; سنڌي شخصيتون: نثار احمد صديقي

23 June, 2020

نثار احمد صديقي

تعليمي ماهر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وي سي نثار صديقي جو ساهه سڳو ٽٽي ويو

(ڏيھاڙي عبرت ۲۳ جون ۲۰۲۰ع)


سکر (بيورو رپورٽ) سکر کي ناليوارو تعليمي ادارو آءِ بي اي ڏيندڙ نثار احمد صديقي زندگي جي جنگ هارائي ويٺو، ڪراچي. جي اسپتال ۾ دل جي مرض سبب وفات ڪري ويو، جنازي نماز سکر آءِ بي اي جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ادا ڪرڻ بعد کيس خدمتن جي مڃتا آءِ بي اي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي وڇوڙي تي سکر توڙي خيرپور جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار، ان سلسلي ۾ اتر سنڌ کي دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ بهترين تعليمي ادارو انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڏيندڙ اداري جو وائس چانسلر تعليمي ماهر پروفيسر نثار احمد صديقي دل جي مرض سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز آءِ بي اي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ادا ڪرڻ بعد اتي ئي سندس تدفين ڪئي وئي. مرحوم جي جنازي نماز ۾ علائقي جي سياسي، سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نثار احمد صديقي سکر کي انتهائي معتبر تعليمي ادارو ڏئي سنڌ جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪري سنڌ جي نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مستقبل بچائڻ لاءِ انتهائي وڏيون ڪوششون ورتيون، جنهن سکر آءِ بي اي وارو ادارو قائم ڪري عالمي سطح تي سنڌ جو مان مٿاهون ڪرايو. جڏهن ته نثار احمد صديقي جو اباڻو ڳوٺ پريالوءِ ضلعي خيرپور ۾ آهي. جنهن بعد سندس وارثن سان اهم سياسي سماجي، مذهبي، واپاري ۽ شهرين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ صحافين عذر خواهي ڪئي. ياد رهي ته مشهور تعليمي ماهر آءِ بي اي سکر جو بنياد رکندڙ نثار احمد صديقي ۱۹۴۴ع ۾ خيرپور ضلعي جي شهر پريالوءِ ۾ جنم ورتو، هن زندگي جون ۷۷ بهارون گذارڻ بعد ۲۲ جون ۲۰۲۰ تي دل جي عارضي سبب هن دنيا کي الوداع ڪيو، هو شروعاتي ڏينهن ۾ ۱۰ سال مئٿ، انگريزي ٻولي، اڪنامڪس سبجيڪٽن جو استاد پڻ رهيو، ان کان علاوا ڊپٽي ڪمشنر، ڪمشنر، هوم سيڪريٽري، ڊائريڪٽر مينيجمينٽ سائيٽ سنڌ انڊسٽريل، ٽريڊنگ اسٽيٽس پڻ رهيو، نثار احمد صديقي ۱۹۹۴-۹۵ع ۾ سکر پبلڪ اسڪول جي چئن ڪمرن کان آءِ بي اي جو بنياد وڌو، ۲۰۰۴-۵ع کان باقاعدا آءِ بي اي جوڙڻ سان گڏ ان جو ڊائريڪٽر رهيو، جڏهن ته ۱۶ مئي ۲۰۱۷ تي سنڌ اسيمبلي پاران قرار داد پاس ڪري سکر آءِ بي اي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ سان نثار احمد صديقي کي وائس چانسلر ڪيو ويو، جيڪو آخر تائين يونيورسٽي جو وائس چانسلر رهيو، هن نه رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان ۾ پهريون دفعو ڪميونٽي ڪاليج ۽ اسڪولن جو بنياد وڌو، جنهن سنڌ اندر خيرپور، نوشهروفيروز، گھوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو، اوٻاوڙو شهرن ۾ پهريان ڪميونٽي ڪاليج کوليا، نثار احمد صديقي کي بهتر ڪارڪردگي ۽ تعليمي ميدان تي خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ستارا امتياز سان نوازيو ويو. هن ۱۹۸۷ع ۾ يو ايس اي جي بوسٽن يونيورسٽي مان ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي بنياد تي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پاڪستان جي چئن وڏن تعليمي ادارن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي ۽ پوري دنيا ۾ مشهوري پڻ ماڻي.


نثار صديقي

سنڌ جو هڪ اهم املهه ماڻڪ

پروفيسر اعجاز قريشي

سنڌ جو هڪ املهه ماڻڪ جيڪو سول سرونٽ هو ۽ بعد ۾ هلي هڪ وڏو تعليمدان بڻيو، اهو هو سائين نثار احمد صديقي صاحب، جنهن جي ڪالهه بيماري سبب وفات ٿي وئي، نثار صاحب هڪ اعليٰ ظرف وارو انسان هو، جنهن پنهنجي سڄي عمر انسانن جي خدمت ڪندي گذاري پر خاص طور تي غريب طبقي جي خدمت سولسرونٽ هوندي هن سنڌ جي گهٽ ترقي يافته شهرن ۽ ڳوٺن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. ڳوٺ ۾ پاڻي پهچائڻ، بجلي پهچائڻ، اسڪول قائم ڪري ڏيڻ ۾ به گهڻو اڳڀرو رهيو. هڪ پي سي ايس آفيسر جي حيثيت سان هو اسسٽنٽ ڪمشنر کان وٺي چڙهيو ۽ ڊي سي، ڪمشنر ۽ سيڪريٽري ٿي اڳتي وڌيو. سندس اڳيان وڌڻ ۾ سندس سڀاءُ ۽ ايمانداري تمام اتم رهيا، سندس اخلاق جي ساراهه ته تمام وڏي آهي، هر ماڻهوءَ سان بهتر انداز سان ملڻ، هن کي دل سان ٻڌڻ ۽ پوءِ هن جي ڪم يا مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، نثار صاحب اهڙن انسان دوستن مان هو. هو انسان دوست هو، منهنجون ساڻس ڪيئي ملاقاتون هيون ۽ کيس ويجهڙ کان ڏٺو ته هن جو رويو غريب ماڻهن سان ڪيئن هو. منهنجي پهرين ملاقات ميرپور خاص ۾ ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي، جڏهن هو اتي ڊي سي هو ۽ آئون سنڌ يونيورسٽي جي هڪ اداري ”سنڌ ڊولپمينٽ اسٽيڊيز سينٽر ۾ ڊائريڪٽر هئس ۽ اها رات جي ماني تي هڪ دلبر دوست سائين غلام حسين مشتاق سچاروري جي گهر ٿي. سائين جي خيالن جي خبر ته ان وقت ئي پئجي وئي هئي. خيال جو بڙو ۽ آهستي ڳالهائيندڙ ۽ شين جي تهه تائين وڃي سڄي ڳالهه کي سمجهڻ جي مڪمل صلاحيت رکندڙ هو.

اهڙا ماڻهو مون کي تمام گهٽ سُجهن. اهڙن ماڻهن ۾ هڪ ٻيو اسان جو سائين محمد هاشم ميمڻ مرحوم به هو جيڪو پڻ ميرپورخاص جو ڊي سي هو ۽ جنهن ميرپورخاص پبلڪ اسڪول ٺهرائي سنڌ جي ماڻهن کي ڏنو، جيڪو اڄ تائين هلي رهيو آهي. نثار صاحب جو ڪم تمام وڏو ٿيل آهي، نوڪري ۾ هوندي هن سکر ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ وڏو ۽ بين الاقوامي معيار جو ادارو ”سکر انسٽيٽوٽ آف بزنس ائڊمنسٽريشن قائم ڪيو، هي ادارو سنڌ جي ماڻهن لاءِ خاص طور تي قائم ڪيائين، اڃا به ائين چئجي ته سنڌ جي ٻهراڙين جي غريب شاگردن لاءِ، هن اداري ۾ هن وقت هزارين شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. هن اداري جي معيار جي ڳالهه ايتري ته وڌي وئي جو سڄي پاڪستان مان شاگرد هن ۾ پڙهڻ آيا ۽ پڙهن پيا، نه صرف شاگرد پر سڄي ملڪ جا پڙهيل لکيل ماڻهو پڻ هن ۾ نوڪريون ڪرڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ اچي پهتا. انهن مان ڪيترن جون ٻاهران ڊگريون ڪيل آهن. نثار صاحب هن اداري جي استادن کي حڪومتن ۽ ٻاهرين فنڊنگ ادارن مان اسڪالرشپون وٺي ٻاهر موڪليو ۽ سون جي تعداد ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڪرايون. انهن مان ڪيترا هن مهل هتي استادن جون خدمتون ڏئي رهيا آهن. هن اداري جي ساک ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي ادارن جهڙي آهي، جن جو معيار تمام بلند آهي، جهڙوڪ آءِ بي اي ڪراچي (اصل ۾ هي ادارو آ بي اي ڪراچيءَ جي ساٿ سان سائين نثار صاحب شروع ڪرايو هو)، لمس (لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنس)، جي آءِ ڪي (غلام اسحاق خان انسٽيٽوٽ آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي)، زيبسٽ ۽ ٻين جهڙو ادارو آهي. منهنجي نظر ۾ جيڪڏهن نثار صاحب کي زندگي جي مهلت ملي ها ته هي ادارو ڪئمبرج، هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي جهڙو ٿي پوي ها باوجود انهيءَ جي ته هن جو معيار به سٺو ۽ بلند آهي. نثار صاحب انهيءَ اداري کي بلندين تائين پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. هن پنهنجي لاءِ ڪجهه به نه سوچيو ۽ نه ئي وري ذاتي لالچ ۾ پيو. اسان وٽ سنڌ ۾ بدقسمتيءَ سان اهڙن ماڻهن جي تمام گهڻي کوٽ آهي. اسان جي نظر ۾ علم سڀ ڪجهه هوندو آهي. سڄي دنيا ۾ جديديت جي دور ۾ علم جو بول بالا هو پر جديديت پڄاڻان واري نعري کان پوءِ به علم ۽ تحقيق پنهنجي اهم جاءِ والاري بيٺو آهي ۽ هي ادارو انهن ٻنهي دورن جو ڏيک ڏئي ٿو. هن اداري جي ساک ايتري ته وڌي وئي آهي جو ماڻهو نثار صاحب کي عرض ڪندا هئا ته هو سندن ادارا کڻي ۽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهاري ڏئي. جيڪو هن ڪيو، تنهن جو هڪ وڏو مثال پبلڪ اسڪول لطيف آباد حيدرآباد پڻ آهي، جيڪو حيدرآباد جي انتظاميا کان هلي نه پيو سگهي، ٻيو سٺو ڪم جيڪو نثار صاحب ۽ سکر آ بي اي ڪيو ته هنن سڄي سنڌ ۾ ڪيترا ئي نوان اسڪول ۽ ڪاليج کوليا جيڪي غريب ماڻهو پري جي بجاءِ پنهنجي گهرن جي ويجهو پڙهي سگهن هو به گهٽ خرچ سان.

نثار صديقي جي وفات جو ٻڌي سخت افسوس ٿيو آهي ۽ حقيقت ۾ هي خال تمام جلد ڀرجي نٿو سگهجي. ان موقعي جو فائدو وٺندي آئون ٻين ڪيترن ئي دوستن جي ساٿ سان سندس خاندان جي فردن (اولاد) ۽ حڪومت سنڌ کي اهو عرض ڪندس ته کيس آءِ بي اي جي مکيه ڪئمپس جي احاطي ۾ مرحوم جو مڙهه مدفون ڪيو وڃي ته هر ڪو کيس دعائون ڏيندو رهي. اسان وٽ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محترمه ايلسا قاضي، محمد ابراهيم جويو صاحب، ڊاڪٽر عابده طاهراڻي، سنڌ يونيورسٽي جي مکيه ڪئمپس ۾ مدفون آهن، ڊاڪٽر ايس ايم قريشي، مهراڻ يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي ۾ مدفون آهي. اهڙي نموني ڪراچي، لاهور، ڪئمبرج، آڪسفورڊ، هارورڊ ۾ به اهڙا مثال موجود آهن، انهيءَ ڪري سائين کي اتي جاءِ ملڻ سان سڀني جو مان مٿانهون ٿيندو، ٻيو ته سکر ۽ سندس ڳوٺ ۾ مفاصلو تمام گهٽ آهي.


هڪڙو هو نثار احمد صديقي

اهو به وڇڙي ويو!

خالد ٻانڀڻ

هن سان جڏهن به ملبو هيو ته منهن تي هلڪي مرڪ آڻي ٻانهون کنڊيري ڀاڪر پائي ملندو هو ۽ چوندو هو ته ”خالد ڇا حال آهي، عبرت ڪيئن ٿي هلي، محترم قاضي اسد صاحب جا ڪهڙا حال آهن، خوش لڳو پيو آهي“ انهن ئي سوالن سان ڳالهين جي شروعات ڪندو هو، هن پنهنجي زندگي جا ۷۷ سال صرف تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي گذاري ڇڏيا. مان ان شخصيت جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جنهن ۱۹۴۴ع ۾ سکر لڳ خيرپور ضلعي ۾ گلابن، انبن ۽ کجين جي باغن ۽ سرمد سنڌي جي حوالي سان پوري سنڌ ۽ وري پاڪستان کان پوري دنيا تائين نثار احمد صديقي جي نالي سان مشهور ماڻيندڙ پريالوءِ جنهن کي پريان لوءِ ڪري به سڏيو ويندو آهي ۾ جنم ورتو ۽ تقريبن زندگي جون اڌ کان وڌيڪ بهارون سکر ۾ گذاري ڇڏيون. اهو هو نثار احمد صديقي، جنهن سکر کي آءِ بي اي جھڙو ادارو ڏئي سوين نه پر هزارين علم جي پياسن شاگردن کي تعليم سان سيراب ڪري وڏن عهدن تي پهچايو. هن وٽ فضول ويهڻ واندو ملڻ جو وقت بلڪل ڪونه هوندو هو. سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن نئين سوچ ۽ ڪرت ۾ لڳل هوندو هو، ڇوته هن جو تعلق معاشيات جي بهترين ۽ سڌارن ڏانهن وڌيڪ هو.

مون کي ياد آهي اسان جڏهن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئاسين، اهو ۱۹۹۵-۹۶ع جو زمانو هيو، شام جي وقت پوليس پروٽوڪول سان هڪ پيجارو گاڏي يونيورسٽي ۾ اچي بيهندي هئي. پاڻ شاگردي واري مستي ۾ ڪنهن به ان پروٽوڪول سان ايندڙ همراهه ڏانهن ڌيان ڪونه ڏيندا هئاسين ۽ هر ڪو اهو ڀائيندو هو شايد ڪو بيورو ڪريٽ وائس چانسلر سان ملڻ اچي ٿو پر روز اچڻ واري روٽين برقرار رهڻ کانپوءِ وڃي خبر پئي ته هي ڪمشنر سکر ڊويزن نثار احمد صديقي آهي. جيڪو يونيورسٽي ۾ بي بي اي جا ڪلاس وٺڻ لاءِ يعني شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ اچي ٿو. تڏهن اسان جي حيرانگي جي ڄڻ ته حد ئي نه هئي. وري پاڻ جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ صحافت جي دنيا ۾ سکر ۾ آيا هئاسين ته سکر ۾ ان وقت ڪمشنر جي عهدي تي هيو ۽ رات جو ۱۲هين هڪ وڳي پاڻ جڏهن پريس ڪلب کان آرام جي لاءِ آفيس جي ڪمري تي ويندا هئاسين ته شهر ۾ ڪٿي نه ڪٿي روڊن جا يا پارڪن جا ترقياتي ڪم رات جو به هلندي نظر ايندا هئا ۽ هڪ ڪامورو رات جي بيگاني وقت ڪرسي وجھي ڪم جي مٿان ويٺل نظر ايندو هيو، جنهن کي سڄو شهر ۽ بعد ۾ سڄو ملڪ نثار احمد صديقي جي نالي سان سڃاڻڻ لڳو، هن ۲۶ سالن جي ڪامورڪي زندگي ۾ جيڪي ڪم ڪيا اهي به وسارڻ جوڳا نه پر ساراهڻ جوڳا آهن. نثار احمد صديقي شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ بي بي اي جي شاگردن کي پڙهائڻ سان گڏ ۱۹۹۴ع ۾ چئن ڪمرن واري يونيورسٽي سکر پبلڪ اسڪول ۾ قائم ڪري آءِ بي اي جي اتان شروعات ڪئي ۽ سڀ کان پهريان آءِ بي اي انسٽيٽيوٽ کي آءِ بي اي ڪراچي سان ايفيليئٽڊ ڪرايو، جيڪا پڻ هن معتبر ماڻهو جي ڪوشش ۽ ڪارڪردگي هئي. جنهن سکر کي پوري دنيا ۾ تعليمي اداري جي حوالي سان مشهوري ڏني، هو هڪ ئي وقت تعليمي ماهر بيوروڪريٽ اسڪالر آءِ بي اي سکر جو فائونڊر ۽ ان جو وائس چانسلر رهيو.

مشهور تعليمي ماهر آءِ بي اي سکر جو بنياد رکندڙ نثار احمد صديقي ۱۹۴۴ع ۾ خيرپور ضلعي جي شهر پريالوءِ ۾ جنم ورتو، هن زندگي جون ۷۷ بهارون گذارڻ بعد ۲۲ جون ۲۰۲۰ تي دل جي عارضي سبب هن دنيا کي الوداع ڪيو، هو شروعاتي ڏينهن ۾ ۱۰ سال مئٿ، انگريزي ٻولي، اڪنامڪس سبجيڪٽن جو استاد پڻ رهيو، ان کان علاوه ڊپٽي ڪمشنر، ڪمشنر، هوم سيڪريٽري، ڊائريڪٽر مئنيجمينٽ سائيٽ سنڌ انڊسٽريل، ٽريڊنگ اسٽيٽس پڻ رهيو، ۵-۲۰۰۴ع کان باقاعده آءِ بي اي جوڙڻ سان گڏ ان جو ڊائريڪٽر رهيو، جڏهن ته ۱۶ مئي ۲۰۱۷ تي سنڌ اسيمبلي پاران قرارداد پاس ڪري سکر آءِ بي اي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ سان نثار احمد صديقي کي وائس چانسلر ڪيو ويو، جيڪو آخر تائين يونيورسٽي جو وائس چانسلر رهيو، هن نه رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان ۾ پهريون دفعو ڪميونٽي ڪاليج ۽ اسڪولن جو بنياد وڌو، جنهن سنڌ اندر خيرپور، نوشهروفيروز، گھوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو، اوٻاوڙو شهرن ۾ پهريان ڪميونٽي ڪاليج کوليا، نثار احمد صديقي کي بهترين ڪارڪردگي ۽ تعليمي ميدان تي خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ستارا امتياز سان به نوازيو ويو. هن ۱۹۸۷ع ۾ يو ايس اي جي بوسٽن يونيورسٽي مان ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي بنياد تي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پاڪستان جي چئن وڏن تعليمي ادارن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي ۽ پوري دنيا ۾ مشهوري پڻ ماڻي. نثار احمد صديقي جي شروعاتي ٻانهن ٻيلين ۾ هن وقت رجسٽرار جي پوسٽ تي رهندڙ زاهد کنڊ ۽ سندس ويجھو ڳڻيو ويندڙ پي آر او معراج مهر رهيا، جن جون اکيون اڄ آليون آهن. نثار احمد صديقي کانسواءِ هو ڄڻ اداس ۽ ويڳاڻا ٿي ويا آهن. نه رڳو زاهد کنڊ ۽ معراج مهر پر آءِ بي اي جا شاگرد ملازم سکر جا رهواسي سياستدان، صحافي، واپاري، وڪيل مطلب ته هر فڪر جو ماڻهو سندس اوچتي وڇوڙي جو ٻُڌي اداس ٿي ويو آهي. کيس مڃتا جي خدمتن عيوض آءِ بي اي جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ نماز پڙهائڻ بعد اتي دفنائڻ وارو فيصلو هر ڪنهن کي بهتر لڳو آهي، ڇوته جنهن اداري لاءِ هن سڄي زندگي جاکوڙيندي گذاري. آخري آرام گاهه به کيس اتي ڏيڻ يعني علامه آءِ آءِ قاضي ۽ امڙ ايلسا قاضي واري روايت کي برقرار رکيو ويو آهي. جنهن تي سندس ويجھن رشتيدارن، دوستن ۽ سکر جي سڄاڻ شخصيتن کي جس آهي. نثار احمد صديقي جون يادون ۽ خدمتون ڪڏهن به ڪونه وسرنديون، هو هميشه سڄاڻ ذهنن، دلين تي ڇانيل رهندو.



نثار احمد صديقي

(منهنجي بايوگرافي مان ڪجھ ساروڻيون)..

نور محمد بجير

منهنجي زندگي ۾ سکڻ جي حوالي سان ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول ميرپور خاص وارا چار سال (۱۹۸۶ع کان ۱۹۸۹ع) هڪ سنهري دور وانگر هئا. شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ مون کي تمام گھڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي. هر ڪلاس جا پنج سيڪشن هوندا هئا ۽ هر سيڪشن جي وچ م چٽاڀيٽي هوندي هئي. هوشيار شاگردن کي مطمئن ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڏينهن آئون ڪلاس ۾ پڙهائي رهيو هئس ته اسان جو پرنسيپال پٺئين دروازي کان اندر داخل ٿي، شاگردن سان گڏ اچي ويهي رهيو. منهنجي نظر بورڊ تي هئي ۽ ليڪچر ڏئي رهيو هئس. ڪجھ دير کان پوءِ ڏٺم ته پرنسيپال اندر شاگردن سان گڏ ويٺو آهي. مون پنهنجو ليڪچر جاري رکيو. پرنسيپال ڪجھ دير کان پوءِ اٿي ويو ۽ رسيس ۾ مون کي گھرائي استادن جي روبرو تعريف ڪيائين.

نثار احمد صديقي، ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي پٽ رياض صديقي کي پبلڪ اسڪول ميرپورخاص مان سرٽيفڪيٽ ڪڍرائي منهنجي ڪلاس ۾ داخل ڪرايو ۽ مون کي گھر اچي ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ به چيائين. آئون جيڪو اسڪول ۾ ڪم ڪرائيندو هئس، اهو پاڻ چيڪ ڪندا هئا ۽ ٽيوشن وارو ڪم به ڏسندا هئا. هفتي ۾ هڪ ڏينهن مون سان ميٽنگ ڪري حال احوال پڇندا هئا. مون ٽيوشن جا پئسا وٺڻ کان انڪار ڪيو ته سخت ناراض ٿي پيا. زبردستيءَ مون کي پئسا ڏنائون. آئون صديقي صاحب جي ٻن پٽن کي پڙهائيندو هئس ۽ مون کي بار بار چوندا هئا ته؛ توهان جا هي شاگرد آهن. هنن کي ڊپٽي ڪمشنر جا پٽ ڪري پڙهائيندين ته اهو ظلم هنن ٻارن سان ڪندين. هنن کي مهرباني ڪري عام شاگردن وانگر سمجھ. صديقي صاحب پنهجي ايمانداري جي ڪري مشهور هوندا هئا ۽ شام جو به عام ماڻهو سندن بنگلي تي مسئلا کڻي ايندا هئا. صديقي صاحب جي ٻارن کي پيرن ۾ جيڪا چپل پاتل هوندي هئي، اها ٽٽڻ کان پوءِ موچي کان چتيون ڏياريندا هئا.

نثار احمد صديقي صاحب هڪ ڏينهن شام جو بنگلي تي اريگيشن کاتي جي انجنيئر کي گھرايائين. آئون به اتفاق سان صديقي صاحب وٽ ويٺل هئس. انجنيئر کان پڇيائين ته ڊپٽي ڪمشنر جي رهائش واري بنگلي جي ٻاهران مين روڊ تي بيٺل هڪ وڏي ۽ جھوني وڻ کي ڪنهن وڍيو آهي؟ انجنيئر وٽ ڪو معقول جواب نه هو. بس پوءِ ته صديقي صاحب جو غصو ڏسڻ وٽان هو. اسان گڏجي انهي وڍيل وڻ تائين پنڌ ڪندا وياسين. اهو وڻ به ڪنهن ناياب نسل جو هو. اريگيشن وارن انهي وڻ کي ٿڙ کان باهه سان ساڙي، سڪائي پوءِ ڪٽائي کڻي ويا. صديقي صاحب انڪوائري لاءِ چيو ۽ تمام گھڻي ڪاوڙ جو اظهار ڪيائين. دل ۾ سوچيم ته هن قسم جا اگر اسان جا آفيسر هجن ته ڪر حڪومت جو نظام بهتر هلي. ان وقت ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٿر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص گڏ هوندا هئا. انهيءَ ڪري آئون اگر ڪي پنهنجا ذاتي ڪم ڊپٽي ڪمشنر کان وٺڻ چاهيان ها ته ملي پئي سگھيا. پر مون ڪڏهن پنهنجي ڪنهن هڪ ڪم لاءِ به نه چيو. مٺي شهر ۾ ان وقت ڳوٺ آباد اسڪيم تحت پلاٽ تقسيم پئي ٿيا. نثار احمد صديقي صاحب مٺي ۾ پلاٽن جي تقسيم ڪندي، هڪ پلاٽ منهنجي نالي پڻ اعلان ڪيو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي چيائين ته هي پلاٽ منهجي طرفان استاد نورمحمد بجير کي گفٽ طور ڏجو. مون کي هڪ مهيني کان پوءِ محمد حسن پسايو ٻڌايو ته اهو اعلان اسان جي روبرو ٿيو هو. توهان اسسٽنٽ ڪمشنر سان ملي پلاٽ وٺو، پر آئون اهو ڪليم نه ڪري سگھيس.




نثار احمد صديقي به گذاري ويو.

اسحاق سميجو

نثار احمد صديقي صاحب جا چيل اهي لفظ، سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن ته؛ ”زندگي اها آهي، جيڪا ٻين لاءِ گذارجي.“ اها ڳالهه هڪ سچو ۽ ماڻهن جي خدمت ۽ محبت ۾ سرشار شخص ئي ڪري سگهي ٿو. نثار صاحب هڪ ٽرينڊ سيٽر ۽ صحيح معني ۾ مثالي ڪردار جو مالڪ هو.

اسان وٽ سالن کان سياسي ڪارڪن، دانشور، صحافي ادارا ادارا ڪندا نظر آيا آهن، پر وسيلن، اٿا-ويٺي ۽ صلاحيت هجڻ باوجود انهن هڪ به ادارو قائم نه ڪيو آهي، جنهن کي نموني طور پيش ڪري سگهجي. نثار صاحب آء بي اي سکر جهڙو انسٽيٽيوٽ قائم ڪري، ان کي هڪ اعلي معيار جي پبلڪ يونيورسٽي بڻائي ڏيکاريو ۽ ڪا به اجائي دعوي ۽ نمائش نه ڪئي. هن نه سوشل ميڊيا تي مٿو هڻي وقت وڃايو، نه ڪي ڀاشڻ ۽ ليڪچر ڏنا، نه ئي پنهنجي خدمت کي پنهنجي مشهوري لاءِ ڪتب آندو. هن جو ڪم پاڻ ئي هن جي شان ۽ وڏائي جو معيار بڻجي پيو. سکر جهڙي تباهه حال شهر ۾ آء بي اي جي عمارت ۾ داخل ٿيندي ئي اوهان کي لڳندو ته اوهان ڪنهن يورپ يا آمريڪا جي اداري ۾ داخل ٿيا آهيو. گلن ڦلن کان وٺي عمارت جي انفرا-اسٽرڪچر، بيهڪ، معيار، عملي جي چابڪدستي، ذميواري ۽ سروس کي ڏسي دل خوش ٿي وڃي ٿي.

ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هڪ به ماڻهو ايماندار، ڪميٽيڊ ۽ پورهيو ڪندڙ آهي ته ادارا ٺاهڻ ايڏا ڏکيا نه آهن. بدقسمتي اها آهي ته حوالي ۽ ڊاڙي ماڻهن جا ته ميلا لڳا پيا آهن، پر عملي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي بتي کڻي ڳولڻو ٿو پوي. جيتوڻيڪ نثار صاحب بنيادي طور بيوروڪريسي مان آيل هو، پر ان جي باوجود هڪ عالمي معيار جي يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۽ ان کي شان سان هلائڻ مان اهو بيانيو غلط ثابت ٿئي ٿو ته تعليمي ادارا رڳو اڪيڊميا جا ماڻهو ئي بهتر نموني هلائي سگهن ٿا، بلڪ ان لاءِ جذبو، اهليت ۽ ڪمٽمينٽ بنيادي شرط آهي.

مان جڏهن سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر هوس، تڏهن ڪجهه ماڻهن کي زندگي ۾ ئي مڃتا ڏيڻ لاءِ انهن جا ڪارنر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هيم. جن ۾ عابده پروين، ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ الطاف شيخ سان گڏ نثار صديقي صاحب به شامل هو. ان سلسلي ۾ سائين سان مون پاڻ به ڳالهايو هو ۽ ممتاز بخاري ۽ جامي چانڊيي صاحب به ساڻس رابطو ڪيو هو. پر افسوس ته سندن حامي ڀرڻ باوجود اهو سامان ملي نه سگهيو. مون کي اميد آهي ته سنڌالاجي، نثار صديقي صاحب کي مان ڏيڻ ۽ ايندڙ نسلن کي پنهنجي هڪ مثالي ڪردار سان شناسائيءَ کي ممڪن بڻائڻ لاءِ جلد از جلد اهو ڪارنر قائم ڪندي.

