; سنڌي شخصيتون: شفيع فقير

20 June, 2022

شفيع فقير

شفيع فقير

۽ سنڌ جي حقيقي ڳائڪي

خليل ڪنڀار



شفيع فقير سان مون کي ايتريون شڪايتون هيون جو مونکي لڳندو هو ته هاڻ اسين ڪنهن وهندڙ درياءَ جي ٻن ڪنارن جيئن آھيون. جن جو ميلاپ ناممڪن آھي پر هن پنهنجي پيار سان، نهٺائي سان ۽ عاجزي سان انهن شڪايتن جو ازالو ڪري ڇڏيو ۽ ھُو منهنجي دل ۾ ان ساڳي جڳھه تي اچي ويهي رهيو. جتي صرف اهي ماڻھُو ويٺل آھن جن ماڻھن پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ پنهنجي محنت وسيلي مڃتا ماڻي آھي. هن سان تعلق جي تند تمام گهڻي پراڻي آھي ان ڪري هن جي راڳداري جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل اڻ ورچ جستجو ۽ پنڌ جي به خبر اٿم هن نه رڳو رياض وسيلي پنهنجي آواز جي تراش ڪئي آھي پر هو اڄ جنهن منزل تي آھي ان منزل تائين پهچڻ لاءِ ھُن باقاعده ڏونگر ڏوريا آھن ۽ استادن جون حاضريون ڏنيون آھن. ايئن قطعي ڪونهي ته هن ڪو بازاري شاعري ڳائي شھرت ماڻي آھي. ان طرح مشھوري ماڻڻ وارن فنڪارن جو انت اهو ئي ٿيو جيڪو هن کان اڳي اهڙن فنڪارن جو ٿيندو آيو آھي.


موسيقي تي انهن ماڻھُن جو احسان آھي. جن مقبوليت جي لهر ۾ لڙھڻ بجاءِ ان جي اصل جو دامن جهلي رکيو ۽ عارضي ناماچاري نه پر دائمي ۽ ديرپا محبت ۽ مڃتا ۾ ايمان رکيو. پراين مقبول ڌُنن ۾ ڳائڻ جو رجحان ان ڳالھه جي نشاندهي ٿو ڪري ته اسان وٽ محنت ڪرڻ ۽ رياض جو رواج ئي ختم ٿي ويو آھي. ملاوٽ ۽ پٽ سٽ واري ان موسيقي تي ڪٿڪ ڊانس جي وڏي نالي استاد برجو مهاراج جي فلمي ڊانس بابت ڪيل اها ڳالھه پوري ٿي اچي ته اها ڊانس ايئن آھي جيئن کير جي ڀريل گلاس مان هڪڙو ڍڪ ڀري ان ۾ اوترو پاڻي وجهي ڇڏجي ايئن هڪ هڪ ڍڪ پاڻي ملائبو وڃبو ته کير کير نه رهندو. ان معاملي تي موسيقي جي استادن ۽ ادارن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. محنت ڪندڙ ڳائڻن جي همٿ افزائي ڪرڻ گهرجي. انهن کي گهربل موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن جيڪڏھن اسان جي اها موسيقي گم ٿي وئي جيڪا صدين کان اسان جو ورثو رهي آھي ته اسين به گونگا ٿي گم ٿي وينداسين.

هزارين سالن جي دکن دربدرين ۽ ذلتن ۾ اسان جي ماڻھن کي ڪنهن هٿيار يا ڪنهن نعري سلامت ڪو نه رکيو پر اسان کي سلامت رکيو آھي ڀيروي جي آلاپن، بانسري جي ڌُنن ۽ ڪلواڙي جي وڄت. هاڻ جي اهو سڀ ڪجھه بازاري گانن جي نذر ٿي وڃي ته پوءِ باقي ڇا رهيو. ان سلسلي ۾ شفيع فقير پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آھي. سندس پورهيو پيار لائق آھي. هن وڃائجندڙ واٽ تي هڪ دفعو ٻيهر گل ٻُوٽا پوکيا آھن. هن امرڪوٽ ۾ اڪيڊمي کولي راڳ جي سکيا ڏني ۽ وٽس موجود علم تي نانگ ٿي ويهڻ بدران اهو ونڊيو ورڇيو. شفيع فقير جو اهو هڪڙوئي عمل ايڏو وڏو آھي جو آئون سمجهان ٿو ته اهو عمل موسيقي جي دنيا ۾ اسان جي تيزي سان وڃائجندڙ تعارف کي بچائي ويو آھي ۽ ڪنهن به خطي کي بي سُري ٿيڻ کان بچائڻ کان وڏو عمل ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. انتها پسندي جي سامهون سندس ميوزڪ اڪيڊمي جا آلاپ گهڻي وقت تائين گمراهي جي آڏو ڍال بڻيا بيٺا رهندا. شفيع فقير جي سُريلائپ ۽ سنگت سبب هن خطي ۾ وڄت وارن سازن يعني طبلي، باجي ۽ بئنجي جي وڄائيندڙن جي به همٿ افزائي ٿي ۽ شفيع فقير جي شفقت ۽ ساٿ سبب وڄت جو فن به هتي جاري ۽ ساري آھي

هندستان وارن جڏھن ڪبير ڀڳت کي مختلف خطن جي فنڪارن کان ڳارايو پئي ته اُتي اسان جي نمائندگي شفيع فقير ڪئي جيڪو به اسان لاءِ هڪ اعزاز آھي. ڪبير جي شاعري جي گائڪي ۾ هن جو پنهنجو حصو رهيو. جيڪو هن بخوبي نڀايو. انڪري کيس اتي پذيرائي به ملي. جيئن ته هندستان موسيقي جو ملڪ آھي ۽ اتي پذيرائي ملڻ يقينن وڏي ڳالھه به آھي ۽ ڏُکي ڳالھه به آھي. هندستان جي دوري دوران ڪنهن ٽيليوزن تي هن سان پروگرام هو. جنهن ۾ ھن منهنجو نظم “گهڙي تي ڌُن سارنگ جي“ ڳايو. جڏھن واپس آيو ته هن مون کي ٻُڌايو ته ميزبان عورت اهو ڪلام کائنس چار ڀيرا ورجائي ورجائي ٻُڌو، ته مون کيس چيڙائيندي چيو ته اهو لکيل به اهڙو آھي ته شفيع فقير کلندي چيو ها اُن مائي کي سنڌي سمجھه ۾ به آئي پئي. شفيع فقير گهڻ سهُو ماڻھُو آھي سڄي سنگت کيس پئي چرچا هڻندي آھي. هي کلي چرچا برداشت ڪريو وڃي نه ڪو منهن ۾ سر وجهي نه ڪو ڪڏھن ڪوسو ٿئي.

ٻيون ڇڄيو رُون، آئون روئان ڀاڪرين

درگاھه جهوڪ جي عقيدتمندي سبب هن صوفي صادق فقير کي به واهه جو ڳايو آھي. جنهن کي هن کان پهرين ٻيا فنڪار به درگاهه جهوڪ تي سماع ۾ ڳائيندا رهيا آھن ۽ ڳائن به پيا، پر جڏھن جڏھن به شفيع فقير سندس وائي

راتڙي مه وهام

گهونگهٽ يار جو آ ڪنگهو ڪڪوريو

ڳائي آھي ته هن محفل کي ڄڻ ته منڊي ڇڏيو آھي. ھن صوفي صادق فقير جي ان وائي کانسواءِ ٻي شاعري به ڳائي آھي. صوفي صادق فقير جي شاعري کي ڳائڻ وارو عمل به سندس کاتي کي سگهارو ڪري ٿو. اسان جي ڪلاسيڪي شاعري کي ان جي روح موجب ڳائڻ سان ٿيندو اهو جو بازاري شاعري جو شور ڪجھه گهٽ ٿيندو ۽ چڱيون روايتون موسيقي توڙي شاعري ۾ پروان چڙھنديون رهنديون. سڄي دنيا ۾ موسيقي ماڻھن جي لاءِ اهڙي ڪلهي جيئن رهي آھي. جنهن تي ڳل لاڙي ماڻھن پنهنجا ڏُک سهسايا آھن ۽ ماڻھُن توڙي قومن کي انهن جي موسيقي ۽ شاعري پنهنجي اصل سان جوڙي رکيو آھي ۽ ڪڏھن به اڪيلو ٿيڻ ناهي ڏنو. جڏھن ڪو اينگلو انڊين آمريڪا جي ڳلين ۾ بانسري وڄائي ٿو. تڏھن هو ڄڻ اهو اعلان ڪري رهيو هوندو آھي ته اسان اڃان پنهنجي اصل سان ڳنڍيا وتون ۽ اسان اڃان هار ناهي مڃي ۽ جڏھن ڪا ٿر جي عورت ڌي جي نکيٽي ويل ڏورو ڳائي ٿي ته ڄڻ ته هو دنيا کي اهو ٻُڌائي ٿي ته توهان ماءُ ۽ ڌي جي وچ جا فاصلا ناهيو گهٽائي سگهيا. اسان جي خطي جي ان ئي شاهوڪار مارواڙي شاعري جي حسين گائڪي کي به شفيع فقير جيئن جو تيئن ورجائي سلامت رکيو آھي ۽ هن اها شاعري به ڳائي آھي. جنهن ۾ مارو به آھن ته مارن جو وطن به آھي. اهڙي شاعري ناماچاري لاءِ ته ڳچ خلق ڳائي پئي، پر هن اها شاعري ايئن موسيقيت سان سينگاري ڳائي آھي جو اها اسان جي تهذيب جو حصو ٿي هڪ روايت بڻجي وئي آھي. جيڪا هاڻ هميشه موجود رهندي.

شفيع فقير جو تعلق اهڙي ڪلاڪار قبيلي سان آھي جن کي لطيف پنهنجي شاعري ۾ انسانيت جي اعليٰ پد تي بيٺل ڏيکاريو آھي ۽ انهن جي سر ۽ گُر وارن ڳُڻن کي انتهائي پيار مان اظھاريو آھي

چارڻ ٻڌا چنگ کي، جهوڙا ۽ جهائين

لطيف پنهنجي شاعري ۾ هنن کي چارڻ، جاجڪ ۽ مڱڻھار لکيو آھي. راجستان ۾ هن قبيلي وٽ وڄت يعني ڍڍ، واول ۽ کڳي وغيره جي به ايئن ورهاست ٿيل رهي آھي جيئن اڄ ڪلھه نڪ، ڪن، اک، ڳلي ۽ دل وغيره جا مختلف ڊاڪٽر آھن. هي اهو قبيلو آھي جن جو ڏُک ڪير به پرچائي نٿو سگهي ۽ اهو ڏُک انهن جي اندر کي اندر ئي اندر کائيندو رهي ٿو ته جيڪي ڳايون ۽ وڄايون ٿا، ان کي سمجهڻ وارو ڪو هزارن ۾ هڪڙو قسمت سان ملي ٿو. اڻ ڄاڻ ڄاڻن ۽ بي سمجھه سمجُهوئن اڳيان پنهنجي علم جو اظھار ڪيڏو نه وڏو ڏُک آھي ۽ اهو ڏک هن قبيلي جي نه رڳو ميراث رهيو آھي پر وقت سان گڏ اهو ڏُک گهرو به ٿيندو رهيو آھي

پيار نهين هي سُر سي جس ڪو

وه مورک انسان نهين هي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)





استاد شفيع فقير

ڀيٽا - سر مھڪن ٿا عشق جي آواز سان

رميش راجا

موسيقي رڳو آوازن جي ترتيب ناهي؛ اها هڪ خاموش طاقت آهي، جيڪا جذبن کي شڪل ڏئي ٿي، دلين کي ڳنڍي ٿي ۽ انهن ڳالهين کي آواز ڏئي ٿي، جيڪي لفظن سان بيان نٿيون ٿي سگهن. انساني تهذيب جي ابتدائي ڌنن کان وٺي ليڊوگ بيٿوون (Ludwig van Beethoven) جهڙن ماهرن جي نفيس تخليقن تائين،لتا منگيشڪر جي امر آواز تائين، پنڊت ڀيم سين جوشي جي ڪلاسيڪي ڪمال تائين ۽ استاد منظور علي خان ۽ اسٿاد محمد جمن جي روحاني گهراين تائين، موسيقي سدائين انسانيت جي ساٿي رهي آهي. اها اسان جي خوشين ۾ به آهي ۽ اڪيلائيءَ ۾ به، اسان جي يادگيرين ۾ به ۽ خوابن ۾ به.

وڏا موسيقار رڳو ڳائڻا نه هوندا آهن؛ اهي انساني زندگيءَ جا قصا بيان ڪندڙ هوندا آهن. هو سر ۽ آواز وسيلي ثقافت، تاريخ ۽ احساسن کي کڻي هلن ٿا ۽ سادن لمحن کي يادگار بڻائين ٿا. جيئن فيڊرڪ نئٽشي (Friedrich Nietzsche) چيو هو ته: “موسيقي کان سواءِ زندگي هڪ غلطي هجي ها.” هي سوچ اسان کي سمجهائي ٿي ته اڄ اسان هتي رڳو ٻڌڻ لاءِ نه، پر هڪ اهڙي آواز کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، جنهن سنڌ جي دلين کي ڇُهيو آهي.انهيءَ پسمنظر ۾، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) پنهنجي روايت مطابق سدائين سنڌ جي ثقافتي ورثي، نشانين ۽ اهم فنڪارن کي مڃتا ڏيندي رهي آهي. اڄ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ پروگرام “هڪ شام شفيع فقير جي نانء” رڳو هڪ تقريب ناهي، پر هڪ خراج آهي، هڪ اهڙي آواز کي، جنهن ۾ مٽيءَ جي خوشبو، صوفي فڪر جي گهرائي ۽ سچائي جي سادگي سمايل آهي.

استاد شفيع فقير رڳو هڪ ڳائڻو ناهي؛ هو هڪ تجربو آهي. هو انهن ناياب فنڪارن مان آهي، جن پنهنجي لاءِ موسيقيءَ جي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي. سندس آواز نه رڳو ماڻهن کي وندرائي ٿو، پر سنڌي موسيقيءَ کي نئين جان ۽ نئين روشني ڏئي ٿو. سگا جو اڄوڪو پروگرام رڳو موسيقي جي واڌاري لاءِ ناهي، پر هڪ جيئري اثاثي کي سندس حياتيءَ ۾ مڃتا ڏيڻ لاءِ آهي.جڏهن شاعر، اديب ۽ فنڪار گڏ ويهندا آهن، ته اها محفل رڳو موسيقي تائين محدود نه رهندي آهي، پر خيالن ۽ احساسن جي گفتگو بڻجي ويندي آهي. حيدرآباد اهڙين محفلن لاءِ هميشه کان هڪ اهم مرڪز رهيو آهي، جتي سنڌي ثقافت، ادب ۽ موسيقيءَ کي هميشه جڳهه ملي آهي.

منهنجي لاءِ هي موقعو تمام ذاتي حيثيت رکي ٿو. ۱۹۹۷–۹۸ع دوران، جڏهن مان نوڪريءَ سلسلي ۾ سن ۾ رهندو هئس، تڏهن مونکي هر خميس سائين جي ايم سيد جي مزار تي استاد شفيع فقير کي ٻڌڻ جو موقعو ملندو هو. اهي شامون اڄ به منهنجي يادگيرين ۾ زنده آهن. اها رڳو موسيقي نه هئي، پر هڪ اهڙو احساس هو، جيڪو لفظن کان مٿانهون هو. هر خميس، هو ايندو هو، اڪثر جمن دربدر سان گڏ، ۽ ڪڏهن ڪڏهن حليم باغي به ساڻ هوندو هو. ڪيترائي سڃاتل چهرا به گڏ ٿيندا هئا، جن ۾ بشير خان قريشي ۽ ٻيا دوست شامل هوندا هئا. مان پنهنجي سن جن جي دوست شنڪر لال سان گڏ ويندو هئس، جنهن وٽ ٽيپ رڪارڊر هوندو هو، ۽ اسان اهي لمحا ڪيسيٽن ۾ محفوظ ڪندا هئاسين- شايد ان وقت اسان کي خبر نه هئي ته اسان تاريخ محفوظ ڪري رهيا آهيون. اهي ڪيسيٽون پوءِ مون سان گڏ گمبٽ تائين وينديون هيون، جتي رات جو اسان دوستن سان گڏ ويهي وري اهي آواز ٻڌندا هئاسين. اهڙي طرح سن جي موسيقي گمبٽ تائين سفر ڪندي هئي—رڳو ٽيڪنالاجي ذريعي نه، پر محبت ۽ وابستگي ذريعي.

ڪڏهن ڪڏهن، اهي سفر رني ڪوٽ تائين به پهچندا هئا، جتي اسان کليل آسمان هيٺ رات گذاريندا هئاسين ۽ موسيقيءَ جي سرن مان لطف اندوز ٿيندا هئاسين. اهي سادا ڏينهن هئا، پر زندگيءَ سان ڀرپور هئا.ان وقت، استاد شفيع فقير پنهنجي سفر جي شروعاتي مرحلي ۾ هو. سندس شاگرد، جيڪي اڄ مشهور آهن، اڃا ميدان ۾ نه آيا هئا. سندس آواز به آهستي آهستي وڌيڪ پختو ۽ گهرو ٿي رهيو هو. اهو وقت محنت، سکيا ۽ لگن جو هو.

مون کي اهو به ياد آهي ته ڪيئن هن جديد سنڌي شاعري ڏانهن لاڙو وڌايو. حليم باغي سان گڏ هن شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن جي شاعري ڳائڻ شروع ڪئي. ان کان اڳ، صادق فقير ۽ عاشق نظاماڻي هن روايت جي شروعات ڪري چڪا هئا، جڏهن ته رسول بخش پليجي صاحب شيخ اياز جي شاعري کي جيجي زرينا بلوچ جي آواز ۾ پيش ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اهو به ذڪر جوڳو آهي ته شيخ اياز جا سڀ کان وڌيڪ ڪلام زرينا بلوچ ڳايا آهن.پوءِ جڏهن استاد شفيع فقير جون ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ آيون، ته سندس آواز آهستي آهستي سڄي سنڌ ۾ پکڙجڻ لڳو. هو نه رڳو عام ماڻهن ۾، پر پڙهيل لکيل طبقي ۾ به مقبول ٿي ويو. سندس موسيقيءَ ۾ اهڙي گهراڻي هئي، جيڪا سڌي دل ۾ لهي ويندي هئي.

گذريل ٻن ڏهاڪن ۾، سندس شاگردن به وڏي مقبوليت حاصل ڪئي آهي ۽ سندس روايت کي اڳتي وڌايو آهي. اڄ استاد شفيع فقير رڳو هڪ فنڪار ناهي؛ هو هڪ ادارو آهي، هڪ مڪمل ميوزڪ اڪيڊمي آهي. سندس نالو سنڌي موسيقيءَ جي وڏن نالن ۾ شمار ٿئي ٿو. پر انهن سڀني ڪاميابين کان به وڌيڪ اهم اها ڳالهه آهي ته هو ماڻهن سان ڪهڙو ناتو جوڙي ٿو. جڏهن هو ڳائي ٿو، ته لڳي ٿو ڄڻ هو هر هڪ سان الڳ الڳ ڳالهائي رهيو آهي. اهو ئي موسيقيءَ جو اصل ڪمال آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ اپريل ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا