; سنڌي شخصيتون: انعام ٽکڙائي

09 March, 2024

انعام ٽکڙائي

انعام ٽکڙائي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جو ناليوارو شاعر، ليکڪ، اداڪار، صداڪار، سياستڪار، نوحه خوان انعام ٽکڙائي ۸ اپريل ۲۰۲۱ع تي وڇوڙي جو وڍ ڏئي هليو ويو، انعام ٽکڙائي جو جنم انتهائي غريبي واري ماحول ۾ ۱۲ آگسٽ ۱۹۶۶ع تي سنڌوءَ دريا جي هنج ۾ ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ ٿيو. سندس اصل نالو احمد علي ڳنڀير ۽ والد جو نالو محمد خان ڳنڀير هو. پرائمري کان مڊل تائين تعليم ٽکڙ مان حاصل ڪيائين. 


سال ۱۹۸۳ع ۾ مڊل جي تعليم پاس ڪري، ۱۹۸۴ع ۾ مئٽرڪ جي تعليم لاء ٽنڊي محمد خان آيو، جنهن دوران غربت سبب تاج ٽکڙائي وٽ هوٽل تي مزدوري ڪرڻ لڳو. ۱۹۸۴ع ۾ نامور شاعر محمد دائود ”تاج“ ٽکڙائي جي هوٽل تي مزدوري ڪندي ڪچا ڦڪا شعر چوڻ لڳو سڀ کان پهرين غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪيائين، جتي تاج ٽکڙائي سندس شاعري ڏسي کيس همٿايو ۽ سندس تربيت پڻ ڪيائين، اهڙي ريت تاج ٽکڙائي شاعري ۾ سندس استاد بڻيو. جنهن کانپوءِ سنڌي شاعري جي کيتر ۾ هن گيت، وائي، نظم، سانيٽ، چئوسٽي، ڪافي، هائيڪو، پنجڪڙو، رُباعي، آزاد نظم، نثري نظم، بيت، قطعي، دوهي، ٽيڙو، نو لکي، سهري، ڳيچ، نوحي، مرثيي، منقبت، مناجات، مولود، حمد، نعت، قصيدي جي صنفن تي ڏات جا ڏيئا جرڪايا. ۱۹۸۶ع ۾ هن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ته محمد دائود "تاج"ٽکڙائي جيڪو ان وقت بئراج کاتي ۾ هيڊ منشي هو، تنهن کيس ڪلرڪ طور نوڪري وٺائي ڏني، جيڪا نوڪري هن صرف ان ڪري نه ورتي ته هو شاعري ۽ مشاعرن کي وقت نه ڏئي سگهندو، ان بجاء هن بئراج کاتي ۾ پٽيوالي جي نوڪري جو آرڊر ورتو، زندگيءّ جي آخري وقت تائين ان نوڪريءّ سان سلهاڙيل رهيو، ۱۹۸۷ع کان انعام باقاعده ادبي سرگرمين ۽ مشاعرن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ سندس شاعري ۾ پختگي پڻ اچي چڪي هئي. سنڌي کان علاوه پنجابي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ ڪلام پڻ سرجيائين، نثر ۾ تحقيقي ادب ۽ مزاحيه ادب جي شعبي ۾ ڪهاڻين، مضمونن، مقالن وسيلي معاشري جي عڪاسي به ڪندو رهيو آهي.انڊيا جي ”ڪونج “ رسالي ۾ پڻ سندس شاعري ڇپي. انعام نه رڳو ڀلوڙ شاعر ۽ ليکڪ رهيو پر بهترين ڪمپيئرنگ سان گڏ هن اسٽيج ۽ ٽي وي تي اداڪار ۽ ڊائريڪٽر طور پڻ ڪم ڪيو. اسٽيج ڊراما ۽ خاڪا پڻ ڪيائين، سنڌ ٽي وي تي ڪجهه عرصو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيائين. انعام ٽکڙائي جي هڪ ٻي سڃاڻپ نوحه خوان واري به رهي، غم حسين جو لباس اوڍي ماتمي جلوسن ۽ مجموعن ۾ نوحا پڻ پڙهندو رهندو رهيو. ريڊيو ۽ ٽي وي جي مختلف پروگرامن، مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ پنهنجي شاعري جو سج اُڀاريائين، ادبي خدمتن جي حوالي سان شاعري جي شعبي ۾”اُڏيرو لعل ايوارڊ“ ، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ”لطيف