 

(اسحاق سميجو صاحب جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل ۲۴ جون ۲۰۲۰ع)


نثار صديقي

سنڌ کي علم سان واسيندڙ انسان

پروفيسر اعجاز قريشي

صبح ساڻ محترم نثار احمد صديقي جي وفات جي دکدائڪ خبر ملي جنهن ڄڻ ته هنيانءُ ئي ڇڄي ڇڏيو. نثار احمد صديقي سنڌ جو تمام وڏو انسان هئو جنهن وٽ ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ هڪ اڻ ميو پيار هو ۽ پاڻ انهي اتساهه تحت سکر ۾ مختلف حيلا ۽ وسيلا هلائي اعليٰ تعليم جو هڪ ادارو سکر انسٽيٽوٽ آف بزنس ايڊ منسٽريشن قائم ڪيائين جنهن صرف سنڌ نه پر سڄي پاڪستان جي علم کي واسي ڇڏيو.سنڌ جي سڀني شهرن، ڳوٺن ۽ سڄي پاڪستان جي غريب ۽ امير علائقن جا شاگرد هن اداري ۾ تعليم پرائڻ لاءِ اچي سهيڙيا. نثار صاحب ان اداري کي اڳيان هلي يونيورسٽي جو درجو ڏياريو ۽ سنڌ گورنمينٽ پنهنجا فنڊ ان اداري کي ڏيڻ شروع ڪيا ۽ نثار صاحب کي ان جو وائيس چائسلر مقرر ڪيو جيڪو آخري وقت تائين رهيو ۽ اهو سڄو عرصو ڏهن سالن جو ٿيو. الله تعاليٰ مرحوم کي حياتي ڏئي ها ته هو هن اداري کي انتهائي وڏن ادارن جي معيارن ۽ بلندين تي پهچائي ها، جيتوڻيڪ هن وقت به هي ادارو هڪ وڏي معيار جو ادارو آهي. سکر ۾ هن جو ڪئمپس تمام وڏو آهي، جنهن ۾ هر قسم جون سهولتون موجود آهن. نثار صاحب جي سمجهه ۽ وسيع نظري (vision) کي سهڻي نموني داد ڏيڻو پوي ٿو ته هن سکر کانسواءِ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ IBA جا ڪاليج ۽ مرڪز کوليا ته جيئن اتان جا مقامي ماڻهو پنهنجي گهرن جي ويجهو ئي تعليم حاصل ڪن ۽ ڳرن خرچن کان بچن، اهڙي نموني هن پنهنجي رهنمائي هيٺ ڪيترا اڳ ۾ هلندڙ ڪاليج ۽ اسڪول به پنهنجي سرپرستي ۾ وٺي هلائڻ شروع ڪيا هئا. اهي اتي ادارا جيڪي چڱي نموني نه پئي هلي سگهيا تن جي مالڪن يا هلائيندڙن هن صاحب کي منٿ ڪئي ته ڪجهه سالن تائين اهي ادارا هلائي پنهنجن پيرن تي بيهاري ڏيو. اهڙن مثالن ۾ هڪ مثال پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو به آهي. جيڪو نثار صاحب جي قيادت ۾ هلائڻ لاءِ ڏنو ويو هو جيڪو هن وقت سکر جي IBA جي سرپرستي ۾ هلي رهيو آهي. نثار صاحب اصل ۾ سنڌ جو PCS آفيسر هو جيڪو ترقي ڪندي وڃي DC ۽ Commissioner ٿيو ۽ سيڪريٽري جي عهدي تائين پهتو ۽ ان کانپوءِ املهه ماڻڪ هن اداري جو وائيس چائسلر ٿيو.

منهنجي ساڻس پهرين ملاقات ميرپورخاص ۾ ٿي جڏهن پاڻ اتي ڊي سي هو ۽ مان سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌ ڊيولپمينٽ اسٽڊيز سينٽر جو ڊائريڪٽر هئس. انهيءَ کانپوءِ سائينءَ سان تمام گهڻيون ملاقاتون ٿينديون رهيون. ۱۹۹۰ع – ۱۹۹۱ع ۾ جڏهن اسان مظهر الحق صديقي صاحب جي دور ۾ ايم ايس سي رورل ڊيولپمينٽ جو ڪورس برٽش ڪائونسل سان شروع ڪيو ۽ ان ۾ اسان سان لنڊن يونيورسٽي جو سهڪار شامل هو ۽ ڪورس جي گهڻائي لنڊن يونيورسٽي واري پڙهائبي هئي. نثار صاحب ڪورس جي اهميت ڏسندي اچي سينٽر ۾ پڙهيو ۽ ڊگري حاصل ڪئي. ان کان ٿورو اڳ ۾ يا پوءِ پڻ MBA ڪري آيو هو. پنهنجي انهن تعليمي لياقتن کي ڏسندي سنڌ جي ماڻهن کي وڌيڪ تعليم ڏيڻ جو شوق ۽ اتساهه پيدا ٿيو. سکر IBA اسان جي سامهون آهي. ۱۹۹۷ع – ۱۹۹۸ع واري سال ۾ مان سنڌ يونيورسٽي جي انسيٽيوٽ آف بزنس اسٽيڊيز جو ڊائريڪٽر هئس، نثار صاحب کي گذارش ڪئي ته هو شام جو IBA ۾ ڪلاس وٺي، جيڪي هن قبول ڪيو ۽ جيستائين مان اتي هئس ته پاڻ ڪلاس وٺندو رهيو. تعليم جي کيتر کانسواءِ هن هڪ سول انتظاميا جي آفيسر جي حيثيت سان تمام گهڻا خير جا ڪم ڪيا؛ ننڍن ڳوٺن ۾ اسڪول، پاڻي جو نظام، غريبن جي مدد ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون ڪيون ۽ آخري وقت تائين اهو ڪم ڪندو رهيو. هتي اڄ اهو سوال اٿيو آهي ۽ سنڌ جي ڪافي ماڻهن اهو چيو آهي ته کيس IBA سکر ۾ کيس دفنايو وڃي ڇو ته پاڻ ان اداري جو شروع کان آخر تائين ٺاهيندڙ رهيو ۽ سندس تربت هجڻ سان هزارين شاگرد، استاد، عملي جا ماڻهو ۽ ٻيا ايندي ويندي سائين جي مغفرت لاءِ پيا دعائون گهرندا. سٺو ٿيو سنڌ حڪومت ۽ صديقي صاحب جي وارثن انهيءَ مطالبي کي مان ڏنو. هونئن به اسان وٽ ڪيترا مثال موجود آهن جن ۾ محترم علامه آءِ آءِ قاضي، محترم ايلسه قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو صاحب، ڊاڪٽر عابده طاهراڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ رکيل آهن.

اهڙي نموني سان ڊاڪٽر ايس-ايم قريشي مهراڻ يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر هو، اهو به اتي مدفون آهي. ڪراچي جا ڪيترا ئي تعليمدان، ڪراچي يونيورسٽي جي احاطي ۾ رکيل آهن. دنيا جي وڏن ادارن جهڙوڪ؛ ڪئمبرج يونيورسٽي، آڪسفورڊ يونيورسٽي، هاروڊ يونيورسٽي جا تعليمدان ۽ سربراهه پڻ انهن يونيورسٽين ۾ مدفون آهن.

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾، ۲۳ جون ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)




پروفيسر نثار احمد صديقي

سنڌ جو علمي قطب تارو

سدا حيات جلباڻي

انگريز ليکڪ شيڪسپيئر جو هڪ مشهور قول آهي ته:

Some are born great, some achieve greatness, and some have greatness thrust upon them.

آئي بي اي سکر يونيوسٽي جو باني وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نثار احمد صديقي اهڙن انسانن مان هو، جيڪي محنت سان عظمت حاصل ڪندا آهن. هو علامه آءِ آءِ قاضي نه هو. هو سيد غلام مصطفيٰ شاهه نه هو. هو پروفيسر ڊاڪٽر نثار احمد صديقي هو. هو آءِ بي اي سکر يونيوسٽي جو باني وائيس چانسلر هو. هو اتر سنڌ جي علمي آڪاش جو قطب تارو هو. لاٽ جيان واٽ روشن ڪرڻ وارن مان هو. هو اڻ هوند مان هوند ڪرڻ وارن مان هو. پاڻ جڏهن چارج سنڀالڻ آيو هو ته آءِ بي اي سکر جو ڪو وجود ئي ڪين هو. صرف (اڌارن) ٻن ڪمرن مان شروعات ڪيائين. پارس جهڙي هٿن سان ٻه ڪمرا وڏو ادارو بڻجي ويا ۽ عالمي شهرت ماڻي. اداري ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ڏڏ آيا، پڙهائي بعد جڳ جا ڏاها ٿي نڪتا. آءِ بي اي سکر يونيوسٽي جي پروڊڪٽ (پيداوار) اتان جا شاگرد ئي هئا. اهي آءِ بي اي سکر مان علم حاصل ڪري سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا: آسٽريليا، نيوزيلينڊ، جپان، لنڊن، پيرس، برلن، مانٽريال، نيو يارڪ.

پروفيسر ڊاڪٽر نثار احمد صديقي مُني صدي اڳ مخدوم محمد اسماعيل پاران ”پرين جي لوءِ“، جو پيار ڀريو نالو ڏنل گلابن جي شهر پريالوءِ ۾ پيدا ٿيو. هو ڄڻ ته علم جي اڃ کڻي پيدا ٿيو هو. ستت ئي استاد جي نوڪري ملي پوڻ ڪري اٿڻ سان ئي گورنمينٽ هاءِ اسڪول پريالوءِ ۾ اٺين درجي جو ڪلاس ٽيچر ٿي آيو. اڌ اڌ رات تائين اسڪول جي ڪلاس روم ۾ راتيون جاڳي شاگردن کي ”اسڪالرشپ واري امتحان“ جي تياري ڪرايائين. پنج شاگرد اسڪالرشپ کٽي آيا. اها وڏي سوڀ هئي. سندس ڀاڳ ۾ اڃان ٻيون ڪيئي سوڀون لکيل هيون. سنڌ صوبائي سروس جو پي سي ايس جو امتحان پاس ڪري خيرپور ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو. تهان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر جا عهدا ماڻيائين. سرڪاري نوڪري پوري ٿي ته سندس من ۾ سچو تعليمدان جاڳي پيو. اڻويهه سو ستاسي ۾ امريڪا جي بوسٽن يونيورسٽي مان ايم بي اي (ميجر فائنانس) ڪيائين. سنڌ جي هر ٻار کي تعليم ڏيڻ پنهنجي ذميواري سمجھندو هو، سنڌ وطن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪميونٽي اسڪولن ۽ ڪاليجن جو ڄار وڇايائين. هي جهان ڇڏڻ وقت آءِ بي اي يونيورسٽي جي ماتحت تيرنهن ڪميونيٽي ڪاليج ۽ چاليهارو کن اسڪول ڪاميابيءَ سان هلي رهيا آهن. تعليم جي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف طور صديقي صاحب کي ستاره امتياز ڏنو ويو.

ٻين علمي ڪمن سان گڏ پاڻ خيرپور ۾ پيدا ٿيندڙ کارڪن جي موضوع تي سائنٽيفڪ انداز ۾ ريسرچ ڪئي هئائون. کارڪن متعلق خيرپور ۾ ٿيندڙ سيمينار ۾ ٽي ڊي اي پي پاران دعوت ملڻ تي مهمانِ خاص طور شرڪت ڪرڻ کان ڪڏهن به نه گٿا. سيمينار ۾ سدائين عمل لائق مشورا ڏيندا هئا. پاڻ سچ پچ لا تمنا شخصيت جا مالڪ هئا. بي مثال ايمانداري جي ڪري خيرپور اسپيشل اڪانومڪ زون ۾ سيڙپڪارن کي پلاٽ ڏيڻ واري سرڪاري طور جوڙيل ڪميٽي جا مستقل ميمبر هئا.

پروفيسر ڊاڪٽر نثار احمد صديقي پنهنجي جنم ڀومي پريالوءِ سان پيار برقرار رکيو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول پريالو جي ڪجھ سڄاڻ اڳوڻن شاگردن ”گورنمينٽ هاءِ اسڪول پريالو اولڊ بوائز ايسوسي ايشن“ برپا ڪري کيس ايسوسي ايشن جو پيٽرن ٿيڻ جي گذارش ڪئي ته خوشي سان هائوڪار ڪيائون. اسين (آئون ۽ ايسو سي ايشن جا ٻيا برجستا عهديدار غلام اڪبر جويو، عنايت الله لاڙڪ ۽ مصطفيٰ ڪمال سومرو سندن هدايتون وٺڻ لاءِ اڪثر وٽس آءِ بي اي سکر حاضر ٿيندا رهندا هئاسين.) هينئر ته غلام اڪبر جويو ۽ عنايت الله لاڙڪ به دنيا ڇڏي هليا ويا آهن. صديقي صاحب پاڻ به فاني دنيا ۾ ناهي رهيو، پوءِ به  اڳوڻن شاگردن کي سندس اورچائي ڀري شخصيت اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهه ڏيندي رهندي.

پروفيسر ڊاڪٽر نثار احمد صديقي کي دل ۽ گڙدن جون بيماريون لڳل هيون. جن جو علاج هلندو رهندو هو. آخر سومر (ٻاويهين جون) تي صبح جو ڇهين لڳي، ڪراچيءَ ۾ دم ڌڻي جي حوالي ڪيائون. وفات وقت پروفيسر ڊاڪٽر نثار احمد صديقي  جي عمر ڇاهتر سال هئي. پاڻ ساري ڄمار آءِ بي اي سکر يونيوسٽي کي ڀاڪر ۾ ڀري اڀارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو هو. اڄ آءِ بي اي سکر يونيوسٽي کيس سيني سان لاتو آهي، جتي سندس آخري آرام گاهه آهي.

آديسي آديس، هتان ڪري هليا،

ڪاپڙين قلب ۾ ڪو ڏوراڻو ديس،

ويراڳي نئون ويس، راول ڍڪي هليا. (شاهه)

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، ۲۴ جون ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)



SANA grieved at sad demise of Prof. Nisar Ahmed Siddiqui

Austin, Texas, June 22, 2020 – Sindhi Association of North American (SANA) joins the people in Sindh to condole and mourn the sad demise of a dedicated educationist and a respected civil servant Professor Nisar Ahmed Siddiqui, Vice Chancellor of IBA Sukkur. It is indeed a heartbreaking and sad news for the faculty and students of IBA Sukkur, his well-wishers and the education fraternity in Sindh and elsewhere in Pakistan. Nisar Ahmed Siddiqui worked in senior positions in civil service in the country before taking over as Director of Sukkur Institute of Business Administration in 2004. With his brilliant work, unparalleled commitment, management skills and clear vision, he transformed a nascent institute into a leading university in the country.

Professor Nisar Ahmed Siddiqui, who had also acquired an MBA from Boston University, developed and introduced new approaches to education. He collaborated with modern educational institutions and academia, strengthened university-industry relationships, promoted entrepreneurship, focused on training and capacity development and enhanced standards of teaching. For his services in the field of education, the government of Pakistan had bestowed upon him Sitara-i-Imtiaz.

Sindhi Association of North American (SANA) cherishes its long association with Professor Nisar Ahmed Siddiqui and IBA Sukkur. He was invited to and was speaker at several SANA conventions. SANA has been awarding scholarships to IBA Sukkur students since long time. SANA leadership had visited IBA Sukkur several times and had apprised itself of the educational activities and development work at the university. SANA membership is grieved at the sad passing away of an illustrious luminary. His services will be remembered for long times to come.

Mohammad Ali Mahar

President, Sindhi Association of North American (SANA)

Austin, Texas, USA




27 Years Attachment in Education:

Shah Muhammad Luhrani

Mr. Nisar Ahmed Siddiqui Vice Chancellor Sukkur IBA University and remained my old partner in Education in the past 27 years. He is now history and no more with us. Mr. Nisar Ahmed was a great sober personality of Sindh in Education and his efforts & services are immortal would be remembered all times.

1.     Mr. Siddiqui was attached with me in 1993 when he was commissioner Sukkur and as visiting faculty started teaching Macro Economics to MBA& students Dept. Of Business Administration, Shah Abdul Latif University Khairpur from 1993-95 when I was Professor & amp; Chairman.

2.     Mr. Siddiqui dream was good quality institution in Sukkur and in 1995 he as Commissioner Sukkur came to my dept. In university along with 3 Deputy Commissioners and requested me to help in establishment of quality institute in Sukkur. I agreed to work voluntarily.

3.     In 1995,  on the request of Mr. Nisar A Siddiqui request I prepared Project, got approved, established IBA Sukkur in separate wing of Public School Sukkur and started teaching Diploma of Business Administration. Voluntarily supervised, conducted test & interviews on merit appointed lecturers Syed Mir Muhammad Shah, Syed Sajid Shah and 2 others.

4.     In 1996 Mr. Siddiqui and me meet with Prof. Dr. Wahab Siddiqui Director IBA Karachi convinced him for affiliation, with the kind support of Syed Khursheed Ahmed Shah a meeting was arranged with Governor Kamal Azfar for affiliation and we got affiliation started BBA & MBA Degree Programs.

5.     During the whole establishment process of Sukkur IBA since 1995-2003 Mr. Siddiqui was behind with me and supporting despite, he was working as Secretary & Home Sec in Sindh govt and major govt support through Syed Khursheed Ahmed Shah.

6.     In 1998 - 2003 worked as Professor & Director Sukkur IBA. In 2000 got shifted Sukkur IBA from Public School to new Buildings constructed on 20 acres of land.

7.     Since 1995-2003 I dealt with 5 Commissioners of Sukkur who were Project Directors of Sukkur IBA.

It was fact that the major support was made by Mr. Nisar Ahmed Siddiqui and Mr. Khalid Mehmood Soomro, Commissioner Sukkur. Both played major role in IBA Sukkur establishment. Otherwise it was not possible to develop IBA Sukkur. They were supporting me in quality education, for merit and construction and collection of funds.

8.     In Feb 2011 when I retired as Professor & Dean from Shah Abdul Latif University Khairpur again after one week Mr. Nisar A Siddiqui Director Sukkur IBA requested me to establish IBA Community Colleges in 4 Districts of Sindh for good quality education from primary to tertiary level. I agreed and visited disabled govt buildings, got renovated with quality infrastructures, science labs in Khairpur, Dadu, Naushahroferoz and Jacobabad, completed project in 2 years. (2011-12)

9.     I remained with affiliation with Mr. Nisar Ahmed Siddiqui since 1993-2020.

Worked after retirement as Member Selection Board Sukkur IBA University (2011-2018),

Member Board of Faculty Business Administration and Project Coordinator IBA Community Colleges.

Mr. Nisar Ahmed Siddiqui developed a high-quality education in Sukkur IBA University with high quality state of art& infrastructure not less than any advanced countries.

He has developed no of various ventures at school and colleges for good quality education. His mind was also environment friendly, developed a lush green parks, local trees, and quality buildings.

Sukkur IBA University is now one of the best universities of Pakistan can compete with foreign universities in quality infrastructure of education.

We admire his efforts and the immortal services in quality education cannot be ignored but are historic will be remembered all times whenever there will be any debate on quality education.

Allah bless him and rest his soul in heaven. Aameen.




نثار احمد صديقي

سنڌ جو خاموش خدمتگار

ناصر علي پنھور

۲۲ جون ۲۰۲۰ع جو ڏينهن نثار احمد صديقي جي لاڏاڻي جهڙي جيءُ جهوريندڙ خبر سان شروع ٿيو. سنڌ جي هر باشعور ماڻهو جون اکيون آليون هيون. سوشل ميڊيا تي سندس دوستن، ساٿين، شاگردن ۽ چاهيندڙن سندس تصويرون رکي کيس ڀيٽا ڏني. نثار احمد صديقي صاحب هڪ غير معمولي انسان هئو جنهن پنهنجي زندگي سڦل ڪئي ۽ هڪ اهڙي تعليمي اداري جو بنياد وجهي ان کي ڪاميابيءُ سان هلائي ڏيکاريائين جو اڄ سکر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن يونيورسٽي، پاڪستان جي پنجن بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ صوبائي سول سروس آفيسر جي حيثيت سان هو ڊپٽي ڪمشنر کان سيڪريٽري تائين ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهيو پر اڄ سندس سڃاڻپ هڪ تعليمدان طور تي آهي جيڪو يقينن هڪ اعزاز آهي. سکر ۾ اعليٰ تعليمي اداري جو قيام سندس ئي خواب هئو جيڪو هن ساڀيان ڪيو. هڪ معياري تعليمي ادارو قائم ڪرڻ ايترو آسان نه آهي، چوڻ سولو آهي ڪرڻ ڏکيو آهي. ۱۹۹۴ع ۾ پبلڪ اسڪول سکر ۾ ٻن ڪمرن مان شروع ڪيل آءِ بي اي سکر کي مڪمل يونيورسٽي تائين پهچائڻ واري عرصي ۾ ضرور کيس ڪيتريون ئي مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون ڏسڻيون پيون هونديون پر جيئن چوندا آهن ته جي نيت صاف آهي ته منزل آسان آهي. هن جيڪو ٻوٽو پوکيو ان جي پاڻ آخري وقت تائين آبياري ڪئي. اڄ نه صرف آءِ بي اي سکر هڪ اهم يونيورسٽي جي حيثيت حاصل ڪري چڪي آهي پر يونيورسٽي پاران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪميونٽي ڪاليج قائم ڪري هڪ سگهارو تعليمي ڄار وڇايو ويو آهي.

منهنجي نثار احمد صديقي سان پهرين ملاقات به ۱۹۹۴ع ۾ سکر ۾ ئي ٿي جڏهن پاڻ ڪمشنر سکر ڊويزن هئا. اڪثر سندس سرڪاري گهر تي ٿيل ملاقاتن ۾ مون سان گڏ سريلنڪا جو ڊاڪٽر ڪرونا داسا ۽ ڊاڪٽر الطاف ابڙو به شامل هوندا هئا. روايتي ڪامورن کان هٽي ڪري سندس آفيس جا دروازا عام ماڻهن لاءِ کليل هوندا هئا. سکر مان ئي سندس بدلي ڪمشنر حيدرآباد طور تي ٿي جتي به ساڻس تعلق قائم رهيو.

بقول سندس جي ته جڏهن پاڻ ايم ڊي سائيٽ ٿيا ته اتي ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ اڪثر نوجوان نوڪرين لاءِ ايندا هئا ۽ سندس فون ڪرڻ تي صنعتڪار نوجوانن کي انٽرويو لاءِ ته گهرائيندا هئا پر نوڪري ڪونه ڏيندا هئا. ان تي هن سوچڻ شروع ڪيو ته آخر ايئن ڇو آهي. سندس چواڻي ته ان جو وڏو سبب اهو هو ته نوجوانن کي ڊگريون ته هيون پر گهربل صلاحيتون نه هجڻ ڪري اهي نوڪرين کان محروم رهندا هئا. نثار احمد صديقي جو هميشه اهو چوڻ هوندو هو ته يونيورسٽين جو ڏوهه اهو آهي ته اهي Army of unemployable پيدا ڪري رهيون آهن. سندن چوڻ هو ته نوڪريون خانگي شعبي ۾ هونديون آهن جڏهن ته يونيورسٽيون جيڪي گريجوئيٽ پيدا ڪن پيون اهي سرڪاري نوڪرين لاءِ جڏهن ته سرڪار وٽ نوڪريون آهن ئي ڪونه. آءِ بي اي سکر کي قائم ڪرڻ وقت به سندس اهو ئي تصور هو ته سنڌ جي نوجوانن کي معياري تعليم ڏجي ته جيئن هر خانگي شعبي ۾ ميرٽ تي نوڪريون حاصل ڪرڻ جي لائق ٿي سگهن. ۲۰۰۴ع ۾ سرڪاري نوڪري تان ريٽائرمينٽ کانپوءِ نثار احمد صديقي آءِ بي اي سکر جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو. ۲۰۰۶ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرڻ کانپوءِ آءِ بي اي سکر ڊگري ڏيندڙ اداري جي حيثيت ماڻي ۽ ۲۰۱۷ع ۾ مڪمل يونيورسٽي ٿيڻ کانپوءِ نثار احمد صديقي کي يونيورسٽي جو باني وائيس چانسلر ٿيڻ جو اعزاز مليو. نثار احمد صديقي بنياد طور استاد هو. پي سي ايس آفيسر ٿيڻ کان پهرين مختلف هاءِ اسڪولن ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. انگريزيءَ ۾ چوندا آهن ته one a teacher is always a teacher. درس و تدريس سان سندن اهو تعلق زندگي جي آخري پساهن تائين جڙيل رهيو. حقيقت ۾ نثار احمد صديقي سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار هئو جنهن بنا ڪنهن تشهير جي خاموشي سان سنڌ ۾ تعليمي انقلاب برپا ڪيو. سندس ساٿي ۽ اڳوڻو سيڪريٽري گل محمد عمراڻي کيس حسن علي آفندي چئي ٿو ته اڳوڻو وفاقي وزير احسن اقبال کيس سر سيد احمد خان سڏي ٿو. صديقي صاحب جو ڪم ۽ شخصيت نوجوان نسل خاص ڪري نوجوان ڪامورن لاءِ هڪ مثال آهي ته ڪيئن ماڻهن جي بي لوث ٿي خدمت ڪبي آهي. سندس بقول ته ڪامورا سياسي مداخلت کي روڪي سگهن ٿا. شرط اهو آهي ته ڪامورا پاڻ ڪمزور نه ٿين ۽ سڄو الزام سياستدانن تي نه هڻن.

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾ تاريخ ۲۴ جون ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


سکر آءِ بي اي جو نالو نثار احمد صديقي يونيورسٽي رکيو وڃي

پروفيسر اعجاز اي قريشي

ڪلهه تاريخ ۲۲ جون تي سنڌ جو هڪ اهم سول سرونٽ، منتظم ۽ استاد سائين نثار احمد صديقي به هميشه لاءِ موڪلائي ويو.  موت ته برحق آهي پر سندس لا فاني دنيا ڏانهن روانو ٿيڻ هڪ ناقابلي تلافي نقصان آهي ۽ اهو خال تمام جلد ڀرجي نٿو سگهجي. انهي لاءِ اسان کي تمام سٺا محنتي ۽ ايماندار ماڻهو ڳولڻا پوندا جيڪي ساڳئي وقت استاد به هجن ۽ سٺا منتظم پڻ هجن. نثار صديقي صاحب ۾ اهي ٻئي خاصيتون هيون. هن ۾ سچائي پاڻ ارپڻ واري صلاحيت به هئي، جنهن جو نتيجو سکر آءِ بي اي جي صورت ۾ اسان کي ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. نثار صاحب سنڌ جي تعليم کي نئون رخ ڏيڻ لاءِ سڄي دنيا جي تعليم جو مطالعو ڪيو. تعليمدانن سان مليو ۽ دنيا جا ڪيترائي ادارا ڏٺا ۽ گهميا ۽ پوءِ پنهنجي  بلند اخلاقي ۽ وسيع نظري سان هن جي دماغ ۾ اها رٿا به ته ڇو نه سنڌ ۾ خاص ڪري سنڌ جي غريب شاگردن لاءِ ڪو جديد تعليم جو نظام جوڙجي.

هلندي ائين ئي هن جي ذهن ۾ هڪ خيال آيو ته ڇو نه سکر ۾ هڪ اعليٰ تعليم جو ادارو جديد بنياد تي ٺاهجي. هي دور هن ملڪ لاءِ خاص طور تي سنڌ لاءِ تمام ڏکيو آهي ۽ انهي ڏکئي دور ۾ هن پنهنجي ڪلهن تي اهو بار کنيو. پهرين ته هو اڪيلو هئو پر هن پنهنجن الاهي دوستن سان مشورا ڪيا ته هي سندس خيال آهي.

آئون سمجهان ٿو ته سڄي سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو فرد موجود نه هئو جنهن هن جي خيالن سان سهمت ٿي حمايت نه ڪئي هجي. وقت گذرندو رهيو ڳالهيون ۽ بحث هلندا رهيا ۽ ادارو پهرين ڳالهين ۾ ۽ پوءِ هڪ وک سان شروع ٿيو. پوءِ وڌيڪ وکون کڄيون ۽ پوءِ اهي ئي وکون ڊوڙندي وڃي ڪنهن مقصد تي پهتيون ۽ سکر جو آءِ بي اي تيار ٿيو. انهي وچ ۾ نثار صاحب هڪ رٿا تيار ڪئي ۽ نوجوان استان کي ڀرتي ڪيو ۽ ساڳئي وقت انهن نوجوانن جن ۾ ڪجهه ڪڻان ۽ گُڻ هئا انهن کي ٻاهر وڌيڪ اعليٰ تعليم لاءِ روانو ڪيو ۽ جيڪو باغ ان وقت ڪو ماڻل پئي لڳو ۽ ڦٽي تيار ٿي وڏو ٿيو ۽ ان ۾ رنگ به رنگي گل پيدا ٿيا. انهن گلن ۾ شاگرد استاد انتظاميه جا ماڻهو شامل هئا ۽ اهڙي نموني هن اداري پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ اڄ ان هڪ بهترين سفر تي گامزن آهي. هزارن جي تعداد ۾ شاگرد جديد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

اڄوڪي دنيا جي جديديت پڄاڻ جي دنيا آهي پر منجهس جديديت به موجود آهي ۽ پوءِ انهن ٻنهي نظرين جي ميلاپ سان ضرورت مطابق ضروري تعليم ڏني پئي وڃي. هن اداري ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن، آءِ ٽي، اڪنامڪس، ڪامرس ۽ ٻيا شعبا موجود آهن جيڪي سنڌ جي ترقي لاءِ انهي جا گهربل نتيجا ڏئي رهيا آهن پر ضرورت اڃا وڏي ۽ وڌيڪ آهي. هي دور خاموش ٿي ويهڻ وارو ڪونهي.

سنڌ جيئن ته غريب صوبو آهي، (موجوده وقت ۾) پر حقيقت ۾ ورلڊ بينڪ ۽ ٻن وڏن بين الاقوامي ۽ مالياتي ادارن جي رپورٽن ۽ انگن اکرن مطابق پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ سڄي ملڪ کان في ڪس آمدنيءَ ۾ ۵۵ سيڪڙو وڌيڪ هئي، پر ۷۳ سالن جي حڪمراني جي انداز سان ان جي في ڪس آمدني گهٽ ٿي رهي آهي ۽ غربت ۾ ڌڪي وئي آهي، (ان لاءِ سبب تمام گهڻا آهن جن تي بحث ايندڙ وقت ۾ ڪبو) ۽ اڄ اها سنڌ سڄي ملڪ کان في ڪس آمدني ۾ به صرف ۱۴ سيڪڙو مٿاهين آهي، پنجاب تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ خيبر پختونخواه به اڳيان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن وقت سرڪاري اندازي موجب سنڌ ۴۶ سيڪڙو غربت هيٺ آهي پر آزاد انگن اکرن مطابق ان جو تناسب ۶۰ سيڪڙو آهي.

پوءِ انهي صورت ۾ اهڙن ادارن جو ڪم ڪهڙو آهي؟ اتان جا پڙهندڙ شاگرد ۽ وڌيڪ وڏيون ڊگريون رکندڙ استادن کي گهرجي ته دنيا جي ملڪن جو ڌيڪ ۽ اونهو اڀياس ڪن ۽ نوان خيال ۽ نوان لاڙا آڻين ته اسان جو هي صوبو ترقي ماڻي سگهي ڇو ته انهي وٽ تعليم ۽ صحت تمام پٺتي پيل آهي. اهو علم آهي جيڪو ترقي جي هر عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي. نثار صاحب جي هن اداري ۾ موجوده وقت ۾ هر قسم جون سهوليتون جهڙوڪ؛ ڪلاس، هاسٽلون، گيسٽ هائوس، سينما هال، ڊائننگ هال، راندين جا ميدان، ٺارتا، گل ٻوٽا يعني سڀ ڪجهه موجود آهي جيڪو ماحولياتي نشونما ۾ پنهنجو حصو ادا ڪري ٿو.

نثار صاحب نه صرف اهو ڪيو پر سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ اسڪول ۽ ڪاليج تيار ڪرايا ته جيئن انهن علائقن جو غريب شاگرد ويجهي ۾ ويجهو ۽ گهٽ خرچ تي تعليم پرائي سگهي، اهو ڪم هلي رهيو آهي.

اڄ منهنجي هن خيال کي ڪيترن ئي دوستن جي پٺ ڀرائي شامل آهي ته سکر آءِ بي اي جو نالو مٽائي ’نثار احمد صديقي يونيورسٽي سکر‘ قرار ڏيڻ گهرجي ڇو ته هن شخص اڪيلي سر تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. اسان وٽ ٻين لاءِ ڪم ڪرڻ وارا تمام گهٽ آهن ۽ انهيءَ ڪري هي شخص جس لهڻي ۽ منهنجو سنڌ حڪومت ۽ سڄي سنڌ کي عرض آهي ته اها گڏيل گهر ڪيون ۽ کيس خراج عقيدت ڏيون ۽ ٻين لاءِ مثال قائم ڪيون.

هن صلاح ۾ مون سان گڏ ڊاڪٽر عشرت حسين، سائين فضل الله قريشي ۽ ڊاڪٽر نديم حسين صاحب به گڏ آهن.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ۾ تاريخ ۲۴ جون ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)




نثار احمد صديقي

واڪا ڪندي وو! تو لئه صديون سنڌڙي!!

وفا جاويد مڪئي

ليڪچرار سنڌي آء بي اي خيرپور

دنيا ۾ اهڙا گهٽ انسان ٿي گذريا آهن جن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بهتر، معياري تعليم جي مهيا ڪرڻ ۾ گذاريو هجي ۽ هميشه لاءِ امرتا ماڻي هجي، جن پنهنجي ملڪ، صوبي ۽ خطي جي ماڻهن کي بهتر تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ پنهنجي راتين جي اوجاڳن، ذاتي مصروفيتن، ڏينهن جي ڪشالن جي قرباني ڏني هجي. اهڙن اڏول، آدرشي، اصول پسند، نہ جهُڪندڙ ۽ نہ وڪامندڙ انسانن مان سائين نثار احمد صديقي پڻ هڪ آهي. پاڻ هميشه لطيف سائينءَ جي هنن سٽن جي نمائندگي ڪندي نظر ايندا هئا:

جان جان هئي جئري، ورچي نه ويٺي.

سندس تعليم لاءِ ڪيل خدمتن، ڪاوشن ۽ ڪوششن سنڌ جي نوجوانن کي نوان جوش، جذبا، نوان رنگ، نوان ڍنگ ۽ نوان دڳ ڏيکاريا آهن. صديقي صاحب پنهنجي فڪر ۽ فهم جون ڏياٽيون اهڙيون ته روشن ڪيون جو ملڪ جي ۽ خاص ڪري سنڌ جي پٺتي پيل تعليم کي اُجاري، نکاري اُوچي ڳاٽ سان دنيا آڏو بيهاريو. هن پنهنجي شعور ۽ فهم فراست جي ڪنجيءَ سان بند پيل اسڪولن ۽ ڪاليجن جا زنگ لڳل تالا کولي اُتي MERIT, QUALITY  ۽ EXCELLENCE جي اُپٽار ڪئي ۽ اُها به اهڙي جو هنڌين ماڳين انهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ سندس ناماچاري ٿي. توڙي جو سائين نثار صديقي جسماني طور سنڌ ڌرتيءَ  کان موڪلائي ويو آهي پر سندس ٻاريل لاٽ ٻرندي رهندي ۽ ان کي تيز طوفان به اُجهائي نه سگهندا. اهڙن امر انسانن لاءِ شاه لطيف فرمايو ته:

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئان.

سائين نثار صديقي مسلسل جدوجهد، اڻ ٿڪ محنت، اورچائيءَ جو عظیم مثال هو. عمر جي هن حصي ۾ پهچڻ باوجود صبح جو وقت ۽ اڪثر وقت کان پهريان آفيس پهچڻ سندس معمول بڻيل هو. کيس سنڌ جي پٺتي پيل تعليم جو هميشه اونو رهندو هو ۽ ان مقصد ئي کيس سکر آء بي اي جهڙو ادارو قائم ڪرڻ لاءِ اُتساهيو. ان اداري ۾ پاڻMERIT, Quality & EXECELLENC جهڙو نعرو هنيو ۽ ان کي ثابت ڪري ڏيکاريو. ڏسندي ئي ڏسندي هي ادارو نه صرف ملڪي سطح پر بين الاقوامي سطح تي قابليت ۽ معياري تعليم ڪري ناماچاري ماڻي، جنهن ڪري ماضي قريب ۾ هن اداري کي يونيورسٽيءَ جو درجو پڻ ڏنو ويو. سائين نثار صديقي سکر آء بي اي سان گڏ سنڌ اندر ساڳي طرز تي آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج ۽ اسڪول پڻ شروع ڪيا جن ۾ کيس سنڌ حڪومت جو ساٿ ۽ سهڪار شامل رهيو. انهن ڪاليجن ۽ اسڪولن جي ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي قابل، محنتي نوجوانن کي باعزت روزگار ميسر پڻ ٿيو. پاڻ انهن ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ جديد تعليمي نصاب ۽ انهن جي گهُرجن، تقاضائن جي پورائي لاءِ ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهران سائنسي سامان گهرائي سائنس جي لئيبن کي سجايو ئي نه پر انهن جي استعمال کي يقيني بڻايو،ته جيئن شاگرد تجربن ۽ مشاهدن جي ذريعي جديد تعليمي ضرورتن کان روشناس ٿي سگهن. پاڻ شفافيت ۽ قابليت تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي، شخصي توڙي سياسي مداخلت جي خلاف هميشه مورچا بند رهيا. انهن ادارن جي ڪري اڄ سنڌ جا هزارين گهر ۽ انهن گهرن ۾ ٻرندڙ ڏيئا توڙي چلهيون منور آهن. سکر آء بي اي يونيورسٽي توڙي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ شاگردن جي داخلا واري طريقيڪار کي پڻ نج ميرٽ جي دائري ۾ آندو، ڪيتريون ئي اسڪالرشپون شاگردن کي مهيا ڪري ڏنائين جنهن تحت هزارين شاگرد فارغ التحصیل ٿي باعزت روزگار سان سلهاڙيل آهن ۽ ڪيترا ئي معياري تعليم پرائي منزل طرف گامزن آهن. استادن کي پڙهائڻ جي جديد ۽ بهترين طريقن کان روشناس ڪرائڻ لاءِ ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي ٽريننگ سيشن ڏيارڻ هن مرد مجاهد جو ڪمال آهي. سائين نثار صديقي خواب به علم ۽ تعليم وارا ڏسندو هو.

اهڙن جھونجھارن لاءِ استاد بخاري چيو ته :

جو قوم سنواري، اهو جيئندو رهندو،

جو عام اُجاري، اهو جيئندو رهندو،

مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،

جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو.

اهو سندس طلسمي ۽ ڪرشماتي شخصيت جو ڪمال هو جو رنڊڪن ۽ رڪاوٽن، مشڪلاتن ۽ ڏکيائين آڏو ايندي به ڪڏهن مايوس نه ٿيو، همت نه هاري، نقطه چيني جي پرواه نه ڪيائين. پر ڀٽ ڌڻي جي سٽ جيان اٽل رهيو ته:

آڏو ٽڪر ٽر، متان روھ رتيون ٿئين.

صديقي صاحب سنڌ ۾ معياري تعليم لاءِ هميشه ڪوشان رهيو، تعليمي بورڊن ۾ اقرباپروري ۽ ڪرپشن خلاف بغاوت ڪيائين ۽ معيار ۽ شفافيت کي ترجيح ڏيڻ لاءِ ڪاليجن ۽ اسڪولن کي آغا خان يونيورسٽي ايگزامينيشن بورڊ ۽ ڪيمبرج انٽرنيشنل بورڊ سان الحاق ڪيائين. پنهنجي قائدانہ صلاحيتن سان سنڌ جي مختلف پبلڪ اسڪولن کي ٻيهر ساڳيو اوج ڏياريو. اهو سڀ هن فرد واحد جو ئي ڪمال هو. سائين نثار احمد صديقي اهو پارس هو جنهن سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ تعليم پرائيندڙ نوجوانن کي ڇهي سون بڻائڻ شروع ڪيو هو. پاڻ هميشه ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل وهڻ جي“ واري ڪار تي عمل پيرا رهيو. پاڻ هر پروگرام ۾ نوجوانن کي اڳتي وڌڻ ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ اتساهيندا رهندا هئا ۽ لطيف جي هي سٽ ورجائيندا رهندا هئا:

”سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي“

اڄ جسماني طور تي سائين نثار احمد صديقي سنڌ ۽ سنڌي قوم، ڌرتيءَ کان موڪلائي ويو آهي پر سندس تعليمي تصور اسان لاءِ، سنڌ لاءِ مشعل راہ آهن. تعليم لاءِ سندس پاڻ پتوڙڻ نوجوان ۽ نئين نسل لاءِ حوصلو، همت، عزم، استقلال ۽ اُتساه جي علامت آهن. پاڻ جيڪي تعليمي لاٽ ٻاري اٿائين اُها تيز طوفانن ۾ به وسامڻ کان وڏي آهي ڇو ته ان ۾ سندس محنت، مشقت، رت ستُ، راتين جا اوجاڳا، ڏينهن جا ڪشالا، فڪر ۽ سوچ جو تسلسل، شعور جو وهڪرو، پاڻ ارپڻ جو جذبو ۽ جسماني رت تيل ٿي اوتيل آهي. انشاء اللہ اها لاٽ اونداهين جا سينا چيريندي رهندي ۽ سندس محنتن جي ٻاريل مشعل سنڌ جي نوجوانن کي سندن منزل تائين پهچڻ ۽ ماڻڻ ۾ سهڪار ٿيندي رهندي. اهڙن بيباڪ مانجھي مردن لاءِ شيخ اياز ڪيڏو نه سهي چيو آهي::

جي پنهنجو نُور نچوئي ويا، ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،

سي لڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا،

مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا، مون سوريء تي سؤمان ڏٺا

اي ڌرتي ڇا ڇا ڪونڌر ها، جي پنهنجا ڪنڌ ڪپائي ويا.

سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها

جن ساه ڏئي ويساهه ڏنو، جي دل ۾ درد دکائي ويا.

ڇا ڇا نه و سيهر ونگ هيا، پر نانگا يار نسنگ هيا

جي تنهنجو روپ نکاري ويا، جي تنهنجي سينڌ سجائي ويا.

ڇا نعرا ها ڇا نينهن هيا، هو مڙس هيا يا شينهن هيا!

جي ڏونگر ڏيل ڏڪائي ويا، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا،

آ ڪنھن ڪنھن ماڻهوءَ منجهه مڻيا، پر مونکي اهڙا مڙس وڻيا،

جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀُلائي ويا.

هو پيار پتنگا کامي ويا، ۽ ڪيڏو دور اڏامي ويا

پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾، هو پنهنجي جوت سمائي ويا.

ڪئن توکي ڪاري ٻاٽ مڃان، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃان

آ ٽم ٽم ٽم ٽم لاٽ اڃان، جا جوڳي ڪالھ جلائي ويا.

هيءَ جان ته اچڻي وڃڻي آ، پر مرندي مات نہ مڃڻي آ

مون اهڙا سوَ ساونت ڏٺا، جي پنهنجو ھٽ هلائي ويا.

ڏس!  باک ڀليري آئي آ، ڏس!  سنڌ مٿان سرهائي آ،

ڇو تن جي لاءِ اياز رنين، جي مارو ماڳ مٽائي ويا.

 

(ڏيھاڙي هلال پاڪستان ۾ تاريخ ۲۴ جون ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 


نثار احمد صديقي

هڪ عظيم تعليمي ماهر جي جدائي.....!

قربان منگي

گذريل سُومرَ ۲۲ جُون ۲۰۲۰ع تي سنڌ کان هڪ وڏو ماڻهو جسماني طور ڌار ٿي ويو. سنڌ جي روشن آئيندي جا خوابَ تعليمَ جي آرسيءَ ۾ ڏسندڙ، سنڌ جو سَڀاڳو ۽ ايماندار پُٽ، پنهنجي  ئي جوڙيل خوابَ، آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي هِڪَ مهڪندڙ ڪُنڊَ ۾ گُلن جي ساٿَ ۾ آرامي ٿي چُڪو آهي.

جيتوڻيڪ نثار احمد صديقي صاحب جو جنم سکر ـــ شڪارپور روڊ تي ”ڊيها اسٽاپ“ جي لڳ ڳوٺ ”وَرايو مهر“ ۾ ٿيو، پر ننڍي وهيءَ ۾ ئي هُو پنهنجي خاندان سميت گلابن جي شهر پريالوءِ لڏي آيو ۽ پوءِ پريالوءِ جو ئي ٿي ويو. هتي ئي تعليم جا ابتدائي مرحلا طئه ڪيائين، تعليم مڪمل ڪري تدريس جي شعبي سان لاڳاپجڻ کانپوءِ ڪيئي ورهيه هتي هاءِ اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو، بعد ۾ مقابلي جو امتحان پاس ڪري سول سروسز جو حصو بڻيو. نثار احمد صديقي صاحب ۲۰۰۴ع ۾ سرڪاري ذميدارين تان رٽائر ٿيڻ تائين مڪمل طرح ڪل وقتي پنهنجي خوابَ (آءِ بي اي يونيورسٽي سکر) جي ترقي ۽ ڦهلاءَ جي ڪم سان لاڳاپجي ويو. ان کان اڳ بيوروڪريسيءَ جو حصو هوندي مختلف وڏن عهدن تي رهندي، به هُو ڪنهن به موڙَ تي، ڪنهن به صورت ۾ روايتي ڪامورو بڻجي نه سگهيو ـــ اڪثريتي ڪامورن جيان هن پنهنجي ذات ۽ ڪٽنب لاءِ ڪي مالَ مڏيون   ڪونه ميڙيا پر هڪ نئين سنڌ، تعليم يافته سنڌ جي تعمير ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندي هڪ اهڙي اداري جو قيام عمل ۾ آندائين جتي هارين، مزدورن، ننڍن ملازمن ۽ مسڪينن  جا ذهين ٻارَ به آسانيءَ سان، اسڪالرشپس تي پڙهندي ۽ زندگي ۾ اڳتي هلي ڪارائتو ڪردار ادا ڪندي نظر آيا. آءِ بي اي يونيورسٽي سکر کي نه صرف سنڌ، ملڪ پر دنيا جو مثالي ادارو بنائڻ سندس خواب رهيو ۽ پاڻ آخري دم تائين انهيءَ خواب جي تعمير ۾ جُنبيل رهيو. اسان جي دوست ۽ سندس قريبي ساٿي فريد ڀُٽي چواڻي هُو جديد سنڌ جو عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ علامه آءِ آءِ قاضي هيو، جنهن جي وڇوڙي سموري سنڌ کي جھوري وڌو آهي.

سائين نثار احمد صديقيءَ سان منهنجي ذاتي دوستيءَ ۽ نيازمنديءَ جو هڪ ڊگهو سلسلو رهيو. مون کيس زندگيءَ ۾ هر موڙ تي هر روپ ۾ هڪ ڌيرج ڀَريو، گهڻو سوچيندڙ ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ انسان طور ڏٺو. وڏائي يا شخصي اڊمبر هن وٽ ڪونه هيو. ماضيءَ طرف وڃان ٿو ته ياد پئي ٿو ته ۱۹ فيبروري ۱۹۸۲ع تي اسان خيرپور ۾ ڪل سنڌ ٻالڪ ميلو ڪرايو، ان وقت جو علم ۽ ادب دوست ڊپٽي ڪمشنر غلام محمد ميمڻ صاحب اسان سان ميلي جي مختلف نشستن ۾ گڏ هُيو. ميلي ۾ اسان جون محنتون ۽ انتظام ڏسي ميمڻ صاحب اسان کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ مون کي چيائين ته ميلي مان فارغ ٿي سُڀاڻي منهنجي آفيس اچجانءِ. مان وٽس آفيس ۾ حاضر ٿيس. چيائين، اسان خيرپور ۾ ”سچل نيشنل سيمينار“ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون  ۽ تُنهنجي سنڌ ٻالڪ سنگت جا جيڪي به متحرڪ ڪارڪن آهن، اهي اسان کي انتظامي ڪمن ڪارين لاءِ کپن. ان وقت نثار احمد صديقي صاحب خيرپور جو اسسٽنٽ ڪمشنر هُيو ۽ سيمينار جي انتظامَ جو اهم حصو هيو. ائين مان، منهنجا دوستَ فريد ڀٽو، مير مظفر ٽالپر، حيدر شاهه، سعيد منگي، فتاح منگي ۽ ريحانه گل سومرو سيمينار جي ڪمن ۾ صديقي صاحب سان سلهاڙجي وياسي. سنڌالاجي ڄامشورو جي ٽيم سائين عظيم چانڊيو ۽ رضيه لاڙڪ جي سربراهيءَ ۾ لٿل هُئي ۽ سيمينار جي ميوزم ٺاهڻ لاءِ سنڌ يوينورسٽيءَ جي فائن آرٽس شعبي جو استاد سائين علي نواز ڦلپوٽو پڻ شريڪ هيو. سيمينار ۾ پڙهڻ لاءِ اڳواٽ پهتل مقالن جي ڪمپوزنگ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جو هڪ سيد آپريٽر، سنڌي ٽائيپ رائيٽر تي ٽائيپ ڪري رهيو هو ۽ سائيڪلواسٽائيل ڪري هر مقالي جون هڪ سؤ ڪاپيون ڇپي رهيو هيو. هن تاريخي ”سچل نيشنل سيمينار“ جا ڇهن صفحن تي مشتمل دعوت ناما عبدالحميد آخوند صاحب ـــ ڊان گروپ وارن کان تحفي طور ڇپرائي ڏنا هئا. هالَ جي انتظامَ، اسٽيج جي سيٽنگ کان وٺي، سيمينار ۾ آيل مهمانن جي آڌر ڀاءَ ۽ ٽهل ٽڪور تائين اسان صديقي صاحب ۽ غلام محمد ميمڻ صاحب جي رهنمائي ۾ خُوب پاڻ پتوڙيو. اتان ئي صديقي صاحب سان واسطيداري ۽ نيازمنديءَ جي واٽَ جُڙي. سيمينار کان ستت پوءِ سچل سائينءَ جو ساليانو عرس مبارڪ به مٿان اچي ويو. ان سال تحقيقي جرنل ”سرمست“ جي ٻي ڪڙيءَ جي ڇپائيءَ جي ذميداري مون کي ملي. مان ۽ محمد علي حداد صاحب روزانو ڇپائيءَ جي ڪمن جي مرحلن جي سلسلي ۾ سکر ويندا هئاسين ۽ هڪ نه ٻئي ڏينهن اچي غلام محمد محمد ميمڻ صاحب کي ڪَمَ جي خبر چارَ ڏيندا هياسين، جتي نثار احمد صديقي صاحب به ضرور موجود هوندو هيو.

سچل سائينءَ جي ميلي جي افتتاح کان هڪ ڏينهن اڳ (ميلي جي راتِ) مون کي فون آئي ته ڊپٽي ڪمشنر هائوس پهچو، ضروري ڪم آهي. مان ويس ته غلام محمد ميمڻ صاحب ۽ نثار احمد صديقي صاحب ويٺا هئا. ميمڻ صاحب جي چهري تي افسردگي ڇانيل هئي، چيائين منهنجي ڪٽنب ۾ فوتگي ٿي پئي آهي، مان پنهنجي خاندان سميت هن وقت ڳوٺ پيو وڃان، سُڀاڻي نثار صديقي صاحب کي ۽ توکي ميلي جو سَڄو انتظام ۽ وهنوار سنڀالڻو آهي. ٻئي ڏينهن مان پنهنجي ٽيم سان گڏ درازا ۾ ڪَمَ ۾ جُنبي ويس. خاص فون وارو ڪمرو به منهنجي حوالي هيو. ميلو ٽي ڏينهن جاري رهندو هيو.

اسان ”سنڌ ٻالڪ سنگت“ ۽ ”پوپٽ“ پاران خيرپور ۾ جيڪا به تقريب منعقد ڪرائيندا هئاسين ۽ نثار صديقي صاحب کي دعوت ڏيندا هئاسين ته ڪوشش ڪري ان ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هيو. ۱۹۸۳ع ۾ ئي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ياد ۾ مذاڪرو ڪرايوسين، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو پٽ ميجر خالد شيخ (جيڪو ان وقت خيرپور جو ايس ايس پي هيو) ۽ صديقي صاحب شريڪ ٿيا. ۱۹۸۳ع ۾ صديقي صاحب جي بدلي ٿي وئي ۽ هُو نوشهرو فيرزو جو اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو. خيرپور ڇڏڻ وقت صرف ٻَه ”الوداعي پارٽيون“ قبول ڪيائين. هِڪَ خيرپور پريس ڪلب جي ٻي مُنهنجي گهر جنهن ۾ فريد ڀُٽو، سعيد منگي،  فتاح منگي، گلنار گل ميمڻ، نزهت ۽ نگهت ميمڻ ۽ سنڌ ٻالڪ سنگت جا ٻيا دوست به شامل هئا. اڳتي هلي نوشهرو فيروز کي ضلعو بڻايو ويو ۽ صديقي صاحب کي ان جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.

۱۹۸۵ع ۾ سيد غوث علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هيو. صديقي صاحب چيف منسٽر هائوس جو ڊپٽي سيڪريٽري هيو ۽ خيرپور جو علي ڏنو پنهور صاحب سيڪريٽري هو ـــ پر جهڙوڪر نثار صاحب چيف منسٽر هائوس جو سيڪريٽري هيو. سڀ ڪم ڪار هو سنڀاليندو هيو.

۱۹۹۵ع ۾ صديقي صاحب سکر جو ڪمشنر مقرر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ آفيس جي وهنوارَ جو ڇپائيءَ جو جيڪو به ڪَمُ هوندو هو، ان جي ذميداري مون کي ڏيندو هو. انهن  ڏينهن ۾ پاڻ هفتي جا هِڪُ يا ٻه ڏينهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيل بزنس ائڊمنسٽريشن شعبي ۾ پڙهائڻ به ايندو هُيو. اڪثر مون کي لطيف يونيورسٽي گهرائي وٺندو هُيو. ڪو به ڪم ڪار هوندو هيس ته ٻُڌائي، واپسيءَ تي پنهنجي گاڏيءَ ۾ خيرپور شهر ڊراپ به ڪندو هيو.

هن وقت آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جو دوست ۽ ماضيءَ ۾ سنڌ ٻالڪ سنگت جو انتهائي سرگرم اڳواڻ ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري فريد ڀُٽو، ۱۹۹۳ع سکر ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي اداري “Petroman Training Institute” جي پرنسپال جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو ـــ ڪمپيوٽر نئون نئون اسان وٽ آيو هو، پر ادارو ۱۹۹۵ع ۾ ڪجهه مالي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو هو. فريد ڀُٽي، نثار صديقي صاحب کي گذارش ڪئي ته هُو پنهنجي روينيو کاتي جي مُلازمن کي هن اداري مان ڪمپيوٽر جي سکيا ڏياري ته جيئن ملازم به سکيا وٺن ۽ ادارو به ٿورو مستحڪم ٿئي. صديقي صاحب کي ڳالهه وڻي ۽ هُنَ اهڙو سلسلو شروع ڪرايو. صديقي صاحب وٽ اها جستجو شروع کان وٺي رهي ته اسين تعليم جي شعبي ۾ اڳتي هجئون، اسان ۾ پروفيشنل صلاحيتون اعليٰ هجن. فريد ڀُٽي سان صلاح ڪيائين ته اسان جا ملازمن يا عام نوجوان صرف ڪمپيوٽر ۾ ڀڙ ڇو هُجن؟ هو انگريزي ٻوليءَ ۽ اڪائونٽنگ جي شعبن ۾ به اڳتي هجن. اتان کان نثار صديقي صاحب جي ”آءِ بي اي“ واري خوابَ جي ابتدا ٿئي ٿي. پاڻ پبلڪ اسڪول سکر ۾ ٻَه ڪمرا هٿ ڪيائين ۽ سکر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ائڊمنسٽريشن (SIBA) جي نالي سان هڪ ننڍڙي اداري جو آغاز ڪيائين. جيڪو سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن سان منسلڪ ٿيو ۽ هڪ سالَ جي ڊپلوما ڪرائڻ لڳو. هن اداري جو پهريون ڊائريڪٽر انور شاهه صاحب مقرر ٿيو. اداري جو پهريون مونوگرام فريد ڀُٽي، مرحوم فتاح منگيءَ کان ڊزائين ڪرايو (ان مونوگرام جي اصل ڪاپي فريد ڀُٽو وٽ محفوظ آهي). ڇپائيءَ جا سڀئي بنيادي ڪَمَ مون ڪيا. هن ئي اداري مان “Focus” جي نالي سان مئگزين جاري ٿيو، جيڪو پڻ مون ڇپيو. اڳتي هلي پروفيسر شاهه محمد لهراڻي صاحب هن اداري جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. نثار صديقي صاحب هي جيڪو ننڍڙو ٻُوٽو پوکيو اُهو آهستي آهستي گونچ ۽ ٽاريون ڪڍڻ لڳو. اداري کي ڪراچيءَ جي “IBA” سان منسلڪ ڪرايائين. سکر ۾ اداري لاءِ الڳ ايراضي هٿ ڪيائين ۽ هن ڪم کي پنهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو مقصد سمجھي انهيءَ سان جُنبيل رهيو. فريد ڀُٽو، هن ڪم ۾ پهرين ڏينهن کان ساڻس صلاح مصلحت ۽ مختلف ڪمن ۾ گڏ رهيو. صديقي صاحب، فريدَ جي صلاحن کي غور سان ٻڌندو هو ۽ انهن تي عمل به ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ فريد ڀٽو آمريڪا وڃڻ جي تيارين ۾ هيو. صديقي صاحب کي چيو ته آمريڪا نه وَڃُ! ۽ آءِ بي اي سکر کي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان جوائن ڪري، باقاعده هن اداري جو حصو بڻجي وَڃُ! پر فريد، سندس ٿورا مڃيندي، ادارو جوائن ڪرڻ کان معذرت ڪندي، کيس يقين ڏياريو ته هُو آمريڪا ۾ رهندي به، هن اداري لاءِ اعزازي طرح، هر ممڪن ڪم ڪندو رهندو ۽ فريد ڀٽو اڄ ڏينهن تائين اهـڙي ذميداري مسلسل نڀائيندو پيو اچي۔

۱۹۹۵ع ۾ ئي جڏهن صديقي صاحب سکر جو ڪمشنر هُيو، تڏهن شهيد بينظير ڀُٽو پاران خيرپور جي ناري تعلقي ۾ بي زمين هارين ۾ زمينون ورهائڻ جو مرحلو آيو. ته ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه طرفان اهڙي ذميداري صديقي صاحب کي ملي. هڪ هزار هارين ۾ ورهائجندڙ زمين جي سندن ۽ انهن جي فولڊرن جي ڇپائيءَ جي ڪَمَ جي سلسلي ۾، صديقي صاحب، مون کي ڪراچيءَ، چيف منسٽر هائوس ۾ گهرايو. مان ويس گيٽ تان پاڻ رسيو ڪيائين. ڇپائيءَ جي ڪَمَ متعلق ٻُڌايائين ته ڪراچيءَ جي ڪنهن پرنٽنگ ڪمپنيءَ سان ڳالهه  ٻولهه ٿي آهي. ريٽ ٻڌايائين ته مان حيران ٿي ويس. مون کيس چيو ته ان کان به بهتر معيارَ جو ڪَمُ مان اوهان کي انهيءَ ريٽ جي ۲۵ سيڪڙو تي ڪري ڏئي سگهان ٿو. ائين مون اهو ڪَمُ ڪري، صديقي صاحب کي 7۵ سيڪڙو رقم بچائي ڏني.

۲۰۱۳ع ۾ خيرپور جي اوپن ايئر آڊيٽوريم ۾ سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي خيرپور پاران ”سنڌ چلڊرينس فيسٽيول“ منعقد ڪيوسي. صديقي صاحب منهنجي گذارش تي خاص مهمان جي حيثيت سان آيو. ٻارن کي ايوارڊ ڏنائين. اڪيڊميءَ پاران کيس تعليم جي ميدان ۾ غير معمولي خدمتن تي يادگار ايوارڊ ڏنو ويو. ۲7 ڊسمبر ۲۰۱7ع تي جيم خانه ڪلب خيرپور ۾ فريد ڀُٽو جي ڪتاب ”آمريڪا جو نئون پنڌ“ جي مهورت تقريب ”پوپٽ“ پاران منعقد ٿي، جنهن ۾ پڻ صديقي صاحب خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيائين. چٽن لفطن ۾ چيائين ته منهنجي آءِ بي اي يونيورسٽي جي قيامَ واري خوابَ جي پويان فريد ڀُٽي صاحب جو وڏو هٿ آهي. فريد ڀُٽو جڏهن به آمريڪا مان خيرپور ايندو آهي ته هُو آءِ بي اي يونيورسٽي ضرور ويندو آهي. اڪثر مان به ساڻس گڏ هوندو آهيان. صديقي صاحب، تڪڙ ۾ شاگردن لاءِ، سندس ڪيرئر ڪائونسلنگ جا ليڪچر مقرر ڪرائيندو هيو. کيس يونيورسٽيءَ جي نَوَن ڪَمَن جو معائنو ڪرائيندو هيو. هر ڳالهه تي تفصيل سان بحث ڪندو هيو. مون کي حيرت ٿيندي هئي ڄڻ هُو فريدَ کي هر ڪم جي پراگريس رپورٽ ڏيندو هجي.

وبا جي هن موسم ۾ لاڪ ڊائون کان ٿورو اڳ مارچ جي شروعاتي ڏينهن ۾ مان، فريد ڀُٽو ۽ ناميارو شاعر ايازگُل، اروڙ گهمڻ کان پوءِ گڏ اچي، صديقي صاحب وٽ سندس آفيس وياسي. چار ڪلاڪَ ساڻس گڏ رهياسي. مانجھاندو به گڏ ڪيوسي. اِها منهنجي ساڻس آخري ملاقات هُئي جيڪا هميشه ياد رهندي.....

سائين نثار صديقيءَ جي جسماني وڇوڙي کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي ته کيس سندس وصيت مطابق خيرپور جي شهيدن جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو (جتي عظيم ڪهاڻيڪار نسيم کرل شهيد به مدفون آهي) پر پوءِ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين جي گذارش ته سندس خاندان سندس خاڪي جسم کي، سندس ئي خوابَ سکر جي آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي ٿڌي مٽيءَ ۾ آرامي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسان سمجھون ٿا ته اهو هڪ ڀلو فيصلو رهيو. ائين صديقي صاحب جي مرقد اسان جي نسلن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندي رهندي. گڏوگڏ اهو مطالبو به سامهون آيو آهي ته هن يونيورسٽيءَ کي سندس نالي سان منسوب ڪيو وڃي. اميد ته اها ڳالهه به عملي روپ وٺندي.

