; سنڌي شخصيتون: سومر فقير

31 August, 2019

سومر فقير


سومر فقير
دينِ اسلام جو خادم
خدا ڏنو ڪاڇائي
سومر فقير پنهنجي وقت جو ولي ۽ دينِ اسلام جو خادم ٿي گذريو آهي، جنهن جو هڪ واقعو مشهور آهي ته ”مهمانن کي اوطاق تي ويهاري پاڻ گهران بُهه جي ڀري مٿي تي کڻي شهدادپور شهر روانو ٿي ويو، جيڪو تقريبن ٽي ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي، اُتان بُهه وڪڻي مهمانن جي لاءِ کاڌي جو سامان خريد ڪري آيو، مهمانن کي لنگر کارائڻ کان پوءِ حال احوال ٿيندو هو. هڪ ڏينهن هڪ مسافر کي ويهاري پاڻ طعام تيار ڪرائڻ لاءِ گهر ڏانهن ويو. ڪجهه دير ٿي وئي، مهمان روانو ٿي ويو. فقير سائين ماني مٿي تي کڻي ان مسافر جي پويان ويو ۽ ڪافي پنڌ ڪيائين، شام تائين کيس ڳوليندو رهيو، پر جڏهن سج لهڻ لڳو ۽ مسافر نه ملي سگهيو ته فقير تمام گهڻو ڏکارو ٿيو ۽ اهو ارمان کيس ڪئين ڏينهن تائين رهيو ته اهو مسافر ماني کائڻ بنا ڪيئن روانو ٿي ويو.“


فقير سائين هميشه هر معاملو پنهنجي رب ڪريم طرفان سمجهدو هو، آيل مسافرن، مهمانن کي پنهنجي پالڻهار طرفان رحمت سمجهي خدمت ڪندو هو، جيئن رب کي راضي ڪجي. سومر فقير پنهنجي پاڙي وارن سان شفقت سان پيش ايندو هو، هر هڪ وٽ وڃي ان جي پنهنجي حال مطابق مدد ڪرڻ پنهنجي لاءِ سعادت سمجهندو هو. هڪ ڏينهن منهنجو ڪنهن دعوت ۾ شرڪت لاءِ ڳوٺ دائم سهتو ۾ وڃڻ ٿيو، جيڪو شهدادپور کان ڏهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي، هي ڳوٺاڻا حضرت پير سومر فقير جا مريد آهن، اُتي ويٺل ڪجهه عمر رسيده پوڙهن ۽ نوجوانن سان ملاقات ٿي، هنن ٻڌايو ته اسان جي سموري برادري جو سومر فقير سان هڪ پيار ڀريو ۽ اڻ ٽٽندڙ رشتو آهي. پاڙي وارن سان سندس شفقت ۽ چاهه بي حد هو، سندس خاندان پڻ سخاوت، محبت، عبادت الاهي ۽ نيڪ سيرت جي ڪري مشهور هو، سندس والد جي اوطاق پڻ هميشه آيل مهمانن، فقيرن ۽ مسافرن جو مرڪز بڻيل هوندي هئي. سومر فقير جي آڌرڀاءَ ۽ خدمت ۾ مصروف هوندو هو، فقير فقراءَ، آيل مهمانن ۽ درويشن جي صحبت ۽ محبت ۾ هڪ ڏيئو روشن ڪري ڇڏيو، جنهن جي روشني آهستي آهستي جڳ روشن ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ سومر فقير هنڱورو کان ڏکڻ طرف امام علي بالادي ڳوٺ ۾ محمد اسحاق باگراڻي هڪ واقعو ٻڌايو ته سومر فقير وٽ هڪ ڏينهن آئون ويٺو هئس ته ڪجهه ماڻهو پري کان دعا وٺڻ لاءِ پهتا هئا، فقير سائين کين دُعا ڪئي ۽ تعويذ پڻ لکي ڏنو، انهن ماڻهن مان هڪ ماڻهو فقير کان سوال ڪيو ته سائين اسان ٻڌو آهي ته اوهان ولي الله آهيو، انهيءِ سوال جي جواب ۾ فقير سائين وراڻيو ته، فقير جي حيثيت ۾ ڇار جهڙي به ڪونه آهي، انهيءَ جواب تي هڪدم خاموشي ڇائنجي وئي، تقريبن ڏهن منٽن کان پوءِ فقير سائين فرمايو، ابا جيڪي هوندا اُهي رنگ ڏسندا.
سومر فقير سخاوت ۽ خلق جي خدمت ڪندڙ ولي ڪامل ۵ جمادي الاول ۱۳۵۸ بمطابق ۲۱ نومبر ۱۹۵۵ع خالق حقيقي سان مليو، خدمت جو سلسلو دين اسلام جي روشني سان گڏ هلندڙ هر مهيني جي اسلامي تاريخ پنجين جي رات ۽ هر سال ۵ جمادي الاول جي رات جيڪا سندس پنهنجي خالق حقيقي سان ملڻ جي رات آهي، الله تعاليٰ جي ولين جو وصال ڪرڻ هڪ گهر کان ٻئي گهر منتقل ٿين هوندو آهي، سندن فيض ۽ خدمت جو سلسلو ساڳئي طريقي سان جاري ۽ ساري هوندو آهي. هر مهيني ۾ اها شاندار محفل جنهن ۾ دينِ اسلام جي فڪر ۽ تربيت جو هڪ شاندار پروگرام ٿيندو آهي، جنهن جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيندي آهي، خاص ڪري مدرسته صبغته الفيض سومر فقير هنڱورو جي شاگرد جو ان جي ڀرپور حصو هوندو آهي، بعد ۾ نعت مقبول سرور ڪونين ﷺ جن جو سلسلو شروع ٿيندو آهي، جنهن ۾ پري پري کان نعت خوان مولود چئي ۽ شان رسالت بيان ڪري پنهنجي پنهنجي مخصوص انداز ۾ بيان ڪندا آهن، هن پروگرام ۽ محفل جو روح جي راحت، دلي سڪون، ديني معلومات سان سرشار الله تعاليٰ جي توحيد ۽ ان جي رسول ڪريم صه جن جي سيرت ۽ معجزن سان ٽمٽار سان خصوصي خطاب ٿيندو آهي. جنهن ۾ پير محمد راشد روضي ڌڻي رحمت الله عليه ۽ پاڳارا خاندان جون ديني خدمتون الله جي پياري ٻانهنن جون نصيحتون ۽ محبت ڀريو پيغام هر آيل مهمانن لاءِ هڪ سرمايو هوندو آهي، خصوصي خطاب کان بعد ۾ مولودن جي محفل جو آغاز شروع ٿيندو آهي، جنهن سنڌ جي لاڙ واري طرز مطابق مولود اهڙو ته سهڻو محبوب ڪريمين جو شان بيان ڪندا آهن، جنهن سان هِنَ محفل کي روحاني رنگ، ٻڌڻ وارن ۽ سمجهندڙن کي اهڙو ته محو ڪري ڇڏيندو آهي جو کين سموري رات ڪيئن هڪ پل ۾ گذري ويندي آهي. نمازِ فجر تائين انهيءَ مولودن جي محفل جون جهلڪيون ستارن وانگر پيون جرڪنديون آهن. آخر ۾ دعائيه ڪلمات سان محفل جو اختتام ٿيندو آهي، ڳوٺ راڄ ۽ پوري ملڪ پاڪستان بلڪ پوري عالم اسلام جي ڀلائي لاءِ التجا پيش ڪئي ويندي آهي. اهو لمحو پڻ نهايت ئي دلي راحت، سڪون ۽ فرحت بخشيندڙ هوندو آهي، ائين محسوس ٿيندو آهي ته رب العالمين پنهنجي محبوب ڪريمين ﷺ جي شان واري محفل کي رحمت ۽ برڪت سان ڪيترو پر رونق بنايو آهي. شانِ رب العالمين اسان کي انهن محفلن ۾ شرڪت ڪرڻ، خدمت ڪرڻ ۽ ان مان فيضياب ٿيڻ جي عنايت ڪرڻ فرمائي.

No comments:

راءِ ڏيندا