; سنڌي شخصيتون: سيد احمد مهدي

18 July, 2019

سيد احمد مهدي

سيد احمد مهدي
لاڙڪاڻي جو فلائنگ هارس (تاثر)
منظور ڪوھيار
هو لاڙڪاڻي جي هاڪي ٽيم جو واقعي فلائنگ هارس هيو. ليفٽ آئوٽ يا ليفٽ اِن کيڏندو هيو. بال کي ايڏي ته تيزيءَ سان ڊي ۾ کڻي ويندو هيو، جو ڪنهن به حوالي سان قومي سطح جي رانديگرن سميع الله يا ڪليم الله کان گھٽ نه هيو. هي لاڙڪاڻي جي انهن رانديگرن منجھان هيو، جن پنهنجي دؤر ۾ هاڪي جي نيشنل ڪيمپ اَٽينڊ ڪري، نيشنل ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيا. پر ان دؤر جو الميو اهو هوندو هيو، جو جڏهن به نيشنل ٽيم ۾ سندن سليڪشن ٿيندي هئي، ته سليڪشن ليٽر کين تڏهن رسندو هيو، جڏهن نيشنل ٽيم ٻاهرين ملڪ جي دؤري تي وڃي چڪي هوندي هئي. اهي هيون، ون يونٽ جون ڀلايون، جنهن ننڍن صوبن جي ننڍن شهرن ۾ تعصب جو ٻج ڏاڍي هوشياري سان پوکيو، جيڪو اڳتي هلي وڌي وڻ ٿيو، ۽ پوءِ جنهن جو ثمر سڀني چکيو.


۱۹۴۸ ۾ هاڪي راند کي، لاڙڪاڻي ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ هندوستان مان هجرت ڪندڙ ٻن ڀائرن ’اُستاد جيئي خان‘ ۽ سندس ننڍي ڀاءُ ڪرامت خان جو هٿ هيو. اول الذڪر گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو استاد هيو، ۽ موخر الذڪر ميونسپل هاءِ اسڪول جو.
ٿلهي ليکي لاڙڪاڻي ۾ هاڪيءَ جو پهريون دؤر ۱۹۴۸ کان ۱۹۵۱ وارو هيو، جنهن ۾ زبير ڪريم قدوائي (جيڪو اڳتي هلي سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ فيڊرل سيڪريٽري به بڻيو)، اطهر ڪريم قدوائي، عبدالله مڪاني، احمد علي مڪاني، عبدالاحد مڪاني، قدير عباسي، حشمت علي قريشي، امان الله ڀرڳڙي، نثار جتوئي، غلام حسين شيخ، خورشيد احمد، سعيد احمد، اڪبر رند وغيره جھڙا ناميارا رانديگر پيدا ٿيا. پر جنهن شخصيت انهيءَ راند جي سرپرستي ڪئي، اهو هيو گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ’ايف ڊي قريشي صاحب‘، جنهن آل پاڪستان ’ايف ڊي قريشي‘ هاڪي ٽورنامينٽس منعقد ڪرايون.
لاڙڪاڻي ۾ هاڪي جو ٻيو دؤر ۱۹۵۱ کان ۱۹۶۵ وارو هيو. جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي هاڪي ٽيم، آل پاڪستان ٽورنامينٽس کٽيون. هي دؤر لاڙڪاڻي جو هاڪيءَ جي حوالي سان سونهري دؤر ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ احمد مهدي، امين رضوي، غلام محمد، قلندر بخش ڪلو، عاشق علي رند، محمد صابر، سعيد احمد، مختيار احمد، انصار الاهي، عبدالمجيد عباسي، عبدالفتاح عباسي، عبدالله ميمڻ، ۽ ياسين اعواڻ جھڙا مشهور رانديگر پيدا ٿيا.
اسان جڏهن احمد مهدي صاحب کي ۱۹۷۲ ۾ لاڙڪاڻي اسٽيڊيم ۾ کيڏندي ڏٺو، ته ان وقت سندس ڪيترا ئي هم عصر هاڪي راند ڇڏي چڪا هيا، ماسواءِ ياسين اعواڻ ۽ غلام محمد يا ڪو هڪ اڌ ٻيو هيا، جيڪي پنهنجي جونيئرن جي رهنمائي ڪندا هيا. جونيئرن ۾ مختياراحمد، منور سلطان بخاري، ڪمال بخاري، شڪيل احمد، تنوير مڪاني، اقبال احمداڻي، شمشاد ۽ علي شير رونگھو جا نالا ذهن تي تري اچن ٿا. ڪجھ اسان پارا برساتي ڏيڏر به هوندا هيا، جيڪي انٽر ڪاليج ٽورنامينٽس جي دؤران انهن سينئرس کان ڪجھ سکي وٺندا هيا. اسان جي سنگت ۾ مشهور برساتي ڏيڏر جواهر لال اوڏ به هيو. فوٽ بال وارن کان رسندو هيو، ته هاڪي کيڏڻ شروع ڪندو هيو، ۽ هاڪي وارن کان رسندو هيو، ته فوٽ بال.... ان ڪري نه کيس هاڪي کيڏڻ آئي، نه فوٽ بال. هڪ دفعي شام جو جواهر لال لوڪل مئچ ۾ هاڪي پئي کيڏي، نه پوريءَ طرح بال روڪي سگھي، نه شاٽ هڻي سگھي. ميدان ۾ رڳو ٽِيٽي وانگر سنهيون ٽنگون ڪڍيون ڀڄندو وتي. راند ختم ٿيڻ کانپوءِ جواهر لال اوڏ ڏانهن اشارو ڪندي، مون احمد مهدي کي چيو؛ ”مهدي صاحب! اس ڪو ڀي تو ڪڇ سکائو! نه يه فوٽ بال ڪا کلاڙي بن سڪا، نه هاڪي ڪا؟“
احمد مهدي پنهنجي مخصوص انداز ۾ مشڪندي وراڻيو؛ ”اري صاحب، آپ تو سخن شناس هئين! اقبال ني ڪيا خوب فرمايا هئي:
ڦول ڪي پتي سي، ڪٽ سکتا هئي هيري ڪا جگر
مرد نادان پي ڪلامِ، نرم و نازڪ بي اثر
مان شڪي ٿيندي چيو؛ ”مهدي صاحب، مين اور سخن شناس!؟“
وراڻيائين؛ ”جب ڪسي ڪو اسٽيڊيم مين آتي هوئي، هاٿ مين ڪتاب ديکي جائي، تو هماري مردم شناسي همين ڌوڪا نهين ديتي.“
مون کي ۱۹۷۳ ۾ بار بار ڪليون پونديون هيون. ڪلين جي ڪري بخار به ٿي پوندو هيو. انهن ڏيهاڙن ۾ لاڙڪاڻي جو مشهور ڊاڪٽر روشن شيخ هيو، جيڪو ڊاڪٽر جھٽ پٽ جي نالي سان مشهور هيو. ٻه سيون ھڻي ۽ ٻُڪ ٽڪين جو مريض کي کارائي ڇڏيندو هيو. ٻن ڏينهن کانپوءِ مريض ٽاٽ. ڪافي عرصي کانپوءِ خبر پئي، ته مريضن کي اينٽي بائيوٽڪ ۽ ڪارٽوزون کارائي کارائي سندن قوت مدافعت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو اٿئين. مان به سندس ٻڌو گراهڪ هيس. پهريان ته سندس دوا سان جلد ٺيڪ ٿي ويندو هيس. پوءِ ته دوائن جي ڊبل ڊوزن ۽ ٽرپل ڊوزن به اثر ڪرڻ ڇڏي ڏنو. جيتوڻيڪ، اها خبر هوندي هئي، ته احمد مهدي نه صرف مردم شناس، پر نبض شناس به آهي. عام ماڻهن کي جيئن ته تريءَ تي بهشت کپي، واري عادت پيل هئي، ان ڪري اسان جو به هوميوپيٿڪ جي علاج تي ڀروسو نه هيو. احمد مهدي نه صرف مفت علاج ڪندو هيو، پر پنهنجي هڙان وڙان پئسا خرچ ڪري مفت دوا به ڏيندو هيو. ان ڪري سندس جيلس واري گھر ٻاهران خاص ڪري موڪل جي ڏينهن يا جمعي تي مريض ڳاهٽ هوندا هيا. سندس مريض عمومن غريب طبقي جا ماڻهو يا جيلس بازار جا محنت-ڪش هوندا هيا. مان به ايلوپيٿڪ دوائن کان تنگ ٿي، تجربي خاطر سهيل مڪاني سان گڏ جيلس بازار ۾ دوا وٺڻ سندس گھر پهتس. پهريان ته پوري هسٽري وٺي دوا جون پڙيون ڏيڻ سان گڏ علاج باالمثل (هوميوپيٿڪ) تي هڪ عدد ليڪچر ڏنائين، گڏوگڏ اينٽي بائيوٽڪ نه کائڻ جو وچن ورتائين، ۽ آخر ۾ خاطر مدارت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي شاعري به ٻڌايائين. جنهن ۾ موهن جي دڙي جي تهذيب بابت هڪ شاندار شعر به شامل هيو، جيڪو هن وقت منهنجي ذهن تان لهي ويو آهي. سندس شاعري ڏاڍي پردرد، پُر مغز ۽ معنى خيز لڳي هئي. سندس هڪ شاگرد عنايت ميمڻ جي مهرباني سان هڪ غزل سنڌي لپيءَ ۾ لکيل، هتي پيش ڪجي ٿو، جنهن مان سندس سخن گوئي جو اندازو ڪري سگھجي ٿو.
“اگر وه عارفِ آشفتگي نهين لوگو
فقيھِ شهر سهي آدمي نهين لوگو
يه ڪيسي دهوپ ڪه هنگامِ تيرگي هئي وهي
هئي آفتاب مگر روشني نهين لوگو
بنامِ مصلحتِ وقت فڪر و فن سي گريز
يه دشمني نه سهي دوستي نهين لوگو
ڪهون يه ڪيسي ڪه شبنم ني ڦول برسائي
ابهي تو صبوح ڪي آثار بهي نهين لوگو
فگارِ سينهء گل کي طرح هئي سوزِ درون
شڪست ميرا مقدر ڪبهي نهين لوگو
احمد مهدي نه صرف اسپورٽس مين ۽ سخن گو هيو، پر ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جو قابلِ فخر استاد به هيو. منهنجا پيارا دوست رميش پارواڻي، آفتاب مغل، نذير سومرو ۽ سهيل مڪاني سندس قابل ذڪر شاگردن منجھان آهن. سندس لاءِ مشهور هيو، ته هو ٽيوشن لاءِ نه، پر ٽيوشن سندس پٺيان ڦرندي رهندي آهي. خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙ نياڻيون وٽس ٽيوشن وٺڻ لاءِ اينديون هيون. جڏهن ته ان زماني ۾ ڪجھ اهڙا واقعا ٿيا هيا، جو ٽيوشن ڏيندي ڏيندي اُستاد، پنهنجي استادي ڏيکاري ويا هيا. پر شهر جي هر ماڻهوءَ جو احمد مهدي جي شرافت ۽ شائستگي تي پختو يقين هوندو هيو.
احمد مهدي صاحب انتها درجي جو ملنسار، شفيق طبيعت ۽ فضيلت ڀريو انسان هيو. ’آپ‘ جناب!’ چئي مخاطب ٿيڻ وارو، ڪڏهن به ڪنهن سان تو يا تم چئي مخاطب نه ٿيو. لکنئو تهذيب جي مايه ناز ۽ نادر نشاني سمجھيو ويندو هيو.. حساس طبيعت ۽ زود حس اهڙو جو ڪنهن اشارتن به ساڻس غلط ڳالھ ڪئي، ته ڏکارو ٿي ويندو هيو.
لاڙڪاڻو به جڏهن لساني فسادن جي لپيٽ ۾ آيو، ته ڪنهن دراز ريش مسلمان ڀاءُ، مهدي صاحب کي چيو، ته؛ ”احمد مهدي، اوهان ڪراچي ڪڏهن ٿا وڃو؟“
اهو ٻڌي، مهدي صاحب جي نازڪ دل تي ڏاڍو گران گذريو، بار بار اها ڳالھ مونسان ورجائيندو هيو؛ ”منظور صاحب! ڪراچي مين مجھي ڪون جانتا هئي. ادهر بچي بچي ڪو پته هئي، ڪه مين استاد هون. سب اسپورٽس سي وابسطه لوگ جانتي هين، ڪه مين هاڪي مين لاڙڪانه ڪي پهچان هُون. جيلس ڪي مزدورون اور محنت ڪشون ڪو پته هئي، ڪه مين ان ڪا معالج هون. سخن ورون ڪو پته هئي، ڪه مين سخن طراز هون. لاڙڪانه مين ميونسل هاءِ اسڪول جاتي هوئي، اور اسٽيڊيم سي آتي هئي، سلام ڪر ڪر ڪي، هاٿ ملا ملا ڪي ٿڪ جاتا هون. لاڙڪانه ميري پهچان هئي، مين لاڙڪانه ڪي. ڪراچي مين مجھي ڪون پهچانيگا. مين تو ڪراچي ڪيلئي اجنبي هُون. ڪيا مين ڪراچي مين ايڪ ايڪ ڪو تعارف ڪراتا ڦرونگا؟“
مان صرف کيس ايترو چوندو هيس؛ ”مهدي صاحب! سطحي قسم ڪي لوگون ڪي باتون ڪو اپني دل پي اتنا نه ليا ڪرين.“
سچ ته تعصب ڪهڙي به قسم جو هجي، مذهبي هجي، مسلڪي هجي، لساني هجي، يا نسلي هجي، نازڪ طبيعت ماڻهن جي دل تي ڏاڍو گران گذري ٿو. منهنجي پاڙي جو ۽ صوفي منش دوست ڊاڪٽر لڌارام چوندو آهي ته؛ ”جڏهن به ڪو هندو سنڌي، ڪنهن سبب ڪري هندوستان لڏي ويندو آهي، ته سنڌي ڀائر ئي اچي چوندا آهن ته؛ ’ڊاڪٽر، اوهان انڊيا ڪڏهن ٿا وڃو؟‘“
احمد مهدي صاحب، به ڪنهن سبب جي ڪري ڪراچي وسائي. اهو سبب ڪو ٻيو نه هو، ڏھ سال اڳ جڏهن سندس شريڪ حيات گذاري وئي، ته ڪراچي ۾ نياڻي سان گڏ رهڻ سندس مجبوري ٿي پئي، جو کيس پٽاڻو اولاد ڪو نه هيو.
ڪجھ ڏينهن اڳ، عنايت ميمڻ جي وال تان جڏهن ڪراچي ۾سندس وفات جي خبر پڙهي، ته ڏک به ٿيو، ته کيس لاڙڪاڻي جي مٽي نصيب نه ٿي. پر جي هاڻي هتي هجي ها، ته اڃا وڌيڪ ڏکارو ٿئي ها. نه اهو ميونسپل هاءِ اسڪول رهيو، جنهن ۾ بشير احمد صاحب ۽ عبدالله مڪاني جھڙا هيڊ ماستر هيا.. نه اهو سرسبز لاڙڪاڻو اسٽيڊيم رهيو، جتي آل پاڪستان ٽورنامينٽس ٿينديون هيون. نه ترقي پسند مصنفين جي شاھ لطيف لائبرري رهي، جتي مهدي صاحب پنهنجو تازه غزل ٻڌائي، ۽ نه وري لاڙڪاڻي جو اهو مقام ڪبير شاه بخاري رهيو، جتان احمد مهدي صاحب محرم مهيني ۾ لاڙڪاڻي جو وڏي ۾ وڏو علم کڻي ماتمي جلوس جي قيادت ڪري. گذريل ڏهن سالن ۾ لاڙڪاڻي جو فرقو ئي ڦري ويو آهي. هڪ حوالي سان ته هاڻي اهو به ڪراچي ٿي ويو آهي. بقول رميش پارواڻي جي، ته؛ ’شهر ۾ ماڻهن کي ڏسي ڏسي ٿڪجي ٿا پئون، ته ڪو سڃاڻپ وارو ملي، پر جنهن کي ڏس، سو اوپرو. آخر دل جون ڳالهيون ڪجن ته ڪنهن سان ڪجن!... حال احوال اورجن ته ڪنهن سان؟‘
سچي ڳالھ به اها آهي، ته هاڻي لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻي وارن جو رهيو ئي ناهي. هاڻي پارسي گاڏڙ اردو ڪهاوت مثل آهي:
نمی پُرسد که بھیا کون هو
تين هو، که ڈیڈھ هو يا پونِ هو
(پڇي ئي نه ٿو؛ ”ڀائو ڪير آن؟
ٽيڻ آن، ڏيڍوڻ آن، يا پئوڻ آن!)



سائين احمد مھدي

هڪ مسيحا – جيڪو ۳۰ مارچ ۲۰۱۸ع تي اسان کان وڇڙي ويو.

عنايت ميمڻ

احمد مھدي صاحب تاريخ ساز شخص هيو جنهن سڄي ڄمار مفت ۾ ھوميوپيٿڪ سسٽم جي وسيلي انسانيت جي خدمت ڪئي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ھوميوپيٿڪ کي متعارف ڪرائڻ ۾ سائين جو اهم ڪردار رهيو. مون لاء اها اعزاز جي ڳالھ آھي ته مان سائين جو شاگرد رهيس.


رات هجي يا ڏينهن جيلس بازار ۾ ھن جي گهر جي آڏو مريضن جون قطارون هونديون هيون. رات جو اڍائي ٽين بجي تائين مريضن کي دوائون ڏيندو هيو. هن ماڻهو جي همٿ کي داد ڏيڻ گهرجي جنهن ڪيترن لاعلاج مريضن جو مفت ۾ علاج ڪيو. سائين جي ٻي اهم خوبي اها به هئي ته پاڻ سٺو شاعر هيو ۽ هن جي ميونسپل اسڪول جي استاد هجڻ واري دور کي به وساري نٿو سگهجي جتي هن روايتي استاد کان هٽي ڪري عزت ڀري انداز سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون۔

انھن ڏينھن ۾ امڙ جي لاء سائين مهدي کان هوميوپيٿڪ دوا وٺڻ ويندو هيس. دوا وٺندي وٺندي رات جا ٻه به ٿي ويندا هيا جو رش گهڻي هوندي هئس. مھدي صاحب وٽ جيڪي مريض ايندا هئا، اهي سڀئي مريض اڪثر لاعلاج هوندا هئا. رات جو دير تائين موڙن تي اچي وهندا هيا. سائين مھدي هڪ هڪ لاء دوائن جون پڙيون الڳ الڳ ٺاهيندو هيو. ان ڪري هن کي دير ٿي ويندي هئي ۽ ماڻھو ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪندا هئا. سائين مھدي جي ڊائگنوزيشن جو انداز نرالو هيو هو. چوندو هيو ته مان ابو طلحه صاحب کان متاثر ٿي هوميوپيٿڪ جي ابتدا ڪئي. هٿ ۾ شفا هوندي هيس. سڀ لاعلاج مريض هن جي گهر ٻاهران موڙن تي ويھي دوا جي ملڻ جو انتظار ڪندا هيا۔ ڪيترا لاعلاج مريض ھن وٽان ٺيڪ ٿيندي مون پاڻ ڏٺا. معاوضو ڪنھن کان ڪو نه وٺندو هيو. جي ڪوئي ڪيڪ يا مٺائي ڏيندو هيس ته ان تي به ناراض ٿيندو هيو. پوء کيس دوا نه ڏيندو هيو.

سائين مھدي جا بحث مباحثا مشھور هيا. جيڪو ايندو هيس، ان سان ڳالھائي ٻولھائي مڙئي ورونھن ڪندو هيو. بحث مباحثا ان سلسلي جي ڪڙي هيا. ڪي اسان جھڙا بحث ڪندا هئا يا اختلاف رکندا هئا ته سائين جهٽ ۾ وڃي رفرنس طور ڪتاب کڻي ايندو هيو. مھدي صاحب ڏاڍو سٺو شاعر هيو. تنھن وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي مشاعرن جون محفلون ٿينديون هيون ته مان کيس ريڊيو تي وٺي ويندو هيس. اردو جو بھترين شاعر هيو. سنڌي ڏاڍي رواني سان ڳالھائيندو هيو. سائين اڪثر ايران کي شيعت جو مرڪز سمجهندو هيو ۽ ايران کي ئي چڱو چوندو هيو. پاڻ اهل تشيعه سان تعلق رکندو هيو. خمينيءَ سان هنکي روحاني لڳاء ھيو. ان ڪري خمينيءَ کي روحاني شخصيت ثابت ڪندو هيو. اسان وري ڪامريڊن وارو بحث ڪندا هياسين پر برداشت ڪندو هيو. ڪي وري دوا جي ڪري ها ۾ ها ملائيندا هئا. سائين اسان سان پيار ڀري انداز سان پيش ايندو هيو. ڀلو ماڻھو هيو. دوا ماڻھن کي مفت ۾ ڏيندو هيو. ڪنھن کان پيسو پائي ڪو نه وٺندو هيو رٽائر ٿيو ته پوء به ساڳيو سلسلو برقرار رکيائين. هوميپيٿڪ سان عشق ھوندو هيس. چوندو هيو؛ مان وڏو خوشنصيب آھيان جو مريض مونڏي موٽي اچن ٿا. هو چوندو هيو؛ هوميپيٿڪ ۾ علاج، مريض جو ٿيڻ گهرجي، مرض جو نه. ڪيترن ماڻھن کي ته سائين گهر ويٺي دوا پھچائيندو هيو. ميونسپل اسڪول ۾ ٽيچر هيو ته چائنا جي سائيڪل تي ايندو ويندو هيو. پاڻ، جوانيءَ ۾ هاڪيءَ جو پاڪستان ليول جو رانديگر هيو. مون کي ياد آ هڪڙو دفعو رات جو سائيڪل تي چڙهي ڳوٺ وڪيا سانگي جي هڪ مريض کي دوا ڏيڻ ويو هيو. اهو شايد ڊليوري جو ڪيس هيو صبح جو جڏهن نارمل ڊليوري ٿي ته مالڪ ڪيڪ کڻي آيس ته انھن کي ڪاوڙ جو اظھار ڪري واپس ڪيائين. سائين جي گهر واري ڏاڍي سگهڙ ۽ پڙهي لکي عورت هئي. کيس ڪينسر ٿي پيو ته ان جو علاج به پاڻ ڪندو هيو. وڏي عرصي کان پوءِ ھنن کي ڌيءُ ڄائي هئي. جنھن جي شادي گهڻي عرصي کان پوءِ ڪراچيءَ مان پنهنجي رشتيدارن وٽ ڪيائين. پوءِ چوندو هيو ته هاڻي لاڙڪاڻي ۾ آخري ڏينهن گذاريندس جو سڀ بار لهي ويا آھن. پر رهي نه سگهيو، جو پان گهڻو واپرائڻ جي ڪري هن جي دماغ ۽ تنتي سرشتي تي برا اثر پيا. ڏندن ساٿ ڇڏي ڏنس ته کائڻ پيئڻ ۾ مشڪلاتون پيش آيس۔ پوين ڏينھن ۾ ڌيءُ ڏاڍي خدمت ڪيس، جيڪا هاڻي ڪراچي ۾ رهي ٿي.

سائين هڪ شاندار شخصيت جو مالڪ هيو. هي عظيم پيارو ماڻھو بنا رنگ، نسل ۽ ٻولي جي سڀني جي مفت ۾ خدمت ڪري ڪري نيٺ هميشه جي لاء اسان کان جدا ٿي ويو۔ مان جڏهن به کيس ياد ڪندو آھيان. ائين لڳندو آھي ڄڻ ڪو گهر جو ڀاتي وڇڙي ويو هجي۔ جيلس ويندي اڄ مهدي صاحب جي ڊٿل گهر کي ڏٺم ته ڪيتريون يادون ذهن تي تري آيون گهر ته ڊهي ويو آهي پر مهدي صاحب جي دوائن جون پڙيون ۽ انتظار، ذهن تي ڇانئجي ويو. دل چيو ته دروازو کڙڪائي ڏسان متان مهدي صاحب ٻاهر نڪري اچي؟

 

(فيسبڪ پوسٽ ۳۰ مارچ ۲۰۲۶ع تي رکيل)

No comments:

راءِ ڏيندا