هيءَ دنيا هلچل جي بستي، سڀ ماڻهو ايندا ويندا آهن

هت چار گهڙيون مهمان رهي، پر لوڪ پڌاري ويندا آهن

اڪثر ماڻهو منصب خاطر پاڻ وساري ويندا آهن

پر ڪي ماڻهو ”خادم“ بڻجي، وقت گذاري ويندا آهن

(خادم سنڌي)

(ڏيھاڙي ڪاوش جي ڪاوش دنيا آچر ۲۸ جون ۲۰۲۰ع ۾ ڇپيل – قربان منگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)



نثار احمد صديقي

ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي

نثار کوکر

جيئن ماڻهن بابت مختلف رايا سندن اٿڻ ويهڻ يا لباس سبب جڙندا آهن ته هي سٺو ماڻهو آهي يا خراب، تيئن ئي ڪڏهن ڪڏهن ڪتابن جا عنوان به ڪتابن کي منفرد بڻائي ڇڏيندا آهن. اهڙوئي هڪ عنوان اهڙي ڪتاب جو هيو جيڪو ڪنهن سفارتڪار جي يادگيرين تي مشتمل هيو.اهو سفارتڪار تمام سنجيده بحث مباحثن کان ويندي وڏن ننڍن بحرانن تي ٿيل عالمي اجلاسن جو اکين ڏٺو گواهه هيو پر جيئن ته هو پاڻ ڪو ليڊر نه هيو تنهنڪري هن پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب جو عنوان رکيو هو، “ميمائرس آف اي بائي اسٽينڊر”، جنهنکي ٿوري گهڻي تبديلي سان سولي سنڌي ۾ اسان ايئن لکي سگهون ٿا ته “واٽهڙو جون يادگيريون”. ۽ ها سنڌ جي هڪ فخريه فرزند سان منهنجون به ايئن ئي ڪي واٽهڙو واريون يادگيريون سلهاڙيل هيون.هو جيئن ته اسانجي سماج ۾ سرايت ڪري ويل ڪرپٽ پوليسنگ سسٽم جو ڪو بالا آفيسر ڪو نه هيو تنهنڪري ڪنهن به نامور يا بدنام صحافيءَ سندس فوٽو فيس بڪ تي رکي اهو نه لکيو هو ته فلينگ گريٽ فل.. ڀائرن جهڙي دوست سان گڏ لنچ ڪندي..اها سندس خوشنصيبي هئي جو هو انهن نام بڙي درشن ڇوٽي ٽائيپ ماڻهن جو ڀائرن جهڙو دوست نه هيو پر سنڌ جي ذهين نوجوانن جو اتساهه ضرور هيو.هن سان منهنجون ڪي مختصر ملاقاتون سندس ئي محنتن سان اڏيل اداري آءِ بي اي سکر ۾ ٿيون جتي هڪ ڀيري ڪراچي جي هڪ اين جي او صحافين جي تربيت جو پروگرام ترتيب ڏنو هو.ان سيشن ۾ وڃڻ وقت آءِ بي اي جو اندروني ماحول ڏسي حيران ٿي ويس. سکر جهڙي بي ترتيب شهر ۾ هڪ اعليٰ پائي جو تعليمي ادارو اهڙو به نظر اچي جتان جي اندروني نظام ۾ ايتري سلڇڻائپ هجي جو استاد کان ويندي مالهيءَ تائين هر ماڻهو پنهنجو ڪم دلي لڳاءُ سان ڪندي نظر اچي ۽ پٽيوالي جي ڪرسي کان ويندي ڏاڪڻين تي رکيل گلن جون ڪونڊيون به ترتيب ۾ هجن ته يقين ڪريو اهڙو ماڻهو ئي نئين سنڌ کي جديد درسگاهون ڏئي سگهي ٿو.

صحافت بابت ان سيشن ۾ جيئن ته عالمي سطح جا ڪجهه گورا صحافي به آيل هئا تنهنڪري سيڪيورٽي سخت هئي ۽ هر ماڻهو پاڻکي ڦڙتيلو يا سمارٽ ثابت ڪري رهيو هو.پر جنهن وقت آءِ بي اي جي سربراهه نثار احمد صديقي صاحب جي آمد جو اعلان ٿيو ته روايتي جاگيرداري طريقي يا هاڻوڪن وي سين جي شاهاڻي انداز بدران سادي پينٽ شرٽ ۽ ٽاءِ پاتل شخص اچي مک ڪرسيءَ تي ويٺو جيڪو پنهنجي پيئڻ واري پاڻيءَ جي بوتل به پاڻ سان کڻي گڏ کڻي آيو هو.ان ئي سيشن ۾ اسانکي آءِ بي اي پاران تيار ڪيل هڪ پرزنٽيشن ڏني وئي جنهن ۾ ان قلفي يا فالودي واري ڇوڪري جي ڪهاڻي ڏاڍي اتساهيندڙ هئي.اها ڪهاڻي هاڻي به آءِ بي اي وارن جي سمورين پرزنٽيشنس ۾ شامل آهي الائي نه پر منهنجي ميموري ڪارڊ ۾ اها ڄڻ ته هميشه لاءِ محفوظ بڻجي وئي آهي. ان ننڍڙي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ عام ڇوڪرو آءِ بي اي ٻاهران فالودو يا قلفيون کپائيندي نظر اچي ٿو. جنهنکي پڙهڻ جو شوق آهي پر هو آءِ بي اي جون ڳريون فيس نٿو ڀري سگهي. اهو گهورارو نيننگر آءِ بي اي ٻاهران بيهي بيهي پڙهندڙ ڇوڪرن مان ڪجهه نه ڪجهه علم پرائيندو رهندو هيو نيٺ هڪ تعليمي سيشن ۾ هن انٽري ٽيسٽ ڏني ۽ سڀني کي حيران ڪندي پاس ٿي ويو. ان گهورارو نينگر جي پاس ٿيڻ بعد آءِ بي اي جي پاليسي تبديل ٿي ته جيڪڏهن ڪو شاگرد انٽري ٽيسٽ پاس ڪري ٿو ته آءِ بي اي سکر ۾ داخلا ان جو حق بڻجي وڃي ٿو. جيڪڏهن هو فيس افورڊ نٿو ڪري سگهي ته ان ۾ ان ذهين شاگرد جو ناهي، اسڪالرشپ ڏيڻ اداري جو ڪم آهي. ايئن ئي سکر جي ليو بسڪيٽ فيڪٽري جهڙن صنعتي ادارن ۽ گهوٽڪيءَ جي تيل گئس وارن سان ملاقاتون ڪري نثار صديقي صاحب اهڙين ڪيترين ئي اسڪالرشپس جو بندوبست ڪيو ته جيئن ذهين ٻار پڙهي سگهن ڀلي ته اهي مالي طور غريب هجن. ان گهورارو ڇوڪري جي تعليم مڪمل ٿيڻ بعد کيس هڪ صنعتي اداري ۾ نوڪري ملي وئي ۽ ان پرزنٽيشن ۾ جڏهن سندس سيلري پيڪيج ٻڌايو ويو ته گورن سميت ڪراچي کان آيل صحافين به تاڙيون وڄائي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. پر مونکي لاڙڪاڻي جو اهو رڪشه ڊرائيور ياد اچي ويو جيڪو بعد ۾ ٽيڪسي ڪار هلائيندو هيو. مختلف ڪمن ڪارين ۾ اهو مون سان گڏ هلندو هيو. ٻين ڊرائيورن جيان سندس گهڻي ڳالهائڻ مان ڏاڍو تنگ هوندو هيس. تنهنڪري هميشه سفر جي شروعات ۾ ئي کيس ڪارٽيپ هلائي آواز وڏو ڪرڻ جو چوندو هيس. هڪ ڀيري هن هنڊا گاڏيون کڻي ويندڙ ٽرالر کي روڊ تي ڏسي، دلي خوشيءَ مان ٻڌايو هو؛ سائين ان ڪمپنيءَ ۾ منهنجو پٽ به ڪم ڪندو آهي. سندس اوچتو ڪيل ڳالهه کي ٻيهر ٻڌڻ لاءِ مون کانئس پڇيو ته؛ اهو وري ڪيئن ته هن ڪار ٽيپ جو آواز پاڻ ئي پاڻ گهٽ ڪندي، سمورو قصو ٻڌائي ورتو. هن پنهنجي پٽ جي ميٿميٽڪس ۾ دلچسپي بابت تمام گهڻي تفصيل سان ٻڌايو ايتري قدر جو هو لاڙڪاڻي جي گرمين واري ٽاڪ منجهند جو به نٽهڻ اس ۾ ٽيوشن پڙهڻ پنڌ ويندو هيو ته پاڙي جي هڪ همراهه مٿس رحم کائي کيس سائيڪل وٺي ڏني هئي. ڏينهن ۾ ٻه ٽي ٽيوشنس وٺندو هيو. ان نوجوان جڏهن آءِ بي اي جي ٽيسٽ ڏني ته هو اها خوشي کڻي گهر پهتو مس ته سندس رڪشا ڊرائيور والد روايتي پيئرن جيان کيس دڙڪا ڏيندي چيو هو؛ ان مهانگي ڪاليج جي فيس وري پڻهين ڀريندو. پر اهو نوجوان مايوس نه ٿيو ۽ جڏهن آءِ بي اي سکر مان کيس اسڪالرشپ ملي ته رڪشا ڊرائيور والد جا ڏک سور لهي پيا. پر خوش تڏهن ٿيو جڏهن کيس ان موٽر ڪمپنيءَ ۾ موچاري نوڪري ملي وئي. سائنسي علمن ۾ سنڌ جي ذهين نوجوانن جون اهڙيون ڪيئي ڪهاڻيون نثار صديقي صاحب سان سڌي يا اڻ سڌي طرح سلهاڙيل آهن، جنهن هن طبقاتي سماج ۾ اهڙو معياري ادارو سکر جهڙي کنڊر شهر ۾ آباد ڪيو جتي سوات، سبي ۽ مظفرآباد کان ويندي رحيم يار خان تائين جا ماڻهو پڙهڻ ايندا آهن. انهن اتساهيندڙ ڪهاڻين جا ڪردار هاڻي ته ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سٺين پگهارن وارين ڪمپنين ۾ڪم ڪن ٿا يا وري انهن پنهنجيون ئي ڪمپنيون کولي ورتيون آهن پر اتساهه جو سبب سندن الماماتر آهي. نثار صديقي صاحب پاڻ ڪو پي ايڇ ڊي هولڊر نه هيو، جيئن گمس وارو ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ڪو ايف سي پي ايس يا ايف آر سي پي ٿيل ناهي پر ان جي باوجود انهن ٻنهي شخصيتن اتر سنڌ ۾ اهڙا ادارا قائم ڪيا جيڪي پاڻ تاريخ بڻجي پيا. جتي پي ايڇ ڊي هولڊر ۽ ايف سي پي ايس ڊاڪٽر وٽن نوڪرين لاءِ سي ويز جمع ڪرائيندا آهن. اهڙا ادار مڪمل ڪمٽمينٽ ۽ جديد سائنسي سوچ سان قائم ٿي سگهن ٿا. جيڪا انهن ماڻهن وٽ مون ڪمال جي ڏٺي آهي پر سندن اهليت يا نالي سان ڪافي ايترا ماڻهو به سڙن ٿا جيڪي وقت ۽ موقعو هوندي به پاڻ اهڙا ادارا قائم نه ڪري سگهيا ۽ پنهنجي حياتي فضول حرڪتن ۾ وڃائي ويٺا. اهڙن ئي ماڻهن جي سلسلي مان ڦٽي نڪتل ڪجهه ماڻهن نثار صديقي صاحب جي آءِ بي اي سکر ۾ تدفين جي اهو چئي مخالفت ڪئي ته سائين تعليمي ادارن کي قبرستان نه بڻايو. اها تنقيدي راءِ ان وقت سامهون آئي جڏهن ڊاڪٽر گل ميتلو، انجنيئر نظام شيخ ۽ ٻين دوستن جي مدد سان اسان سوشل ميڊيا تي اها مهم هلائي رهيا هئاسين ته سائين نثار احمد صديقي کي پريالوءِ يا خيرپور جي ڪنهن قديمي قبرستان جي سم ورتل زمين ۾ دفن نه ڪجو. پر کيس آءِ بي اي سکر جي ڪشادي اڱڻ ۾ جڳهه ڏجو. افسوس جو ان خيال جي مخالفت اهي پروفيسر به ڪري رهيا هئا جيڪي ٻاهران پڙهي آيا آهن ۽ ٻاهرين ملڪن جي يونيورسٽين ۾ انهن ادارن جي اعليٰ رتبي وارين شخصيتن جون قبرون توڙي سندن مجسما ڏسي آيا آهن. آءِ بي اي سکر ۾ نثار صديقي جي تدفين جي مخالفت ڪندي هڪ پروفيسر لکيو ته سائين جو مجسمو تيار ڪرائي لڳرايو باقي اداري کي قبرستان نه بڻايو. مونکي سندس راءِ پڙهي حيرانگي ٿي ته سائين پاڪستان واري سنڌ ۾ ٿو رهي يا يورپ جي ڪنهن ننڍڙي جزيري تي جتي کيس پاڪستاني معاشري ۾ وڌي ويل انتهاپسندي جي ڪا خبر ناهي. جو ماڻهو کيس نثار احمد صديقي صاحب جو مجمسو لڳائڻ ڏيندا. جتي ماڻهن جي مذهبن ۽ ايمانن کي تارازي کڻي توريو پيو وڃي ته ڪير ڪيترو مسلمان آهي ان معاشري ۾ کيس اجازت ملندي ته ڪنهن به تعليمي ماهر جو مجمسو کڙو ڪيو. ڄڻ ته هو راءِ بهادر اوڌوداس ۽ ريجهومل لاهوريءَ جي مجمسن سان ٿيل ويڌن کان اڻ واقف هجن.

پر هاڻي اهي پي ايڇ ڊي پروفيسر سي وي کڻي ڀوتارن پويان پيا هلن ته آءِ بي اي سکر جي وي سي آفيس جي ڪنجي سندن حوالي ڪئي وڃي. پر پياري ممتاز بخاري جي رپورٽ موجب، سيد قائم علي شاهه جي نياڻي ناهيد دراني ۽ زرداري جي دوست ڊاڪٽر عاصم حسين جي گهرواري پاڻ اميدوارن ۾ شامل آهن. تنهنڪري ڪنهنجي ڪهڙي مجال جو نقلي پي ايڇ ڊي هولڊر وي سي ٿين. آءِ بي اي سکر جو وي سي ڪير به ٿئي پر اها ڪرسي ان عورت يا مرد لاءِ وڏو چئلينج بڻيل هوندي ڇو ته ان ڪرسي تان ويهي اهو نثار صديقي فيصلا ڪندو هيو جن فيصلن جي نتيجي ۾ ڪو قلفي وارو ڇوڪرو يا ڪنهن رڪشي واري جو پٽ پڙهي ڏيڍ لک يا پنج لک پگهار کڻندو ۽ پنهنجي زندگي سڦل بڻائيندو هيو.

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار تان کنيل)




نثار صديقي

هڪڙو ڏيئو وسامي ويو...!

رياض ڪلهوڙو

سال ۱۹۹۴ع ڌاري، پبلڪ اسڪول سکر جي ٻن ڪمرن منجھ، آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جو بنياد وجھندڙ پروفيسر نثار احمد صديقي، اڄ هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو. صديقي صاحب پنهنجي زندگي، تعليم جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. ٻهراڙيءَ جي شاگردن لاءِ برابر ۽ معياري اسڪول جي تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ سندس خواب هو. باشعور قومون، سڀ کان وڌيڪ اهميت، پنهنجي ايندڙ نسل جي تعليم تي ڏينديون آهن، تعليم فقط لکڻ ۽ پڙهڻ کي نه ٿو چئجي بلڪ روحاني، سماجي ۽ اخلاقي تربيت به سندن تعليم جو حصو آهن. اهڙي تربيت جي نتيجي ۾ سٺا، بااخلاق، باڪردار ۽ ماڻهپي جا مالڪ ذميوار شهري پيدا ٿيندا آهن، جيڪي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا آهن. صديقي صاحب ڪتابن جا حافظ نه بلڪ باعمل ۽ تجربي تي يقين رکندڙ عالم پيدا ڪرڻ پئي گھريا ۽ پيدا ڪيا. ڪيترا ئي نوجوان، سندس شفقت هيٺ بيروني ملڪن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، جن جو هر خرچ آءِ بي اي سکر ادا ڪري رهيو آهي.   

هوءَ جا صدا ساز جي، ڄڻ ڪا ڏيئي لاٽ،

ڌيري ڌيري ٿي وئي، ڀنڀٽ جا ڀڙڪاٽ،

ڪيڏي ڄر ڄراٽ، آهي ان آواز ۾.

سال ۱۹۴۴ع ۾ خيرپور ضلعي جي شهر پريالو ۾ جنم وٺندڙ نثار احمد صديقي، بين الاقوامي سطح تي مئنيجمينٽ، ايڊمنسٽريشن ۽ اڪيڊمي ۾ وسيع تجربو رکندو هو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان اقتصاديات ۾ ماسٽرز ڪندڙ صديقي صاحب شروع ۾ اسڪول ايجوڪيشن ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪيو. ڏهن سالن تائين رياضي، اقتصاديات ۽ انگريزي ٻولي جو استاد رهيو. ان بعد هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان تعليم ۾ ٻي ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس علمي ڪاميابي جي ڪري کيس سوني تمغي (گولڊ ميڊل) سان نوازيو ويو. ڪجھ وقت پوءِ، پاڪستان جي سول سروسز (سي ايس ايس) جو امتحان لاءِ ڪوشش ورتائين. سندس محنتن ايترو رنگ لاتو جو سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري، اسسٽنٽ ڪمشنر جي عهدي تي فائز ٿيو. لڳاتار محنت ۽ جدوجهد سان مختلف عهدن تي ڪم ڪيائين، ايستائين جو ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، ڊويزن جو ڪمشنر ۽ گهرو کاتي جو سيڪريٽري به رهيو. کيس اهو پڻ اعزاز حاصل آهي ته ۱۹۸۹ع ۾ جڏهن نوشهري فيروز کي ضلعي جو درجو مليو ته پاڻ نوشهري فيروز جا پهريان ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيا.

نثار احمد صديقي، ۱۹۸۷ع ۾ آمريڪا ويو، جتي بوسٽن يونيورسٽي مان فنانس ۾ ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بوسٽن يونيورسٽيءَ ۾ هن کي بهترين تعليمي ڪارڪردگي لاءِ ڊين جي فهرست ۾ جڳهه ملي. سرڪاري نوڪري کان سواءِ USA کان موٽڻ کان پوءِ هن IBA ڪراچي ۾ پارٽ ٽائيم ٽيچنگ شروع ڪئي، جتي اقتصاديات، ماليات ۽ تحقيق جو طريقو سندس مضمون هئا. صديقي صاحب کي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايس آئي اي (سنڌ انڊسٽريل ٽريڊ اسٽيٽ) طور ڪم ڪرڻ جو تجربو پڻ آهي. نثار احمد صديقي جي تحقيق واري حصي ۾ پاڪستان ۾ تاريخن جي مارڪيٽنگ، پاڪستان جي لوڪل گورنمينٽ ۾ پاور جي ڊيووليوشن تي تصادم، سنڌ ۾ تعليم جي معيار کي گهٽائڻ ۽ سکيا کي يقيني بنائڻ بابت فڪر شامل هئا. تازو ئي، پاڪستان جي تعليم لاءِ سندس قيمتي خدمتن جي اعتراف ۾، حڪومت پاڪستان کيس ستاره امتياز سان نوازيو آهي.

سرڪاري ملازمت کان رٽائرمينٽ بعد، هن کي ۲۰۰۴ع ۾ ورسٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. آءِ بي اي ۲۰۱۷ع ۾ هڪ مڪمل يونيورسٽي جو درجو حاصل ڪيو ۽ هو ان جو باني وائيس چانسلر بڻجي ويو. هن پاڪستان ۾ ڪميونٽي ڪاليجز جي تصور جي ترقي پڻ ڪئي. هن وقت، ۱۳ ڪميونٽي ڪاليج ۽ ۴۰ کان مٿي اسڪول، آءِ بي اي يونيورسٽي، سکر جي ڇٽيءَ هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن. هن آئي بي اي سکر کي هڪ اداري ۾ تبديل ڪيو. پاڻ اهليت، قابليت ۽ جدت جو اشارو هو. هيءَ يونيورسٽي سنڌ جي هڪ مشهور انسٽيٽيوٽ طور اڀري، جنهن پاڪستان جي سڀني علائقن مان شاگردن ۽ فيڪلٽي کي راغب ڪيو.

هيءُ عظيم انسان دل ۽ گردن جي مسئلي ۾ مبتلا هو. کيس گذريل هفتي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. رضا الاهي کي ڪير ٿو روڪي سگھي، سندس جياپو پورو ٿيڻو هو. سو ۲۲ جون ۲۰۲۰ع سومر ڏينهن، صبح جو ۶ وڳي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. کيس IBA  يونيورسٽي سکر جي احاطي ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


 

پروفيسر نثار احمد صديقي

موڪلاڻي

استاد لغاري

سُرمو سُفيديءَ جو، جَڏِهن پاتو جَنِ،

تَڏِهن  ڏِٺِي  تَنِ،  اَڇائِي  عالَمَ  جِي. (شاھ)

دنيا جو هر هڪ انسان، ڪو نه ڪو مقصد من ۾ رکي زنده رهندو آهي. اُها الڳ ڳالھ آهي، ته ڪنهن جو مقصد مثبت هوندو آهي، ته ڪنهن جو مقصد مثبت ناهي هوندو. البت اُهي سمورا انسان، پنهنجي پنهنجي مقصد ماڻڻ خاطر، واري واري سان حياتيون لُٽائي کُٽائي هليا ويندا آهن. شيخ اياز چيو هو: “جرڪِي جوت وِسامي ويندي، پوئين پهر پکن ۾، ڪُھُ ڄاڻان ڪنهن پاتو آهي؟ هُو جو لعل لکن ۾، ڏات اڌوري پوري ناهي، پنهنجن ئي پرکن ۾”. جڏهن آئون پهريون ڀيرو، پنهنجي پياري پٽ ليڪچرار اياز علي لغاريءَ سان گڏجي، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۾ ديدار خاطر داخل ٿيو هوس، تڏهن تاحدِ نظر گلن جون ٻاريون ۽ ڪياريون ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو هوس. يقينن هن يونيورسٽيءَ کي، ههڙيءَ ريت خوبصورت بنائڻ ۾، ڪنهن انتهائيءَ اهم ۽ خوبصورت انسان جو خيال ۽ دماغ ڪارفرما هيو. هونئن ته اسان جي سموري سنڌ ڀڙڀانگ لڳي پيئي آهي، خصوصن اڇڙي ٿر وارو ڀاڱو ڏسي، ايٿوپيا، انگولا، نائيجيريا، روانڊا ۽ يوگينڊا ياد اچي ٿو وڃي. جنهن جو جيترو به افسوس ڪجي اهو گھٽ آهي. آغا سليم پنهنجي مشهور و معروف ناول “اُونداهي ڌرتي روشن هٿ” ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي، “هيءَ منهنجي سنڌ هڪ ڳوٺ مثل آهي، جنهن ۾ ڪُٻاٽيل، ڪاراٽيل، نهوڙيل ۽ ننڌڻڪا ڳوٺاڻا، ڪارڙيون، ڪوجھڙيون، ڪمزورڙيون ۽ وقت کان اڳ جُهور ٿيل پوڙهڙيون عورتون آهن. جن جا بدن نه ڪنول جهڙا ڪُنئرا آهن ۽ نه جن ۾ گلاب جي گلن واريءَ هُٻڪار آهي. پگھر هنن جو “يُو ڊِي ڪِلون” آهي. هندوستان جي ساري جمالياتي شاعري، هنن جي بدصورتيءَ تي ٺٺوليءَ آهي. هي ڪارا، ڪوجھا، اڌ اُگھاڙا ٻارڙا، جن لئي ڪو اسڪول ڪونهي، ڪا اسپتال ناهي، جن ۾ الائجي ڪيترا نهرو آهن، الئي جي ڪيترا جناح آهن. پر اهي سڀ وڏا ٿي حياتيءَ جا هر ڪاهيندا، اها آهي منهنجي اڄوڪي سنڌ”.

يقينن پروفيسر نثار احمد صديقي صاحب، آغا سليم جو هي ناول ضرور پڙهيو هوندو، تڏهن ته هن جي من ۾ اهڙي عاليشان آئيڊيا اُتپن ٿي هوندي، جنهن سنڌ جي تباھ ٿيندڙ علمي تاريخ کي تبديل ڪرڻ جو وچن ورجايو. منهنجو فرزند اياز علي لغاري، جيڪو هن يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جو ليڪچرار آهي، اهو ضرور سوچي رهيو هوندو، ته هاڻي هن يونيورسٽيءَ جو ڇا ٿيندو؟ ان جو جواب شيخ اياز جي ڪتاب “وڄون وسڻ آئيون” مان حاصل ڪري ٿا وٺون. يعني “جي راھ اجل ڪنهن ورتي آ، هن ڀُونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ، هيءَ ڌرتي توکي پرتي آ، مهمان هزارين مان نه رڳو”. مرحوم نثار احمد صديقي صاحب جي ڪومهلي موڪلاڻيءَ بعد، بحث هلي رهيو هو، ته “هاڻي هن يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ڪنهن کي ٿيڻ گھرجي؟”. جواب ۾ ڪيترا ئي نالا لکيا پئي ويا. انهن ۾ اپر ڪلاس جي هڪ فرد، گل محمد عمراڻي صاحب جو نالو به ورتو پئي ويو. مون کي حيرت ٿي، ته جنهن مانواري مٺڙي محبوب منٺار ماڻهوءَ جي، مُنور مُقدس مُکڙي مُبارڪ تي، مُناسب مُرڪ مُورڳو موجود ئي نه هجي، ته ان ماڻهوءَ جو نالو به تجويز ڪيو پئي ويو. مون ان وقت اٽل ارادو ڪيو هو، ته اگر واقعي ئي ايئن ٿئي ٿو، ته آئون پنهنجي فرزند محترم اياز علي لغاريءَ کي واپس گھرائي وٺندس. کيس ايل ايل بي ڪرائي، پنهنجن پيرن تي بيهارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس. انشاءَالله! ”تيرا طريق اميري نهين فقيري هئي، خُودي نه بيچ، غريبِي ۾ نام پيدا ڪر.“ (علامه اقبال)

سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پهچڻ کان پوءِ مون کي معلوم ٿيو، ته پروفيسر نثار احمد صديقي صاحب، پبلڪ اسڪول سکر جا ٻه عدد ڪمرا مسواڙ تي وٺي، انهن ۾ سکر آءِ بي اي (انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن) جو بنياد وڌو. ان بعد ان اداري کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيارائي، کيس دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ آڻي بيهاريو. هن وقت سنڌ جو هي واحد ادارو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪاپي نه ٿي ٿئي. انهيءَ عظيم ڪارنامي کي ڏسندي، سموري سنڌ مان هزارن جي تعداد ۾ شاگردن داخلائون ورتيون آهن. هن يونيورسٽي پنهنجا ڪئمپس ڪنڌ ڪوٽ، ٺٽي، دادو ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ به کوليا آهن، ته جيئن غريبن جا ٻار آسانيءَ سان بهترين تعليم حاصل ڪري سگھن. جڏهن ته پاڪستان جون ٻيون يونيورسٽيون، ٻاهرين ملڪن ۾ ڪئمپس قائم ڪن ٿيون، ته جيئن ججھو ناڻو ڪمائي سگھجي.

اياز علي لغاري پنهنجي هڪ ليک “اُونداهيءَ ۾ سوجھرو” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو، ته “پاڪستان ۾ هڪ هيو عبدالستار ايڌي، جنهن يتيمن کي زندگيون ڏنيون ۽ ٻيو هيو نثار احمد صديقي، جنهن غريبن، مسڪينن ۽ يتيمن جي زندگين ۾ علم جي روشني آندي”. يقينن “اپني ليي تو سڀِي، جيتي هين اس جهان ۾، هئي زندگي ڪا مقصد اَورون ڪي ڪام آنا”. جيڪو انسان پنهنجي حياتي ٻين جي ڀلائيءَ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي ٿو، ته اهو ڪڏهن به ڪو نه ٿو مري. اهو هميشه حيات هجي ٿو. شيخ اياز هڪ هنڌ لکي ٿو، “اُهي انسان جي پنهنجي زندگيءَ کي هڪ پائنده عمل سان وابسته ڪري ڇڏين ٿا، اُهي هميشه زنده رهن ٿا. اُهي به موت کي مات ڏيئي وڃن ٿا. انهن جا نالا تاريخ جي ڪتابن ۾ سُونهريءَ اکرن ۾ لکجن ٿا. پر اُهي انسان، جي عمل جي راھ ۾ چپ چاپ ۽ گمنام هليا وڃن ٿا، جن جي قبرن تي ڪوئي گلن جي چادر چاڙهڻ وارو ناهي ۽ جن جي قبرن تي نالو نشان به ناهي، ته اُهي به هن ڪائنات ۾ اَمر آهن”. پروفيسر نثار احمد صديقي صاحب ته علم ۽ عمل جي راھ تان گذري ويندڙ هڪ اهڙو عظيم استاد، عالم ۽ اسڪالر هيو، جنهن پنهنجي زندگيءَ کي هڪ پائنده عمل سان وابسته ڪري ڇڏيو هو. تاريخ سر سيد احمد خان کي به وساري نه سگھي آهي، جنهن چيو هو، ته “ديني تعليم سان گڏوگڏ، ٻين ٻولين جو علم به حاصل ڪريو، خصوصن انگريزي تعليم کي به اپنايو”. اهو سر سيد احمد خان تاريخ جي ورقن ۾، سُونهري اکرن سان اڄ به زنده آهي. ان کي علي ڳڙھ اسڪول، علي ڳڙھ مسلم ڪاليج ۽ علي ڳڙھ يونيورسٽيءَ جو باني ليکيو وڃي ٿو. سندس نالو تاقيامت قائم ۽ دائم رهندو. ساڳيءَ وانگر محترم نثار احمد صديقي صاحب جو شاندار علمي عمل ۽ ڪامياب ترين ڪارنامو به، قيامت جي ڏينهن تائين قائم ۽ دائم رهڻو آهي. مون کي قوي اُميد آهي، ته جڏهن عالمانه تاريخ جا سمورا سُونهري سرورق سهيڙيا ويندا، تڏهن پروفيسر نثار احمد صديقي صاحب جو نالو ۽ ڪردار، انهن مڙني کان مٿاهون ۽ نشانمبر نظر ايندو. الوداع! اي نثار احمد صديقي! تنهنجِي ايئن اچانڪ ۽ تڪڙِي موڪلاڻِي، اسان سڀني سهڻن ساٿين کي، سوڳواريءَ جو سُورائتو ثمر ڏيئي هلي ويئي آهي.

جِئَڻان اَڳي جي جِئا، جُڳَ جُڳَ سي جِئَنِ،

موٽِي ڪِينَ  مَرَنِ،  مَرَڻان اَڳي جي  مُئا. (شاھ)

(ڏيھاڙي هلال پاڪستان ۾ سومر ۲۰ جولائي ۲۰۲۰ع تي ڇپيل.).

 

No comments:

راءِ ڏيندا