ۽ ڪجهه مواد خود مولف (بدر ابڙي) جي ذاتي لائبريري ۾ موجود هو، جڏهن سڄو قيمتي مواد سهيڙيو ويو ته خبر اها پئي ته انهن ۾ سڀ کان پراڻو مضمون سال ۱۹۱۷ع جو آهي، جيڪو بدر ابڙي جي راءِ موجب ايترو ته پڪو پختو آهي جو صاف ڏسجي ٿو ته علي خان ابڙو ان مضمون کان ڪافي اڳ لکندو رهيو هو.
علامه ابڙو صاحب ۹۱-۱۸۹۰ ڌاري ميهڙ جي ڀرسان ڳوٺ سانگي ۾ ڄائو هو، جنهن مان اهو واضح آهي ته سن ۱۹۱۷ع واري مضمون لکڻ وقت سندس ڄمار ۲۷ سال هئي ۽ ان حساب سان ابڙي صاحب ۱۹۱۰ کان ۱۹۱۵ع ڌاري ڪنهن وقت باقاعدي لکڻ شروع ڪيو هوندو، اهو اندازو بدر ابڙي صاحب جو آهي جيڪو معقول ۽ مدلل لڳي ٿو، وڌيڪ ريسرچ ڪو نه ٿيل آهي، الائي ڇو؟ بدر ابڙو ٻڌائي ٿو ته علامه علي خان ابڙو پوري طرح شمس العلماءِ عمر بن محمد دائود پوٽي جو همعصر آهي، سندس ٻيا سهيوگي اديب ۽ عالم خاص ڪري علامه آءِ آءِ قاضي (۱۹۶۸-۱۸۸۶) مولانا دين محمد وفائي (۱۹۵۰-۱۸۹۳) ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي (۱۹۵۰-۱۸۷۶)، ڊاڪٽر هوچند مولچند گربخشاڻي (۱۹۴۷-۱۸۸۴) خان بهادر محمد صديق ميمڻ (سنڌ جي ادبي تاريخ فيم) آهن. ابڙي صاحب رٽائرمينٽ کان ستت پوءِ عارفيه قلب جي مرض ۾ مبتلا ٿي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي گهما گهمي واري ادبي علمي ماحول کي ترڪ ڪري لاڙڪاڻي جي ڪرما باغ محلي ۾وڃي گوشه نشيني اختيار ڪئي، انهيءَ ناچاقائي واري حالت ۾ قرآن شريف جي ”تفسير المنير“ جي نهايت سنجيده ڪم ۾ پوري طرح مصروف ۽ محو رهيو ۽ انهيءَ “Voluntary” (خود اختيار ڪيل) گوشهءِ عافيت ۾ آگسٽ ۱۹۵۴ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ گذاري ويو، جيئن پاڻ مرادو وڏن شهرن جي اخباري ۽ جريدن واري گرما گرم ادبي مناظرانه ماحول کان پاسائتو رهيو ان ڪري جلد ئي تاريخ جي ورقن جو ڄڻ ته هڪ وسريل باب بڻجي ويو ۽ سدوري سنڌي قوم جي گڏيل شعور (Collective Consciousness) ۽ حافظي تان محو عدم ٿي ويو.
محترم بدر ابڙو افسوس سان انڪشاف ڪري ٿو ته علامه صاحب جا ڪيترا انمول ادبي، تعليمي، علمي، ڪتابڙا ۽ اخباري مضمون محفوظ نه رهيا، خود سندن ذاتي لائبريري ۱۹۴۳ع واري ڪاري مها ٻوڏ ۾ لڙهي وئي، جيڪا ڳوٺ سانگي (ميهڙ) ۾ هئي، وري هي ڳوٺ ۵ سيپٽمبر ۲۰۱۰ تي مها ڪاري ٻوڏ جي هيٺ آيو. علامه صاحب جو باڪمال علمي پورهيو (Magnum-Opus) ”تفسير المنير“ ڪجهه نامعلوم ڪارڻ سبب سندن حياتي ۾ ڪو نه ڇپيو، بلڪه اهو پورا پنجاهه ورهين بعد ”سنڌيڪا“ ۱۹۹۸ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، هن تفسير جي ڇپجڻ بعد، علامه علي خان ابڙو واقعي وقت جي ڌزڪو هيڙي مان نڪري نروار ٿيو ۽ سنڌ سڳوري جي عالمن، اديبن، دانشورن هن کيRediscover  (وري دريافت) ڪيو آهي، هن عظيم تعليمدان، اصلاح پسند، سماج سڌارڪ Reformer صحافي جي پيغام کي وري اجاگر ڪيو ويو آهي، حالانڪه سندن وفات ۽ هن تفسير جي وچ ۾ ٻن ٽن Generations (ٽهين) جي وٿي موجود آهي.
سائين جمال ابڙي جن ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۴۶ع تي ”تفسير المنير“ جي مهاڳ ۾ لکن ٿا ته مون کي بابا جو آخري خط ۳۰ جون ۱۹۵۴ع ۾ مليو، جنهن ۾ لکيو هئائون ته تفسير مڪمل ٿيڻ سان سندس زندگي جو مقصد پورو ٿي چڪو هو.“ جيتوڻيڪ جمال ابڙي صاحب مطابق انگريزي ادب ۽ ٻولي جا شاهڪار ڪتاب پاڻ (علي خان ابڙو) هميشه پاڻ سان گڏ رکندو هو پر سندس والهانه محبت هئي، حضرور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سيرت پاڪ ۽ قرآن حڪيم سان قرآن حڪيم جو ڪو اهڙو ترجمو يا تفسير نه هو جيڪو سندن مطالعي ۾ نه آيو هجي. حضرت شاهه ولي الله دهلوي، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا اشرف علي ٿانوي، علامه عبدالله يوسف علي، لنڊن جي خواجه ڪمال الدين، مارما ڊيوڪ، پڪيٿال (انگريز نَو مسلم) ڪي ايل گابار (نو مسلم خالد لطيف) ۽ علامه عنايت الله مشرقي وغيره جي لکڻين ۽ خيالن جو چڱي طرح مطالعو هئس ۽ وٽس هر وقت عالم سڳورن جي آمد ۽ بحث مباحثي جو سلسلو جاري هوندو هو، پاڻ مولانا تاج محمد امروٽي کان گهڻو متاثر هئا ۽ اڪثر وٽن حاضري ڀريندا هئا. پاڻ گهٽ ۾ گهٽ ۴۰ سال لکندا رهيا. انهن مان ڪيترا ڪتاب قرآن، سيرت، اسلامي اخلاق ۽ معاشري بابت لکيائون جيڪي تمام مقبول ٿيا ۽ اسلامي سوچ جي جديد لهر سڄي سنڌ ۾ گونجي اٿي. محمد عثمان ڏيپلائي کانئن گهڻو متاثر هو ۽ اڪثر وٽن ايندو هو، جيڪي انقلابي سوچ رکندڙ عالم هئا، سي به وٽس ايندا هئا، باقي مولانا محمد صادق کڏي واري وٽ پاڻ پنهنجي سر وڃي علم جو فيض حاصل ڪندا هئا. جمال ابڙو هن تفسير جي لکڻ وارن سببن جي وضاحت ڪندي ”مهاڳ“ ۾ ٻڌائي ٿو ته علامه صاحب تفسير المنير (روشن تفسير) ويهين صدي جي پُرآشوب ۽ اٿل پٿل واري (Cataclysmic)  دور ۾ ترتيب ڏنو يا لکيو. سڄي عمر روزانو قرآن شريف يا تفسير جو مطالعو ڪندي کين محسوس ٿيو ته کيس عوام الناس لاءِ سليس ترجمو ۽ تفسير لکڻ کپي، سو ڪيترن عالمن سڳورن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ۱۹۴۵ع ڌاري تفسير لکڻ شروع ڪيائين. جيڪي ڪجهه لکندو رهيو، سو عالمن سڳورن کي وقت به وقت ڏيکاريندو ۽ ان متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪندو رهيو. مولانا ابوالڪلام ۽ علامه يوسف علي جا تفسير سندس پسنديده هئا، پر سندس دلي ۽ روحاني لاڙو مولانا تاج محمد امروٽيءَ ڏانهن هو. آخري دور ۾ هن جون تفصيلي ملاقاتون حضرت مولانا پير عبدالستار جان سرهنديءَ سان رهيون، جيڪو وڏو عالم ۽ روحانيت جو صاحب هو، تفسير مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اهو مولانا غلام محمد ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب به نظر مان ڪڍيو. اهو ترجمو ۽ تفسير مڪي معظم جي قاري سعيد احمد کي به نظر مان ڪڍڻ لاءِ ڏنو ويو هو، جنهن لکت ۾ پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو. وڏي ڳالهه ته اهو حضرت مولانا عبدالڪريم ٻير شريف وارن کي به ڏنو ويو، جنهن پڙهي فرمايو ته ”اسان پاڻ تفسير لکڻ جو سوچيو هو، پر هي تفسير پڙهڻ کان پوءِ اسان کي ڪا خاص ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي.“ (بعد ۾ سندس ترجمو قرآن حڪيم به ڇپجي مقبول عام ٿيو ۽ هاڻ علامه صاحب جي ترجمي سان گڏوگڏ هڪ مستند علمي وٿ آهي ۽ گهڻو پڙهجندڙ سنڌي ڪتاب آهي يعني Best Seller مذهبي ڪتاب آهي.)
عبدالستار ڀٽي ”لاڙڪاڻو، امر شخصيتون“ ۾ علامه صاحب جي باري ۾ لکي ٿو ته؛ خانصاحب علامه علي خان ابڙو صاحب تقسيم هند جو مخالف هو ۽ هن ڏس ۾ پاڻ مختلف اخبارن ۾ ڪيترا مضمون لکيا اٿس، جنهن ۾ دليلن سان تقسيم هند جي مخالفت بابت پنهنجي سوچ ۽ راءِ جو اظهار ڪيو اٿس، هي عظيم انسان با ڪمال، باعمل شخص، نيڪ سيرت ۽ صورت، اخلاق جو مجسمو، ايمانداري ۽ سچائي جو مثال، سادگيءَ جو ساٿي، عزت جو رکوالو، ضمير جو سچو، قول ۽ فعل ۾ کرو، وڏو جرئتمند، Genius (جينئس) انقلابي، عالم فاضل مصنف، سماج سڌارڪ، سنڌ جو سر سيد هو. تعليم جي شعبي ۾ خدمت وٽس عبادت برابر هئي. علامه ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو، پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بداخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا، ڇاڪاڻ ته پاڻ ملن ۽ پيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنهن ڪري اڪثر مخالفن پاران ”وهابي“ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان به کين مقابلو ڪرڻو پيو، هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو، ابڙي صاحب جا مشهور ڪتاب ”اسلام ۽ ترقي“، ”اسلام ۽ اليڪشن“، ”حالات نبوي“، ”رسومات تباهي“، ”اخلاقي گلدستو“، ”احاديث نبوي“، ”تعليمات اسلام“ ۽ ”اسلام ۽ ڪميونزم“ آهن. ديوبندي عالمن جي اثر جي ڪري مسلم ليگ کان گهڻو پري رهيا ۽ ابوالڪلام آزاد جي پيروي ۾ حق سچ جي واٽ تي گامزن رهيا.
هاڻ اچو ته هتي علامه علي خان جي ڪجهه اهم مضمونن جو جائزو وٺون، سندن هڪ مضمون آهي ”ترقي سنڌ مسلم“، هن مضمون جو آغاز ڪري ٿو هن آيت سڳوري سان ته الله تعاليٰ ڪنهن به قوم جي حالت نٿو ڦِرائي جيسين اها قوم پاڻ پنهنجي حالت نٿي بدلائي، ان کان پوءِ ”مسدس حالي“ مان هڪ وڏو اقتباس ٿو ڏئي جنهن جا چار پهريان شعر آهن
ڪسي ني يه بقراط سي جا ڪي پوڇا،
مرض تيري نزديڪ مهلڪ هين ڪيا ڪيا،
ڪها دک جهان مين نهين ڪوئي ايسا،
ڪه جس ڪي دوا حق ني ڪي نه هو پيدا.
علامه صاحب چئي ٿو ته شمس العلماءِ مولانا حاليءَ جو مسدس هندستان جي ڪنهن به ڪتب فروش وٽان ملي سگهندو، سو سنڌ جي اردو ڄاڻندڙ مسلمانن کي ضرور پڙهڻ گهرجي، علامه آءِ آءِ قاضي به اردو زبان جو وڏو مداح هو. (هاڻ پاڻ وٽ اردو کان نفرت جي ذميواري خود اردو زبان جي نادان اديبن ۽ دانشورن تي آهي، اهو ڇو ٿيو، ان لاءِ ته بنگالي ۽ سنڌي ٻولين کي صفحه هستي تان مٽائڻ جون ناڪام ڪوششون، گهڻي قدر باباءِ اردو وارن طرفان به مورد الزام اچن ٿيون) واپس اچون ٿا علامه ابڙي جي هن تاريخي مضمون ڏي، جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته مسلمانن جي زواليت جا سبب ۽ هاڻوڪن هر هڪ طبقي جي مسلمانن جي عيبن جي صحيح تصوير نڪتل آهي (ان مسدس حالي ۾) ۽ تنهن کان پوءِ ڏيکاريل آهي ته جيڪڏهن مسلمان وري به اسلام جي تعليم وٺن ۽ دين تي عمل ڪن ته ٿوري ئي عرصي ۾ ساڳي ترقي حاصل ڪري سگهن ٿا، هن بنسبت مرحوم نواب محسن الملڪ جو ڪتاب ”مسلمانون ڪي ترقي اور تنزل ڪي اسباب“ پڙهڻ جهڙو آهي.
علامه ابڙو سنڌي مسلمانن جي تنزلي ۽ بدحاليءَ تي لکندي سڀ کان اول زميندارن جي هاڻوڪي حالت کي چٽي ٿو، قرآن مجيد جو حوالو ڏيندي چئي ٿو ته ”ڪلو و اشربو ولا تسرفو“ (يعني کائو پيو مگر حد کان ٻاهر نه وڃو) زميندارن جو پهريون عيب آهي اسراف يعني اجايا خرچ ڪرڻ، شادين ۽ غمين، زنا ۽ نشي، زيورن ۽ عيش عشرت تي پنهنجي ملڪيت اڏائيندا ٿا وڃن، هزارين اميراڻا خاندان تباهه ٿي ويا آهن، سنڌ جي سڀ زمين مسلمان زميندارن جي هٿ ۾ هئي، هاڻي اڌ کان وڌيڪ ويا جن ۾ ٻين جي قبضي ۾ اچي وئي آهي، جيڪا بچي آهي تنهن جي پيدائش جو چڱو حصو وياجين ۾ پيو وڃي، جيڪڏهن زميندارن کي پنهنجي ڀلائي لاءِ سجاڳ ٿي اسراف کي روڪڻو آهي ته سندن هدايت لاءِ هي خدا جو ڪلام ڪافي آهي ته ”اجايو خرچ ڪندڙ شيطانن جا ڀائر آهن“ اڳين ڏينهن ۾ پاڪ دامني هڪ رواجي خاصيت هئي، زنا ڪندڙن کي ڪميڻو ۽ رنگيلو سڏيو ويندو هو ۽ کيس شريفن جي ڪچهري ۾ اچڻ کان منع هوندي هئي، ائين سچ آهي ته اها بدڪاري (زنا) ٻين عام ماڻهن ۾ عام ٿي پئي آهي، پر ان لاءِ زميندار ڪامورا وغيره جوابدار آهن، ڇو ته ”الناس علي دين ملوڪهم“، يعني عام ماڻهو پنهنجي بادشاهن جي روش وٺندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو بادشاهن ۽ حاڪمن جي قيامت جي ڏينهن ٻين ماڻهن کان وڌيڪ جوابدهي ٿيندي ڇو ته سندن بدعمل ٻين ماڻهن تي گهڻو اثر ڪن ٿا، زميندارن جي غريبن سان خراب هلت تي خيالن جو اظهار ڪندي، علامه صاحب وري حديث نبوي جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ”لايرحم الله من لايرحم الناس“ يعني جيڪو ماڻهن تي رحم نٿو ڪري تنهن تي الله تعاليٰ به رحم نٿو ڪري. حاليءَ جي مشهور ”شعرن جو به سهارو وٺي“ سمجهائي ٿو ته:
يه پهلا سبق ٿا ڪتاب، هديٰ ڪا،
ڪه هي ساري مخلوق ڪنبه خدا ڪا،
وهي دوست هي، خلق دوسري ڪا،
خلائق سي هي جس ڪو رشته ولا ڪا،
يهي هي عبادت، يهي دين و ايمان،
ڪه ڪام آئي دنيا مين انسان ڪي انسان
زميندارن کي عرض ٿو ڪري ته اول پاڻ پنهنجي سڌاري جو قدم کڻن ڇو ته قوم خواهه ملڪ ۽ مذهب جي سڌاري ۽ ترقيءَ جو مدار سندن مٿان ئي آهي.
نامور اديب ۽ نقاد ڊاڪٽر اياز قادري ماهوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد نومبر ۱۹۵۴ع واري شماري ۾ علامه علي خان ابڙي جي وفات تي پنهنجن دلي جذبن سان ڀرپور خاڪو لکيو هو، جيڪو بعد ۾ بدر ابڙي واري مولف ٿيل ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو، ان خاڪي جي آخري پيرا پڙهڻ سان اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا: ”مرحوم کي سترهين جولاءِ ۱۹۵۴ع تي صبح جو ساڍي نوين بجي لاڙڪاڻي ۾ قائم شاهه بخاري جي درگاهه ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
اڄ نه اوطاقن ۾ تازا پٿر ڪک،
آديسي اٿي ويا، پيئي اڏامي رک،
سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا (شاهه)
ساڳي خاڪي ۾ قادري صاحب ٻڌائي ٿو ته مرحوم علي خان ابڙو جنهن ماحول ۾ پليو ان جو ذڪر سندس ئي قلم موجب ڏجي ٿو، جو مرحوم پنهنجي شاهڪار ڪتاب ”اسلام ۽ ترقي“ جي پهرين حصي ۾ ڪيو آهي، مرحوم جي صاف گوئي، سليس ۽ سولي لکڻي هن ٽڪري مان چڱي طرح ظاهر آهي. فرمائي ٿو: ”منهنجو مرشد ۽ منهنجو والد صوفي هئا، پر اڻ پڙهيل هئا، اسلام جي کين ڪا به خبر ڪا نه هئي، اگرچه هو فهم ۽ عقل وارا هئا ۽ نيڪ نيت ۽ اخلاص وارا به هئا، پر اسلام جي واقفيت نه هئڻ ڪري ۽ هاڻوڪي ڪوڙي تصوف جي رواج هئڻ ڪري شريعت کان پري هئا. روزي ۽ تماز کان غافل هئا، بلڪه نشو ڪرڻ، ذڪر پچائڻ واري حالت کي مباح (جائز) ڄاڻندا هئا. بهشت فقط دلاسو ۽ دوزخ فقط دڙڪو سمجهندا هئا، سنڌ مدرسي ۾ جبرن پنج ئي وقت نماز پڙهائي ويندي هئي، ۽ روزا رکايا ويندا هئا، مولوي صاحب مرحوم هر جمعي تي واعظ به ڪندو هو. سمجهڻ ۾ ائين ايندو هو ته جيئن ڇوڪرن کي جبرن نماز پڙهائي ٿي وڃي، تئن مولوي صاحب به مجبورن واعظ ٿو ڪري، مدرسي ڇڏڻ کان پوءِ نماز ۽ روزا به ڇڏي ڏنم، بلڪ جڏهن پنهنجي ڳوٺ ۾ موڪلن تي هوندو هوس تڏهن نماز ۽ روزن کان به موڪل وٺندو هوس.“ اياز قادريءَ جو خيال آهي ته هي اهڙو ته صاف ۽ سچو بيان آهي جو اڄ به ڄڻ ته هر شاگرد جي دل مان ٿو نڪري، اهو هو پس منظر، جنهن مرحوم کي ننڍي هوندي ئي باغي بڻايو ۽ صحيح علم جي تحقيق لاءِ سندس دل ۽ دماغ کي خالي رکيو.
مرحوم کي مولانا الطاف حسين حاليءَ جي ”مسدس“ پڙهڻ بعد اسلام جي صحيح روح کي پڙهڻ، پروڙڻ ۽ پرجهڻ جو شوق جاڳيو ۽ اسلام جي متعلق شايد ئي ڪو ڪتاب ڇڏيائون. انگريزي، فارسي، اردو زبانن ۾ شايع ٿيل اسلامي ۽ ادبي ڪتابن جو وسيع ۽ عميق مطالعو ڪيائون ۽ عربي زبان گهر ۾ پڙهي چڱي استعداد حاصل ڪيائون. مرحوم پاڻ چئي ٿو ته؛ ”مٿين ڪتابن پڙهڻ بعد مون کي تبليغ جو شوق گهڻي قدر پيدا ٿيو، جا ڳالهه عجب جهڙي ڪانهي، انسان جي فطرت ئي ائين آهي، جنهن ڳالهه کي سچ سمجهندو ۽ جنهن جو کيس شوق هوندو سا ڳالهه سڀ ڪنهن سان ڪندو، کيس ان ڳالهه ڪرڻ کان روڪڻ اهڙو آهي، جهڙو درياهه کي وهڻ کان روڪڻ.“ قادري صاحب جي ان يادگار قلمي خاڪي ۾ مرحوم علي خان جون سياسي ۽ مذهبي ترجيحون به چٽي طرح بيان ڪيل آهن. مرحوم هميشه اعلان ڪندو هو ته اسلام، ملائيت، فرعونيت ۽ قارونيت کي ختم ڪرڻ آيو آهي، پنهنجي آخري اڻپوري مضمون ۾هي جملا لکيائون ته؛ ”جيڪو ٻئي تي حڪومت ٿو هلائي سو پاڻ کي خدا ٿو سڏائي، ۽ جيڪو ٻئي جي غلامي ٿو ڪري سو به خدا کي ڇڏي ٻين جي پوڄا ٿو ڪري.“ ڪيڏو نه انقلابي فڪر ۽ نعرو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا