; سنڌي شخصيتون: محمد حسن ڦلپوٽو - نجمه نور ڦلپوٽو

02 September, 2016

محمد حسن ڦلپوٽو - نجمه نور ڦلپوٽو

محمد حسن ڦلپوٽو
جنهن جي رڳ رڳ ۾ راڳ رچيل هو
نجمه نور ڦلپوٽو
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
تون اڃان ٿو جئين هاءِ ڙي جيئڙا
حياتي بي بقا آهي، بقا آهي ته صرف باقيءَ کي. هو بالا آهي، برتر آهي، بي پرواهه آهي. هو پڪا ٽوڙي ته ڇا ڪچا ٽوڙي ته ڇا. ان اڳيان هرڪو بيوس، لاچار، مجبور آهي. رب جي اڳيان نه ڪنهن جي هلندي ۽ نه ئي ڪنهن جي هلي آهي. هو پنهنجا ڳجهه پنهنجا راز پاڻ ٿو ڄاڻي. هر ڪو هتي پل پهر جو مهمان آهي. انسان ثمر سَوَنِ سالن جو ٿو ٺاهي پر هڪ پل جي خبر نه اٿس. خالي هٿين اچي خالي هٿين وڃين. ڪيڏو به موت کان لِڪڻ ۽ بچڻ جي ڪري پر موت جو راڪاس ڪنهن جي به ٻڌي نه ڏسي. نه مهل ڏسي نه موقعو، نه ڏينهن ڏسي نه رات، نه شهر ڏسي، نه بر، پنهنجي هٿ ڪري ڳڙڪائي، کيس تِرَ جيترو به ڪهڪاءَ اچي نه ترس پوي. جاني جدا ڪري، پرين پري ڪري.


