; سنڌي شخصيتون: سائين الهرکيو ڳورڙ - شعيب سرور وڌو

20 April, 2015

سائين الهرکيو ڳورڙ - شعيب سرور وڌو

سائين الهرکيو ڳورڙ
روشنيءَ جو ڪرڻو هو
شعيب سرور وڌو
سنڌ جي تاريخ جو تجزيو ڪجي ته هڪ ڳالهه واضح طور سامهون ايندي ته هن ڌرتيءَ جي ڪک مان اهڙن سورمن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي سڄي زندگي انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي. سماج جو پڙهيل لکيل ۽ باشعور فرد هئڻ ناتي استاد جي ذميواري وڌيڪ هجي ٿي ته هو سماج جي نه رڳو تعليم جي حوالي سان خدمت ڪري پر تربيت وسيلي سماج جو ڪارآمد شهري بڻائڻ به استاد جي ذميواري آهي.


جڏهن تعليم جو ذڪر ڪجي ٿو ته  اُتي سائين الهرکيو ڳورڙ جو ذڪر نه ڪرڻ نه رڳو ساڻس پر استادي پيشي سان به ناانصافي  هوندي، سائين الهرکيو ڳورڙ جو شمار دادو ضلعي جي اهم تعليمي ماهرن مان ٿئي ٿو، پاڻ ۱۴ جون ۱۹۳۵ع ۾ ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ تعلقو ميهڙ ۾ بشارت خان ڳورڙ جي گھر ۾ جنم ورتائين. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پرايائين، جنهن کان پوءِ مئٽرڪ هاءِ اسڪول ميهڙ مان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ ۱۹۶۲ع ۾ بي ايڊ جو امتحان پنجاب يونيورسٽيءَ مان ۽ ايم اي (سنڌي) ادب ۾ ۱۹۶۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪيائين. سائين الهرکئي ڳورڙ ابتدائي ملازمت ايريگيشن کاتي ۾ ڪئي ۽ گڏوگڏ پنهنجي تعليم به جاري رکيائين. بي ايڊ ڪرڻ کان پوءِ جولاءِ ۱۹۶۲ع ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ پاڻ ترقي ڪري ۱۹۹۲ع ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول سن ۾ پرنسپال مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ هائير سيڪنڊري اسڪول سيتاروڊ جو پرنسپال مقرر ٿيو، جتان ۱۹۹۵ع ۾ رٽائر ڪيائين.
سائين الهرکيو ڳورڙ انهن اعليٰ پائي جي تعليمدانن مان هڪ هو، جن هميشه پنهنجي فرض ۽ پيشي کي وڌيڪ اهميت ڏني، سائين جھر جھنگ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، تعليم وسيلي سماج کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي. سائين الهرکيو نه رڳو هڪ استاد پر هڪ اهڙو ڪِرڻو هيو، جنهن پنهنجي شاعري ۽ لکتن وسيلي سماج جي بنيادي مسئلن کي وائکو ڪيو.
سائين الهرکيو ڳورڙ ابتدا کان وٺي هڪ سماج سڌارڪ ۽ سماج جي ڪمن ۾ اڳرو رهيو، هن پنهنجي ڳوٺ کان سواءِ اوسي پاسي جي ڳوٺن لاءِ به ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ سائين جي محنتن جي نتيجي ۾ ڪافي ڳوٺن ۾ اسڪول ۽ بنيادي سهولتن جا ڪافي ادارا قائم ٿيا. هڪ استاد جي حيثيت سان سائين ڪافي شاگرد به پيدا ڪيا جن نه رڳو پنهنجي صلاحيتن سان سماج جي خدمتن ۾ مصروف آهن پر پنهنجي اعليٰ خدمتن جي ڪري پنهنجي استاد لاءِ به فخر لائق آهن.

سائين الهرکيو ڳورڙ پنهنجي لکيل آتم ڪٿائي ڪتاب ”جيون سفر سِڪَ جو“ ۲۰۱۰ع ۾ ڇپرايو، ۱۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي سائين الهرکيو ڳورڙ هن خوبصورت ۽ مٺڙي ڌرتي کي ڇڏي راهه رباني ٿيو. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾شاعريءَ جو قافلو، ٿَر جو سير ۽ مشهور شخصيتن جي ذڪر تي ٻڌل ڪتاب شامل آهن. اميد ٿي ڪجي ته سائين الهرکيو جا پونئر سائين جي ادبي پورهيو ڇپرائيندا.

No comments:

راءِ ڏيندا