; سنڌي شخصيتون: شمس چانڊيو - رياضت ٻرڙو

02 August, 2012

شمس چانڊيو - رياضت ٻرڙو


شمس چانڊيو
رياضت ٻرڙو
ٿڌي لهجي سان پيار ۽ انتظار جي شاعري ڪندڙ، نوجوان شاعر، شمس چانڊيو ۳ اپريل ۱۹۷۵ع تي، ڳوٺ ڀنڀي خان چانڊيي، تعلقي ميروخان ۾ پيدا ٿيو. سڄو نالو شمس الدين ولد محمد حنيف چانڊيو اٿس. هُن ايم اي (پرائيوٽ) سوشيالاجي ۾، شاهه عـبداللـطيـف يـونيورسٽي خيرپور ميرس مان ۱۹۹۶ع ۾ پاس ڪئي آهي.


شمس چانڊيي ۱۹۹۴ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس استادُ، ڪوڙل قربدار آهي. شمس چانڊيو ۲۰۰۰ع ۾ س.ا.س. ميروخان ۽ ڊسمبر ۲۰۰۳ع ۾ س.ا.س. قنبر جو ميمبر ٿيو. هاڻ ۲۰۰۷ع ۾ ٻيهر س.ا.س. ميروخان ۾ شامل ٿيو آهي.
شمس چانڊيي چواڻي: ”اهو درد ئي آهي جيڪو لِکائي ٿو، نه ته لکڻ جي سگهه اسان وٽ ڪٿي هئي. ڪڏهن آءٌ شاعريءَ سان، ڪڏهن شاعري مون سان نڀائي رهي آهي. ان نڀاءَ جي ڪري ئي جيوَن سان ٺاهه آهي، اتساهه آهي.“
شمس چانڊيي جي مستقل رهائش سندس ڳوٺ ڀنڀي خان چانڊيي ۾ آهي، جتي ذاتي روزگار ڪري پيو.

No comments:

راءِ ڏيندا