پرين جا پور نير بڻجي اندر مان آرپار ٿيو پون ۽ سور سَنڌ ساڙيو ڇڏي ۽ نار نيڻن مان نڪريو پون. وجود ويراڳي ٿيو وڃي پر ويندا ڪڏهن نه ورن، ويا سي ويا. اهو سچ آهي ته وقت وڏو مرهم آهي، ڦٽ ڇٽايو ڇڏي پر جيڪي ماڻهو حساس ٿين ٿا انهن جي زخمن مان ياد جو خون وهڻ ڪڏهن به بند نه ٿو ٿئي. جيڪي پرينءَ کي جان کان به وڌيڪ ڀائين ٿا، انهن جي اندر جي تڙپ، انهن جي چهرن مان ظاهر ٿئي ٿي. ڀلي هو لوڪ سان کلندا ملندا رهن پر انهن جو اندر جهُري ڀُري پوي ٿو. انهن جي اکين جي ماڻڪين ۾ چهرا هميشه نقش هجن ٿا، انسان گذاري وڃڻ وقت ٻه ڳالهيون ڇڏي وڃي ٿو، هڪ نيڪي ٻيو بدي. چڱي جي ڳالهه چڱي هلي ٿي ۽ بري جي بُري.
محمد حسن ڦلپوٽو هڪ سچو خوددار ۽ باضمير انسان هو، جنهن حوصلي جو دامن تڪليفن ۽ اهنجن باوجود ڪڏهن به پنهنجن هٿن مان نه ڇڏيو. باادب، باشناس ۽ بااخلاق هو. هن سڄي عمر پيار ورهايو، جنهن جي نس نس ۾ موسيقي سمايل هئي، جيڪو دل جو مريض هو.
گذريل 10 سالن اڳ ادا حسن 29 جولاءِ 11 بجي اچي ٿو چوي ته ادي اڄ مان تمام خوش آهيان، ڪا به گهٻراهٽ نه آهي، هشاش بشاش آهيان، مسڪرائي کلي ويٺو، ڪلاسيڪي انداز ۾ جهونگارڻ لڳو، پر اهڙو ته سهڻي ماهرانه انداز ۾ پيو جهونگاري جو ان طرح مون ڪڏهن به ادي جو انداز نه ٻڌو هو. آئون به خوش ٿي غور ۽ توجه سان ٻڌڻ لڳيم. جڏهن بس ڪيائين ته پڇيومانس ته ادا توهان ڪجهه کائڻ ۾ پسند ڪندا. چيائين ته کارڪون فرج ۾ اٿئي. مون چيو ها چيائين ته کڻي اچ. مان کڻي آيم ته ٻه کنيائين ۽ چيائين ته بس کوڙ آهن، کائي ٿورو پاڻي پي هليو ويو. اهو سندس ويهڻ تقريبن 15 منٽ هو. مون سوچيو ته ڪيتري گهڻي عرصي کانپوءِ ادا کي مون خوش ڏٺو آهي. 30 جولاءِ تي طبيعت خراب ٿيس سندس پٽ کيس اسپتال ڏيکارڻ ويو، 31 جولاءِ تي ادا کي سندس پٽ محمود مون وٽ کڻي آيو. مون کيس 5 بجي شام جو Civil Hospital دل جي شعبي ۾ داخل ڪرايو، رات ڏکي گذارڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن چيو ته جلدي کيس ڪراچي کڻي وڃو. اسان وٽ ان کي بچائڻ لاءِ ڪو به علاج ناهي. پهرين آگسٽ صبح کان وٺي ان جي حالت بدستور خراب ٿيندي وئي، ڳالهائڻ ۾ دقت ٿيس. گهٻراهٽ، سور، مونجهه ۾ شدت ۽ تڙپ جو عالم هو ۽ نيم بيهوشي ۾ هو، ان عالم ۾ بلڪل جهيڻي آواز ۾ آواز آيو. ون ٽو ٿري فور سا ري گا ما پا ڌا ني سا.
منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. ڇا ته هن انتهائي تڪليف جي عالم ۾ موسيقي سان عشق. ساهه جي آخري تار ۾ سمايل موسيقيءَ جو اهو سبق جيڪو شاگردن کي دل جي گهرائيءَ سان سيکاريندو هو، بي ساخته لبن تي هن گهڙي ۾ روان دوان آهي. ايتري ۾ ايمبولينس اچي وئي. اهو آخري ڀيرو هو مون هن جي چهري کي ڏسي پاٻوهه مان ڳلن تي هٿ پئي ڦيريم. اها دعا ڏيندي ته ادا خدا پاڪ ڪندو ته خيريت سان واپس ورندءُ. پاڻ جهيڻي آواز ۾ چيائين، ادي هاڻي اسان جو الله واهي آهي. کيس اسٽريچر تي رکيو ويو. ايمبولينس سول اسپتال جي بلڊنگ ۽ منهنجي لڙڪن کي الوداع چوندي هلندي وئي. بعد ۾ سندس پٽ محمود سان رابطو رهيو. سندس طبيعت جي خير و خبر ڏيندو رهيو. حيدرآباد جي اسريٰ اسپتال کان جواب ملڻ کانپوءِ مايوس ڪُن جواب ادا حسن جي ساهه جي تارن جي رابطي کي ٽوڙي وڌو. جڏهن ڊاڪٽرن چيو ته ڪراچي کڻي وڃو. بس ڪراچي لاءِ روانو مس ٿيو ته ڄامشوري جي ٿڌڙين هوائن ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.
بيشڪ سڀني کي ان حقيقي ڏانهن موٽڻو آهي، جنهن خالق خلقيو آهي. محمود ٻڌايو ته دم ڏيڻ وقت اشهد آڱر کنيائين ۽ ڪلمو چپن ۾ پڙهيائين. چون ٿا ته سفر ۾ موت ٿيڻ شهادت جو موت هوندو آهي. خدا شل کيس جنت ۾ جاءِ عطا ڪري آمين.
12 آگسٽ تي کيس شهيد آباد شاهه جي قبرستان ۾ والدين جي ڀر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز رامپوري درگاهه ۾ سائده ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي، جتي دوستن احبابن، شاگردن ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري کيس ثواب پهچايو. مرحوم کي هڪ پٽ جو اولاد آهي. محمد حسن جي گهر واري فوت ٿيل آهي. سندس عمر 65 سال هئي. سڄي حياتي فني موسيقيءَ جي خدمت ڪيائين. ننڍڙي عمر کان انتهائي شوق هوس موسيقيءَ جو، جنهن ڪري پرائمري تعليم کانپوءِ پڙهائيءَ کي خيرآباد چيو هيائين. پاڻ 25 سالن کان ريڊيو پاڪستان خيرپور سان وابسطه رهيو. بحيثيت سنگر، ڪمپوزر، ميوزيشن سندس وفات جي خبر ٻڌڻ سان حسن جي ياد ۾ خصوصي پروگرام منعقد ڪيو ويو. ريڊيو پاڪستان خيرپور تان سندس پوري زندگيءَ جو خاڪو ۽ سندس انٽرويو، ڪلام نشر ڪيا ويا. اهڙي طرح سان ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ساٿين اظهار محبت جو ثبوت ڏنو.

سنڌ جي تقريبن سڀني اخبارن پنهنجي پياري فنڪار سان اظهارِ عقيدت ۽ محبت ڪيو. هو ڪيترن سالن کان دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو پر سندس چهري تي مسڪراهٽ هوندي هئي. هو درد لڪائي پيار ورهائيندو وٺندو هو. مرڪون وکيريندو وتندو هو. منافقت، نفرت ۽ خوشامد کي پسند نه ڪندو هو. فن ۽ فڪر جو قدردان هو. چوندو هو ته زندگي بامقصد هجي ۽ زندگي کي ڪا معنيٰ ڏجي، ڪو رنگ ڀرجي. چوندو هو ته وقت جي وير جي ڪا به خبر ناهي، اهو وکر ورهائجي جو ماڻهو مرڻ کانپوءِ ياد رکن. چوندو هو، حالِ دل ٻين سان ڪري غم جي بي عزتي نه ڪجي. غم سانڍڻ بهادري آهي، ٻاهر ڪڍڻ بزدلي آهي. هو نگر نگر علم موسيقيءَ جي پياس اجهائيندو رهيو ۽ خاص ڪري پاڪستان جا وڏا شهر لاهور، ملتان، بهاولپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي مشهور گائڪيءَ جي استادن کان راڳ جي تعليم پرائي ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيائين. هو موسيقيءَ جي اڪيڊمي ۾ شاگردن کي موسيقيءَ جي سکيا ڏيندو هيو. سندس ڪجهه شاگرد ٽي وي ۽ ريڊيو تي فن جو مظاهرو ڪري چڪا آهن. محمد حسن ڦلپوٽو جا ڪيترائي ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن، جيڪي خيرپور ۽ سنڌ جي ٻين ريڊيو اسٽيشنن تان هلندا رهندا آهن. منهنجي گيت ”پکيئڙا مارن جا ڏي ڏس، مون ته ڪيا وڏا وس“ جي به ڌن ڪمپوز ڪئي هئي، جا رحمان مغل ڳائي هئي، جيڪا تمام گهڻي مقبول ٿي هئي. اهو گيت رحمان مغل جي البم ۾ موجود آهي. ان کانپوءِ منهنجو هڪ ٻيو گيت به ڪمپوز ڪيو هيائين ”وڃڻ کانپوءِ اسان کي سڄڻ تون ڏاڍو سنڀاريندين“ جيڪو سالار حسن ٽي وي تي ڳايو. البم ۾ به ڏنو آهي. سندس زندگيءَ جا ڪي ڏک اهڙا موڙ آهن، جيڪي انتهائي ڏکائيندڙ آهن. ڪڏهن ان جي زندگيءَ جو حقيقت ڀريو خاڪو ضرور لکبو، هڪ ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ ته اهڙن دردن ۽ پيڙائن کي هڪ بهادر ئي منهن ڏئي ٿو، ڪنهن ڪمزور جي جرئت ناهي.

No comments:

راءِ ڏيندا