ايوارڊ“ ، اردو زبان جي تنظيم ” زينا پاڪستان “ پاران ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“ ۽ بزم جيلاني پاران ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“ ، بزم ادب ٽکڙ پاران ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻيائين. انعام ٽکڙائي، ڏات ڏيپ مارڪو، محفل لطيفي، سنڌي ادبي سنگت، مهراڻ ادبي فورم، لطيفي ادبي فورم، بزم ادب ٽکڙ، بزم جيلاني، رائٽرس فورم، ڪاروان ادب سنڌ، محمد خان غني ادبي تنظيم، عوامي ادبي فورم، مهراڻ ادبي سٿ، جي پليٽفارمن تان سرگرم ڪردار ادا ڪيو، جساف، جيئي سنڌ تحريڪ، پي پي پي، سنڌ پيپلز ڪلچرل ونگ جي پليٽ فارمن تان سياسي سرگرمين ۾ پڻ حصو ورتائين، مختلف سياسي، علمي ۽ ادبي تنظيمن جي عهدن تي رهندي به هو هميشه سرگرم ورڪر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سنڌي ادبي سنگت ضلعي حيدرآباد جو رابطه سيڪريٽري، ٽنڊو محمد خان شاخ جو خزانچي، ڪيترائي ڀيرا ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. ۱۹۸۸ع ۾ لبريشن فرنٽ جي نالي سان تنظيم قائم ڪري، ان جي تنظيمي سرگرمين دوران ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ۱۶ ڏينهن جيل ياترا ڀوڳي آيو. جنهن بعد وسيلن جي کوٽ ڪري ان تنظيم کي اڳيان وڌائي نه سگهيو. ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان جيل ۾ پڻ ۱۹ ڏينهن قيد ڪاٽيائين. سندس تخليق جا ستارا نئين زندگي، مهراڻ، عبرت مئگزين، سنڌو، هالار، ادب، هزار داستان، سوجهرو، امرتا، سرهاڻ، لطيفي لات، وينجهار، اخبار جهان، جاسوسي ڊائجيسٽ ، سنگت، الاصلاح، هفتيوار ماروئڙا نيوز، مهراڻ مالها سميت مختلف سنڌي ۽ اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ جرڪندا رهيا. سنڌي ٻولي جي هن ڀلوڙ شاعر، اديب ، سماجي ورڪر، سياستڪار، اداڪار، نوحه خوان کي شهرت کان هميشه ڊپ لڳندو هو. سندس شاعري جو پهريون مجموعو ” رُلي رُلي جهان ڏٺم “ ۱۹۹۸ع ۾ لطيفي طبي اڪيڊمي ٽنڊو محمد خان پاران حڪيم يوسف کتري ڇپائي پڌرو ڪيو. جڏهن ته سندس شاعري جي ٽن مجموعن جو مواد اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهي. انعام ٽکڙائي جي شاعري جا موضوع تمام گهڻا ۽ وسيع آهن، ڌرتيءَ سان عشق ۽ محبت، ذوق جماليات، اخلاقيات، ظلم خلاف ڀرپور آواز، سستيءَ ۽ ڪاهلي کي ڇڏڻ جو درس، سماجي بُراين کان نفرت، ڌرتيءَ واسين جا ڏک ۽ درد، محبوب جا ماڻا ۽ رُساما سندس شاعري جا اهم موضوع رهيا، جن ۾ خوبصورت تشبيهون ۽ استعارا سمايل نظر اچن ٿا. سنڌي ٻولي جو هي خوبصورت لکاري هڪ وڏي عرصي کان دم جي مرض ۾ مبتلا هو، غربت واري زندگيءّ سان جهيڙيندي جهيڙيندي ۸ اپريل ۲۰۲۱ع مطابق ۲۴ شعبان ۱۴۴۲ هجري بروز خميس تي دل جي دوري سبب هميشه لاء وڇوڙي جو داغ ڏئي هليو ويو، کيس وسي ملوڪ شاهه لڳ شاهه ذڪريو جي قبرستان ۾ مٽيءّ ماءّ حوالي ڪيو ويو. کيس ٽن پۡٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.

سندس شاعري جونمونو ھيٺ ڏجي ٿو.

غزل

نه مير آهيون نه پير آهيون،

پنجن جي در جا فقير آهيون.

حسينيت جي فڪر جا ماڻهو،

يزيديت تي لڪير آهيون.

نه ديس وڪڻون نه ويس بدليون،

غريب پر باضمير آهيون.

مٽيءَ سان محبت اسان جو پيشو،

سلامتيءَ جا سفير آهيون.

جو پيار ڏئي ٿو جو پنهنجو چئي ٿو،

اُنهيءَ لئي مصري ۽ کير آهيون.

اسان نه ڄاڻون ٿا وَير، ڪُلفت،

اسان سڀن جا ئي وِير آهيون.

اسان به انسان اوهان جيان ئي،

نه ڪي، ڪي منڪر نڪير آهيون.

وفا اسان جو وجود سارو،

وچن ۾ ٿيندا اسير آهيون.

اسان ڀٽائيءَ جي ڀونءَ جا ماڻهو،

ڪڏهن نه ٿيندا حقير آهيون.

جي موج ڪريون ته ٿيون "قلندر"،

هلون ته سنڌوءَ جي سِير آهيون.

ڪُڇون ته هوشو جا نعرا آهيون،

لُڇون ته ”مارئي“ اُڪير آهيون.

جي ڇڙوڇڙ ته به ستارا اُڀ جا،

جي گڏ ٿيون پوءِ زنجير آهيون.

دڙن جي مٽي سنڌوءَ جو پاڻي،

اسين اُنهيءَ جا خمير آهيون.

ڪڏهن جوالا مُکي ٿي ڀڙڪون،

ڪڏهن ته نيڻن جا نير آهيون.

مگر جو ڌرتي کسي اسان کان،

ته ڀالا ڀڻڇيون ۽ تير آهيون.

پيار الفت "انعام" ارپيون،

سنڌي سٻاجها سڌير آهيون.

***************************************************

غزل

شام آئي فقير گھر آيا،

چُور جهرندڙ شرير گھر آيا.

ڪي کَپائي ، لُٽائي رستن تي،

ڪي بچائي ضمير گھر آيا.

مُرڪون گھر مان کڻي جي نڪتا هئا،

سي کڻي دل تي جھير گهر آيا.

گودڙين ۾ اُميدون آسون کڻي،

ڪيڏا بڻجي امير گھر آيا.

هي دُعائون ورهائي ماڻهن ۾،

ٿيندا مرشد ۽ پير گھر آيا.

نفرتون ، مهڻا ۽ ڪي طعنا سهندي،

سهندي دل تي ڪي تير گھر آيا.

ڪي ته کلندي ۽ مسڪرائيندي،

ڪي ته ڳاڙيندي نير گھر آيا.

نالو مولى جو آزمائيندي،

هي خدا جا سفير گھر آيا.

وقت جا ڪوڏيا انعام هي سڀ،

حالتن جا اسير گھر آيا.

***************************************************

غزل

هڪ گلن کان به پياري چَري ڇوڪري،

هُوبهُو ٿي لڳي ڄڻ پري ڇوڪري.

ڏند موتين ڪڻا ۽ گُلابي بدن،

صاف سُٿري صفا مرمري ڇوڪري.

بحر جوڀن سندس نيڻ ساگر جيان،

پئي جواني جو دريا تَري ڇوڪري.

زلف سانوڻ جا بادل لڳا پي صفا،

مينهن ڪڻين جيان سا کَري ڇوڪري.

ٿي دلين تي ڪيو راج هُن جي حسن،

هئي ادائن جي ڄڻ ڪا ڀَري ڇوڪري.

ڪيترن ئي نگاهن تي پيڇو ڪيو،

ڄڻ فلڪ تان هجي ڪا وَري ڇوڪري.

ڪانه ويچاري پنهنجن کي جيڪا وڻي،

ريت رسمن لڳي سا ڳَري ڇوڪري.

رات سُرٻاٽ ۾ ڪنهن چيو ٿي "انعام"،

ڪاري بڻجي وئي سا مَري ڇوڪري.

 

(اعظم ڀٽيءَ جي فيسبڪ پوسٽ تان ۲ مارچ ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا